سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب:هيِنئَڙو ڏاڙهونءَ گُلَ جِئن

شيخ اياز

صفحو : 7

 

 

وائي

 

ٻَرن ٿا ٻُوڙا ٻيهر آرهڙ اُسَ ۾.

روئن پيا راجَ ۾ ويسَهه وِسوُڙا،

آزاديءَ کان اوپرا ڪارڻَ سان ڪُوڙا،

اَڄڪلهه آهن ڄنگهه ۾ چَرين کي چُوڙا.

ٻَرن ٿا ٻُوڙا ٻيهر آرهڙ اُسَّ ۾.

 


 

 

 

وائي

 

ڪهڙا لَؤنگ چَٻين پِئي ڦوٽا ڦَڪِّ نه تون!

گهَر کان ٻاهر مون

لاشَ ڏٺا اَڄ لوئبا.

وَ وَر رات پَئي ڪَيون ڪارنهن ۾ ڪاروُن،

گهَر کان ٻاهر مون

لاشَ ڏٺا اَڄ لوئبا.

ڪيئن اُجهاڻا ڏيِئَڙا جيڪي ٻارياسوُن،

گهَر کان ٻاهر مون

لاشَ ڏٺا اَڄ لوئبا.

اَچن پَيون اوٽَ مان ڪاريهَر ڦُوڪُون،

گهَر کان ٻاهر مون

لاشَ ڏٺا اَڄ لوئبا.

 


 

 

 

وائي

 

هي جي پيجَ پياڪَ

تِن کي مارِ نه اُڃ ۾.

آيو سجُّ ڪپارَ تي ٽَهڪي پَئِي ٽاڪَ.

وَسُ، وَسُ سانوڻ اوچتو وَر وَر ٻُڌِي واڪَ،

ويرِي پنهنجا واٽ تي چؤکا ۽ چالاڪ.

 


 

 

 

وائي

 

رٿوُن رِٿِّ نه تون

مون کي مارڻ جون

تو جنهن کُٽا ڏينهڙا.

ڪيسين تُنهنجُون ڏيهه ۾

اَرڏا اَرڏايون!

تو جنهن کُٽا ڏينهڙا.

کائِي وَٺُ تون سنڌُ جُون

پُسيون پاڇاٽيون

تو جنهن کُٽا ڏينهڙا.

اَج سارِي تاريخ ٿِي

مون کي آڇي ”مون“-

تو جنهن کُٽا ڏينهڙا.

رِٿوُن رِٿِّ نه تون

مون کي مارڻ جون

تو جنهن کُٽا ڏينهڙا.

 


 

 

 

وائي

 

ڇِڊو پاڍو ڏي

آءٌ نه گهاٽي هيرئون.

آءٌ اُڃايل، اوتَ لَئه تڪيان ٿو تو ڏي،

ڪيڏي آرهڙ اُسَ آ مُنهنجي مَٿي تي!

لَڪَ تپي ويا لوههَ جئن، پئي لُوههَ لڳي،

ڪيڏا پيا ڏينهڙا اڄڪلهه اوهيڙي!

 


 

 

 

وائي

 

اَڄُڪلهه ڪيڏي جهوڪَ،

آهي پريت پڙاءَ تي!

ڪيڏيون وايون آئِيُون، لِڪي ساري لوڪَ!

هيڏي ڏاتِ ڏُڪار ۾، مون وٽَ  ايڏي موڪَ!

گُونجي گهر مان اندران،ٽهَه ٽَهه تُنهنجي ٽوڪَ؛

ڇا تو ٻُڌا ڪينڪي چَهه چَهه سارا چوڪَ!

اَڄُڪلهه ڪيڏي جهوڪَ،

آهي پريت پڙاءَ تي!

 


 

 

 

وائي

 

اَچُ، مون کي ڳر لاءِ،

ڪيڏِي واٽَ وَڃي پِئي!

چَند اَڳاهون پنڌ ۾ هڪليو تيزُ هواءِ!

مون مَنُ جئن پانڊيچري سانوَڻَ سَنگِ وَساءِ

۽ اُن ۾ اُپکنڊ جِي، ساري اُڃّ سَماءِ!

جيئَن نه ٻي پاسي وڃي، پانڌي پلر لاءِ.

 


 

 

 

وائي

 

جي تون ٽاريءَ تي

مُنهنجيءَ ياريءَ تي

آکيرو پنهنجو اَڏين!

مان ڪنهن اونهي سَمنڊ ۾

تون ٻيٽاريءَ تي.

راتِ مياڻيءَ چَنڊُ هو

مُنهنجي کاريءَ تي.

ڪيسين ڏسندين وِيرَ ڏي

ويٺو واريءَ تي؟

جي تون ٽاريءَ تي

مُنهنجيءَ ياريءَ تي

آکيرو پنهنجو اَڏين!

 


 

 

 

وائي

 

جيڪا پالي ماءُ جِئن اهڙيءَ قدرت سان،

ڇو ٿو اُلجهين اَنئٿَرا؟

چاهين ٿو آڪاس ۾ اڳتي ڪجهه اُڏران!

ڇو ٿو اُلجهين اَنئٿَرا؟

ڪيڏيون آهُون ٿيون اُٿن تُنهنجيءَ ڌرتيءَ مان!

ڇو ٿو اُلجهين اَنئٿَرا؟

ڊاهي سڀ کي ڍيرُ تون ڪَرِين پاڻ متان!

ڇو ٿو اُلجهين اَنئٿَرا؟

 

 


 

 

 

وائي

 

هيءَ جا اَسُر وير پئي ڪُنيءَ مانڌاڻي،

جيڏا تُنهنجيءَ جوءِ ۾.

نِڪتِي اُن مان سِجَّ جئن مکڻ جي چاڻي،

جيڏا تُنهنجيءَ جوءِ ۾.

نيٺ ته ڪارِي راتڙِي آهي وِهاڻي،

جيڏا تُنهنجيءَ جوءِ ۾.

نيٺ ته ٿيندو سوجهرو سفر ۾ ساڻي،

جيڏا تُنهنجيءَ جوءِ ۾.

 


 

 

 

وائي

 

*سِڌَن ۾ ٽُنبِينِ

پيا ٽُڪرا ماسَ جا.

ڪِيئَن نه ٽُڪرا ماسَ جا ڇيههَ ڏِئي چيريِن!

اُتَر اوتون، باهڙيءَ چڻنگون اُڏائينِ،

اَرڏايون انسان جون تارا ٿا تاڙين،

**نيٺ ته هر کايار کي ڪِيڙا ٿا کائينِ!

 

 


 

 

 

وائي

 

اَٽو ڳوهي ٿالَ ۾ ٽانڊا وکيڙي،

پچائي ٿِي مانڙي.

ڀَرسان بُکين ٻارڙن ميڙاڪو ميڙي،

پچائي ٿِي مانڙي.

تَئي وِچڙِي باهڙي ڏندَ پَئي ٽيڙي

پچائي ٿِي مانڙي.

ڪنهن سان پنهنجي ڀاڳَ جون ڳالهيون نه ڇيڙي،

پچائي ٿِي مانڙي.

 


 

 

 

وائي

 

ڳٽڪاري ڌنّارُ،

ڌَڻ آڻي ٿو وانڍ ڏي.

سجُّ لهي ويو جهنگَ ۾ اوندهه آهه اَپارُ،

ڌَڻ آڻي ٿو وانڍ ڏي.

هيڏي اوناڙي بگهڙُ هوڏي ڪو هاتارُ،

ڌَڻ آڻي ٿو وانڍ ڏي.

تون ئي سڀ جو آسرو آنهه بچائڻهارُ.

ڌَڻ آڻي ٿو وانڍ ڏي.

 


 

 

 

وائي

 

نيٺ پُڳا ٻيڙائتا ونجهه هڻي وانجهِي

آخر پنهنجي پارَ تي!

پِيلو گُلُّ گلاب جو پاڻيءَ تي سانجهي.

نيٺ پڳا وانجهي،

جَرڪي پِئي جوت ڪا مٿان آڳانجهي،

نيٺ پڳا وانجهي،

اُفق کان اڳتي ڏسِي مُرڪن ٿا مانجهي،

نيٺ پڳا وانجهي،

 


 

 

 

وائي

 

سارِي ڌرتِي سينڍ ۾ اَمن آلاپي،

پُڳا جهيڙي ڏينهڙا.

وَر وَر مون اُتساهيو جَڳَ جي جياپي،

پُڳا جهيڙي ڏينهڙا.

تون به ته ڏِسُ هِن گنڊ کي مَيا سان ماپي،

پُڳا جهيڙي ڏينهڙا.

ڀورا تو ڀِٽڪائيو آ ڪيڏو آپي!

پُڳا جهيڙي ڏينهڙا.

 


 

 

 

وائي

 

جهيڙا ئي جهيڙا

پورِي ويهين صدي!

ڇا اهڙا اڳ ۾ ٿيا ڪڏهن بکيڙا؟

اُڀرِي آيون جو ڀٽُون لَس وَيا ليڙا،

آخر ٿيندا اوچتو ماروئڙنِ ميڙا!

 


 

 

 

وائي

 

پهريون پنهنجي پاڻ کان گهُر تون آزادي،

تون جو آزادي گهُرين.

آپو هر انسان جِي آهي بربادي،

تون جو آزادي گهُرين.

ڇو ٿو ڦيرين موتَ جِي وَر وَر منادي؟

تون جو آزادي گهُرين.

آهي هِي آجِيوَڪا آدي جُڳادي-

تون جو آزادي گهُرين.

 


 

 

 

وائي

 

جي تون اَچين اوچتو تَرسان اَڄّ به آنءُ،

نه ته مون کي ڇَڏ مان وڃان!

مون کي ڪوئي تو بِنان اَڄ ناهي ٿِرٿانءُ،

ڇا تون ڏسين ڪونه ٿو مُنهنجو هيڻو هانءُ؟

مون کي اڄُّ به اوپرو ناهي تُنهنجو نانءُ.

 


 

 

 

وائي

 

ڪيڏا وَڻَ ساڙيا،

اڄڪلهه پاري پوههَ جي.

لُريءَ ۾ اُوچن بَڙَن  ڪَنڌَ کڻي لاڙيا،

مَن ڪو گؤنچُ ڦٽو هجي مون وَڻ ٽڻ تاڙيا،

ڳوڙها ڪيئِي ڳُجّهه ۾ اوسيڙي ڳاڙيا.

 


 

*  سِڌا ڪاٺ جو سيخون، جن ۾ گوشت جا ٽُڪرا وجهي، اُنهن جي ٻنهي پاسي باهه ٻاري، گوشت کي پچائبو آهي.

**  کايار کائڻ جا شوقين.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org