سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: پن ڇڻ پڄاڻان

شيخ اياز

صفحو : 6

 

*

 

پوتِي ويڙهه نه تون

ڇوري، آرهڙ اُسَ ۾

پچن ٿا پيرُون!

 

*

 

مِٺي مصريءَ تَڙَ!

ڪهڙا ڪهڙا ڳائيان

وائيءَ تنهنجا وَڙَ!

 

 

*

 

ڪنهن جي ڪَڍَ لڳين؟

سونو ڦُل سڳين ۾

ڏسي ڀنڀوليـٖـن!

 

*

 

ويڙهي وَسنو آءُ!

اچ، مان توکي ساريان

آءٌ وي لَنوَ آءُ!

 

*

 

آءٌ ته سارو پيارُ،

تو ڇو ڇرڪي سوچيو،

”ڪوريئڙي جو ڄارُ!“

 

*

 

توکي شال وَڻان!

چوڙيون ڇمڪن پنڌ ۾

ڪانبي منجهه ڪڻان!

 

 

*

 

مالهڻِ اجھ ماريوءِ!

آڻي گُلَ رابيل جا

نياپو وساريوءِ!

 

*

 

روز نه ساڳيا پَلَ

موٽئين چُمِي چنڊ کي

جهليهُءِ ڪهڙيءَ جهل.

 

*

 

ٽاريٖ سڀُ ٽولا،

موهن، مون توليءِ ڪَئِي

ڳلين ۾ ڳولا!

 

*

 

ڇاتيءَ لڳ ڇمڪن،

مون کان مورُ نه وسرن

چُميون چوڙيليَن!

 

 

*

 

پُسيءَ وَن پهراڻَ،

مون کان مور نه وسرنِ

هُو جي ڀُوريون ڀاڻ!

 

*

 

هُو جي هَٿن هيرَ،

مون کان مُور نه وسرن

سارا ڏاڙهن ڍيرَ!

 

*

 

آزاريوم اَڇن

مون کان مُور نه وسرن

هو جي ڪالهه ڪَڇن!

 

*

 

اَلا اوءِ اَلا!

هَسيُنِ هِريا ڪينڪي

گهگهرين گَلا!

 

 

*

 

اَلا اوءِ اَلا!

جيڏيون جوئر کيت ۾

ٽهڪن منجهه ٽَلا!

 

*

 

اَلا اوءِ اَلا!

تن جا ڪاڪُل ڪُنڍڙا

ڏِيَن واءُ وَلا!

*

 

اَلا اوءِ اَلا!

ڪاريون ڪجڙيون اکڙيون

۽ ٻي روپَ ڪَلا!

 

 

*

 

اَلا اوءِ اَلا!

مِٽياڻيون ته ملير جون

منهنجا ڀاڳ ڀَلا!

 

*

 

ڏات مڱان ڏاتار

جوڙيٖ ٽُٽل جيئڙا

ڳنڍيان ڳنڍڻ هار!

 

*

 

هونءَ ته چُپ چ‍ؤکِي

پرين تنهنجي پار ڏي

اک جهلڻ اؤکي!

 

*

 

توکي چيم ”آءُ!“

اڄ جو دَر پردو پرين

لوڏيو ڏکڻ واءُ.

 

 

*

 

ڏٺي سڀ ورونهن.

ڀُنءِ جا ڀنڀٽ سڀ ڏٺا

هاڻي ٿڌي سونهَن.

 

*

 

ڏاڍا سيءَ پيا

پوءِ به گهٽيءَ جي ڪُک ۾

ڪوسي سئنيما.

 

*

 

هي سڀ سپنو هو!

ها، سپر سپنو سانوري

ڪيڏو پيارو هو!

 

*

 

تُورئي کيت نه هيلَ

ڪاهل! ڪوجهـٖـي لکڻـٖـين

وڃايَهءِ ڇو ويل؟

 

 

*

 

تنهنجا منهنجا چَپَ

جيئين چُمي ماتلي

ٻئي ڦليليءَ ڪَپَ.

 

*

 

هُن کي ڇَڏِ، نه چؤ!

مارُل پڪي انب جان

ڍولي هونءَ ته ڍَؤ.

 

*

 

اڇا وارَ ٿيا

پو به ڏٺو مون پيار سان

*سانچي اسٽوپا.

 

*

 

اڃا ته آهي ڏينهن،

اُگهه منهنجون آليون اکيون

ويهه ته رُڪي مينهن!

 

 

*

 

وسي ويو ويڙهو

ڇانگون ڇَنن اوٽَ ۾

ها، پر هُو هيڙهو؟

 

*

 

اِجهو سهڙي سَنجِهه

هاڻي اکيون ٻوٽبيون

ڇا ليءِ ڪنجهو ڪَنجِهه!

 

*

 

رهندو وڃي ڀاءُ

سُڃي رستي تي رڳو

پيرن جو پڙلاءُ.

 

*

 

روڪي جيئَڻَ جَنڊُ،

اڄ مون ڏٺو سامهون

بُٺيءَ مٿان چَنڊُ.

 

*

 

اَچُ، اَچُ ڪوڙا يارَ،

سارو جڳ ڪوڙو ميان

توتي ڪوهه ميار!

 

*

 

سيتل پاٽيءَ* تي

ڪير ڇڏي ويو چاکڙيون

پيرو به ڪونهي!

 

*

 

اچ جو ٿڪا انگ

ناچ ڇپايا ڪيترا

ماڻهوءَ کان مرڌنگ!

 

*

هت نه ڀڳهءِ ڏينهن

هت نه رهين راتڙي

مارو! هاڻي مينهُن...

 

 

 

*

 

پِپل پؤتر وَڻُ

گوريءَ ڏيئو هَٿ ۾

اُتر واءُ گُهلڻُ.

 

*

 

پڃري ۾ ڪجهه پَرَ،

ڪنهن ٻوليون هت ٻولڙيون

هاڻي ڪنهن کي ڪَرَ!

 

*

 

شاعر، پيارا، تون!

اهڙا ٽيڙو ٻيا ڪٿي

ماڪَ، ستارا، تون!

 

*

سامي! مايا ڄارُ؟

پوياڙيءَ جو جوئڙِي

جوُئَر ڍوڍو، ٻارُ!

 

 

 

*

 

تون ڀي اڻ پورو

پَلو گهرجي جوءِ کي

تو وٽ دنبورو.

 

*

 

جيون سارو جکَ

پيار به مري ويو پرين

رهي وڃي رکَ!

 

*

 

ڪَنڊيءَ ڪامَ نه لُڏُ

ٻول نه تتر تاوڙا

ماري آيا، اُڏُ!

 

*

 

مون کي اِن مان ڀَؤُ

اڃا تو ۾ شاعري

جياپي جو تَؤُ.

 

 

*

 

ڇا، ساڳي ٽاري؟

جنهن جي لاءِ ڏني هُئي

باهوءَ اُڏارِي*!

 

*

 

مون ڪَوتا تي ڪَنُ

تارن ڇايا تات تي

منهنجو گهر گگنُ!

 

*

 

آڳانجهو آڇيوم

کُهنبي ويڙهي هٿڙا

توکي ساز ڏنوم.

 

*

 

ڪَيون چنڊ کِلوُن

”تون سامهون وچ سير ۾

تري آ ته مِلوُن!“

 

 

*

ٽَليون ٽؤنرن ساڻ،

ڪلهه تو آڇيون پنڌ کي

۽ ڪوهيارا هاڻ؟

 

*

 

ڪيڏو ڏور اڃان؟؟؟...

اڄ ته ڪرهل ڪڻڪيو

هاڙهي لڪَ مٿان!

 

*

 

پَرجهي پوءِ پلاڻِ!

هينئَڙو مون هيڻو ٿئي

منهنڙو اوري آڻ!

 

*

 

لِڪڻي ناهي لَنوَ،

ڇا جي بُٺي ڀينگ ۾

ڇا جي منجهه وَسَنوَ!

 

 

 

 

*

 

جئن هو هنجَ نياڻ،

سِٽون آيون ساهه ۾

ٻيهر پنهنجو پاڻَ!

 

*

 

کِنوڻَ کوٽي کيئَن،

آسَ اُڀاريئه سُپرين

ڪَتيءَ ڪڪر جَيئن!

 

*

 

هاڻي نه ترساءِ،

مون جي گجرا پوئيا

منهنجي هٿان پاءِ!

 

*


 

*  سانچي (ڀوپال) جي اسٽوپا ۾ استريءَ جو ننگو سرير پيش ڪيو ويو آهي جو ڀرپور ۽ لڀائيندڙ آهي.

*   سيتل پاٽي هڪ قسم جي تؤنري.

*  ما نه تاڙي اُڏار نه سانون، ميان باهو اسان آپي اُڏڻ هاري (سلطان باهو)

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org