سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لَڙيَو سِجُّ لَڪَن ۾

شيخ اياز

صفحو : 13

 

*

تو کي ڪهڙي ڪَلَّ،

جيءَ نه اچي جهَلَّ،

مون کان سِنڌُ نه وسرٖي

ڪارونجهر جون ڪامڻيون

ڳاڱين ڳاڙها ڳَلَّ

مون کان سِنڌُ نه وسرٖي

اکڙيون آتِّ اُڪنڍيون

ڪاروُن منجهه ڪَجَلَّ

مون کان سِنڌُ نه وسرٖي

چَپَّ ڪچيون ڪچنار جون

مُکڙيون ماڪَ- ڀِنلَّ

مون کان سِنڌُ نه وسرٖي

ڪيئي ڪينجهر ڪَنڌئين

نُوريون، نيلَ ڪَنولَّ،

مون کان سِنڌُ نه وسرٖي

اُڏرن ٿا جنهن جُوءِ تي

پاريهر جان پَلَّ

مون کان سِنڌُ نه وسرٖي

ڪونجون ڪُڻڪن روهه ۾

تارن هيٺان تَلَّ،

مون کان سِنڌُ نه وسرٖي

باکُون ساکُون سونهن جون

راتيون رُوپ رَتلَّ،

مون کان سِنڌُ نه وسرٖي

اُتَر اوتون واءُ ۾

وچينءَ ويلي اَلَّ،

مون کان سِنڌُ نه وسرٖي

تون ڇا ڄاڻين اوپرا

تو کي ڪهڙي ڪَلَّ!

مون کان سِنڌُ نه وسرٖي

نيٺ ته ڦًرندا ڏينهڙا

ڇانگي سارا ڇَلَّ،

مون کان سِنڌُ نه وسرٖي

مون کان سِنڌُ نه وسرٖي

 

*

 

 

*

ڀيڄ ڀنيءَ ڀوتارَ

کَرا ڏٺا کيپ ۾

کرا رَتُّ چِڪندڙا

اُجرٖي اَنَّ ميارَ__

کَرا ڏٺا کيپ ۾

کرا پگهر واسئان

پورهيت اَتِّ پُڪارَ__

کَرا ڏٺا کيپ ۾

کرا ٻارن ڪُڏڪيون

پوڙهن پالڻهار

کَرا ڏٺا کيپ ۾

کرا سُرمي سينڌ جا

وَنين ۾ ويچارَ__

کَرا ڏٺا کيپ ۾

کرا جوڀن ڏينهڙا

ڳڀرن جي ڳٽڪار__

کَرا ڏٺا کيپ ۾

کرا پيرن هَٿّڙا

آڌر لــهءِ آزار__

کَرا ڏٺا کيپ ۾

گُنديوُن گوندر سان ڀريون

کرا وِچّ بزار__

کَرا ڏٺا کيپ ۾

گهَر گهَر ڀينگ، ڀلاوِڻا

ويهي ڪن واپارَ__

کَرا ڏٺا کيپ ۾

مَرڪيِ مُڇَّ مٿي ڪئي

ڪارائي، ڪمدارَ__

کَرا ڏٺا کيپ ۾

 

*

 

 

*

ساجُهر توڙي سَنجهِه،

سُپنا ساڳيا ساهه ۾

ڪيڏي ڪارونڀار ۾

هَٿَّ اُئين ئي وَنجهِه،

سُپنا ساڳيا ساهه ۾

گونج اڳي جان گيت جي

ڏات اڳي جان ڏَنجهِه،

سُپنا ساڳيا ساهه ۾

جيون- جُگنو چمڪيا

اڄ ڪي اکين منَجهِه،

سُپنا ساڳيا ساهه ۾

 

*

 

 

*

جِيءَ جَهپايو اَڀَّ

ماڪَ پوي ٿي مانگهه جِي

رَهڙن ٿا ڄڻ چنڊ جو

چِهرو اوچا ڊَڀَّ،

ماڪَ پوي ٿي مانگهه جِي

ڌرتيءَ ۾ دهڪن پيا

ڪيئِي ڳاڙها ڳَڀَّ،

ماڪَ پوي ٿي مانگهه جِي

 

*

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org