سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مضمون ۽ مقالا

 

صفحو :25

شيخ عيسيٰ جي ولادت ۽ اوائلي تعليم. حضرت مسيح الاولياء جو تولد به هن ئي شهر ۾ تاريخ 5 ذوالحجة 962هه (يا 963هه) ڌاري واقع ٿيو ۽ سندس نالو عيسيٰ رکيو ويو. ننڍي هوندي کان وٺي ذهن ۽ ذڪاء جو صاحب هو ۽ 9 ورهين جي ڄمار ۾ قرآن شريف حفظ ڪري ورتائين. متداول ڪتاب پنهنجي والد سڳوري ۽ شيخ يوسف بنگاليءَ وٽ پڙهيائين، ۽ حديث جا علوم پنهنجي چاچي بزرگوار شيخ طاهر وٽان حاصل ڪيائين. جڏهن سندس پيءُ تاريخ 5 محرم 981 هجري ۾ وفات ڪئي، تڏهن پنهنجي چاچي بزرگوار ۽ قبيلي جي سڀني ماڻهن ۽ ٻين سنڌين سميت ايرجپور مان لڏي برهانپور جي وسندڙ شهر ۾ اچي رهڻ لڳا. اهو پاڙو ئي اڄ ڏينهن تائين ”سنڌي پورا“ جي نالي سان مشهور آهي.

 

علم جي طلب ۽ رياضتون. ان کان پوءِ حضرت مسيح الاولياء جو خيال ٿيو ته علم جي طلب ۾ سفر ڪري، ۽ سلوڪ ۽ مجاهدي جي راه ۾ قدم ڌري. گواليار ۾ سيد ڪپور حسيني جي زيارت ڪندي احمدآباد ويو، جتي حضرت غوث العالم جي روضي مبارڪ جي زيارت ڪيائين، ۽ دلي لذت ۽ حلاوت حاصل ٿيس. تنهن کان پوءِ اڪبرآباد ۾ پهچي قاضي جلال الدين ملتاني جي صحبت ۾ رهيو، ۽ وٽانئس تعليم حاصل ڪري، فقر ۾ عالي درجو پاتائين ۽ توڪل جي پوري معنيٰ حاصل ٿيس. ”التوڪل هوالفرار ۽ من التوڪل“ (توڪل جي معنيٰ آهي توڪل کان ڀاڄ).

 

مرشد وٺڻ. ان بعد جڏهن ملا عثمان حڪيم صديقي سنڌي برهانپور ۾ آيو، تڏهن چاچيس گهرائي ورتس، جنهن وٽان عقلي ۽ نقلي علوم حاصل ڪيائين. ليڪن سندس دل جو لاڙو هميشہ روحانيت ۽ طريقت ڏي هو. هڪ ڏينهن شهر جي چبوتري تي ويٺو هو ته زماني جو روحاني بزرگ حضرت شيخ لشڪر محمد عارف اتان اچي لنگهيو. شيخ عيسيٰ کي ڏسنديئي ماڻهن کان پڇيائين ته هي ڪير آهي؟ جڏهن معلوم ٿيس ته شيخ طاهر محدث جو ڀائيٽيو آهي، تڏهن گهوڙي جي واڳ واري وٽس هلي ويو ۽ چيائين ته: اوهين ته اسان جا آهيو، ۽ پوءِ ڇو نٿا اچو؟. ائين چئي رمندو رهيو. ٻن ڏينهن کان پوءِ شيخ عيسيٰ سندس حلقي ۾ وڃي داخل ٿيو ۽ سندس صحبت مان وڏو فيض پرايائين. پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ وڏا مقامات ۽ مڪاشفات ۽ تصرفات حاصل ٿيس. سندس پرهيز ۽ تقويٰ ۽ علميت جي ساراه هر هنڌ پکڙجي وئي.

 

حاڪمن وٽ عزت. امير ڳڙه جي فتح بعد (1008هه) اڪبر بادشاه کيس پنهنجي گاديءَ اڪبر آباد ڏانهن وٺي ويو، جتي سندس وڏو احترام ڪيو ويو. ميرزا خان خانان سندس خدمت ۾ ايندو ويندو هو، پر اڪثر اوقات ناڻي جون وڏيون رقمون سندس خدمت ۾ هديه طور موڪليندو هو، پر حضرت مسيح الاولياء پاڻ وٽ ڪجهه به نه رکندو هو. سندس گهر واري بيبي خديجہ هميشہ ائين ڀائيندي هئي ته سندس ڀتار ڪو وڏو شاهوڪار آهي. پر حقيقت ۾ وٽس پائي به ڪانه رهندي هئي. مرڻ وقت چار پنج سؤ قرض ڇڏيائين، جي پوءِ سندن فرزندن ادا ڪيا. هڪ وڏي مسجد ۽ ٻه مدرسا اڏايائين، پر چندو ڪنهن کان به نه ورتائين سنڌين جي هميشہ پر گهور لهندو هو.

 

شيخ عيسيٰ جو علمي رتبو. پاڻ وقت جو جيد عالم هو.

تصّوف تي سندس تصنيف ”عين المعاني“ نالي مشهور آهي. سندس ملفوظات ۾ وحدت الوجود ۽ تصّوف جا ٻيا به ڪيترائي باريڪ مسئلا حل ٿيا آهن، جن جي بحث جي هتي گنجائش ناهي.

 

شيخ عيسيٰ جي وفات. حضرت مسيح الاولياء 15 شوال 1031 هجري ۾ وفات ڪئي ۽ سندس وصال جي تاريخ ”هادي اعظم“ ۽ ”فيض عالم“ مان نڪري ٿي.  

_______

 

 شاه شهيد عنايت الله صوفي [1]

 

حسب و نسب. شاه عنايت الله ابن مخدوم فضل الله ابن ملا يوسف ابن ملا شهاب الدين ابن ملا آجب ابن مخدوم صدو لانگاه رحمهم الله اجمعين[2].

مخدوم صدو لانگاه ويٺل شهر نصريہ، پرڳڻو بٺورو، وقت جي وڏن مشائخن مان ٿي گذريو آهي. ايتري قدر دنيوي پڌارٿن جو تارڪ هو، جو رات جو پاڻيءَ جا مٽ به هارائي ڇڏيندو هو، چي ”نئون ڏينهن، نئون رزق“. مٽيارين جا سيّد به اوائل ۾ سندس ارادتمند سندس فرزند ملا آجب به ڪرامت جو صاحب ٿي گذريو آهي، ۽ سخت موحد ۽ متوڪل هو. هڪ دفعي ڪنهن ڳوٺ ڏي ٿي ويو. ٽپهريءَ وقت درياه جي ڪناري پهتو ته پتڻ جي ٻيڙي پور کڻي پريين پار نڪري ويئي هئي. خادمن چيس ته قبلا سياري جي موسم آهي بهتر آهي ته رات ڀر واري ڳوٺڙي ۾ گذاريون، صبح ٿئي ته پار هلنداسين وراڻي ڏنائين ته خير رات هتي ئي گذري ويندي اڃا رات جو لمحو کن مس لنگيو ته خدا جي قدرت سان درياء ڪر ڏيئي ڪَسِي ٿي پيو ۽ منجهانئس آواز آيو ته ”اي شيخ! جيڪڏهن پار لنگهڻ جو ارادو اٿيئي ته اجها واٽ.“ پاڻ قبول نه ڪيائين. تنهن تي بار بار اهڙو آواز پاڻيءَ مان آيو، جو سڀني جي ڪن تي پيو. پاڻ چيائين ته ”اسان کي خدا تي توڪل آهي، ۽ نه تنهنجو ڀروسو“. ملا آجب جو فرزند ملا شهاب الدين پڻ هڪ صالح ۽ ڪامل شخص ٿي گذريو آهي سندس پٽ ملا يوسف پنهنجي فقر ۽ توڪل ڪري مشهور هو، کانئس پوءِ سندس فرزند مخدوم فضل الله پڻ هڪ بي رياء درويش ٿي گذريو آهي ۽ پنهنجي آباء ۽ اسلاف جي طريقي تي هلندڙ هو.

اوائلي احوال. شاه عنايت الله جي زندگي جو ابتدائي احوال معلوم ٿي نه سگهيو آهي ۽ نڪي ڪي سندس ولادت باسعادت جي پروڙ پئجي سگهي آهي. شايد جهوڪ شريف جي نهايت لائق ڳڻن ڀرئي موجوده سجاده نشين صوفي عبدالستار ثاني صاحب وٽ ڪو قديم ذخيرو يا ملفوظات هجي، جنهن مان اها خبر پئجي وڃي. پر وقت تنگ هئڻ سبب ساڻس انهيءَ باري ۾ مراسلت ڪري نه سگهيو آهيان. مون ڏي پاڻ لکيو هئائون ته اسين شاه شهيد جي زندگيءَ جو احوال ۽ ڪلام ڪٺو ڪري رهيا آهيون، پر اڃا تائين سندن ڪاوش جو ڪو نتيجو ڪونه نڪتو آهي.

طلب ۽ رياضت. بهر حال اهڙي روحاني فضا ۾ سڀاويڪ آهي ته شاه عنايت الله جو دلي رجحان هميشہ حق ڏي هو، ۽ حق جي تلاش ۾ گهڻا ئي سير ۽ سياحتون ڪيائون ۽ رياضتون ڪڍيائون. ورهين جا ورهيه سفر جا ڏاکڙا ڪڍندي، فقر ۽ فاقا سهندي آخر ٻين ٽن سنگتين سان گڏ وڃي دکن کان نڪتا ۽ اتي بيجاپور ۾ سيّد عبدالملڪ شاه قادري (متوفي 10 محرم 1111هه)[3] وٽان تلقين ورتائون، پنهنجي مرشد جي اشاري تي ڏاڍيون سخت رياضتون ڪڍيائون ۽ چلا پچايائون، تان جو سنديس صحبت ۾ رچي ريٽو ٿيا ۽ فقيريءَ جي سند حاصل ڪيائون، ۽ سڀني مشائخن تي سروري پاتائون. ساڳئي وقت شاھ عبدالملڪ جي خدمت ۾ قديم دهليءَ (شاه جهان آباد) جو صوفي شاه غلام محمد به هئو، جنهن وٽان ظاهري علمن جي تحصيل ڪيائون.

سنڌ ۾ موٽي اچڻ. سڄا سارا ٻارهن مهينا پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ گذاري جڏهن رخصت ورتائون، تڏهن شاه عبدالملڪ سندن سنگتين کي تسبيح، مصلو ۽ ڪَرو، تحفي طور ڏنو ۽ کين هڪ ترار جوهردار امداد ڪري، پڇيائين ته ”فقير! هن سوغات جي ڪهڙي قيمت ڏيندين؟“. شاه ڪنڌ جهڪائي چيو ته ”بنده پرور، انهيءَ جي قيمت هي سر آهي.“

سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد

اين بار گران بود، ادا شد چه بجا شد.

اهو سر جو سودو سٽي، واپس سنڌ ۾ آيا ۽ ٺٽي شهر ۾ اچي سڪونت پذير ٿيا، ۽ ذڪر فڪر ۾ اوقات بسر ڪرڻ لڳا. رفته رفته سندن بزرگيءَ ۽ ڪرامت جو آواز بلند ٿيڻ لڳو، ۽ ڪيترائي ماڻهو دور دراز مسافريون ڪري سندن حلقي ۾ داخل ٿيڻ لڳا. اوسي پاسي وارن پيرن جا مريد پنهنجن موروثي مرشدن کي ڇڏي اچي سندن ارادتمند ٿيا. خصوصاً بلڙي درگاه جي ڪريم پوٽي سيّد عبدالواسع کي گهڻي خار لڳي، جو ان جا معتقد پڻ کانئس منهن موڙي اچي شاه عنايت جي جماعت ۾ شامل ٿيا.

عين انهيءَ وقت جڏهن ظاهري عالمن ۽ موروثي پيرن ۾ شاه عنايت جي خلاف چوپچو شروع ٿي هئي، تڏهن صوفي شاه غلام محمد به  دکن مان پنهنجي مرشد کان حقيقت ۽ معرفت جو اجازو وٺي اچي ٺٽي ۾ وارد ٿيو. هو شاه عنايت سان مريديءَ جو دم ڀريندو هو ۽ تعظيم وچان کيس تحيت جو سجدو ڪندو هو. جڏهن اها ڳالهه ٺٽي جي فقهين جي ڌيان تي آئي، تڏهن هو شاه غلام محمد کي شرعي تعزير ڏيڻ لاءِ آماده ٿيا. ليڪن شاه عنايت الله جي فرمودي تي هو ٺٽو ڇڏي شاه جهان آباد (پراڻي دهلي) ڏي روانو ٿي ويو، جتي وڃي خانقاه کڙي ڪيائين ۽ هزارين ماڻهن وٽائنس فيض پرايو. ڪيترائي سنڌ جا ماڻهو سندن مريد ٿيا ۽ احمد نالي پير آسات جي اولاد مان سندن لنگر هلائيندو هو.

جهوڪ وسائڻ. انهي حادثي بعد شاه عنايت الله جن لڏي وڃي ميرانپور (جهوڪ) ۾ ويٺا. اتي اهي وحدت جا واهڙ وهايائون، جو وقت جا والي ۽ وڏيرا، فقيرن جي جلالي ڏسي پيا اندر ۾ جلندا ۽ پچندا هئا، ۽ کين ايذائڻ جا وجهه ڳوليندا هئا. آخر ساڙ وچان ڪريم پوٽي سيّد عبدالواسع وڃي ٺٽي جي مغلي ناظم مير لطف علي خان (1125، 1128هه) وٽ صوفي صاحب جي برخلاف پڪاريو، جنهن بنا جاچ جوچ جي نورمحمد پليجي زميندا کي هُشِڪاريو ته سيدن جي حمايت ڪري. هڪ دفعي اوچتو ئي اوچتو ڪيترائي مخالف هجوم ڪري وڃي فقيرن تي ڪڙڪيا. گهڻا ئي درويش پنهنجي مرشد جي بچاءُ ۾ ناحق شهيد ٿي ويا، پوءِ شاه عنايت جي مشوري سان شهيدن جا وارث هڪ وفد ٺاهي مغل شهنشاه فرخ بيگ 1124، 1131هه) جي درٻار ۾ دهلي پهتا، جتان شرعي قاعدي موجب قاتلن جون سموريون زمينون خون بها ۾ شهيد ٿيل فقيرن جي وارثن کي مليون.

هن واقعي کان پوءِ شاه عنايت ۽ سندس فقيرن جو رسوخ اڳي کان به اڳرو ٿيڻ لڳو. ڪيترائي غريب غربا ۽ ٻيا ماڻهو مغلي آفيسرن جي ظلم کان ستائجي فقيرن جي پناه هيٺ آيا ۽ سرسبز ۽ آباد ٿيا. هاڻي جو فقيرن جون زمينون نورمحمد پليجي ۽ ٻين سڻڀن آسامين، جهڙوڪ حمل پٽ لاکو جت جي جائداد اندر هيون، تنهن ڪري روز بروز باهمي رقابت ۽ عداوت زور وٺندي ويئي، ۽ اهي خبيث دنيا پرست، فقيرن جي آهي لاءِ کڏون کوٽڻ لڳا. ويتر صوفين جي ”همہ اوست“ واري نعري هڻڻ ڪري ڪي وقت جا عالم به ساڻن بگڙجي پيا.

ان وقت ٺٽي جو اڳيون ناظم لطف علي خان معزول ٿي چڪو هو ۽ سندس جاءِ تي نواب اعظم خان دهليءَ جي پاران مقرر ٿيو هو. سندس اٽڪل چئن سالن جو عرصو اهل سنڌ لاءِ نحوست جو زمانو هو. هڪ ته ملڪ ۾ سخت ڏڪار پيو ۽ ٻيو ته ان ۾ حضرت حق شناس شاه عنايت الله جي شهادت جو واقعو پيش آيو.

شاه عنايت جي شهادت.  نواب اعظم خان نظامت جون واڳون وٺنديئي اچي ٻارڻ ٻاريو. حاسدن جي چرچ تي هن صوفين کان زمينن تي ڍل وٺڻ جي تقاضا ڪئي. صوفين صاف جواب ڏنو ته اهي زمينون اسان کي باد شاه وٽان معافي مليل آهن، تنهن ڪري اسان ڪنهن به صورت ۾ ڍل نه ڀرينداسون. نواب اعظم خان کي فقيرن جي نابري تي سخت غصو آيو، ۽ انهيءَ تي هيڪاري سندن مخالفن کي وير وٺڻ لاءِ وجهه ملي ويو. سو وڃي نواب صاحب کي برغلايائون ته صوفي حڪومت جي پرواه نه ڪري پنهنجي صاحبي قائم ڪرڻ ٿا گهرن. نواب اعظم خان اها روئداد فرخ سير ڏي رواني ڪئي، جنهن هٿ جي ڪٽ پتلي حڪم صادر ڪيو ته فقيرن جي حڪدم پاڙ پٽي وڃي. تحفةالڪرام واري چيو آهي ته انهيءَ منصوبي ۾ هڪ سنڌي سيّد شاه سراج الدين جو پڻ هٿ هو، جو دهلي درٻار ۾ هڪيوتڪيو حاضر هوندو هو، ۽ اتي گهڻي هلندي هيس. هن ڳالهه ڏانهن شاه عنايت جي وڏي خليفي مير جان الله شاه روهڙيءَ واري پڻ پنهنجي شعر ۾ اشارو ڪيو آهي:

ترسيد زين کہ ملکش فقير تارڪ

يا رب نعوذ بالله زين عقل روسيائي.

مطلب ته نواب اعظم خان سنڌ جي سڀني برآوردن کي سڏ ڪيو ته هن قبيح ڪم ۾ ساڻس ساڻي ٿين. پوءِ يار محمد ڪلهوڙي ۽ ٻين صوبن جي امداد سان هڪ شاهي ڪٽڪ ڪٺو ڪري فقيرن تي ڪاهي ويو ۽ سڄا سارا چار مهينا سندين بستي کي گهيري ويٺو. فقير به هزارن جي تعداد ۾ پتنگن وانگي پنهنجي شمع راه مرشد تان قربان ٿيا. اونداهين راتين جي پردي ۾ غنيم جي لشڪر تي شبخون هڻي، انهن کي اهڙو ته تنگ ڪيائون، جو ذري گهٽ محاصرو کڻڻ تي هئا. اتفاقا هڪڙي رات جو ڪو فقير ٿاٻڙجي ڪري پيو ۽ جوش ۾ الله اڪبر! جو نعرو هنيائين، تنهن تي سڀني ساٿين نعري جي پڪار ڪئي ۽ پڌرا ٿي پيا، دشمنن کي به لڳي ويئي ساڄي، سو سڀني کي ويڙهي ويا ۽ گهڙي کن ۾ سڀني کي ڍيري ڪري رکيائون. ليڪن گهيري اندر فقيرن سان پڄڻ محال هو سو دل ۾ دغار کي ميان محمد خان ول يار محمد ڪلهوڙو ۽ مير شهداد خان ٽالپر فوج جو سپہ سالار، قرآن ميڙ ڪري شاه عنايت الله وٽ مصالحت لاءِ ويا شاه عنايت الله الاهي ڪلام جي عزت ڪري ساڻن گڏجي، نواب اعظم خان جي ڪچهري ۾ ويو، جتي ڪن سوالن جوابن بعد کيس قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.

چون ٿا ته جڏهن هن عاشقن جي امام تي جلاد ترار جي وار ڪئي، تڏهن اها بي اثر ثابت ٿي. اها حالت ڏسندي پاڻ پنهنجي مرشدن واري ترار گهرائي جلاد جي حوالي ڪيائون ۽ کيس فرمايائون ته هن شمشير سان اسان کي شهيد ڪر. پوءِ کيسي مان ڪجهه اشرفيون ڪڍي کيس ڏنائون، چي هي اٿيئي تنهنجي محنت جو اجورو، شهادت وقت سندن منهن مبارڪ مان حافظ جو هيٺيون بيت نڪتو:

رها نيدي مرا از قيد هستي

جزاڪ الله في الدارين خيرا.

(مون کي هوئڻ جي قيد کان آجو ڪيئي، شل خدا تعاليٰ ٻنهين جهانن ۾ تنهنجو ڀلو ڪري!)

هي دل ڏاريندڙ واقعو تاريخ 9 صفر 1130هه تي ٿي گذريو. مير علي شير قانع هيٺين فقرن مان سندن وصال جي تاريخ ڪڍي آهي:

(1) قتلواه يقيناً بل رفع

(2) آه مظلوم حق

فارسيءَ واري ڪهڙو نه چڱو چيو آهي:

بنا کردند خوش رسمي بخون و خاک غلطيدن

خدا رحمت کند آن عاشقان پاک طينت را.

شاه عبداللطيف جو ان وقت اٺاويهن ورهين جو هو، ۽ احتمال آهي ته سندن روحاني جاه و جلال جو جلوو ڏٺو هئائين، تنهن پڻ ڪيترن ئي بيتن ۾ انهيءَ حادثي ڏي اشارو ڪيو ٿو ڏسجي. مثلاًً

اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين

آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين

جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.

ليڪن اهڙا عاشق جن الله جي واٽ ۾ سر ڏنو، سي هميشه جيئرا آهن ۽ جيستائين هي جهان جاري آهي تيستائين سندن نالو جڳان جڳ پيو ڳائبو!

هرگز نميرد آنکہ دلش زنده شد بعشق

ثبت است بر جريدهءِ عالم دوام ما.

سندس درگاه تي سال بسال 17 صفر جي ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ سنڌ هند جا زائر ۽ دلق پوش ۽ صاحب حال درويش اچي گڏ ٿيندا آهن، ۽ اهڙي ته موج ۽ مستي لڳندي آهي جو ”عدم جا ارواح به رقص ۾ اچي ويندا آهن.“

سندن اولاد مان ڪيترائي صاحب ڪمال ۽ قلندر پيدا ٿيا آهن، جهڙوڪ شاه عزت الله ۽ شاه سلام الله. موجوده سجاده نشين پڻ هڪ فضيلت جو صاحب نيڪ، متقي ۽ ديندار شخص آهي. پڻ سندن فيض مان ڪيترائي اهل الله ۽ شاعر مستفيض ٿيا آهن. جهڙوڪ صديق فقير، سيّد مصري شاه، سيّد رکيل شاه ۽ فقير نصير، جن جو هِت ذڪر ڪرڻ طوالت جو باعث ٿيندو، ڪثرالله امثالهم.

_______


[1]  ماهنامي ”نئين زندگي،“ فبروري 1957ع تان ورتل.

[2]  هي احوال تصرف سان تحفة الڪرام، مقالات الشعراء، الوحِيد سنڌ آزاد نمبر ۽ نواب حاجي محمد علي تاجپوريءَ جي چوپڙيءَ تان ورتو ويو آهي.

[3]  انهي مان پڌرو آهي ته شاه عنايت ۽ سندس ساٿين جو شاه عبدالملڪ وٽ وڃڻ سندس آخري عمر واري زماني ۾ ٿيو هوندو. جنهن صورت ۾ شاه عبدالملڪ جي وفات ۽ شاه عنايت جي شهادت ۾ 19 ورهين جو ويڇو آهي، تنهن صورت ۾ شڪ آهي ته ظاهري عالمن ۽ ٻين حاسدن ڪيئن شاه عنايت کي ايترو وقت جيئڻ ڏنوهوندو. مسئلو موڙهل ٿو ڏسجي، ”ع“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org