سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب:هيِنئَڙو ڏاڙهونءَ گُلَ جِئن

شيخ اياز

صفحو : 8

 

وائي

 

اَهکا سَهکا ڏينهڙا ويندين سَڀُ گهاري،

ڇُل تون ڪنهن سان ڪينڪي.

هوندِي اڻ هوندِي هتي ويندين وساري،

ڇُل تون ڪنهن سان ڪينڪي.

آهِن پوههَ سُڪائِيا وَڻ ٽڻ سڀ پاري،

ڇُل تون ڪنهن سان ڪينڪي.

نيٺ ته واهوندا وَرَن گُل ڦُل ڦُلاري،

ڇُل تون ڪنهن سان ڪينڪي.

 


 

 

 

وائي

 

متان جهُڙَ مهلَ

توکي پَوي ڪَلَ،

پاڇي وِڌُءِ ڪينڪي.

موت گهُري تاريخَ کان

جڏهن پَنهنجي ڍَلَ،

توکي پَوي ڪَلَ،

پاڇي وِڌُءِ ڪينڪي.

ڪَهِي آيل تي ڪَرين

جڏهن ڪا به ڪَهلَ،

توکي پَوي ڪَلَ،

پاڇي وِڌُءِ ڪينڪي.

پَکيءَ پرڙا واءَ ۾،

جيئڻَ سارا پَلَ!

توکي پَوي ڪَلَ،

پاڇي وِڌُءِ ڪينڪي.

 


 

 

 

وائي

 

ڪهڙِي لِڪَ لِڪاءُ

پَڌري پَٽِ چئِي ڏيون.

اَڄ تائين قابيل کي ڪونه پيو ڪَهڪاءُ،

اَڄ تائين ڪنهن اُنڊَ سان ڀاءُ ڪُهي ٿو ڀاءُ،

آنڊا اَتِّ ڌڪار سان گهُوري پَئِي ماءُ!

راتڙيون رَمندي ڏٺو مٿان چَنڊَ لقاءُ.

 


 

 

 

وائي

 

جنهن ۾ تارا پِيپَ جئن، هِيءَ جا روڳي راتِ،

نيٺ ته ويندي ديسَ تان!

نيٺ ته ماڻهو مُرڪندا ويرِيءَ ڏيئي ماتِ،

هِيءَ جا روڳي راتِ،

نيٺ ته ويندي ديسَ تان!

نيٺ ته وَسندِي اوچتو ٿَر بَر تي برساتِ،

هِيءَ جا روڳي راتِ،

نيٺ ته ويندي ديسَ تان!

نيٺ ته پوتيون پَٽَ جون پهريندي پرڀاتِ،

هِيءَ جا روڳي راتِ،

نيٺ ته ويندي ديسَ تان!

 


 

 

 

وائي

 

جي تون گهُمِين چَنڊَ سان ڳليون ٺٽي جُون،

ڀِرنِدي تو سان ڀُون،

ڄَڻُ اُن جي هر ڪُنڊَ ۾!

ڳليءَ ڳليءَ موڙ تي سُڏڪا ڄڻ ته صديون،

ڀِرنِدي تو سان ڀُون،

ڄَڻُ اُن جي هر ڪُنڊَ ۾!

چِڻڪي وينديون چِتَ ۾ ڪَسابن ڪارُون،

ڀِرنِدي تو سان ڀُون،

ڄَڻُ اُن جي هر ڪُنڊَ ۾!

ڌرتِي رَتو رَتُ ڏسِي روئي وهندين تون،

جي تون گُمِين چنڊ سان ڳليون ٺٽي جون،

ڀِرنِدي تو سان ڀُون،

ڄَڻُ اُن جي هر ڪُنڊَ ۾!

 


 

 

 

وائي

 

ڀِڙا آهن ڀاڄِ ۾ دَڙا ٿا ڊوڙَنِ،

ڄڻ ته لتاڙي صديون!

ڪيڏي پيڙا اَڄ ڏِني مون کي ڪَسابن!

*آڌيءَ اُٿي چنڊ سان ڪَر تون راتِ رَٽنُ،

ڪيڏا سُڏڪا واءَ ۾ جي تون ڏِئين ڪَنُ!

روئي ٿي ڄڻ هر ڪا صدي مَهٽي تُنهنجو مَنُ!

ڄڻ هر ڪوئي ٿو کَسي تو کان مانيءَ کــَنُ!

تون ئي هن تاريخ جو آهين آتم- ڌَنُ.

 


 

 

 

وائي

 

مَڪليءَ مٿان چَنڊُ

هيٺان ڇا ڇا ٿو ڏِسي!

ڌرتي، ڄَڻُ تاريخ جو ڪوئي جُڳن جنڊُ!

ڪيڏو مُنهنجي ڏيهه آ ڏنو اُن کي ڏنڊُ!

ڄَڻ ته ٺٺوِلي ٿو ڪري مُرڪِي مون تي مَنڊُ!

 


 

 

 

وائي

 

ڇا تون آيَل سِنڌُ جون صدائون آهين؟

ٻُرين پيو ٻاجهه سان!

اَهڙا پَها چَنڊَ جِئن ڪنهن لَئه ٿو ٺاهين؟

ٻُرين پيو ٻاجهه سان!

هِن خونِي تاريخ تي روز پيو دانهِين!

ٻُرين پيو ٻاجهه سان!

ڳائي ڦَٽَ فراق جا ماڻهوءَ تان لاهين،

ٻُرين پيو ٻاجهه سان!

وَر وَر سَمئه ناوَ کي ڪَنڌيءَ تي ڪاهين،

ٻُرين پيو ٻاجهه سان!

 


 

 

 

وائي

 

هِي جو هيٺ تَلاوَ ۾ آهي آئينو،

جنهن ۾ آنءُ پيو ٻَران!

جُڳ جُڳانتر ڳالهڙيون سَرتا! مون سينو!

ڳوڙها ڳاڙيم ڪيترا، ڪيڏو پسينو!

هِن ڪوڙهيءَ تاريخ کي ڪيڏو نه ڪِينو!

 


 

 

 

وائي

 

اُٿــــي آڌيءَ راتِ

روئي پَئِي روهڙِي.

اَکرن ۾ اَڙجِي وِئي ’بيدل‘ تُنهنجي باتِ‘

مُون جا رَمز وجود جِي مُور نه ٿيندِي ماتِ،

پهرِين پَکين ٻولڙيون پوءِ ڦٽي پرڀاتِ.

 


 

 

 

وائي

 

ڇا کان ڏاهرَ ڏيورِي ڳولي پيو چَنڊُ،

آڌيءَ رات اَروڙ تي!

ڇا ساڳي اتهاس کي دُهرائي ٿو مَنڊُ؟

آڌيءَ رات اَروڙ تي!

چُڪِي چُڪي ڪينڪِي جيئَڻَ تُنهنجو ڏنڊ-

آڌيءَ رات اَروڙ تي!

جَرڪِي جَرڪان ڪيترو هِي اونداهو کنڊُ!

جنهن کي ڳولي چَنڊُ،

آڌيءَ رات اَروڙ تي!

 


 

 

 

وائي

 

پَٽا اُکيڙي

ويٺو راتِ اُماس جي!

اج تائين اتهاس ۾ هو ساڳي جهيڙي!

اُبتا ٽوپا وقت جا پَيو اُڊيڙي!

هيمون! هِي ڦهڪو ٿيو ڇا جو اَڙي ڙي!

 


 

 

 

وائي

 

*مَنگا کُنڀُيون، ڪاوِريون، جهنگَ مريڙو کاءُ،

ڇو هِي هٿَ ڦَهلاءُ

تون جو اونهو سمنڊ جان!

اَکُٽ اوندهه کنڊَ ۾ تو وَٽ چَنڊَ چِٽاءُ!

ڪيڏو ڪوتا جو هُيو آڌيءَ رات اُلاءُ!

پانڌيئڙا پرڀات جا ڪوئي سِجَ سَماءُ؟

 


 

 

 

وائي

 

چٿّرَ ڪر نه تون

ميان! مٿان مون

تون جو دَڳُ ڇڏي وئين.

ڪنهن تي آهي اڳُ رَهِي

ڀارِي ايڏي ڀون؟

چٿّرَ ڪر نه تون

تون جو دَڳُ ڇڏي وئين.

هيلَ به مُنهنجون اڳُ جيان

تاڻيون روز رَڳُون،

چٿّرَ ڪر نه تون

تون جو دَڳُ ڇڏي وئين.

ڪئن چئجي ڪنهن وقت ٿا

پنهنجي ماڳ پُڄون!

چٿّر ڪر نه تون

تون جو دَڳُ ڇڏي وئين.

 


 

 

 

وائي

 

*وَرِي سُڪل چيچِڪا ڇاڻيا اُتَر واءُ،

اُتر اوتون ٿو ڪري.

ڇا لَئه ڦاڳُ ڦُٽي نه ٿو سِڪ نه آهي ساءُ،

اُتر اوتون ٿو ڪري.

ڪيڏا ٿيا ڏينهڙا ماڻي مُحبَ مِلاءُ،

اُتر اوتون ٿو ڪري.

واهوندا وَرندا ڪڏهن ڪِوئي نانهه سَماءُ!

اُتر اوتون ٿو ڪري.

 

 


 

 

 

وائي

 

پوڙهن هَڏڙن ۾،

ساڳن سَڏڙن ۾

ڪلهه ڪهڙو سوئَر ساماڻو

مُنهنجن وَڏڙن ۾؟

ڌرتي ڪيڏا ڌِڱَ وڙهن ٿا،

آءٌ ته جَڏڙن ۾

تَرندا تار ته پو ڇا ٿيندو

مُوڙها مَڏڙن ۾

ساڳن سڏڙن ۾،

پوڙهن هَڏڙن ۾.

 


 

 

 

وائي

 

مُنهنجو اَنتُ، اٿاههُ، تون ڇاڇر ۾ ڇيرُون،

پهچِي پهتين ڪينڪي.

اينديون اَسُر وير جو هِندوري هيرُون،

ڪيئِي پرڏيهي پکي ڀانتِ ڀانتِ ٻوليُون،

نيٺ ته مُنهنجي واسَ ۾ ڀِرندِي سارِي ڀوُن.

 

 

وائي

 

ڪتّو ڀَؤُنڪي،

ڪويل جي ڪُوڪارَ اَلائي ڪاڏي وئي!

چٻرو، چَؤنڪي،

ڪويل جي ڪُوڪارَ اَلائي ڪاڏي وئي!

ٽيڙوُ ٽؤنڪي،

ڪويل جي ڪُوڪارَ اَلائي ڪاڏي وئي!

هوُ جا ڏَؤنڪي،

ڪويل جي ڪُوڪارَ اَلائي ڪاڏي وئي!

 


 

 

 

وائي

 

ڀارِمير جا سوڍڙا ايڏو اوڏو تون!

مون کي منهنجي مون

موٽائي ڏيندين ڪڏهن؟

آيو آهي ڏَهر تي ٽَپِي چَنڊُ ڀٽوُن،

مون کي منهنجي مون

موٽائي ڏيندين ڪڏهن؟

مُنهنجي چَؤنري ڏيئَڙو واجهائي واٽوُن،

مون کي منهنجي مون

موٽائي ڏيندين ڪڏهن؟

ڇو تو ڇِڪي روڪيون واٽَ مٿان واڳون؟

مون کي منهنجي مون

موٽائي ڏيندين ڪڏهن؟

 


 

 

 

وائي

 

جي تو پنڌُ پهاڙَ تي آءٌ به تُنهنجي ڪَڍَّ

سَپنا پيارا ساه کان!

جي تون تِن مان ٿو چِڪين مُنهنجا وَڍَّ نه وَڍَّ،

سَپنا پيارا ساه کان!

تون ئي چارا ٿو ڏسِين تون ئي ڏونگرَ ڏَڍَّ،

سَپنا پيارا ساه کان!

 

 


 

 

 

وائي

 

مون کي ٿيون ڳولين،

جَڙوُن مُنهنجي جيءَ جون،

هيڏي ساري واسَ ۾ ڇا کي ٿيون ڦوِلين؟

جَڙوُن مُنهنجي جيءَ جون،

هَر هَر مَنُ هَرڻيءَ جيان رِڻ ۾ ٿيون روِلين!

جَڙوُن مُنهنجي جيءَ جون،

آءٌ ڪٿان جون آهيان، مون کي ڪونه ڏَسينِ!

جَڙوُن مُنهنجي جيءَ جون،

 


 

 

 

وائي

 

آهن اَڃا واءُ ۾ اُتَّر جون اوتون،

نيٺ ته ايندين تون

بڻجي باکَ بسنت جِي.

ٻيهر ڀَونر ڀنڀولبا ڀِرنِدي جن سان ڀُون،

نيٺ ته ايندين تون

بڻجي باکَ بسنت جِي.

موٽائي ڏيندين ڪڏهن مون کي مُنهنجي مون.

نيٺ ته ايندين تون

بڻجي باکَ بسنت جِي.

مُنهنجيءَ ڪَوتا ۾ اَڃا ڪويل جون ڪوڪُون،

نيٺ ته ايندين تون

بڻجي باکَ بسنت جِي.

 


 

 

 

وائي

 

ڪهڙو مُنهنجو مون

آهين تون ئي تون

آءٌ ته تُنهنجو اولڙو

مُنهنجا هي آدرش ڄڻ

رِڻ ۾ روجهڙيون،

آءٌ ته تُنهنجو اولڙو

ڪيسين رُلان ريتِ تي

ڀٽڪِي آءٌ ڀٽُون

آءٌ ته تُنهنجو اولڙو

اُونهيون آڌيءَ رات کان

مُنهنجون اوڻايون،

آءٌ ته تُنهنجو اولڙو

 


 

*  مَنگا، کُنڀيون، ڪاوريون، مَريڙو- برسات کان پوءِ سمنڊ ڀرسان اُڀري پوندا آهن.

*  چيچِڪا ٻٻر جي پلڙن جو ٻج

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org