سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ننڊ وليون

شيخ اياز

صفحو : 16

   

 

ڇا سَردُ فضا آهي!

ٿِي رات ٿِئي پُورِي ڪهڙي نه هوا آهي!

*

هي واٽَ وَڇيرن جي!

ڳٽڪار ٻُڌي آهي تو هيئَن به ڳيرن جي؟

*

ڏِسُ، ريت ته آ ڳاڙِهِي!

جئن سجّ لٿو ٿر تي، هر ڀٽّ ٻڌي ساڙهي!

*

اسرارَ ڏسين ٿو تون!

uڄَر واءُ جيان جنهن ۾ سو ڄارَ ڏسين ٿو تون؟

*

هي ٻِرَ ڇَڏي ٽِنڊِڻيون!

ڄڻ ڄَڃَ وَڃي ٿِي ڪا، ايڏيون ته وَڳِيون گهَنڊڻيون!

*


 

 

ٿي هيل ڏئي خوشبو،

ڪيڏي نه عجيب اڳ کان رابيل ئي خوشبو.

*

تو سجّ لٿي راڻِي!

آڪاشَ منجهان چوريءَ آندِي ته نه ٻوراڻي؟

*

ٻي کي به ڪَهَل ناهي،

جئن گاههَ مٿان هَرڻِي، تو باکَ مَهَل ناهي!

*

جنهن وقت به ڇانوِرڙو،

۽ اُڀ مٿان بادل، آ سجُ به سانوِرڙو!

*

اڄ ڏينهن ته ڄڻ ٽانڊو!

uآ سجُ لَٿو ٻَرٻَر، پَر پوءِ به پوڇانڊو!

*


 

 

بادل نه گُڙيا آهن،

اَڄ سُڃَ اَپار آهي، هيرَڻ نه هُڙيا آهن!

*

هو ڄَار مٿان دوڏو،

vڪيڏانهن ويو اُڏرِي، جئن ٻار ڏنو لوڏو؟

*

uڄڻ ڪوسُ ڀَوَڻ تي آن،

هيڪار ڀَري آئينءَ ٻيهار پَوَڻ تي آن؟

*

لُوڻاٺ ائين واريءَ،

جئن سَمنڊُ هڻي ڇوليون! آ واٽَ اَئين وارِيءَ!

*

دَڳُ روز اَلي ويندي،

ڪَنهن وقت سُڳنڌ ايندي، ڪنهن وقت هَلِي ويندي.

*

 

ڏِسُ سونَ مياڻيءَ تي،

ڪيڏي نه شفق گَهِري ڇا رنگُ نه پاڻيءَ تي!

*

ڪيڏو ته نه آ ڪاڙهو!

آ سجّ تَتو سَسُئِي! ٿو دور وڃي هاڙهو!

*

ڇا سانجِهه سُنهري آ!

پر عُمر ته وَس ناهي هِي ناوَ اُٻهري آ!

*

مَهراڻُ وَهي ٿو پيو،

تارَن ته ڏنا ٽوپا پَهراڻُ ٺَهي ٿو پيو.

*

مانڊاڻُ اُڊيڙيو ٿِي!

اي راتِ، سندءِ جُنگنوءَ پَهراڻ اُڊيڙيو ٿِي!

*


 

 

ٿي سيءُ نه ڪارونجَهر!

وَڻ واءُ سُڪايا سَڀُ ڪو جيءُ نه ڪارونجَهر!

*

ڇا راتَ ٻَري پيئِي!

جُگنو ته پيا چمڪن بَرسات ٻَري پيئِي!

*

ٻَهڪي ته پيو مورو!

اڄ مينهن پيو ڏاڍو مَهِڪي ته پيو مورو!

*

ڪنهن مينهَن ڀِنل وَل ۾،

دل ڪِيئَن وَئِي وِچڙي ڪلهه راتِ سُجاوَل ۾!

*

ڪلهه رات سُجاوَل ۾،

جئن پارِ پُڳِي ٻيڙِي، تو ڏانهن ڀَڳُس پَل ۾.

*


 

 

ڪلهه سِجُ ته رانڀُوٽا،

اڄ ڏينهن ٺَريو آهي، ڪجهه مينهَن ڀِنَا جُهوٽا!

*

هِي ڳالهڙِيُون هُن سان!

ماڻهو ته نه مِٺڙائو، ڄڻ لاٽَ پيو هان مان!

*

اَڄ رات عَجَبَ آهي!

گجگاٽ ٿيا ڪيڏا، نَئن گاج غضب آهي!

*

ڇا رات رَتل آهي!

رابيل ٽِڙي آ اِئَن، ڄڻ مَڌُ مَتل آهي!

*

هي ڪارِ بتيون آهن،

ٿو لِيڙَ لڳي رَستو، ٽي چار چَتيون آهن!

*


 

 

هي رات اُماوَس جِي!

اَڌ راتِ اُٿي ويندينءَ، تو ڳالهه نه وَس جي!

*

ماڻهو ته ڪُٻا آهن!

برساتِ پئي آهي، ڪيڏا نه دُٻا آهن!

*

ڇا جيءَ پيو جِهمڪي!

جي آگ اُجهامِي وَئي، ڏِسُ! وِڄُ پئي چِمڪي.

*

ڪَڙڪاٽ کِنوَڻ جا ٻُڌ!

ڪيڏا نه پَکي اُڏريا ٽڙڪاٽَ ته وَڻ جا ٻُڌ!

*

آ مُندَ نمورين جي،

ڇَڻنديون به ته ڇا ٿيندو، ڏِس ڇيڄَ ته ڇَورين جي!

*


 

 

برسات پَئي آ ٿَرَ،

اڄ ڪالههَ نه ڪاريهَر جِئن راتِ کڻي ٿي ڪَرَ!

*

تون آءُ اُٺي سانوَڻ!

ڪر چَنڊَ جِيان سَرچِي پَرچاءُ اُٺي سانوَڻ!

*

هي گهنڊ مٿان پوپٽُ،

uجئن گهنڊ وڳو، اُڏريو آڪاسِ ڪَيائين گَهٽُ!

*

ڪٿ راتِ پئي آهي!

هر جاءِ وُٺو سانوُڻ برساتِ پئي آهي!

*

وَڻ ٽَڻ ته ڌُئاري وَئي،

برساتِ پئِي ايڏِي ٿوهر به ڦُلاري وَئِي!

*

ڏِس، وِڄُ کِلي آهي!

هي بَجِّ گهٽائن جي، ڄڻ راتِ ٻِلي آهي!

*

 

سنگيت ڇِڙي آهي،

ڄڻ مُند ڦري ويئي، ٽانگر ته ٽِڙي آهي!

*

چَوَندين ته گلاب آهي،

ٿو آنءُ ڏسان خوشبو، مون لاءِ نقاب آهي!

*

جئن ديدَ دَري ٻُوٽِي،

هڪ ڪارِ پئي آئِي، ڪيڏانهن وَئِي گم ٿِي؟

*

رانئِي ريتيءَ رُوءِ،

هي جا ڀِٽُن ڀاڪُرين اهڙي ڪائي جُوءِ!

*

آڌيءَ راتِ اَبوءِ!

ڪيڏا تارا اُڀَ ۾ جن کي ناهي پوءِ!

*

جهونجهڪڙي ۾ ماٽَ!

ڪنهنجا ڪنهنجا ميرا ڪَپڙا توتي ڌوٻي گهاٽ؟


 

*  ڄار:کبڙ جو وڻ.

*  پوڇانڊو: جتي ڀٽ جي پڇاڙي هجي، اُن جاءِ کي چئبو آهي.

*  دوڏو: بلڪل ڪاري رنگ وارو، ڪانو کان ٿورو وڏو پکي.

*  ڀوَڻ: کوهه ۾ ڪُپي جنهن کي ڪوس(ٻوڪو) پاڻي ڀرڻ لاءِ هيٺ لاهبو آهي.

*  گَهٽُ: رستو.

 

(پورو ٿيو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org