سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رڻ تي رم جهم

 شيخ اياز

صفحو :06

 

فقيرو هڪ مزور

 

شام لٿِي، چمنيءَ جو دونهون

آسمان ۾ نيرو آهي.

 

سانجهي گهايل پنڇيءَ وانگر

رَتُّ ٽِمائيندِي اُڏرٖي ٿِي،

آسمان ۾ نيرو دونهون

دور هٽائيندِي اُڏرٖي ٿي.

 

مِلّ منجهان مزدور اچن ٿا

تن جا منهن مُرجهايل آهن

ٿَڪُّ اُنهن تي ٿنڀڻ وانگر

چِپڪيل آهه، هپايل آهن

 

سَستيءَ مَڌُّ چُڪيءَ لئه آهن

لياريءَ منجهه لياڪا تن جا-

رڪشائن جو شور، اُنهيءَ ۾

پيئڻَ کان پو واڪا تن جا-

 

ڏِسُ هِي هِڪُّ هزارن جهڙو

آهن ٻول اُگهاڙا جنهن جا

جنهن جو اندر ليڙون ليڙون

ٻاهر غُلَّ غپاڙا جنهن جا

 

مُنهن ته مُترڪي وانگر هن جو

نانءُ مَٽيرو ٽِيرو آهي،

اڌ دنيا جو حاڪم آ، پر

تو وٽ پو به فقيرو آهي.

 

 

تون به نياڻَ جي ڀر تي وڻ آن

پاڻيءَ ۾ پنهنجي پاڇي سان

جنهن جو وهانءُ ٿيل آهي؛

ڀانيان ٿو تون

پنهنجي ذات کان ٻاهر لهرون

اِئين ڏسين ٿو

ڄڻ سوچين ٿو،

”آءٌ ته وڻ هان، لهرون ناهيان،

”هي ڪافي آ، آءٌ اُنهن تي ڇانوَ ڪيان ٿو“

 

 

هِي سکّر جو اونهارو-

ننگ ڌڙنگ مُهاڻي وانگر

سِنڌوءَ تي سِجُ اُڀري ٿو،

اُن جي ڄار مان ڪيئي ڪرڻا

ڄار کي ڦاڙي نڪرن ٿا

ڄڻ ساري سنسار کي ڦاڙي نڪرن ٿا.

 

 

ڀينڪر رات مگر تون ڳائين

سارنگيءَ تي نَٽ ڀيرَؤُ!

تون ئي چَؤُ!

سارو ديس ٻري ٿو، توکي

پو به نه آيو ڪوئي تَؤُ!

تون ئي چَؤُ!

روز ڪِرن ٿا ڪَنڌ آڏيءَ تان

توکي ڪو ڪهڪاءُ نه ڪؤُ!

تون ئي چَؤُ!

روڳي راڳي ڇا جـٖـي آهين

سَوَ ۾ هِڪُ يا هِڪَ ۾ سَؤُ!

تون ئي چَؤُ!

ڪئن نه ڪيان مان تومان ڀَؤُ؟

تون ئي چَؤُ! تون ئي چَؤُ!

تون ئي چَؤُ!

 

 

زخمي تتر

وانگر خبر

ڦڙڦڙ ڪئي،

چُپ ٿي وئي؛

فرزند تنهنجو فرانس ۾

ماريو ويو

۽ پيءُ جئن واريو ويو

ڇاجي مٿان؟

ڇاجي مٿان؟ تون ماءُ آن

تون ماءُ آن

سوچان پيو توکان پڇان

پر ڪئن پُڇان؟

پر ڪئن پُڇان؟

پر ڪئن پُڇان؟ ؟ ؟ ......

 

 

ٻاهر ڪيڏي وِلههَ وسي ٿي

۽ هُو اندر سگرِي ٻاري

ويٺا آهن،

هَٿَ هَٿَن ۾ تن جا آهن-

اڱرن آگ جياپو آهي،

ڪوسا آهن،

سوگها آهن!

ٻاهر ڪيڏي وِلههَ وسي ٿي

پَنَّ رڙهن ٿا اِئن رستن تي

ڄڻ طوفان اچي ويو آهي،

بجليءَ ٿنڀا

ڄڻ ته آچنَڀا؛

پرتان ڪنهن جي چاپَ اَچي ٿي؟

رستا رولاڪَڙ ڳولن ٿا

(جي جِيون جي جَڙ ڳولن ٿا)

توڙي ڪوئي راهي ڪونهي!

ڪوئي اوهِي واهِي ڪونهي!

 

 

ڇا سُر راڻو مٽي آهي؟

ڇا ڪوهياري مٽي آهي؟

آءٌ ڀٽائيءَ لاءِ پُڇان ٿو-

ڀِٽَّ ته ساري مٽي آهي؛

 

هر دکياري مٽي آهي،

سِجَ لٿي کي سئيءَ وانگر

پوڇو هر ڪنهن ڪو نه ڏٺو هو؟

(پنهونءَ پڄاڻان سِجُ هيو يا

ڪوئي گَهرو گهاءُ ڦٽُ هو!)

 

مَٺّ ته مٺي آهي مُوڙها

ڏيئي لاٽ ته مٽي ناهي،

درشن جيڪو دور نئين ٿو

تنهن جي واٽَ تي مٽي ناهي!

ساري جاٽ ته مٽي ناهي!

 

توڙي تارا مٽي آهن

تن جي ٽم ٽم مٽي ناهي،

دور اُفق مان روشينن جي

توتي رم جهم مٽي ناهي.

راهب ڪُوڙ ڪمائن ويٺا

ڪيڏا ڪُوڙ ڪليسا آهي

پو به صليب تي رَتُ ۾ رانيل

ڳَهرو ڳاٽُ ته مٽي ناهي!

 

هُو جي سپُنن ۾ سَو چهرا

رات لڙيءَ جو ايندا آهن،

چتَ اندر جو چؤنرو آهي

تنهن ۾ پريت ونڊيندا آهن

 

ننڊ – نَگر جا سي سڀ راهي

ڇا ڪنهن مِٽيءَ جوڙيا آهن

۽ پوءِ تن سان تنهنجا ناتا

تنهنجيءَ جاڳَ جهنجهوڙيا آهن؟

 

مٽِيءَ لاءِ مِترَ تنهنجي

ڇو ته ڪليسا ڪُوڙي آهي!

هي تنهنجو آدرش اُٻهرا

ڪيڏي ڪچي چُوڙي آهي!

 

 

ڪالهه جڏهن طوفان لڳو هو

وِڄَ ڪري هُئي، ڏارَ ٽُٽا ها

آکيرن آڌارَ ٽُٽا ها،

ڏاڍو ڏور اُڏارِي کائِي

سَرتِي! پنهنجي واٽَ وتي تو –

اڄ ٻيهر مد مست لڳي ٿو

توکي پائي،

تنهنجي ڪُلهي تي ڪنڌُ جهڪائي

تنهنجي ڳچيءَ تي چَپَ رکي ٿو

پيار، جو منهنجو پيار نه آهي.

 

 

*آءٌ ڪُئاسِي موڊو ناهيان؛

پو به لڳي ٿو منهنجو مقدّر

هن جهڙي تنهائي آهي،

منهنجي گهر ڀي ڪنهن ڪرِڻي جي

ڇاتيءَ منجهه ڇُپائي بڙڇي

شام اچانڪ آئي آهي.

 


 

*  ڪُئاسي موڊو – اطالوي شاعر، جنهن جي هيٺئين شعر ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي–

”هر ڪوئي ڌرتيءَ جي دل تي اڪيلو آهي

”۽ هُن ۾ ڪوئي سِج جو ڪرڻو چُڀي چُڪو آ هي

”۽ اوچتو شام ٿي وئي آهي“

 

 (وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org