سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رڻ تي رم جهم

 شيخ اياز

صفحو :12

 

***

 

ڀَرتَ ڀَرتَ ڪُڙتي مان

مان سندءِ انارن کي

راهه تان ڏسان ٿو پيو؛

ڪَنڌ کي جهُڪائي تون

مُرڪندي هلي ويئينءَ

مان اڃان ڏسان ٿو پيو.

 

 

***

 

آءٌ تنهنجي ڀرسان هان-

انب تنهنجي ڇاتيءَ تي

اِئن لُڏي رهيا آهن،

ڄڻ ته ڪوئي واچوڙو

اوچتو اچي ويو آ،

وڻ ڌڏي رهيا آهن.

 

 

***

 

ڀرتري هريءَ وانگر

ڪالهه هي چيو هو مون

”رات جيڪا گذري وَئي

”چاندنيءَ ۾ چمڪي

”ڄڻ ته لهر سنڌوءَ جي

”سمنڊ ڏانهن موٽي وَئي“

 

 

***

 

رات مُنهنجي زخمن تي

پنهنجا چَپَّ مرهم جئن

تو رکيا هيا پياري،

منهنجي روح ۾ ڪيڏا

ڪالهه گلاب ڪاري جا

گُل ٽڙيا هيا پياري!

 

 

***

 

مان جو تنهنجي پهلوءَ ۾

روز ايئن سمجهان ٿو

زندگيءَ جو ميلو هان،

ڪنهن کي هي ٻُڌايان مان

هر خوشي غم آميز آ

مان جڏهن اڪيلو هان.

 

 

***

 

اُسَّ ۾ ڪَڙهي پياري

تنهنجي سائي وڻ هيٺان

پلَ ٻه چار ويٺو هان،

تنهنجِيَ چهچ ٽاريءَ جئن

هيءَ ڳراٽڙي، منهنجو

آ بچاءُ آرهڙ کان.

 

 

***

 

چنڊ چوٿ جو آ، يا

سينڱ ڪام جي آهي!

راتڙي ٿڌيري آ،

ها، اڃا ته آرهڙ آ

پو به انگَ چئن آهن

پيار مُند ڦيري آ.

 

 

***

 

تون اڃا لڄاري آن:

اِئن ڇُهاوَ ۾ پياري

مون سان تنهنجي ڇاتي آ،

رات جي ڪَسوٽيءَ تي

چنڊَ بانڪيءَ وانگر

ڄڻ ته ليڪ پاتي آ.

 

 

***

 

شام ٿي وَئي آهي

پيار ۾ کڙي آهين

نِير جي لڙِي آهين؛

دير ٿي وَئي آهي

تون وڃڻ نه ٿي چاهين

ڪيتري ڪڙِي آهين!

 

 

***

 

شام آهه سانوڻ جي

تو چيو، ”وڃان ٿي مان

”ٿي اچي گهٽا ڪاري“؛

چَڳَّ کي چُمي تنهنجي

مون چيو ته ”ترسي پَئهُ

”رات آهه متواري“

 

 

 

***

 

مُرڪندي اچين ٿي تون

چَنڊَ جيئن ماٿـٖـي تي

بِنديا لڳائي ٿِي،

ڪا جُڳن جي جوت آهي

جا اُداس نيڻن ۾

اوچتو جڳائِي ٿِي.

 

 

***

 

آسمان ۾ بادل

آءٌ ۽ جڳت لِيلا

پيارُ ڪيئي پرڇايون!

مينهن ٿو پوي ڏاڍو

دل چوي پئِي ته اڃان

رات تائين ڳالهايون.

 

 

***

 

ماٺ ميٺ ۾ بيٺا

ڏينهن جو ڏسي توکي

ڀانءِ ڪُجهه ته سوچن ٿا،

سرَوَ جا ٽِڪُنڊا وڻ

ساري رات ٽيڙن سان

جو رهاڻيون ڪَن ٿا.

 

 

***

 

اُڀَّ ۾ ڪتيون ڏسندي

هُن چيو، ”سکي، سَيّان

”اڄُّ رات ڪونه آيو،

”پهر رات باقي آ

”چِتُ چَين ڪِئن پائي

”هاءِ هاءِ ڇو نه آيو!“

 

 

***

 

”روز ڪيف آهين

”چاندنيءَ جي پاڇي ۾

”روز روز پيئين ٿو!

”ڇو رُسي ويو آهين

”جام جي سهاري ڇو

”مون سواءِ جيئين ٿو؟“

 

 

***

 

اڄ تو پنهنجي سيني تي

گُل عجيب مينديءَ سان

ويهي ٺاهيا آهن،

رنگ هِي ڪٿي ڪنهن ۾

ڪيئي گُل پرين منهنجا

مون به چاهيا آهن!

 

 

***

 

 (وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org