سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: پن ڇڻ پڄاڻان

شيخ اياز

صفحو : 9

 

 

 

*

 

ٻه پر تترن جا،

وارِ اگر واري سگهين

وِيڇا مترن جا!

 

*

 

سڀ تي مينَهن وساءِ!

ٿر تي ٿاڌل ٿي وڃـٖـي

ڀرسان ڀُڄُ ڀڄاءِ!

 

*

 

هيڻو هانءُ نه ڪَرِ!

متان ڪرين ننڊڙي

گهوڙو ٻڌي گهرِ!

 

*

 

چاهيون نه چاهيون،

ٻرنديون رهنديون ٻاٽ ۾

بيراڳين باهيون.

 

 

 

*

 

ٽِلَڻَ جا ٽاڻا،

ڪير کڻِي ويو پاڻ سان

ڀٽاريون ڀاڻا!

 

*

 

مون کان تون منڪر!

مون جنهن ڪاريءَ رات جي

مهٽيٖ لاٿِي مَرُ!

 

*

 

پرَ کان چڱو پَرُ،

ٽُوههُ لڳو ٿي گدرو

ڳاڙهِي ڏسِي ڳَرُ!

 

*

 

جهوُڙا اوجهاٻا!

لِکيا تنهنجي ليک ۾

ٿرن جا ٿاٖٻا!

 

 

 

*

 

وٽيءَ وهه پيان،

ڏِسي ڪنهن ڏي ڏُک مان

ڏوراپو نه ڏيان!

 

*

 

مَمتا پاتا پَرَ،

جڏهن منهن تي ماءُ جي

آئِي ڄَڻيءَ ڄَرَ.

 

*

 

مارو سي مٺڙا،

اَلا ڪيڏا ڏينهن مون

ڏيهِي نه ڏٺڙا!

 

*

 

ڇا جي اچين هاڻِ!

لهي ويندي اوچتو

لَڪن تان لالاڻِ-

 

 

*

 

ڪارا ڪارونجهَر!

اَڄُ نه تارا اُڀَ ۾

ڏياٽيون ڏونگرَ!

 

*

 

منهنجي جيءَ نه جَڪَ،

هونءَ به تنهنجي واٽَ ۾

ڪيئي ڌوُڻا ڌَڪَ-

*

 

راهون رولن ٿا،

وري وڻ ڀنڀور جا

ڪنهن کي ڦولن ٿا؟

 

*

 

ڇيرين ڇمڪاروُن-

اُٺن ڳانا پَٽَ جا

موتين مَهاروُن.

 

 

*

 

منهنجي ڏوُنگرَ ڏاتِ!

لڪَ گهڻو ئي لالُ ها

پر هُو جَتن ذاتِ!

 

*

 

اُڃَ نه جيسين اوجهَه،

هو جي راهي رُڃَ جا

روجههَ نه تيسين روجَهه!

 

*

 

ڀلا ڪَرِ ڪـٖـي ڀالَ،

ميڙائي جا مينهڙا

وري وَسن شال!

 

*

 

ووڙيم ولهارون،

اَڄُ نه ڏکن واءُ ۾

جهانگهين جهونگارون.

*

 

سُمرڻي سوري،

آءٌ به ٿيان اڳڀَرو

تون به اچين اورٖي.

 

*

 

ساروُن ئي ساروُن،

وَلين جئن وَريو وڃن

تنهنجون نهارون!

 

*

 

توسان ساڳيو پَههُ،

هي منهنجو سُر سانولا

ڳالهه انهيءَ ۾ ڳَههُ.

 

*

 

ڀُلَ به اهڙڻ ڀُلَ!

چانگن چاريَءِ ايترا

روڙيو رتا گُلَ!

 

 

 

*

 

وَرِ وَرِ ٻُڌي ويڻَ،

ڇُٽڪي پيا ڇوههَ مان

ڪنهن جا نيهي نيڻَ

 

*

 

تو جا ڄڻِي ڄَرَ،

جلائي جبريل جا

پَئِي جيڪا پَرَ!

 

*

 

اَڄ به اُن کي پَرَ!

ڏات! وساڻي ناهه سا

تو جا ڄَڻي ڄَرَ.

 

*

 

ولهارن تي وَسَ،

ڏِسُ، ڏِس منهنجي ڏات جون

تَرايون ۽ تَسَ

 

 

*

 

ڀلا ڀليرا!

اڃا تنهنجا اڳڀرو

سج لٿي پيرا.

 

*

 

وَٺُ نه ڪوسا نانوَ،

تنهنجو ڪم ڪنڀار جو

ڀَر، ڀَر ٿڌا ٿانوَ!

 

*

 

جوڙَ نئين جوڙيان،

ڏينهَنِ ٿڌِي ڇانَو ٿيان

راتين گُلَ روڙيان.

 

*

 

ڏاتِ مڱان ڏاتار،

ڪيڙي ڪَڻ رسائين

سڀ جا پالڻهارَ!

 

 

*

 

اسان تو آهارَ!

ڏونگر ڏاري ٿو رکين

اَڙين جا آڌارَ!

 

*

 

توتي لَڄ لکن!

جهوپا جهورن اوڙڪون

پکا پنوهارَن.

 

*

 

اَٽل وتائون،

سِجُ تُراڙي ۾ وجهي

مون کي توريائون!

 

*

 

ناهيان ڌارَ اَبا!

روءُ نه منهنجي رَتُ تي

اکين ٺارَ اَبا!

 

 

 

*

 

جڏهن جنجهوڙيـٖـن!

توکي ماريِ موت جا

ڪوڙڪيون ڪوڙيـٖـن!

 

*

 

اسان ڇا آهيون؟

ڪاريون راتيون، روهڙي

بيڪس جون باهيون.

 

*

 

مُرڪن نه مُرڪن،

ڏِسي صورت گهوٽَ جي

ڄاڃيئَڙا ڄَرڪن.

 

*

 

جنهن ۾ گذريءَ گونجَ،

پاڻ اسان ڏي پَٽ تي

اُڏري آئي ڪوُنج.

 

 

 

*

 

مون من اُڏاڻو،

مٿان تارا اُڀَ ۾

واريءَ وڇاڻو.

 

*

 

سڪندر سارا،

نه مون جُتيءَ جيترا

دنيا جا دارا.

 

*

 

تاجَ ڪِيانيءَ جا،

تِڇُ تماشا سڀ هيا

آني جانيءَ جا.

 

*

 

گوليءَ جو ڌڌڪاءُ،

واهيرَن تان اُٿيا-

پکين جو پڙلاءُ.

 

 

*

 

رُنا، ڪونه رُٺا،

وڇڙيِ مون ويجهو ٿيا

هُو جي ماڳَ مُٺا.

 

*

 

گِڙُندا رهيا گِهنڊَ،

لڏون لسَ لنگهي ويون

توکي اڃا ننڊ!

 

*

 

لَڄ به ڪا آيَءِ،

ڪَتڻُ سکينءَ ڪينڪي

پُوڻيون پِڃاَيءِ

 

*

 

چُٽـٖـي اُڀَ نراڙُ،

پٿر هڻي وڄُ کي

پيو پاڙين ساڙُ!

 

 

 

*

 

تَڙَ تي ترڪين!

مان جو سَوَ سَرمست هان

تنهن کان ڇِرڪين ٿو؟

 

*

 

لکيو لکڻهارَ،

قلم مون ڪياڙيءَ وهيو

تکو جئن تلوارَ.

 

*

 

ساجنُ سارو سُکَ،

پنهنجن جون پرکون لهي

ڏيئي ڏاڍا ڏُکَ.

 

*

 

ڏِسُ ته سيارٖي سَاڙ،

ڪوهيڙي ۾ ويو ڇُپي

سڀ کان اڳ پهاڙُ!

 

 

 

*

 

اڳتي وڏو ڏيههُ،

اُڏر، اُڏر هنجڙا

سُڪـٖـي سَر نَه ويههُ!

 

*

 

متان لهين سِجَ،

متان پوي راتڙي!

منهنجيءَ جهوليءَ ٻجَ....

 

*

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org