سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سانجهي سمنڊ سپون

شيخ اياز

صفحو : 10

 


 

اُٿي اور الله سان، اُٿي رمتا روحَ،

اُٿي جيئن کوههَ، گِڙن پوئين پهر ۾.

 

اُٿي اور الله سان، جيسين آهه پساهُه،

سڀ ڪجهه آهه اللهُ، ٻيا سڀ پاڇاوان اَٿي.

 

اُٿي اور الله سان، ماڻهوُ سڀ ڀَٽون،

اُنهنِ اوري تون، متان وڃي ڏنگجي.

 

اُٿي اور الله سان، جيئن مور نچن،

ٻنا ٻوڙ اچن، تو وٽ سانوڻ مينهڙا.

 

اُٿي اور الله سان، ڪوسُ ڪري يا ڪِيسُ،

متان پنهنجو سيسُ، پيرن کان پري ڪرين.

 

اُٿي اور الله سان، جيڪو ڏيڻهار،

ڏات سندو ڏاتار، جيڪو سانوڻ مينهن جئن.

 

اُٿي اور الله سان، وِٿي ڏيندو تو،

تو اڌ ۾ ڳاتو، آهي پنهنجي گيت کي.

 

اُٿي اور الله سان، کنڀيءَ وانگر کِڙُ،

کِڙِي ائين مِڙُ، سڀ ڪجهه سانڍي پاڻ ۾.

 

اُٿي اور الله سان، ٻيا سڀ لاتِ مناتِ،

رڳو هن جي ذاتِ، ٽُڪر ٽِيرا نه ٿئي.

 

اُٿي اور الله سان، بيا سڀ لات جبل،

چاهي جي ته جبل، جهوري وجهي جَهٽ ۾.

 

اُٿي اور الله سان، ٻوليءَ ٻولَ نه ڳول،

منهنجا ڍولَ، نه ڳولِ، ٻاجهارو سڀ ڪجهه ٻڌي.

 

اُٿي اور الله سان، اُٿي تند تنوارِ،

پوئين، پهر پڪارِ، ٿربر وجهي ٿرٿلو.

 

اُٿي اور الله سان، گهڙيءَ گهڙيءَ کي گهورِ،

ڪارونجهر جي ڪورِ، جيئن نچن مورڻيون.

 

اُٿي اور الله سان، تون تنهائيءَ ۾،

لائي چائيءَ ۾، جيڪو تنهنجو واهرو.

 

اُٿي اور الله سان، اُن جهڙي ڪنهن سونهن،

ورهين لاءِ ورونهَن، اُن سان پل جي ساٿ جي.

 

اُٿي اور الله سان، ڪوئي اوراڻو،

ڀُليءَ جو ڀاڻو، متان تو ملي وڃي.

 

اُٿي اور الله سان، اڃا وِٿي آهه،

تو ڇو ڳِٿي آهه، جڳ جي جوٺي ڳالهڙي.

 

اُٿي اور الله سان، اُنهيءَ ۾ ويساههُ،

توڙي ٿئي پاههُ، ڍَؤ نه ڪري ڍونڍ سان.

 

اُٿي اور الله سان، اوچو نه ڳالهاءِ!

هِيئين سين هَنڊاءِ، ڪنهن جي آن دربار ۾.

 

اُٿي اور الله سان، جنهنجو مُنجهه آ سمجههُ،

جنهنجو سارو ڏنجهُه، آهي پرک پڇاڻ لاءِ.

 

اُٿي اور الله سان، جنهن جا ڏمر ڏاڍ،

جيئئن واڍي واڍَ، جيڪو گهڙي ڪاٺ مان.

 

اُٿي اور الله سان، جيئن ٻاٽي ٻَرَ،

آيا ڪينجهر تَرَ، اڏري اسر وير جو.

 

اُٿي اور الله سان، جيئن ڏيئي لاٽ،

ٺاهي پنهنجي واٽ، اوري ٿي اونداهه سان.

 

اُٿي اور الله سان، جَڳُ منهنجا جاني،

فاني آ فاني، اڏري ويندو اوچتو.


 

اُٿي اور الله سان، آهين ٻه ٽي پلَ،

ڪنهن کي ڪهڙي ڪل، جوٺي جيون جوڙَ جي.

 

اٿُي اور الله سان، ڪهڙا ڏولاوا،

شُڪر ڪَر ڄاوا، جو هُن توکي چونڊيو.

 

اُٿي اور الله سان، توبهه تائب ٿيءُ،

۽ پوءِ غائب ٿيءُ، هن ڌرتيءُ تان غيب ۾.

 

اُٿي اور الله سان دنيا عقبيٰ ڇڏ،

هٿين خالي لــَڏ، هاڻِ ڀريءَ بازار مان.

 

اُٿي اور الله سان، سَرهِي ٿي ساواڻِ،

اُٿي پيري ماڻِ، هن جي وڻ هيٺان وِهي.

 

اُٿي اور الله سان، هو جو گهاٽو بَڙُ،

توڙي سندس وَڙُ، توتي تِڙڪو نه ڪري.

 

اُٿي اور الله سان، اَٿي گلَ گناههَ،

انهن سان الله،  توکي آهي واسيو.

 

اُٿي اور الله سان، جي تون گنهگار،

هن جهڙو ڪو يار، ناهي ڪنهن کي ويجهڙو.

 

اُٿي اور الله سان، چنڊ جيئئن چمڪي،

اُنهيءَ سرهه تي، جيڪو رَسي چوٽ تي.

 

اُٿي اور الله سان، ناهه ڳجهارت جو،

ڪهڙي پارت تو، اُن اڳيان اوڏو ڪندي.

 

اُٿي اور الله سان، اٿ نه گهارو وجهه،

تيسين ڏارو وجهه، جيسين جنڊ هلي پيو.

 

اُٿي اور الله سان، ڏسي ڪنڊيءَ وڻُ،

وٺو آ سانوڻ، اجهو نڪتيون ڦُلڙيون.

 

اُٿي اور الله سان، ڏسي ڪنڊيءَ گل،

رنگ هلاچا هُل، ڪيڏا آهن سانت ۾.

 

اُٿي اور الله سان، ڏسي آسر چَنڊ،

ڄڻ هي سارو منڊ، تهجد منجهه تَري پيو.

 

اُٿي اور الله سان، ڏسي جهڙ گهاٽا،

مَڌُ سوين ماٽا، سُرڪ انهيءَ جي ساهه ۾.

 

اُٿي اور الله سان، آئي آسر اِذان،

چوڌاري اِنسان، آهن گهريءَ ننڊ ۾.

 

اُٿي اور الله سان، ٻيو فسُق فجور،

سينو ڪوههِ طور، آهي هن جي نانوَ سان.

 

اُٿي اور الله سان، ميان ڇڏ ماڻو،

جنهن داڻو داڻو، لکيو آهه للاٽ ۾.

 

اُٿي اور الله سان، جنهن جا ڪيئي نانوَ،

جنهن جي هر هڪ گهاتِ، ڄاڻي تنهنجي شاعري.

 

اُٿي اور الله سان، جنهن جا ڪيئي نانوَ،

تنهنجي آويءَ ٿانوَ، جن جو پتو ڪينڪي.

 

اُٿي اور الله سان، جيڪو رڳو نيتِ،

جنهن ۾ ڪا به ڪُريت، ناهي جوٺي جڳ جي.

 

اُٿي اور الله سان، ڏس هي اُترڙو،

آ ڪيڏو ڪَرڙو، پوياڙيءَ جي پهر ۾.

 

اُٿي اور الله سان، کوٽا مايا مپ،

ڪيڏي تن ۾ ڌپ، آهي اُگري ڪُوڙ جي.

 

اُٿي اور الله سان، اُن جئن ڪو ڏاتار،

جيئن ڪو ڪتار، سِٽون ڪَتي ننڊ ۾.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org