سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سانجهي سمنڊ سپون

شيخ اياز

صفحو : 13

پاڻيءَ لاش وهائن تنهنجو، ڪڪرن سان ڪفنائن،

پر ڇا ڪو فرق پوي جي، ڌرتيءَ ۾ دفنائن؟

*

روح اُهو نيرو پنڇي آ، جيڪو ٿو آڪاس وڃي،

هُن کي رائن نيراڻ ڇڪي ٿي، جو هو ڪنهنجي ڪا نه مڃي.

*

ڪيڏا ماڻهو آهن جڳ ۾، ڀانت ڀانت جا ماڻهو؟

جيڪي سڀئي ٿيڻا آهن، انت سانت جا ماڻهو!

*

صدين جا سانباها ڇالئه، دم جو ناهه پتو،

هي ڪَم ڪڏهن ٿو پورو ٿئي، ڪو ڪم جو ناهه پتو.

*

حسرت موهاني جئن ويٺو، جيل ۾ چَڪي پينهين،

مستقبل نه ڏسي ٿو، جو پيو چڪيءَ وانگر رِينهين.

*

جوڀن جاڙَ ڪئي تو مون سان، سجُ ٻُڏي ٿو پاڻيءَ ۾،

l  هو جو اُڀ اِسڙ هو اَڄ، ڪيڏو نه لُڏي ٿو پاڻيءَ ۾.

*

ٿي ڪيئن ٿئي هر ڳالهه، اهو تو ڄاتو آ!

ڇا لاءِ ٿئي ٿو؟ ان جو ڪوئي انت نه پاتو آ!

*

دنيا وارا تو به ڏٺو آ، سج لٿي جي ويراکي؟

ڇا تون ڄاڻين ٿو اُجهندي ۾، جندڙِي ڳولي ٿي ڇاکي؟

 

ڪيڏانهن وڃي ٿي، وڻجارا هي، واٽَ ڪٿي تون ڄاڻين ٿو،

ڇا لاءِ کِلي ٿو گل ۽ روئي، ماٽَ ڪٿي تون ڄاڻين ٿو.

*

ڪنهن وقت هوا جي جهوٽي تي، ڪيڏانهن پري اُڏري ويندين،

نيٺ ته تنهنجو انت اچي، خاموش اُمالڪ ٿي ويندين.

*

ڇو هر ڪنهن توکي ڏکَ ڏنا، ڪا ننڊ نه آ تو نيڻن ۾،

معلوم نه آهي ائين ڇو، ڪا سِڪ نه آهي سيڻن ۾.

*

ڪنهن وقت ڪکن جي لانڍيءَ کي، طوفان اُڏائي وڃڻو آ،

هي موت به ڄڻ ڪنهن گُرڙ جيان، انسان اُڏائي وڃڻو آ.

*

هي پئسو پئسو ٿيڻو آ، تون ڳنڍ نه ڏي اِئن پئسي کي،

الله ته تنهنجي ساٿ آهي، تون ليک نه ائسي وئسي کي.

*

دڳ متان ڀلجي پئين، تون ڳائيندو هَل،

جُهمر هن جهان منجهان، تون پائيندو هَل.

*

هي جيئڻ ڪهڙو جيئڻ آ، ڇا لاءِ پيو اينگهايان مان؟

هي جيئڻ ڏک جو ساگر آ، ڪئن ان مان مڪتي پايان مان!

*

آ ڪنهن به لڌو ان جو نه، تَرو، هي کوهه ته ڏاڍو گهرو آ،

۽ ڏينهن لٿي هي پاڻيارو، گهر پهچڻ لاءِ اُٻهرو آ.

 

آ پاڻي اونهي کوهه منجهان، پونيسر ۾ يا آ هَڏ ۾،

تخليق ائين ٿي ڪا نه ٿئي، هي سُر به سُتل آ ڪنهن سڏ ۾.

*

ٻيهر ڪنهن سانپيار، ڪري سگهندين تون؟

پنهنجو مايا ڄار، ڪري سگهندين تون؟

*

ڪُوڙي ڪَچَ جيان هي ڏاها، هي ڇا ڄاڻن ديس،

هي ته ائين سمجهن ٿا، ڪافي آهي اجرڪ ويس.

*

ڪوئي نه رهيو هن ڌرتيءَ تي، دارا نه سڪندر باقي آ،

ڇا اهڙو ڪوئي آ جنهن وٽ، موت نه ٿيو اوطاقي آ؟

*

سنڌ ڪيو جئن تو آ مون سان، ڪوئي ڪو نه ڪري،

ساري عمر ڏنا مون موتِي، توکي ٻُڪ ڀري.

*

باک ڦٽِي يا ڪارو جهنڊو، صبح اَچي لاٿو،

ڪيسين رات رهي ٿي فاتح، ڪنهن جو اِن ڪاٿو!

*

آءُ، سَري سان نينهن نڀايون، آءُ، سَري بن ڪئين سَري!

ڪير ڪشالا ڪاٽي ايڏا، ٿڪجي پئبو پنڌ ڪري!

*

سنڌ ڪري ها قدر ته ڇو، هي ڏکَ روئان ها مان؟

دل جا داغ اکين آلين سان، هئن ڌوئان ها مان؟


 

ويرا واهُه وري وسڻو آ، اي ڀوڏيسر ڀون،

ٿوري دير ته پَوندي ليڪن، هانءُ نه هارج تون!

*

اَڪبر! تُنهنجو سنگ ولادت، عمرڪوٽ، ڀرسان،

آنءُ پيو تايخ تي سوچيان ڪيڏيءَ حيرت مان!

*

ڪِيئن وڃڻ واران جا پيرا، ڊاهين ٿو نادان،

اِيهي شخص ته ها جن تولئه منزل ڪئي آسان.

*

اکين اڳيان ڇو هي هر هر ٿو، منهنجي ڏيکُ اچي،

دونهون دونهون ديسُ انهيءَ ۾ ڪا، ڪاليءَ ناچ نچي.

*

ڌرتي ڌوئو، اُڀُ به ڌوئو، هر شيءَ جنهن تي رَت سا ڌوئو،

اَمن چڱي شي آهي يارو، ديس سڄو لت پت آ ڌوئو!

*

l دولهه دريا خان جو نالو، توکي ڪنهن نه ٻڌايو،

آنءُ ٻُڌايان ها پر مون کي، نالو راس نه آيو.

*

مَٽيا بُرج اڃا جي سارن، قيصر باغ اڃا جي سارن،

تن تي ڪا به ميار نه آهي، ڇو نه ڀلا هو توکي وارِن؟

*

سنڌي آ سَوَ رنگ، انهيءَ کي سئربين جئن ڏِس!

آهه تقدس پنهنجي ٻوليءَ، اُها دين جئن ڏِس!

 

هِتِ به هريان ۽ خالصتان پيو ٺاهين،

مورڙئي جو ديس اَٿي هي، مانگر! تون ڇاهين؟

*

هي جهيڙا جهٽا صديءَ جا، ٿي ويندا ڪاغذ رديءَ جا،

سڀ پوندا تنهنجي ڳَٽ ڳچيءَ، جيڪي به تصور بَديءَ جا.

*

هي ڪوڙا نعري باز اَٿي، جي ڪڻڪن ٿا سي قاز اَٿي،

ڀل تن جا چنبا تيز هجن، تونسمجهه نها ئنڪي باز اَٿي!

*

هي ڪهڙي ڳِجَهه اُڏامي ٿي، جنهن سنڌ سموري تاڙي آ؟

هڪ پاسي دودو دفنايل، ٻي پاسي روپا ماڙي آ!

*

چوڌار سمندر گرجي ٿو ۽ سامهون ڪيڏيون ڇوليون آهن،

پر هي ايڏيون آسان نه آهن،جيب اندر جي گوليون آهن.

*

”سارو ديس ته پنهنجو آهي، منهنجا پنهنجا ڪهڙا؟“

ائن چوندا ها هن دنيا کي، سڀ اسٽالن جهڙا.

*

هي پٿر جو ڌڙ مِليو آ، جنهن جو ڪنڌ اُڏامي ويو آهي،

ان تي ڪنڌُ رکي سگهندين تون، هي ماڻهوءَ جئن مرڻو ناهي؟”

*

شهر ته شور و شَر آهي، تون پنهنجي گهر ۾ ويٺو رهه!

ٻاهر ڀَل بندوق هلي، بي خوفو ڏر ۾ ويٺو رهه!

 

سياست سان جو وچڙي ٿو، پنهنجو ٻيڙو ٻوڙي ٿو،

سوُنهن، سچائيءَ جو ويري ٿي، ڪيئي صديون لوڙي ٿو.

*

هن ڌرتيءَ جي ڌوڙ کڻي وَڃُ، ڏاڍو اُن کي ياد ڪندين!

عرش الا جي ڪهڙي وستِي، سوچ ته آڱر ڏيئي ڏندين!

*

ڪيسين اي تاريخ! ڏئي تون، ڌوڪا ماريندينءَ،

ڪيسين سچ کي سيڙهيءَ چاڙهي، ٽيڪ ڪڍي ويندينءَ.

*

جيسين تو ۾ سچ نه آهي، جڳ بدلائي سگهندين؟

هر ڪوئي آدرش اڌورو، تون ڇا پائي سگهندين؟

*

اوچ اُهوئي ماڻهو آهي، جيڪو بخشڻهارُ،

دشمن لاءِ به جنهن کي من ۾، آهي ڪو ويچارُ.

*

ڇا تون ايئَن پيو سوچين، وِچ خلق زرهه کي پائي،

مون کي تون ان ريت ٺڳيندين، دل جا داغ لڪائي.

*

تنهنجو مُنهن رابيل جيان، هو اَڌ کڙيل رابيل،

ڪئن چئجي ڪنهن هِير، نکاريو آهي اُن کي هيل!

*

ٽَئونر جُتيءَ ۾ مُنڌَ هُيا، ڄڻ ڊيل هئي ڪائي،

کنڀ کنڊيري ڀٽ تي، جيڪا سانجهيءَ جو آئي!


 

ڪيڏن ڪنڊن منجهه شگفته نڪتو هڪ گلاب،

ائين لڳي ٿو ڄڻ هو آهي، ڪنهن خوشبوءَ جو خوابُ.

*

ڪويل ڪوڪ الاجي ڪهڙيون، سارون آڻين پيئي؟

ڏس، هي ڪنهن آغوش ولاريو، آهه وهاڻي پيئي؟

*

هرڻي! تنهنجي هوڏ اجائي، رڻ ۾ رڃ سوا ٻيو ڇاهي؟

l  آءُ، ته ڪا واٽهڙي ڳوليون، جيڪا اُڃَ اسان جي لاهي.

*

ڪيرَ پئي ٿي جهانجهر لاهي، چانديءَ جهڙا پيرَ ڏسي؟

هِن چانديءَ ۽ هُن چانديءَ ۾، فرق پئي ٿي ڪيرَ ڏسي؟

*

ماڻهن جا افسانا ڪيئي، تنهنجي باري ۾،

ڄڻ ته نهاريو مون، ڪينجهر تي ککيءَ کاري ۾!

*

ڪئن چئجي ڪنهن وقت، اچي ٿي پنهنجي وڇڙڻ ويلا،

ڪئن چئجي ٻيهار نه ٿيندا، تنهنجا منهنجا ميلا!

*

l تتر کُهيءَ جي هيٺان ڪاڏي، ڊيل پئي ڊوڙي؟

ڪارونجهر تان مور ڏي ٿو، تنهن کي مُنهن موڙي.

*

l هَرڻي هيٺان ڪير ٽپي ٿي، هرڻ- اکي لوڙهو؟

هوءَ اِئين ڪيڏانهن وڃي ٿي، پيءُ ڇڏي پوڙهو؟

 

ڳنڍيون منجهه ڳنڍير نه آهن، مارو؟ ڪهڙا مارو؟

ڏس ته ڳهيليون ڳالهيون ڪن ٿا، بيهي ڇا ڇا مارو!

*

l هي نائي جئن ايندا ويندا، تون واري ڇَڏ مينهُن!

جن جي ڪا به سڃاڻ نه آهي، ڪهڙو تن جو نيهن؟

*

اُٻَ ڏسين ٿو؟ اِئين لڳي ٿو، ڄڻ ته وُٺو آهي؟

رات ٿڌيري آهي، اڄ ڄڻ سارَ ڪُٺو آهي!

*

هو سانجهيءَ جو سج لٿو آ، پاڻيءَ تي اَلا!

ڪيڏي پياري آهه مهاڻِي، ماري جا پَلا!

*

ڪير چوي ٿو سمنڊ لتاڙي، پَلو مري ٿو پوههَ،

ايڏو پَنڌ ڪري سنڌوءَ ۾، آيو ڪهڙي موههَ!

*

هوءَ مهاڻي نينگر، مُنهن تي، باک ڦٽيءَ جي اَڇ،

lمنهنجي من کي ڄڻ ڦاسائي، ڀَنَ، ڪُليي رَڇ.

*

lڪالهه پئي اوجهاڻ ڇڪيائون، پَلا ڦٿڪيا ٿي،

اَڄُ جواني ڇِڪ ڪري ٿي، ائين پَل پَل کي.

*

سج لٿي ڪيڏو نهوڻي پيو. ڪالهه پِڃاري واهه!

وقت ته سڀ جو ويري  آهي، هاڻي ڪٿي سو چاهه؟


 

ڇوري، آنءُ ڏٺا جو توتي، قنڌاري گدرا،

من منهنجو تاريخ لتاڙي، ڪاٿي پهتو آ!

*

يارُ ڪَيُئه ٺاهوڪو ڇوري، اوچو تُنهنجو نَڪ،

وارَ اُنهيءَ جا گهنڊيءَ وارا، عشق پيچ اَجرڪ.

*

اوڀاري کان لهواري جو، آئي ٿي ٻيڙي،

ڪنهن جي لاءِ تَڪي پيئي، هوءَ نينگرِ گهر ڀيڙي؟

*

بَڙ جيڏيءَ تنهائيءَ ۾، هڪ گؤنچُ ڦُٽو آهي،

تون آئي اَن ڄڻ منهنجو ڪو، ڦَٽ ڇُٽو آهي.

*

ڪَجرِي رات جي باک ڦٽيءَ جو، تون ڪر آڌر ڀاءُ!

آءُ انهيءَ ڏي آءُ مسافر، آءُ انهيءَ ڏي آءُ!

*

وِرَهه- وهانءُ ڪري تو گوري، پنهنجو انت نه ٿي ڄاتو،

اڳتي ماڻهوءَ کي ڇا ٿيندو، ڪنهن به نه آ پاتو.

*

تون ترس ذرا يڪدم ته نه وڃ، ڏس نيڻ پيا ٽپڪن!

تيسين ساعت ساٿ گذاريون، جيسين سي جَهپڪن.

*

l  ڇوري هيءَ ڇِلوري اُس ۾، تو وانگر چمڪي ٿي،

تِرمر اُس ته ڏس ڪينجهر تي، سون جيان جِهمڪي ٿي.

 

تو نه ڏٺي ماڃر جي ڇوري، کاري ڍوريءَ جئن،

ڪئن نه ڏنا ٿي ٺينگ ٽپا تنهن، ڪالهه ڇلوريءَ جئن!

*

ڳاڙهي ڇِيٽ منجهان جَن چولا، گربيءَ جون سُٿڻون،

سجُ اُنهن کان ڄڻ ته اُڌاريون، وَرتيون هَٿَ گِجريون!

*

ڪامِڻ! ائن ڪينجهر تي، چانديءَ ويڙههَ نه اچ پائي!

سجُ وڻن مان نڪري تولئه، واجهه وجهي واجهائي

*

آئي هن جي سار جڏهن، رستي تي ڪو جوڙو ٿي ويو،

ارڙ جيان آ منهنجي من کي، هن جو پيار وڪوڙي ويو.

*

l  هيءَ ستارن هيٺان آهي، ڪيرَ مُڪو پائي،

دل ته چوي ٿي جيڪر مون سان، ويهي هوءَ ڳالهائي.

*

آڳل پاڇل ڪانگڻيون، ٿي ٻيڙي لوڏا کائي،

ڪير پئي اڄ وَنجهه هلائي، لهرن تي لهرائي؟

*

چوٽيءَ ۾ ڪنهن وقت، لڳائيندينءَ ڀلا گلاب؟

ڪونهي ساري ڦلواڙيءَ ۾، ههڙو سدا گلاب!

*

آئون ڀري جو آندو تولئه، نينگر ڦلن ٻُڪُ،

ڪاش! ڀرين ها اُن مان ڍَوَ تي، تازيءَ خوشبوءَ ڍُڪ.

 

ڳاڙهي گلَ گلاب جيان آ، هي ٺٽي جي نار،

آهه اڳٽ تي هن جي نالو، ڪير اُهو ڪوهيار.

*

l تو ۾ هيءَ ڪٿان آئي آ، ڦَلَ- پَٽيءَ خوشبوءِ،

آنءُ ته ٻي نارِيءَ ههڙي، ناهه ڏئي هئن روءِ.

*

تون جو ويڙهي اچڻي آهين، تڪيان پيو مان پيرَ،

هُو جو چنڊُ کجور مٿان آ، اُها لڳي ٿي ڪيرَ؟

*

هو جوُهيءَ جي مهڪ جيان، مون ڀرسان گذري وئي،

آنءُ ته ڳولي پاڻ وڃايو، مون کي سُڌ نه پيئي.

*

l بانٺن مان اڄ ڪالهه اچي ٿي، ڪيڏي سرد هوا،

بيهه سُري ڪجهه نينگرڙي، جو مُند ڦري وئي آ.

*

عشق اچي ٿو پهريون ڀيرو، من ۾ سَوَ طوفان کڻي،

ڄڻ ته ازل کان ڪا واقف آهي، اهڙا ڪي امڪان کڻي.

*

عشق اکيون ڏورانهان ڏيئا، جيئن اُڀن اندر،

پيار اَچي ٿو من ۾ ائن جئن، پيرَ ڌرين مَندر.

*

عشق اچڻ سان ڪويَلِيون، سَوَ ڪوڪن ٿيون دل ۾،

کنوڻ کجي چمڪاٽَ ڪري ٿي، ڪنهنجي کِل کِل ۾.

 

عشق سوا هي ڌرتي ڀاري، ۽ ساري ويران لڳي،

پهريون عشق ائين جيئن رڻ ۾، واريءَ جو طوفان لڳي.

*

ڪو نه هلي ٿي ڳڀرو ڪنهنجي، عشق اڳيان هي هستي مستي،

ڪيڏا ٿيڙ ڏياري پيئي، وک وک توکي واٽ اَلستي.

*

عشق گلابي ڳل پرينءَ جا، ڪئن ٿو ساڻ حجابَ ڏسي.

ڪيئي گيت ٻڌي ٿو تن ۾، ڪيئي رنگ- ربابَ ڏسي

*

عشقَ خماريل اکڙيون ائن، جئن ساغر ۾ مَئي ڇُلڪي ٿي،

روءِ پرين جي چنڊ پرهه جو، جنهن کي ڏِک ڌنڌلڪي جي.

*

حيرت آهي جي ٽهلين ٿي، ڇو نه ڦٽي رابيل پَوَن ٿا،

ڇو نه پکيئڙا ڦيرا ڏيئي، توتي ڪيئي گيت چَوَن ٿا!

*

منهنجا نيڻ رُئن ٿا تولئه، ائين مُنهن انڌيري ۾،

ڪيئي سال وساري جئن، ڪو باز وَري آکيري ۾.

 


 

l  اِسڙ:- مستحڪم

l  نوٽ:- دولهه دريا خان جو نالو مبارڪ خان هو.

l  واٽهڙيءَ وارياسي ۾ مينهن جي پاڻيءَ جي ننڍي نهر

l  تِتر  گهي:- دٻڪ دٻڪ ڦهليل بادل.

l  هَرڻو:- هرڻ جهڙو نِکٽ

l  ڀَن، ڪُليرو:- رۡڇن جا قسم.

l  اوجهاڻ – ڄار جو قسم

l   نائو: - سنها بادل جي هليا وڃن ۽ مينهن نه وسائن.

l  ڇِلوري:- مڇيءَ جو قسم جا ڪينجهر مان مرندي آهي.

l  مُڪو : چانديءَ جي پنيءَ جو ڀرت.

l  ڦل-پٽي:-نازبُو

l  بانٺا/ بانٺ:- لانڍيءَ ۾ سنهيون ڪاٺيون جي لَڙهي سان ٻڌل هونديون آهن، جن مان هوا ايندي آهي.

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org