سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مضمون ۽ مقالا

 

صفحو :5

سهڻي

(1)

اوريين پَريين پار ۾، سونهڻين لک هزار

پر جنہ کي سڪ سرير ۾، محبت محض مِهار

اکِ نه کڻي هن عَالَم ڏي، رِيءَ پنهنجي يار

رِيءُ هِمُ سا سينگار، سونهي سهڻن وچ م.

 

(2)

سهسين سڄَن سوهڻيون، لکين لک هزار

سڀڪا ڀانئي ٿي، آءٌ سڪان کي پنهنجي يار

پَر جا آئِڙيِ اِنِ مِان، کي محبتي ميهار

سا پهچي پريين پارَ، وڏي ويرَ وٿاڻ ۾.

 

(3)

مينهون محب ميهار جون، سفريون سڀيئي

ڪنڍيون، ڪَامِلون، منہ موچاريون، مڙن مڙيئي

سِيمَاهُم فِي وُجُوهِهِم“ سندن اَهڃاڻ اِهيئي

پٺيءَ نه ڪا پيئي، سهڙيون سڀ وٿاڻ ۾.

 

(4)

ٻيلي ۾ ٻهون پَرِين، سهسين گاه سُڄَنِ

ميهون محب ميهار جون، چيتاريون چرن

جئان آئڙي اُن کي، تئان وات وجهن

پَلُـرَ پوڄ پِينّ، نندين کان نرمل جو.

 

سسئي

(1)       

وِيہ وسامِي ڪِيَم ڪين، چُڪِيائي تون چَلّ

جهڙي تهڙي حال سين، هوتن پٺيءَ هَلّ

توڻي ويل ڪُويل ٿئي ته پڻ پئي ره م ڀَلّ

لالن بنان لَلّ، ڀوري ناه ڀنڀور ۾.

 

(2)

ويہ وسامي ڪين ڪين، ڇوري ڇپر ڇلّ

جَتَ ڪارڻ جهان ۾، رندن ۾ تون رُل

ته آري ڄام آملّ، پيئي ور وِير ڪَهين.

 

(3)

تون ستينءَ سک ٿي سسئي، سا ٿي ڪرينءَ سڏ

اڀهس اٿي، عيسو چوي، ٿي تن سين گڏ

مڇڻ منجهه ڀُوءِ ڏ، رڻ ۾ ٿي ريهون ڪرين.

 

(4)

واٽ ارِڙي وَرَ گهڻا، ۽ پنڌ اڻائو

سونهون شامل جن سين، تن سنهنجو سڻائو

اکيين ڏسن نه، عيسو چوي، رَهَ  ۾ رڃَ رائو

پاڻا محب ميڙائو، تن ويندي واٽ ٿئي.

 

ليلا چنيسر

(1)

هاريا هٺ حرام کان، بچي ٿي بيزار

جان ڀانئين پرينءَ مڙان، پَسان سائين جو سنسار

ٻَن وجهي مڻئي کي، قريب ڪر تون يار

سو گهوريو ئي هار، جنہ تان چنيسر چت کڻي.

 

(2)

هي هار هيڪڙو، پر جي هجن هزار

وجهين ڪرين ويس وڏا، سهسين سڀ سينگار

ته چنيسر جي چت ڌار، ڪَر ڪوڙا مڻيا مِڙئي.

 

(3)

جي مڻيا مڙئي نه وجهين، نڪو هاري هار

پر چنيسر جي چت جي، تو ڏانہ تاڻ هوءِ تڪرار

ته سَڀوئي سينگار، تو مڙيو ئي ميسّر ٿيو.

 

(4)

چنيسر جي چت ۾، تو ڏانہ کڻي تاڻ

پر جيڪا آڏي آڻ، سو هاري توکي هار ٿيو.

 

مارئي

(1)

پَهر نه پنهوارن جي، وائي نه ڪائي

ساري سانڀيئڙن کي، ويٺس واجهائي

ڪا جا ڪيم ڪمائي، جئن هوءِ ملير، آءٌ ماڙئين.

 

(2)

ماڙين ۾ ريءَ مارئين، رهي نه سگهندياس

توڻي هزار حيلا ڪرين، ته پڻ آءٌ ويندياس

وڃي پنهوارن پاس، شال گولي ٿي گذاريان.

 

(3)

ته ڪا رهان هِتڙي، جي تون بندين منجهه بند

ماريس ماروئڙن جي، عيسو چوي اُڪنڍ

کوءِ حويليون هي هنڌ، وَر پکا پنهوارن جا.

 

رات سُهائي

(1)

رات سهائي، ڀون سنئين، پَس پڌرو پَٽُ

هلُ ته رسين هوت کي، پسين جانب جَتُ

ڪِهڙو رسيوءِ ڪَتُ، جئن تون وهين ويسري.

 

(2)

رات سهائي ڀون سئين، ويسر وهڻ عَبَثُ

وانء وهلو واٽ تنهِين، جنہ ڏنائون ڏس

وَاِن هذاصِراطي مُستقِيماً، ٻئي گَسان ڪِنہ مَ گَسُ

اي عيسيٰ، ڇڏ آرَسُ، ته هونديءَ رات هَتِ رسِين.

 

اهڙيءَ طرح ڪل ڇهه بيت چيا اٿس، شاه صاحب رڳو 4 بيت چيا آهن، جن جو مطلب مجازي آهي. جيئن:

(1)

راتِ سَهائي، ڀون سئين، پَٽَنِ وڏو پَنڌ

هلندي حبيب ڏي، ڪرها موڙ مَ ڪَنڌ

ٻَنڌڻُ سوئي ٻنڌ، جو پهچائي پرين کي.

 

(2)

رات سُهائي، ڀون سئين، ڀائي گهرجي ڀَل

مون توسان ڳالهڙي، ٻئي ڪنهن مَ سَلّ

هاهَر ڪندو هل، ته کجايون کرن کي.

 

(3)

رات سُهائي ڀون سئين، پرت نئين، پنڌ پور

ميا محبوبن جي، هلي وانءِ حضور

جي چڻڪن چت ۾، سي ڪينءَ سڄڻ دور

الله لڳ آسور، اُتائين ٿي آءُ تون.

 

(4)

رات سُهائي، ڀون سنئين، پرت نئين، پنڌ پَسُ

ميا محبوبن ڏي، وڃڻ ڪجي وَسُ

راتين ۾ رسُ، ته خبر کرن کي نه پُئي.

 

ميون عيسو، حقيقت ۾ حلّ آهي ۽ مجازي ڏي منهن ڪونهيس. ڏسو ته مٿي ڏنل بيتن مان ڪهڙو مطلب ٿو ڪڍي.

جو پِرهَ ڦٽي تو پنڌ ڪيو، پانهِجي پُندو

ڪو ڪَنهه جي ڪم کي، ويجهو نه ويندو

”يَرم يَفِرالمَرُءُمن اَخِيہِ“ سڀڪو ڀَؤ ڏسي ڀڄندو

مگر ڪرم مهر ڪندو، اُتِ شفيع سڀ جهان جو.

 

روحاني طبيب

(1)

تون ڪِينءَ جڏي جالِيين، طبيبن پاڙي

ڪِ ويجهي تون نه وڃين، ڇڏين تون لاڙي

جا اوڳي ان آڙي، سان ڪِري تون ڪوه نه ڪرين.

 

(2)

ڪِري ري ڪين لهي، اوڳي اِيءُ آزار

جيئن چُونِي تئن ڪَرِ، تُسِي سين تڪرار

ته نِسُهرو نروارُ، ڏکندو تو ڏور ٿئي.

 

(3)

ڪِري ڪَن نه پاڻ، ويڄن سِين وائيءَ پيا

اَگها هِنَ اُهڃاڻَ، پَسو سور سِجهائيا.

(هي بيت هوبهو شاه جي رسالي ۾ اچي ويو آهي.)

 

(4)

سَگها سِگها سي ٿئا، جي ويٺا وٽ ويڄن

پري ڪِري ڪوڏ منجهان، جِيَهِم چيائِنُ

”ولَهَي النّفسَ عَنِ الهَويٰ فاءِن اَلجَنة هِيَ اَلمايَ“

سالڪ ايءَ سمجهن

ٻيا ڪوهُ ٻُجَهن، ان سنيهي شريف مان.

۽ شاه صاحب فرمايو آهي:

آگها ئي سَگها ٿِئا، جي ويٺا وٽ ويڄن

ترسي طبيبن، چيٺي هوند چڱا ڪيا.

 

چڱن جي صحبت

لَک پڙپي لِکَ سِينءَ، جي ويٺِي تنين وَٽِ

جَنِئا جِيَ جوکو ٿيي، پَههَ ۾ پوئي گهٽ،

سا مجلس ئي مَٽ توڻي ڪوڙين ڪَڻِنءَ ڏني.

 

شاه صاحب فرمايو آهي:

ويٺي جنين وَٽِ، ڏکندو ڏاڍو ٿئي

سا مجلس ئي مَٽِ، جي حاصِلُ هوءِ هزار جو.

ميان عيسو اڳڀرو وڌي چوي ٿو:

هارئا تنهنجي حق ۾، اُوءَ ڪوڙ، آهي لوڙِ

جا کِلَ نه کِلن جهڙي، تِنهان مُنہ اڳاهَمُ موڙ،

تَرسُ ته رسين توڙَ، ڀَڄُ ته ڀيڻي تو ٿيي.

 

ڪونجون ۽ هنج

 (1)

سڪ ساهيڙي جن جي، سي اَڄُ اڪثر اُسهيون

ڪُنجون قطارون ڪري، واقِهمِ روه رَمِيون

اِن پر اُڏاڻيون، جِئن ڪَل نه پيئي پکڻين.

 

(2)

ڪا جا رمز روه جِي، ڪُنجَنَ ڪَل پيئي

جِئن راتوڌو رمي چُريون، اڪثر سڀيئي

هنَجَن هَنجون هارَيون، تنين لءِ روئي

سَرُ اصلِيُون اُهوئِي، پر پکي مِهُس نه اڳيان.

 

(3)

مَرُ اُهوئي اڳيون، پَر پکي نه پَهرا

جن چيتاريو چِلُڙ کان، پنهنجا وَکيا پکڙا

هاڻي سيئي سَر ۾، اڪثر رهئا اِهِڙا

جي اُهچَ جا ڇُئڙا، کڻيو کِين خوشيءَسين.

 

رسول الله صلعم جي سڪ

(1)

پکا پکن سامهان، رهن رفيقن ساڻ

عجيب نعمت آه وڏي، جي هوءِ پَہُ پَرياڻ

هوند آڻجي هٿِ سا، پَرِ ۾ وڪڻي پاڻ

پر ڏِيهه ڏجي سڀ ڏاڻ، ته رِءُ حُب هڏهم نه جڙي.

 

(2)

جي ڪَنہ وهِي واٽ تان، سڄڻ عجيب اچن

سا جي واٽ سوريان، لَکَ هزارين ڀٽِن

ته لائق پرينءَ  پيرن، اَڃا اُهائي نه ٿيِي.

 

(3)

جيڪي ئي جهان ۾، سَراهيون سَڄَنِ

سي سڀ آڻي اوتيان، وَرَنہ جي واٽنِ

ڪَنهِين وير ڪرم سين، اَچي اتان نڪرن

ته جا سَراهي سندين، سا هِن مڙني مات ڪَرِي.

 

(4)

پسان جي پَر ڪَنهين، هيڪر حبيبن

ته مور نه چران چانٺ  کان، چهٽي پوان چَرڻَن

مٿي در دوسن، شال پڄن پساه سَنُدمِي.

 

(5)

جِئن کوري ۾ پَهَڻ پچي، صَحيُ صاف ٿين

تِئن پسَڻ سِين پرين جي، مَٺيون ميٽجن

اَڇائي اڱرنِ، پاڪِي پَريندهِين ٿيي،

 

 (6)

جي گڏجان سڄڻين، سرتيون ڪنهن ساعت

ته ماڳهِين مئِيءَ هوند جِيان، رسي مون راحَت

اِن فيص جي فرحت، اُڏامان اَڀين مَڻي.

 

(7)

سين سراهِي سَڀ مَکِيان، پکي پَر سنداءِ

حڪايت هنجن جي، ڪا ڪنجن ڪَل سڻاءِ

ڪِ سکي سڀيئي سَر ۾، آهين جاءِ بجاءِ

ڪا اِءَ تو خَبَر آه، مان سِگهي گڏجان سڄڻين.

 

(8)

گڏجڻ سندي سڄڻين، جي تون ڏيين خَبَر

ته جَڙيان جواهرن سين، پکي تنهنجا پَرَ

سي هينئر هوندم هنڌ ڪَهِين، جن جي اُڪير اندر

تنہ وَ سان سَر سُڀَر، جنہ ۾ هنَج ڪُنجون هيڪانديون.

 

(9)

هيڪر هن اکين سين، جيڏيون جي ڏسان

ته ڳَري لائي ڪيڻنِي، وَچڙي پَهس پؤان

پَلُ سينءَ پَلُ پَر ڪَنهِين ڇنان تان نه ڇڏيان

سدائين سيڻانِ، هوند ڳجههَ ڳرهيان ڳالهڙيون.

هاڻ حيرت جو مقام بيان ٿو ڪري:

حبّ هِنيَڙي جَنّ جو، من اندر محبّت

جي تَنين جي سَري، ساعت ڪنہ صحبت

ته هڏ نه اُڄهي ڳالهه ڪا، سَندي تن خِدمَت

ايءَ وڏي عبرت، جئن محبن ڏٺي ماٺ ٿِي.

 

(11)

اين ڀايان ته هينءَ ڪريان، ساڻن ڳالهڙيون

جہ سي ڏٺا سپرين، ته سڀيئي وِسَريون

اِيَهِين وڃن وسَري، جئن ڪَر هيين ۾ نه هُيون

جڪسُ اُڃيون اکڙيون، ٿيون جهلين زور زبان کي.

 

(12)

ڪو جو پَہ پِرائيو، اديون اکڙين

جيئن جيئن پَسن پرينءَ کي، تئين ڍايون نه ڍاپَن

ڪونه ڏٺائون ڪڏهين، ساعت سپرين

ڪو دم سڄڻ نه سهن، پاسي پَسڻان پانهنجي.

انهن سڀني بيتن جو جهلڪو شاه صاحب جي ڪلام ۾ ظاهر آهي.

هڪ عرب عاشق شاعر واٽ ويندي، ڳيريءَ کي پنهنجي سنگتيءَ لاءِ روئندو ڏسي، پنهنجي وڇڙيل محبوب سُعدَي کي ياد ڪري ٿو. يادگيري ته اصل دل ۾ هيس پر ڳيريءَ جي مشاهدي اندر ۾ اُڪير جاڳايس، تنهن تي چوي ٿو:

فَلَو قَبل مَبکَا بَکيتُ صَبَابَةَّ

لِسَعُديَ شَفَيت النّفسَ قَبلَ التَندّم

وَلکِنُ بکتُ قَبُلي فَنَهيّج لِي البکا

بُکُاهَا فَقَلُتُ الفَضلُ لِلمتقّدِم

تنهن وانگي شاه وانگر اڳين اڳ ۾ رُنو، پوءِ اگرچه سندس گِريو ۽ روڄ راڙو اڳين کان اڳرو آهي، تڏهن به اڳرائي اڳين جي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org