سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مضمون ۽ مقالا

 

صفحو :16

جبر ۽ اختيار

 

يا تقدير ۽ تدبير جو مسئلو (شاه جي نظر ۾) [1]

 

اوائلي مسلمان بلڪل سادا سودا ۽ ڀورڙا انسان هئا. منجهن ڪوبه عقل ۽ حڪمت جو ذهني مونجهارو نه هو،الله ۽ رسول جا احڪام بنان ڪنهن چون چرا جي مڃيندا هئا. الله ۽ رسول جي واٽ ۾ سندن سر سدائين تريءَ تي هوندا هئا. جيڪي به فرمان الله ۽ رسول جي طرفان صادر ٿيندا هئا تن جي هو بلاڌڙڪ تعميل ڪندا هئا. جيڪي سپرين فرمايو سو سڀوئي سچ هو. ڪنهن به حجت ۽ دليل يا شڪ شبهي بغير ان کي اکين تي رکندا هئا. دنيا سندن لاءِ آخرت جو اسباب هئي، تنهنڪري مرڻ کان موشو نه ڪندا هئا. جان ۽ مال ۽ اولاد سڀ الله ۽ رسول کان گهٽ پيارا هئن، تنهن ڪري هر قرباني لاءِ هميشہ تيار رهندا هئا.

شيخين (رضي الله تعاليٰ عنهما) جي زماني بعد مسلمانن کي دنيوي دولت ۽ ثروت حاصل ٿي، جنهن ڪري منجهن ڏڦير ۽ نفاق منهن ڪڍيو. حضرت ابوذر رضه جهڙا دلير اصحابي ماڻهن کي مال ميڙڻ کان زجر ۽ منع ڪرڻ لڳا، ليڪن دنيا جي چوس بڇڙي آهي، تنهن ڪري دولت پسند ماڻهن، اسلام جي ظاهري احڪامن جي آڙ وٺي، حضرت ابوذر رضه ۽ حضرت صهيب جهڙن عاليمقدار انسانن جو خيال نه ڪيو، ۽ اهڙي طرح دنيا ۽ دين ٻئي هٿان وڃايائون.

ڦريا پسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو

دنيا ڪارڻ دين، وڃائي ولها ٿيا.

باري تعاليٰ جي ڀلن ٻانهن دنيا جي زمر ۽ زخرف کان پاسو ڪري. زهد ۽ رياضت جو رستو اختيار ڪيو. ويتر جو بنو اُميہ جي ڏينهن ۾ عيش عشرت ۽ بدڪاري وڌي ويئي، تنهنڪري سچا مسلمان شهري زندگي کان گوشو ڪري، تنهائي ۾ گذارڻ لڳا. اهڙي طرح رفتي رفتي زاهد ۽ عابد ڦري صوفي ٿي پيا، جن پنهنجو سارو ڌيان باطن جي صفائيءَ ۽ اِلاهي عبادت تي صرف ڪيو.

اصحابن سڳورن جي ئي ڏينهن ۾ منافقن جي ٽولي زور ورتو. يهودي، نصراني ۽ ايراني نو مسلم، جن کي رسول پاڪ ۽ اصحابن ڪرامن جي صحبت نصيب نه ٿي هئي، ۽ اسلام جي قبولڻ بعد پنهنجا موروثي خيال ۽ عقيدا پاڻ سان کڻي آيا، تن صاف دل ۽ سادن مسلمانن جي دل تي طرحين طرحين جا شبها ۽ شڪوڪ وڌا. عبدالله بن سبا جهڙي مڪار يهوديءَ جرات ڪري حضرت علي کي ”انت انت“ ڪري سڏيو، يعني ”تونهين تون“ يا ”الله آهين“. نصرانين وري حضرت عيسيٰ جي ٻٽيءَ طبيعت جو اصول پکيڙيو يعني حضرت عيسيٰ جي شخصيت ۾ ناسوتيت ۽ لاهوتيت ٻئي موجود هيون. اهڙن عقيدن پوءِ وڃي تصّوف جي رستي رنگ برنگي گل پيدا ڪيا. فلسفي ۽ سفسطہ جي اڀياس ڪري، اُلوهيت ۽ رسالت، حيات ۽ ماوراءُ الحيات بابت، مسلمانن ۾ عجب عجب خيالن نشونما ورتي. ”قدريہ ۽ ”جبريہ“ طريقن جو به ان وقت ڌاري بنياد پيو، جنهن ڪري مسلمان يا ته بلڪل ڇڙواڳ ۽ مطلق النعان بنجي پيا، يا ته ذهني تعطل ڪري ڪارآمد عملن کان عاري رهيا.

جبريہ فرقي وارن اظهار ڪيو ته انسان مجبور ۽ لاچار آهي، پنهنجي وس ۽ پاڻ وهيڻو ناهي. سندس اعمال ۽ افعال ٻي ڪنهن بالا هستي جي رحم ۽ ڪرم تي منحصر آهن. پاڻ هڪ هٿ وسيڪو لاٽئون آهي، جنهن کي ڪو ڦيرائيندڙ پنهنجي مرضي موافق پيو ڦيرائي؛ يا ڪا اِندر سڀا جي پُتلي آهي، جنهن کي پردي پٺيان ڪو بازيگر پيو نچائي ۽ ڪڏائي. بهرحال هو پنهنجن ڪمن لاءِ جوابدار ناهي. جيڪي پنهنجي مقدر ۾ لکيل آهي سو اوس ٿيڻو آهي، تنهنڪري سنديس ڪوشش بيسود ۽ سعيو اجايو آهي. جيڪي لوح محفوظ تي اُڪريل آهي، سو اڻ ٽر آهي. پوءِ انسان ڪري ڪيتروئي حيلو وسيلو ڪري ۽ هٿ پير هلائي، جيئن سونهاري شاه فرمايو آهي:

توڻي ولاڙون ڪرين، توڻي هلين وک

ليکي منجهان لک، ذرو ضايع نه ٿئي.

_________

 

لکيو جو نراڙ، سو انگ ڪياڙي نه وهي

پاڙيو ويٺي پاڙ، جيڪي لالن لکيو لوح ۾.

------------

 

جتي جيتريون، لکيون لوح قلم ۾

تتي تيتريون، گهڙيون گهارڻ آئيون.

سر سهڻي ۾ پڻ ساڳيو خيال هن طرح نروار ڪيو اٿس:

آءٌ ڪ مَ ڄاڻان اينءَ، ته جر گهڙيي جو کو ٿيي

قضا جا ڪريم جي، تنهن کان ڪنڌ ڪڍبو ڪينءَ؟

هڪ لکيي ٻيو نينهن، آڻي اوليس اول ۾.

_______

نه ڪانيءَ نه ڪانهن، نه ڪو ڏوه قلم جو

انگ اڳيئي لکيو، جتي رسي نه ٻانهن

ڪنهن کي ڏيان دانهن، جيئن قضا قلم وهائيو.

ٻانهي جي من ۾ هڪڙي، خاوند جي من ۾ ٻي. سندس لطف ئي لهرين مان لنگهائي پار ڪري ٿو:

 هڪ جا ٻانهي من ۾، ٻي جي ڪري الله

تنهن واحد کي واه، جو ستڙ سڀيئي ڪري.

_______

هڪ جا ٻانهي من ۾، ٻي جا الله ڪري

پاڻهي وجهي ڪن ۾، پاڻهي ڪنڌيءَ ني.

اهڙا گهڻيئي بيت شاه جي ڪلام ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن.

قدريہ فرقي وارن جو وري خيال آهي ته انسان خودمختيار ۽ فاعل، ۽ پنهنجي اعمالن ۽ افعالن لاءِ تلاهي آهي، ۽ ارادي ۽ عزم جو مالڪ آهي. سندس وجود ۾ اهي زبردست مخفي قوتون رکيل آهن، جن جي وسيلي هو ڪائنات جي ڪايا پلٽ ڪري سگهي ٿو. مطلب ته هو هر ڪنهن نموني آزاد آهي، جو چاهي سو ڪري. اهل قدريہ کان اهو وسري ويو ته اهي مخفي طاقتون، جيڪي انسان جي وجود ۾ وديعت آهن، تن جو سرچشمو اها طاقت آهي، جنهن کان مٿي ٻي طاقت ڪانهي، ۽ اڪثر اوقات هو خسيس ۽ آسان شين حاصل ڪرڻ کان عاجز آهي.

بهر حال انسان هميشہ انهيءَ مسئلہ ۾ رهيو آهي ته آيا هو خود اراده ۽ مرضي مختار آهي يا مقيّد ۽ مجبور! منصور حلاج پنهنجي ڪتاب ”طواسين“ ۾ آندو آهي ته ابليس جي انڪار جي بناء هن ڳالهه تي هئي، ته هو ناچار ۽ بيوس هو ۽ اها نافرماني سندس حق ۽ توڙان لکيل هئي رب تعاليٰ کيس امر ڪيو ته آدم کي سجدو ڪر، پر سندس مشيّت ۾ ائين هو ته ابليس ان کان انڪار ڪري، نه ته هو ضرور اِلاهي فرمان جي اطاعت ڪري ها. ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ جو ارادو اڻ گس آهي، پر ابليس جي اها حجت غلط هئي. ربّ تعاليٰ جو امر ته ابدي، مگر سندس ارادو يا مشيّت، ۽ سندس ان بابت اڳئي علم ته آيا انهيءَ ارادي جي اطاعت ڪجي يا انڪار، سو خلقيل آهي، تنهنڪري امر جي ماتحت ۽ تابع آهي. نيڪي ۽ بدي بيشڪ الله تعاليٰ جي ارادي اندر آهن. پر الله تعاليٰ فقط نيڪي جو امر ڪري ٿو، هن جي مرضي ناهي ته اسين پنهنجي ڏوهه، بديءَ جا مرتب ٿيون. حلاج کي خود انهي الجهن ۽ مونجهاري جو احساس هو. جيئن ته پاڻ هڪ شعر ۾ چيو اٿس:

مايفعل العبد والاقدار جارية

عليہ في کل حال، ايها الرائي

القاه في اليم مکتوفا وقال لہ

اياکَ اياکَ اُن تبتل بالماءِ.

(ٻانهو ڇا ٿو ڪري سگهي جنهن حال ۾ تقدير ان تي هردم جاري آهي. اي اکين وارا، خدا کيس ٻانهون پٺيءَ پاڏون ٻڌي وڏي دريا ۾ اڇلايو، ۽ چيائين ته خبردار خبردار، متان پاڻ کي پاڻي سان پسايو اٿئي!)

ساڳيو خيال هڪ فارسي شاعر هن طرح ادا ڪيو آهي:

درميان، قعر، دريا تخته بندم کردهء

باز مي گوئي کہ دامن ترمکن هشيار باش.

(يعني، دريا جي تري ۾ ڦرهي سان ٻڌي ڦٽو ڪيو اٿئي ۽ الٽو ٿو چئين ته خبردار، دامن آلي نه ڪجانءِ!) منصور جي پوئين سٽ تي ڌيان ڌريو ۽ ڏسو ته سهڻي شاه لطيف ڪيئن نه ان جو سنڌي ۾ سٺو نقل ڪيو آهي! فرمائي ٿو:

مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو تار ۾

اُڀا ائين چون، مڇڻ پاند پسائيين.

انهيءَ مان اوهان کي معلوم ٿيندو ته شاه صاحب جو عربي توڙي فارسي تي ڪيتري قدر نه عبور هو. هي جو عام طرح گمان ڪيو ويندو آهي ته شاه فقط ”الف“ جو اکر پڙهيو ۽ بلڪل اُمي ۽ ظاهر علومن کان غير واقف هو، سو سراسر غلط ۽ بي بنياد آهي. شاه صاحب ۽ مخدوم معين الدين ٺٽويءَ جي فارسيءَ ۾ اويسي  طريقي بابت خط و ڪتابت پڻ انهيءَ عامياني عقيدي جي ترديد ڪري ٿي.

ليڪن شاه صاحب هرگز ”جبري“ نه هو. کيس انساني سعيي ۽ الله تعاليٰ جي لطف ۾ پورو يقين هو. انهيءَ عقيدي جو حل خود پاڻ بتائي ٿو ته پاند پسائڻ کان ڪيئن پالهو ٿجي. ۽ ڪيئن هن گپ ڀرئي گدار ۾ پئي، پاڻ کي گناهن کان پاڪ ۽ آجو رکي. سوال ٿو پڇي:

پيو جو پاتار، سو ڪيئن پُسڻان پالهو رهي؟

سالڪ مون سيکار، ڪو پهه انهيءَ پاند جو.

جواب ۾ فرمائي ٿو:

شريعت سڃاڻ، ڪر طريقت تڪيو

هنيون حقيقت گڏيو، ماڳ معرفت ماڻ

هوئج ثابوتي ساڻ، ته پُسڻا پالهو رهين.

هن مان ڏسبو ته شاه صاحب نڪي مطلق ”جبري“ هو، نڪي مطلق ”قدري“. بلڪ ٻنهين جو اومط. جيئن هڪ اعتدال پسند مؤمن کي جڳائي. سنديس تعليم آهي ته سکڻي توڪل نه ڪجي. بلڪ ويهن نهن جو زور لائي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، پوءِ جيڪڏهن ڪاميابي حاصل ٿي ته واه واه، نه ته تسليم اختيار ڪجي. چي، مالڪ تعاليٰ جي مرضي ۽ مشيّت انهيءَ ۾ هئي. انهي تسليم جي منزل ۾ انسان ڪڏهن نراس ۽ نا اميد نٿو ٿئي، پر هميشه توڙ ڏي تاڻيندو رهي ٿو. جيستائين ڪِ انساني ڪوشش ۽ الاهي لطف کيس منزل مقصود تي پهچائي.

سڀيئي سبحان جي، ڪر حوالي ڪم  

ٿي تحقيق تسليم ۾، لاهي غم وهم

ته قادر ساڻ ڪرم، حاصل ڪري حاج تو.

سيّدنا عمر رضه انهيءَ باري ۾ ڪهڙو نه مناسب ۽ معقول فرمايو آهي:

لابقعد حدکم عن طلب الرزق و هو يقول:

للهم ارزقني، و قد علم اًن السماء

لا تمطر ذهباً ولا فضة.

(اوهان مان ڪوبه ائين چئي روزيءَ جي طلب کان ويهي نه رهي ته يا الله مون کي رزق ڏي. حالانڪ پوري پروڙ اٿس ته آسمان نڪي سون جو مينهن وسائيندو آهي، ۽ نڪي رپي جو.)

شاه صاحب به فرمائي ٿو ته: غفلت ڇڏ، سنجهيئي سمهي نه رهه، سج بيٺي پنڌ پؤ ته ڳاڙهي سج وڃي مطلب کي مِڙين ڪجهه ڪَت ڪجهه ڪنب، ڪجهه تون رڙهه ته ڪجهه محبوب تو ڏانهن رڙهي، تاڙي هڪ هٿي نه وڄندي آهي. قسمت کي ڏوه ڏيڻ اجايو آهي:

ستئين سنجهيئي، منهن ويڙهي مئن جيئن

اوجاڳو اکين کي، جاتئي نه ڏيئي

هٿان تو پيئي، ٿي ڪچو ڪيچين کي ڪرين.

_________

لڙه، لاڙائو ٿيو، هلي ڪر همت

سج سامهون منهن ۾، ڪَهه ۾ ڪج مَ ڪٿ

سپيريان جي سٿ، ڳاڙهي سج ڳالهه مِڙين.

________

هي ٿو وڃي هوت، آءٌ ڪ اڳڀري ٿيان

متان چوي بلوچ، ڪميڻيءَ کان ڪين ٿيو.

شاه وٽ ويسلو ٿي وهڻ وڏو عيب آهي. ڪشالو ۽ ڪوشش لازم آهي. بلڪ انسان آدم ۽ سعيو انهيءَ لاءِ ٿو ڪري، جو هو نتيجي کان بي خبر آهي. سندس جهد ۽ محنتون سندس لاعلمي ڪري آهن:

ڄاڻي جي ڄاتوم، پوندو فلق فراق جو

ته اکر ارادت جو، ڌريان ئي ڌوتوم

پوءِ تان ڪونه ڪئوم، هوند ڪشالو ڪيچ ڏي.

هر حالت ۾ ربَ جي رحمت، بندي لاءِ تسلي ۽ تسڪين جو باعث آهي. سچي ٻانهي لاءِ سڀاڳ ۽ اڀاڳ هڪ سمان آهي. الله وٽان سڀ نيڪي ۽ خوبي ۽ سڀاڳ آهي. نڀاڳ ۽ ناڪامي ۽ بدي سڀ پنهنجي عملن جي شامت آهي. يا مورڳو هيئن چئجي ته سڀاڳ توڙي اڀاڳ ٻئي خدا جي طرفان آهن ٻانهي کي هر حال ۾ تسليم ڪرڻ جڳائي، رب تعاليٰ سڀڪنهن شيءِ مٿان قادر آهي. مارئي جي حق ۾ شاه صاحب فرمائي ٿو.

ڪونهي قادر ڪو ٻيو، اُنين جو اڀاڳ

قل لن يصيبنا الا ما کتب الله لنا، اي معذرت ماڳ

سڀوئي سڀاڳ، مارئيءَ مساوي ٿيو.

اهوئي هڪ سچي مومن جو عقيدو هئڻ گهرجي، اهڙوئي عذر بندي لاءِ راحت ۽ اطمينان جو باعث آهي.

در طريقت هرچہ پيش سالڪ آيد خير اوست

در صراط المستقيم اي دل کسي گمراه نيست.

---------


[1]  ماهنامي ”نئين زندگي“، مارچ 1954ع تان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org