سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لَڙيَو سِجُّ لَڪَن ۾

شيخ اياز

صفحو : 8

 

*

ڏينهُن ته آهي ڏَنڊُ،

 

مان ۽ جِيئَڻَ جَنڊُ،

 

تو بن رات نه آئُڙي

 

مُرڪي بيٺو مُون مٿان

 

تولئه تاتي چَنڊُ،

 

تو بن رات نه آئُڙي

 

ڪيسين هرَ هرَ هيکلو

 

ماڻهو گهوُرٖي مَنڊُ،

 

تو بن رات نه آئُڙي

 

جي تون سرچين ساڄڻان

 

گهوريان آءٌ گهُمنڊُ،

 

تو بن رات نه آئُڙي

 

*

 

 

*

جيڏيون! جنهن ويرا

واءٌ لٽيا پيرا،

مان ڪِئن جيئَنديس جَتّ ري!

 

توڙي ڏونگَرَ چوٽَ تي

ڏاگهن جا ڏيرا،

مان ڪِئن جيئَنديس جَتّ ري!

 

پَٽُّ لڳي ٿو پَٽَّ جان،

ڪهڙا ڪانڊيرا!

مان ڪِئن جيئَنديس جَتّ ري!

 

ڀينر! هن ڀنڀور جا،

ماڻهو سڀ ميرا،

مان ڪِئن جيئَنديس جَتّ ري!

 

*

 

 

*

ساريم سَڀُّ ڄمارَ

 

پرت وَندن جا پارَ،

 

ڏٺـٖـي لهندم ڏُکڙا

 

اکڙين جُهڙَّ جهميِ پيا،

 

آئي مُندَ ملارَ،

 

ڏٺـٖـي لهندم ڏُکڙا

 

ڏورانهين ۾ ڏيئَڙا

 

سانگيئَڙن جي سارَ،

 

ڏٺـٖـي لهندم ڏُکڙا

 

ڌاريا ٿِي جيڪي ٿيا

 

مون کان مُور نه ڌارَ،

 

ڏٺـٖـي لهندم ڏُکڙا

 

*

 

 

*

اَچُ، اَچُ گهُوري گهاءِ!

تو بِن چَين نه آئيو

چيري چَندن ڪاٺَ جئن

مون کي اَڄ مَهڪاءِ!

تو بِن چَين نه آئيو

ڪيرٖي وِڄُّ وجود تي

جَر ۾ سَڀُ جرڪاءِ!

تو بِن چَين نه آئيو

آڌيءَ رات اڱار تي

مُنهنجا انگ نچاءِ!

تو بِن چَين نه آئيو

ڪيسين ساز سُتا رَهن

ڳاءِ، ورِي اَڄ ڳاءِ!

تو بِن چَين نه آئيو

 

*

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org