سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لَڙيَو سِجُّ لَڪَن ۾

شيخ اياز

صفحو : 15

   

 

ڪام نه ڪرهي مار،

موتي منجهه مهارَ

جنهن کي پنهونءَ پوئيا

ڳولي ڀُنءِ ڀنڀور جِي

جنهن جي نيڻ نهارَ-

ڪام نه ڪرهي مار...

ٽَليون ٽونرن سان ميان

جن ۾ پنڌَ- پُڪارَ-

ڪام نه ڪرهي مار...

گونج ٻڌين ٿو گيت جي

جئن ڪا ڪونج اُڏارَ!

ڪام نه ڪرهي مار...

 

*

 

 

*

جهيڻي اڱارين

ڪيسين سيڪيان هٿڙا!

ڇو هن پِياليءَ پَئٽ جا ڏيئا ٿو ٻارين!

۽ پو اوت اُلاوَ جيِ مٽيءَ تي هارين؟

منهنجيءَ اُڃّ اُساٽ کي جرڪيِ جيئارين!

واري جيئڻ جا جَهلا مون کي ٿو ماريـٖـن!

او شل سرچيِ سِڪّ سان پرچيِ پيئارين!

 

*

 

 

*

سانجهيءَ سجّ ٻڏو،

رڻ ۾ پَئي راتڙي.

ڪَڻڪي اڄ نه ڪونجڙين

هَنيو روهه ٿُڏو،

رڻ ۾ پَئي راتڙي.

تاري ٽمڪو ناهه ڪو

سارو اُڀُّ ڀُڏو،

رڻ ۾ پَئي راتڙي.

ها، پر مون ساٿاريو

متان لڪ لُڏو!

رڻ ۾ پَئي راتڙي.

تن کي چئو ايترو

’ڪَرها گهَٽ ڪُڏو!‘

رڻ ۾ پئي راتڙي.

 

*

 

 

*

ڪٿي رات پَئي،

رڳو روهَه رَئِي-

نه ڪو پَڳُ نه پَهيئڙو.

کنوڻ کِجي اُڀ ۾

ڪاريءَ کِپ وئي-

نه ڪو پَڳُ نه پَهيئڙو.

جُهڙ ۾ جهيڻيءَ باهه جئن

ڪُوڪَر ڪونج ڪئي،

نه ڪو پَڳُ نه پَهيئڙو.

چَپَّ سلايئه اوچتو

مونکي چنگ ڏئي،

نه ڪو پَڳُ نه پَهيئڙو.

 

*

 

 

*

واڪا ڪري واءُ!

ڪيڏو تتيءَ تاءُ!

ڪيڏا ڪوسا ڪڪرا!

اهڙِءَ سُڃَ اپارَ ۾ ڪهڙو ساٿ سماءُ!

پنهنجن پيرن جو پيو ڇرڪائي پڙلاءُ.

ماڳُ نه ڀيڙو ڀاڳ کي لُنءَ لُنءَ پو به لڳاءُ.

آءٌ اَساهو، ڌيِر ڏي مون کي ڌرتي ماءُ!

 

*

 

 

*

هيءَ تنهنجي ياري

ڪـــــُنــڍِي ڪـــــاپــــاريِ!

مون کان مُور نه وسرين.

مور نه وئين مَنَّ مان اچي هيڪاري،

مون کان مُور نه وسرين

جُڙي مون سان، جندڙي تو جئن جيئاري،

مون کان مُور نه وسرين.

تو بن مان جئن لُڪَّ ۾ ٽانگر جي ٽاري،

مون کان مُور نه وسرين.

تو بن مان جئن سمنڊ جي وِيرَ بنان واري،

مون کان مُور نه وسرين.

آءٌ اُجهاڻل ڏيئڙو ۽ تون ڏياري،

مون کان مُور نه وسرين.

 

* 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org