سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ننڊ وليون

شيخ اياز

صفحو : 13

*

 

ڪنهن وقت سَتائين ٿو،

پڇتاءُ به پاڻ آهين جي ڪَنڌُ ڪَپائِين ٿو!

*

هي سُرخ سلام آهي،

ڪنهن کي ته مُئا ڪن ٿا ڪوئي ته مقام آهي!

*

ڇا گهنڊَ رُڳو گِرجا؟

uتون آنهه پروهت پَر پَربِين اَٿي پِرجا!

*

ٿو ڪانوَ تَڙي ماڙهو!

هي ماچ چَڱِي ناهي گَهٽ کاءُ اڙي ماڙهو.

*

ڇا وَسَ رُڳو واڪو؟

ٿو لَڪُ وَڃي آڏو ڪيڏو ته نه چاڙهاڪو!!

*

 

ڪَنهنجِي نه مَڃِيندي آ،

ڌَرتِي ته سَهي وانگر هَر وقت ڄَڻيندي آ!

*

اِئن ساڙَ سَڙِي ويندين!

ڪا لهس نه تو ايندي، جنهن وقت لَڙِي ويندين.

*

بُک ۾ ته ڪَچا کائي

ڌَرتِي ته ڪُتِي آهي، ٿي روز ٻَچا کائي!

*

گڏ آنهه نه گَڏڙي ۾؟

تون دُور لڳين ڪيڏو پيو هونءَ ته سَڏڙي ۾!

*

گڏ آنهه ته گوڙيءَ ۾؟

هي چنُ ڪِ چيرولِي آ وَقتَ ٽِجوڙيءَ ۾!

*

 

ڇا موت بُرو آهي،

پر هيءَ حياتي خود، هڪ تيرُ ڇُرو آهي؟

*

تون وَٽِ ته ٻه ٽي مينهون!

گهر گهاٽُ ڇَڏي ڪنهن لَئهِ درياه پيهون!

*

اڄ رات اُکيڙي ٿِي،

ڪيڏا نه سَلا پاڙَؤن برسات اُکيڙي ٿي!

*

ڪئن لُونءَ ڀُلي لولِي!

تون ٿَڃُ جيان ڪنهنجِي، ڪَنهن وقت هُئينءَ ٻولي!

*

uآ مُندَ نه اَمَن جِي،

توکي ته اڃا عادت بي وقت اُڏامَن جي!

*

 

بندوق نه تو تاڻِي،

ٿو جَجُ ڏئي فتويٰ، ڪنهن لاءِ اهو ڄاڻِي!

*

واپارَ سُمهي پيا سَڀُ!

ڪيڏا نه هَڏا چوسي هاتارَ سُمهي پِيا سَڀُ.

*

ڪهڙي نه صَدي آهي!

واڳون نه جِتي ڪيئِي اهڙِي به ندي آهي؟

*

اڳ جيِئَن نه جوکو ٿي،

هاڻي ته هَلو سوچي، ٻيهار نه دوکو ٿي!

*

تون دوست ڪِٿي؟ وِڇُون!

حيوان چڱا آهن انسان نه آهين تون!

*


 

 

اي شمع ٻُجهي ويندينءَ!

آ رات وَڏِي، ڪيسِين تون روشنيون ڏيندينءَ؟

*

توڙي ته پُراڻو آ،

هِن هَنڌ وَڏا پوريل، هي شهر اباڻو آ.

*

بيڪار وئي گولِي،

ڌوڙيو ته ڪٿي ناهي هر هنڌ رُڳي هولِي!

*

ڪنهن لاءِ اهي قبرون؟

اخبار پراڻيءَ تي تون آنهه رڳو خبرون!

*

انسان جِئَين ڪُتاّ!

ڏِسُ ڍونڍُ ڏِسِي تِن جا، ڪئن ڏَندَ وڃي کُتّا!

*


 

 

ڪهڙو نه شهَر آهي!

uآ چنڊ اُهو پيالو، جنهن منجهه زهر آهي.

*

هي سَڙڪ سويري ۾!

اچ وڃ ته اُداس آهي، ڪيڏي نه اَنڌيري ۾!

*

ٻيهارَ به واچوڙُو!

ڇا جِندُ ڇَڏائيندو هاڻي به نِمي ٻوڙو؟

*

ٿِي پير ڏَنڀي ڌرتِي،

چُپ چاپ رهان ٿو مان ۽ روزُ رَنڀي ڌرتي.

*

ڇا رات اڪيلي آ!

ڪوراڙِ جيان ٻيلو، ڪوئي به نه ٻيلي آ!

*

 

vڇا ڳالهه اَدلَ آهي؟

سَکرّ ته ٿڌيرو آ يا مُندَ بدل آهي!

*

آهي نه اڃا ٽيڙهي؟

ٿِي ساهُ ڪڍي وڻ جو اُڀري به ته وَڻ ويڙهِي!

*

ڪيڏانهن وَڃِين ٿِي تون؟

آ تِکّ گهڻي اڳتي ڇا لَئِه نه مَڃين ٿِي تون!

*

اي لاڙَ! ڏکيو آهِين،

هو چَنڊُ، هَوا ڏاڍِي، پر تون ته بُکيو آهِين!

*

بي حياءُ پاڙو آ،

آدمي ازل کان جِت موتَ جِئَن اگهاڙو آ.

*


 

 

وَڏ ڦُڙو پيو ٺاهي،

vڪوئَلون وَريُون آهن، اُٻَ اُڀَ ۾ آهي.

*

جِن وَٽِ سِڪّا سُنهِرا،

ڪيڏي اَٿاهه اوندهه سي چَنڊ چَنڊ چهرا!

*

هو هونءَ ته دنيا ساريءَ ۾،

uپر جام َ جيان گلرنگ لڳو ٿي فيضُ لياريءَ ۾.

*

ويٺا چَنڙّ کيڏن!

ڄاڻن ٿا گهيراءءُ ڪيو آ تن جو لِياريءَ ڪيڏَن!

*

گَهرُ گَهرُ گهاڻي ۾،

ٿاڻيدار ته ويٺو آهي، پنهنجي ٿاڻي ۾!

*

 

ڪيڏو دونهون آ!

هي رستو ڪيڏانهن وڃي ٿو، ڪوئي سونهون آ؟

*

هِن ويراني ۾،

ڏِس ڪيڏِي ڦُر مارِ هلي ٿِي جوئا خاني ۾؟

*

ساڳي دنيا ناهي؟

ڪو ڀيرو مل هوندو پر ٻِي هيءَ ڪراچي آهي!

*

سيّدَ، سيّدَ تون!

ڳالهه ڪرين ٿو ايڏي ڇا لَئه، ڏيئي شَد مَد تون؟

*

آءُ ڪِلفٽن آءُ!

سَمنڊ جيان جو کارو آهي، ڀاءُ نه ڄاڻي ڀاءُ!

*


 

 


 

*  پَربِين: باشعور.

*  آم: انب

*  سنڌيءَ ۾ شهر ۽ زهر ۾ ’هه‘ متحرڪ آهي. اُنکي ساڪن ڪرڻ فضول آهي.

*  ادل: ادل سومرو.

*  ٿر ۾ ڪارن ڪڪرن کي ڪوئلون به چوندا آهن.

*  فيض:فيض احمد فيض.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org