سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: پن ڇڻ پڄاڻان

شيخ اياز

صفحو : 11

*

 

ڪَرها پيو ڪاهيان،

وَنهين ويڙهيچن بنا

اوجاڳيل آهيان.

 

*

 

ڳِچيءَ ڪيڏا ڳَٽَ،

ونهين ويڙهيچن بنا

مون ڦوڙائي ڦٽ.

 

*

 

کِنوڻيون کاهِڙ پار،

وءنهين ويڙهيچن لَيءِ

تاڙن اُتِ تنوار.

 

*

 

سانجهيءَ اُجهاڻا،

وَنهين ويڙهيچن جا

ويڙها ويڳاڻا.

 

*

 

هُو جي ڌرتيءَ ڌارِ،

وَنهين ويڙهيچن جي

پِئي راتِ پچارَ.

 

*

 

ڀيـٖـڙو ڪَري ڀاڳُ،

وَنهين ويڙهيچن بنا

ماڳُ به ڪهڙو ماڳُ!

 

*

 

آيو ڦاڳُ مٿان،

گُل ٽِڙن ٿا اڳ جيان

مان مُرجهايو هان.

 

*

 

سرءُ، ٻَنيون، ٻَگههَ،

اُڀرڻ ليءِ آتي هُئي

ڌرتيءَ ساري سَگههَ.

 

*

 

کَٽَ، وڏيرو، ڀَتُ،

پيئي آهي پَٽَ تي

هيٺ رتونبي* رَتَ.

 

*

 

ڏيڏر، ڪاري رات،

ڏاههَ نه تن کي ڏينهن جي

سڀ کي ”ٽان“ ”ٽان“ تات.

 

*

 

وَچِ نه ايندو ويرُ،

جتي پُسيءَ گُلڙا

اُتي آڊو پيـٖــرُ!

 

*

 

سيوهڻ لاءِ سِڪان،

پُٺيءَ مٿان کيرٿر

کڻي ڪيئان پڄان!

 

*

 

چوندين ڪويل کي،

اڄ ڪلهه پارا پوهه جا

سانوڻ کي نه سڏي!

 

*

 

ڪوُڪَڙ ڌوئون يارَ!

ڪئن چئجي پيارا ڪڏهن

*پيروُن ايندا ڄار!

 

*

 

اوءِ اَبا آڪاسَ!

تو وٽ بادل بانورا

مون کي تن ۾ آسَ.

 

*

 

اُڀَ ڏي آيا پَٻَ،

جن لَيءِ اَن اڻاٺ ۾

ٻيئي ويلا رَٻَ.

 

*

 

هي به نه پورهيت جو،

هي جو ڪوئليٖ کاڻ تي

سِجَ لٿي سونو!

 

*

 

جنهن کان ڏار ٽُٽو،

سوئي سائو وڻ هُيو

سوئي ڪَاٺ ڪُٽو!

 

*

 

مورک ماروئڙا،

ڏِٺَم ماريءَ موتَ تي

پکي روئيندا!

 

*

 

ڪَنگَ چُڻي ڪُرِڙي،

جلسي ۾ شاعر ڏِسي

اڄ آئي ڌُرڙِي.

 

*

 

ويري تنهنجي بَڇَ!

ڪَلر ڪيـٖـري ڪوٽَ کي

مٿان ٻگهن اَڇ.

 

*

 

ننڊَ پيو سڀڪو،

دَسَ لڳا، دَرَ پُوريا

ڀير سُتو ڀَڀڪو.

 

 

 

 

*

 

ٻولڙيا ٻولِن،

ڪونجون ڪُڻڪي پاڻ کي

روههَ اندر رولِن.

 

*

 

هو جي جَنَ نه ڪَنِ،

او شل پَون مينهڙا

گونگا واههَ گجنَ

 

*

 

هيڏو سارو مَنڊُ،

تو بڙڇين جي ڇانوَ ۾

ڏٺو سجُ نه چَنڊُ.

 

*

 

ٽنگڙ* ٽَهه ٽَهه ڪن،

اڄ نه ڏٺم واٽ تي

گهوٽ مٿي گهوڙن.

 

*

 

دودو ڳول نه تون،

سارو رَتُ چُهي وئِي

وَڳهه سندي ڀُون.

 

*

 

ڪارِجَ تون ڪُوڙو،

ڪنهن ڳَل ڏيان ٻانهڙي

رَتُ رڱيان چوڙو!

 

*

 

پاڻ نه پڻُيِن ها،

مون جا ڪَئي ڳالهڙي

سا جي سُڻين ها

 

*

 

مارِي سارٖي تَرِ،

پر جي اُڏڙين ڪُونجڙِي

لمو ڳاٽ نه ڪَر!

 

 

 

 

*

ڀونڊو نه ڏي ڀُون!

وري انهيءَ دوارَ تي

اچڻو آهين تُون!

 

*

 

اچڻو آهه بسنت،

پيارا، ڪويل ڪُوڪَ ۾

آهه سياري اَنتُ.

 

*

 

ورِي مان ووڙيان!

ميڙي سيـٖـري ڪَکڙا

آکيرو جوڙيان!

 

*

 

ايندو ڪيرُ ڪَکن؟

مون مَنُ جهيڻي باهڙي

ٻاهر وِلَهه پَکن.

 

 

 

 

*

 

ميان، ڇَڏ ماڻا!

نه تو ساءُ سِرڻ جو

نه لوهَر ناناڻا.

 

*

ڪنهن لَيءِ گهِنڊُ گُڙيو؟

ڇا اڄ ڪوئي ڪارڻِي

سوريءَ سڏِ مُڙيو؟

 

*

 

هي تنهنجي ڦاسي،

ڇورا روئي ڪير؟ تو

ماءُ نه ڪا ماسي!

 

*

 

واڄارا وينجهارَ،

ٻيهر وڄو منگتا

هئين وجهو هارَ!

 

 

 

*

لِڱ لُريءَ ۾ چُورُ،

وَکرُ اڪيچارُ، پر

پتڻ پويون پُورُ.

 

*

 

پَهرن تي پيئي،

رات جٽيندي ڪيترو

ويئي ڙي ويئي!

 

*

 

ٻاهر آ طوفانُ،

ڇَپَر ڇنڀي ٿو پيو

آڌيءَ روشن دان.

 

*

 

جيڪس سڀ جبروت*،

مان سکر جي سُڃَ ۾

فيض رُلي بيروتِ.

 

*

شَڪرو نه اوڳو-

اُڏِي ڪُڏِي جهِرڪڙا

چُڳن ٿا چوڳو.

 

*

 

گهاوَ جڏهن گهائن،

اؤڻيون پؤڻيون ڳالهڙيون

وِيرَ نه ورجائن.

 

*

 

ڪهڙا رُت ڦيرا؟

ساڳيا وَڻ چوٽيءَ مٿان

ڳِجهُن آکيرا.

 

*

 

ڇا ڇا تِن جا نانوَ!

اُڏري آيا ڍونڍ تي

اڄ ڪلهه ڪيڏا ڪانوَ!

 

 

 

 

*

ٿاڻي مٿان وٖڄُ -

آکي وردي وائڙي

”هَٿَ ڪڙيءَ کان ڊڄ!“

 

*

 

آجو ڀانءِ نه تون،

ڪَنڊو تنهنجي قرض جو

ڌرتي چُڀي مون!

 

*

 

آءٌ، مياڻيءَ جَنگ،

ڇا هي مُنهنجو لاش هو

هاريل هوشوءَ سنگ؟

 

*

 

ڪٿي سي ڳياڙيون؟

وجهو وَر وَڻن ۾

ڪَرڪن ڪوراڙيون!

 

 

 

 

*

ڪهڙا سفر سانگَ!

اڳتي رڻُ راڙا ڪري

ڪِرنگهَن مٿان ڪانگَ!

 

*

 

پدما تي پرڀات،

رَوي! تون به ڇڏي وئين

مون کي آڌيءَ رات!

 

*

 

ياد آيو ڇو هاءِ،

مون کي ديرادون ۾

تنها ايم. اين. راءِ!

 

*

 

سَرتا، هي سِرَ ڌَڙَ!

وَٽيو پينگهون پَٽَ جون

لُڏُ نه اوچي بَڙ!

 

 

 

 

*

 

ايڏو اڳي ڪيئن،

ڪاڪِ ڪڪوريٖ ڪاپڙيءَ

ڏٺي دنيا هيئَن!

 

*

 

اڄ به عين بين،

حسن بن صباح جا

ساڳيا حشيشين!

 

*

 

ڪيڏي لنبي چيخ،

هي صدين جو سلسلو

هيءَ تنهنجي تاريخ!

 

*

 

گَئلِيلو کي مارِ،

پوءِ به ڌرتي سج جي

وڃڻي آ چوڌارِ!

 

*

 


 

*  رتونبو- پاڻيءَ جو هڪ پکي

*  پيرون - پيرون جڏهن سڪي ويندا آهن، اُنهن کي ڪُوڪڙ چئبو آهي. مسڪين مارو ڪُوڪڙ پاڻيءَ ۾ ڌوئي صاف ڪري کائيندا آهن ته ڍوءُ ٿي ويندو اٿن.

*  ٽنگڙ - ڀتر

* ماءُ ڏٺي مون ماٺ مڙهين ۾،

جوڳي جيڪس ويا جبروت.                   (مصري شاهه)

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org