سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: پن ڇڻ پڄاڻان

شيخ اياز

صفحو : 16

   

*

 

ماڻهو جهڙا مَڙَهه،

ڪوٽَ نه پسجي ڪُنگرو

ڳاٽُ اُتاهون ڳَڙهه.

 

*

 

سُرندي ساٿُ نه سارَ،

گَٿِ پروڙيءِ گَڊَ جي

ميان مڱڻهار؟

 

*

 

ڀڃي مانيءَ کَنُ،

لوڪَن روئن اکيون

۽ پو منهنجو مَنُ.

 

*

 

توسان نه توريان،

توتان ساريون مارئي

گهگهيريون گهوريان.

 

 

*

ڀوري ڪئن بَهلِي؟

مينڍا ماروئڙن بنا

ڳُتي ٿي ڳَهلِي!

 

*

 

ڪارونڀار ڪَڪَر،

ڪارا ڪُرا لاڙ جا

ٻيڪُون ڪَن ٻَڪر!

 

*

 

ڪَڪر ڪارونڀار،

نه سي تاڙا تانگهه ۾

نه سا تَڙَ تنوار!

 

*

 

لؤڻا سارا لَٽَ،

آيل! اَڄُ نه جهُليا

ڇُڳيرن تي ڇَٽ.

 

*

 

نه هُو ٻانهوٽا،

نه هُو ڦُلن واسَ سان

چوڙيلين چوٽا!

 

*

 

هُلَ نه سا هُونگارَ،

ڀڄي وَا ڀَوَ کان

ڇڏي پَٽَ پو نهارَ.

 

*

 

وَڻِ وَڻِ وِسوُڙيون،

ڳاڙهن ڳانن واريون

سِڱرن سنڀوُڙيون.

 

*

 

تڙن تاساريون،

ڪنهن ڏي لڙن لُوههَ ۾

ڪُنڍيون ڪانگهاريون.

 

*

 

مون کي ٿيون مارين،

سنگهارن جي سانگ جون

ڳالهيون ٿيون ڳارين.

 

*

 

عُمر توسان آنءُ؟؟؟

وَنهين ويڙهيچن جو

توڙي واريان نانءُ!

 

*

 

ڪَٺا ڪَيائُون،

ماريٖ، واريٖ مارئي

سِڱر ۽ سائون.

 

*

 

اڃا ڳاڙها آ،

ميندي ڪالهه ملِيرَ جي

هَٿن هَنيم جا.

 

*

 

مارُو! آءُ مليرُ!

۽ هي منهنجي شاعري

جهڙو پاڪُ پنيرُ!

 

*

 

مارو! آءٌ، مليرُ،

۽ هيءَ منهنجي شاعري

جهڙو اَمڙ کِيرُ.

 

*

 

مارو! آءٌ، مليرُ،

مون ۾ ڪيئي مارويون

جن جي نيڻين نِيرُ.

 

*

 

ڇوريون جيئَن ڇِنَن،

ٽپا ڏيئي سڱريون،

چوڙيون ڇَم ڇَم ڪن!

 

*

 

جهُڳيندي جَرڪَن،

سنگهاريون ساڻيهه جون،

ماٽُين تي مَرڪن.

 

*

 

اَمڙ! سڀوئِي،

ڏَؤنرن جي ڏوئِي،

لڱن تي لوئِي.

 

*

 

آءٌ، کٿورِي کَٽَ،

آئي کاهَڙ پارَ کان

ڇُڳيرن جي ڇَٽ.

 

*

 

واريِ ٿي واريِ،

هُو جي ٿَڪا ٿَرن ۾

پهون پيئاري.

 

 

*

 

واريون نه واريان،

مٺڙا مِٽَ ملير جا

ساريو ٿي ساريان.

 

*

 

وانڍين ۾ ويلا،

مٺڙا مِٽَ ملير جا

ڇُڇڪارين ڇيلا.

 

*

 

ڦِران مَنجهه ڦَرن،

مٺڙا مِٽَ ملير جا

ڏسي نيڻ ٺَرن.

 

*

 

اَلاَ تَن جا نانوَ،

مٺڙا مِٽَ ملير جا

ڄڻ ڪَي ٿڌا ٿانوَ.

 

*

 

ٿرن مٿي ٿاڪَ،

مٺڙا مِٽَ ملير جا

جيئن پَنَن ماڪَ.

 

*

 

مارُن ڪهڙو ميرُ؟

مٺڙا مِٽَ ملير جا

ڀاڻَ نه تن جو ڀيرُ.

 

*

 

مياريون مارينِ،

مٺڙا مِٽَ ملير جا

مون ڏي نهارينِ.

 

 

*

 

پلٽي پيا پُورَ،

مٺڙا مِٽَ ملير جا

گهايو وِجهن گهُورَ.

 

*

 

اکين آرتي اونَ،

مٺڙا مِٽَ ملير جا

ڇَنن آهن ڇونه!

 

*

 

مون جنهن لوڪان لِڪَ،

وُٺا مينهن ملير تي

ڇِرڪَ وجهيٖ ٿي ڇِڪَ.

 

*

 

موٽيون ڙي موٽيون،

(وُٺا مينهن ملير تي)

لسين جون لوٽيون.

 

*

 

وڄُن ڪئي وَسَ،

وُٺا مينهن ملير تي

هَسيون پائي هَسَ.

 

*

 

ٿَرن ٿڌا ٿانوَ،

وُٺا مينهن ملير تي

وانڍين منجهه وهانوَ.

 

*

 

تتي ڏينهن ڪَلُورُ،

(وُٺا مينهن ملير تي)

مُور نه وسري مورُ!

 

*

 

گُڙن پيا گهِنڊَ،

پروهت پهچي ويا

توکي ايڏي نِنڊ!

 

*

 

گونجيا تَلَ تلاوَ،

سارَسُ رات ڪريڙيو-*

جُڳَ جڳانتَر گهاوَ.

 

*

 

مون تِن ٻاري تات،

پکي ڪهڙيٖ پارَ جا

ڀُڻڪيا ڀنيءَ رات؟

 

*

 

هي پاڇاٽو پهرُ،

ڄڻ ڪو مٺيءَ سؤنف جي

مڌ جو ماٽو پهرُ!

 

*

 

ڪهڙي ناڻي جون،

اشريون آڪاس ۾

سانجهيءَ ٽاڻي جون!

 

*

 

او باهو سلطانَ!

هُو جي عشق اُجاريا

ڪٿي سي انسان؟

 

*

 

هي جو منهنجو نانءُ،

ناهي منهنجي آرسِي

ناهي منهنجو ’آنءُ‘.

 

*

 

اَڏي آڏاڻو،

پکيئَڙو پرڏيهه جو

اُڀ ۾ سماڻو.

 

*

 

مَيـٖـي لاءِ مَهارَ،

اونداهي آڪاس ۾

ڪَتيون جي ڪاپارَ.

 

*

 

ڪيڏو پيارو مَنڊُ،

مون بڙڇين جي ڇانوَ ۾

ڏٺو سِجُ نه چَنڊُ!

 

*

 

وَڻ ٽڻ ڳولن ٿا،

آئينو ۽ اولڙو

ڇاکي ڦولن ٿا!

 

*

 

ڪوئي هُڙيو هوءِ،

اڳيان سِيرُ سمونڊ جي

جنهن جو انت نه ڪوءِ.

 

*

 

وڃي لوڪ لڏيو،

ميان هي مانڊاڻ تو

ڪنهن جي لاءِ اَڏيو؟

 

*

 

هَڏا کوٽيا هَرَ،

ڇا ڪنهن چورَ چَڪار جا

يا ڪنهن سوداگر؟

 

*

 

سانتِ وسِي سنسار،

منهنجو من موهي ويون

ڪَتيون جي ڪاپارَ!

________


 

*  ڪِريڙيو آواز ڪيائين.

 

(پورو ٿيو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org