سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لَڙيَو سِجُّ لَڪَن ۾

شيخ اياز

صفحو : 12

 

 

*

لُنءَ لُنءَ نڪتِي لاٽَ

ڪُونجُون ڪُڻڪيون روهه ۾

جهر مر جوت ٻريِ پئي

آئي ڇَپَر ڇاٽ

ڪُونجُون ڪُڻڪيون روهه ۾

جرڪِي پيئي جِيءَ ۾

وانگيئڙن جي واٽَ،

ڪُونجُون ڪُڻڪيون روهه ۾

ڏورانهين جي ڏاهه سان

اُڀريا اوچا ڳاٺ،

ڪُونجُون ڪُڻڪيون روهه ۾

مارڳ ۾ مَرڪن پيا

لکئي ساڻ لِلاٽ،

ڪُونجُون ڪُڻڪيون روهه ۾

 

*

 

 

*

مَٿي تِنّ مَچن

او شل ڪَنڌَ نچن

او شل جرڪي جندڙي!

ڪيڏي’ڪان‘’ڪان‘ڪوڙجي،

ساڌِي چُپّ سچن!

او شل جرڪي جندڙي!

ڏهڪايو آ ڏيهه کي

ڏاڍو هيل ڏچن،

او شل جرڪي جندڙي!

ڍَوَ تي کاڌو ڍوُنڍ کي

ٻيهر ٻانڀَ ٻچن،

او شل جرڪي جندڙي!

هيڏا هاڃا ٿا ٿين،

ڏسجي ڪير بچن!

او شل جرڪي جندڙي!

اورانگهُڻ اوڙاهه کي،

ناهي ڪَمُّ ڪَچن،

او شل جرڪي جندڙي!

شل ڪي سونُهان سيِر جا

واهڙَ وِچِّ اَچن،

او شل جرڪي جندڙي!

*

 

 

*

رَتو رُنو راتِ،

رانجهن جهنگ سيال تي.

هِيرَ ڏئي ٿي ڏيهه کي

وِهُه جون وٽيون واتِ-

جوڳين جِيءُ جلائِيو

کيڙي مُور نه ماتِ-

ويرِي وارث شاه جا

پڌرا ڪَر پرڀات!

رَتو رُنو راتِ،

رانجهن جهنگ سيال تي.

 

*

 

 

 

*

جَـــــبَـــــــل جـــــــاڙَ وڌاءِ

مون سان ماڙَ نه ڪَج ميان!

سِجَّ! تکا ڪر ترورا ترڇا تيِرَ وَساءِ

مون سان ماڙَ نه ڪَج ميان!

واءُ! وَسيهِر جان وَرِي ڄڀَّ اڃا جرڪاءِ،

مون سان ماڙَ نه ڪَج ميان!

پَٿّر! مُنهنجا پيرڙا گهاءِ اڃا ڀي گهاءِ

مون سان ماڙَ نه ڪَج ميان!

پاڻُ ته پنهَنجو پرکيان هلندي هوتن لاءِ

مون سان ماڙَ نه ڪَج ميان!

 

*

 

 

 

*

جَــــــر-ڏيــــئـــا جــــهِــمِــڪــن،

سنڌوُ تُنهنجي سِيرَ تي

ڪاريون راتيون ڪامڻيون

تارن سان ٽِمڪن

سنڌوُ تُنهنجي سِيرَ تي

اُتَرُ، پيـٖـرَن جهانجهرا،

ڇوليون ٿيون ڇِمڪن

سنڌوُ تُنهنجي سِيرَ تي

ڇا ڇا مُنهنجيءَ ڏات مان

چــــانـــــڊوڻـــــا چــِـمــڪن!

سنڌوُ تُنهنجي سِيرَ تي

 

*

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org