سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رڻ تي رم جهم

 شيخ اياز

صفحو :10

 

 

***

 

تون پري سُتل آهين

رات ڄڻ ته هرڻيءَ جان

دور آهه چشمي کان-

ويندي چنڊ سانوڻ جو

تو ڏي مون ڏي گهوري ٿو

ڪيتريءَ نه حيرت مان!

 

 

***

 

سَروَ جي درختن کي

چاندني چُمي ٿي پَئي

چنڊ سون – وَرنو آ-

ڇانوَ ۾ ٻَٻُر جي مان

چَپَّ ٿو چُمان تنهنجا

نِنڊَ ڄام شورو آ.

 

 

 

***

 

توکي مون چُميو آهي

تنهنجي جسم ۾ آهي

اڄ گلاب جي خوشبو،

روپ رنگ ۾ تنهنجي

انگ انگ ۾ تنهنجي

منهنجي خواب جي خوشبو.

 

 

***

 

توکي مون چميو آهي

تنهنجي جسم ۾ آهي

اڄ شراب جي خوشبو،

جو صديُن چِڪايو آ

آ رچي وَئي تو ۾

اهڙي خواب جي خوشبو.

 

 

 

***

 

ڀيٽ توسان ڪهڙي آ

تون سوين سُڳنڌون آن

گُل – سُڳنڌ ساڳي آ!

اي بسنت جئن جوڀن

تون هزار هُٻڪارون

توڙي مُند ساڳي آ.

 

 

***

 

انب ٻوڪيا آهن

۽ ڪٿان جون ڪويَليون

باغ ۾ مِڙيون آهن!

ڏِسُ بسنت جو جادو

تن جي ڪوڪ تي ڪيڏيون

اڄ ڪَليون ٽِڙيون آهن!

 

 

 

***

 

انبڙيون ٿيون آهن

ڏينهن ۾ تپت آهي

چيٽ جو مهينو آ؛

تون ڪٿان اچين ٿي پَئي

موتين جيان تو تي

پنڌ ۾ پسينو آ!

 

 

***

 

ڪوٽڙيءَ جي پُل تان تون

وِچّ سِير ۾ گهوري

شام جو پَئي سوچين،

’عمر سِير وانگر آ،‘

ڇا اهو پَئي سوچين!

 

 

 

***

 

اي اُڏامندڙ پوپٽ!

ڇا تون منهنجي سرتيءَ جي

سنگ ۾ رهيو آهين؟

روپ جو پُڄاري آن

روز ڪنهن نئين گُل جي

رنگ ۾ رهيو آهين؟

 

 

***

 

جاڳَ ڇا ڏنو آهي؟

ننڊ هڪ پَرندو آ

ننڊ ئي ته لوچيو آ؛

ننڊ ۾ پُڄن ٿا ٿَرِ

مورَ پڃّرا ڊاهي،

ڪنهن اهو به سوچيو آ!

 

 

 

***

 

تنهنجا هَٿ چُمين کان پو

ڄڻ ٽڙي پيا آهن

مينهن ۾ گلابن جئن؛

ڪائنات گونجي ٿي

ڇا وڄي رهيو آهي

روح ۾ ربابن جئن!

 

 

***

 

چاندني پکيڙين ٿي

تِلڪُ تنهنجي ماٿي تي

چنڊ جئن کڙيل آهي؛

ڄڻ بسنت آيو آ

تنهنجو چمپئِي جوڀن

ايترو ٽِڙيل آهي!

 

 

 

***

 

مون چيو ”تون خواب آهين“

تو چيو، ”ڇُهي ڏس تون

”ڪيمخواب جئن آهيان؛

”تنهنجي ٻانهن جي ٽاريءَ

”تي ٽڙي پَئي آهيان،

”ڪنهن گُلاب جئن آهيان“

 

 

***

 

مون چيو، ”گُلِ بخمل

”ڇو ڏسي رهي آهين

”هي ته تو جيان ناهي!

”تون هزار خوشبوئون

”هِن جو رنگ تو جهڙو

”بُو مگر ڪٿي آهي؟“

 

 

 

***

 

ماڪ جو ڪرشمو آ

رات رات ۾ مُکڙي

ڄڻ ٽِڙي پَئي آهي؛

بات بات ڄڻ تنهنجي

ڪنهن ستار جئن پياري

اڄ ڇِڙي پَئي آهي.

 

 

***

 

مون کي جئن چمين ٿي تون

تنهنجا چَپ شعلن جئن

منهنجا چَپ ٻارِن ٿا،

تنهنجا پيار اي سَرتي

وارَ وارَ تي منهنجي

ڪائنات وارِن ٿا.

 

 

 

***

 

نيٺ هي ڇڻي ويندا

ڇَڏ ته گُل جوانيءَ جا

مُند ۾ ڇِنون پياري!

مُند ئي ته سڀڪجهه آ

ڳالهڙيون وڃي رهنديون

انت مُند جون پياري!

 

 

***

 

 

 (وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org