سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون

باب: --

صفحو :15

 

انهن قطعن مان معلوم ٿئي ٿو ته مرحوآ، پهرين تاريخ رمضان 1222هه جو، رات جي وقت، انتقال ڪيو.

ميرغلام علي خان: مير فتح علي خان کان پوءِ، پڳ مير غلام علي خان تي آئي. ميرصاحب 6جمادي الاول 1227هه جو انتقال ڪيو. سندس لاش خداآباد (هالن واريءَ) ۾ دفن ڪيو ويو. مير’مائل‘ هيٺيون قطعو تصنيف ڪيو:

شهي که گاه جلوسش بمسند ٖ شاهي،  سند به مهر ولايت ز شاه ما آمد؛

بحکم آن سند ٖ شاهي و جهان گيري،   شکوه شاهجهانش بمرحبا آمد؛

بمرحباش گهه ٖ عزم رزم آرائي،           زشش جهت ظفر و فتح پيشوا آمد؛

بعهدشاهيﻋ او يکسر ازشهان، جهان،        بحضرت ٖ شهيش عهد صد وفا آمد؛

     وليﻋ سندهه غلام علي ولي الله،           که از غلاميء شهه بخشش اين عطا آمد؛

زيمن صدق غلاميش از صداقتدل،        غـــلام درگهه او عــــــز و اعــتــلا آمد؛

کنون بحق چوشوق ٖ وصال آن شه دين،     ز صــدر نشـــــــينان دوســـــــــرا آمـــــــد؛

بخلد نيز ز يمن ٖ غلاميﻋ نامش،      رفيق صدر نشينان دوســـرا آمـــــــد؛

بروز واقعه رحلتش ز صد اندوهه،       که رخ بجهان ناگه از قــضا آمد؛

’زهي غلام علي بوده‘ گفت دل باآه،       دام بسال و صالش چو در حصاﻋ آمد؛

1227هه

بجا غلام علي هم بگفت خود تاريخ،     چوکامور ز غلاميش جابجا آمــد؛

دلش ز مير محمد مدام خوشدل باد،          بحق ز ’مائل ٖ‘ حق عرض اين دعا آمد.

ميرغلام علي خان شڪار جو بيحد شوقين هو. هڪ دفعي هرڻن جي شڪار تي ويو. هڪ هرڻ کي پاڻ تڪبير ٿي وڌائين ته هرڻ جي سنڱ جي چهنب زور سان سندس پير ۾ گهڙي ويئي. موت لاءِ اهو بهانو بنجي آيو. زخم ڦهلاءُ ڪيو، رت ۾ زهر ملي ويو، ۽ آخرلا علاج ٿي مير صاحب انتقال ڪيو.

ميرڪرم علي خان تي پڳ آئي؛ مير مراد علي خان ساڻس شريڪ ڪار هو؛ ۽ مير غلام علي خان جي شهزادي مير محمد خان کي پڻس جي پڳ ٻڌائي کيس به شامل ڪيو ويو.

ميرصاحب جي زماني ۾، بهاولپور واريون جنگيون ٿيون، شڪارپور جو شهر هٿ ڪيو ويو، ڪراچي قلات کان واپس ورتي ويئي، ۽ سبزل ڪوٽ حاصل ڪيو ويو. انگريزن سان 1224هه ۾ معاهدو ڪيو ويو.(1). شڪار جو شوقين ۽ بهادر ماڻهو هو. سيکاٽ جي ٻيلي ۾ ماڻهن مار شينهن کي سامهون ٿي، ترار سان ماريائين. شاهه شجاع الملڪ، جڏهن ڍل اڳاڙڻ لاءِ سنڌ تي افغانن جو ڪٽڪ چاڙهي آيو، ان وقت مير صاحب کيس کتو جواب ڏيئي موٽائي ڪڍيو. ميرحسن علي خان لکي ٿو:

تڏهن مير صاحب چيو،نــــــامور!        انهيءَ خيال موهوم کان درگـــــذر؛

زمانه دگرگـــــــون آئـــــــين نـــــــهاد،        شد آن مرغ که او بيضه زرين نهاد؛

سپهر آن بساط کهن در نوشت،      نشاط ٖ دگر ملک را تـــازه گشت؛

هينئر ڪهڙي ڍل، جو آ ذڪر ڇا،   ڏيـــــــڻ ۽ وٺڻ وارا ٻئي ويـــــــا هليا؛

جي وڙهڻو هجئي شاه تان آ برون،     هــي گوءِ ۽ هي ميدان، آءُ ۽ تون.

_ص86

[چيائين جيڪا ڪڪڙ سونا آنا ڏيندي هئي، سا هلي ويئي؛ ڏيڻ وارا به ويا ۽ وٺڻ وارا به ويا؛ هاڻي جي جنگ ڪرڻي آهي ته ميدان ۾ نڪر: هيءَ گوءِ ۽ هي چوگان].

مير’مائل‘ ٻيو هڪ تاريخي قطعو به چيو آهي، جنهن ۾ مير غلام علي خان جي تعزيت ۽ سندس شهزادي مير محمد خان جي مسند نشينيءَ تي تهنيت پيش ڪيل آهي!

چون شه ٖ سندهه آن غلام ٖ نام شاهنشه علي،

آنکه مي بد مسند آراي شهي در ماه وي،

همچو شاهان ٖ سلف در شوق وصل ٖ حق بحق،

کرد رحلت زين جهان روي جنان ناگاه وي؛

بعد ترحيلش چو شهزاده محمد مير نام،

جلوه بخش آمد بر اوج ٖ سلطنت چون شاه وي؛

ز استماع ٖ اين خبر بشنيد اين سال از سروش؛

”جلوه بار آمد مهه ٖ نو بعد سلخ ٖ ماه دي“:

1227هه

تا بود از امروز فردا ذکر در بزم ٖ شهان،

باد افزون  عمر و جاهش  زان شهه ٖ جمجاه وي!     _ص 110

ولادت مير عبدالله خان: ميرعبدالله خان بن مير غلام حسين خان بن مير عبدالله خان بن مير بجار خان بن مير بهرام خان بن مير شهداد خان جي تولد تي مير ’مائل‘ هيٺيون قطعو چيو: معلوم ٿئي ٿو ته مير غلام حسين کي اهو فرزند وڏيءَ ڄمار ۾ ڄائو:

فضل حق با مرﱞده خوبي خوش ثمر،    زائد العمر اين خلف بالــــخير دار؛

مرد دوران کز غلاميﻋ حـــــسين،        ناميﻋ عصر است بر صدر ٖ رشـــاد؛

نورچشمٖ خاص عــــبدالله مـــــــير،        خوش شيم والا همم عالي نرﱞاد؛

نيک نام ونيک خلق و نيک بخت،   مخـــــلـــــص الـــــــســـــــادات اعـــتـــقـاد،

بسکه دارد مُـّکا بــــــــر صدر جاه،        صدر جاهش زين خلف آباد بـاد؛

تا شود چون جد ٖ ماجــــد نـامور،        نام وي خوش مير عبدالله نهاد؛

شوکت ٖ بهرامـي و بجـــــــار وي،        باد از شان و شکوهش مستفــاد؛

در نشاطٖ زادنش از بسکه حـــــق،       بـــــــر رخٖ دل بـــــاب خيريت کشاد؛

گفت دل سال ٖ چنين روز ٖ نشاط،      ”مير عبدالله چه بهه با خير زاد“؛

1232هه

’مائل‘ حق خواهد از حق در دعاش،

بـــــــاد عـــــــمر و بـــــــختش اندر ازدباد!     _ص77

مير’مائل‘ مير غلام حسين جي مدح ۾ به هڪ قطعو چيو آهي:

اي ز رويت جلوه گر نور ٖ غلاميﻋ حسين،

ميرعبدالله بن بجارخان را نور عين؛

شوکت ٖ بهراميت چون طيش بهرام ٖ(1) فلک،

زمره اعداي دين را افگند در شور شين؛

بسکه داري دريمين اقبال و دولت در يسار،

در رکابت مي رود فتح و ظفر از جانبين؛

ديده از دست ٖ سخايت فتح باب کام دل،

دائم آمد دستيارت فاتح ٖ بدر و حنين؛

ز استماع ٖ نيکيﻋ نام و صفات ٖ نيک تو،

ورد دلها نام نيکت آمده چون فرض عين؛

دائما اقبال و دولت دائما عيش و نشاط،

باد با عهدت قرين هم چون قران، نيـّرين؛

بحرمت حسنين ٖ سرور ٖ زود بخشد ايزدت،

همچو خورشيد و قمر پيﻋ هم دو روشن اخترين.

_ص104

ميرٺاري خان جا فرزند:مير ٺاروخان ميرپورخاص جو پهريون ٽالپر حڪمران هو.1198هه ۾ تخت نشين ٿيو، ۽1245هه ۾ انتقال ڪيائين. وڏو بهادر ۽ جانباز سردار هو. پنهنجي دؤر ۾ هن ريگستاني علائقي جو ڪيترو حصو بزور شمشير پنهنجي مملڪت ۾ داخل ڪيو. مير شير محمد خان، جنهن کي ”شير سنڌ“ جو لقب عوام ڏنو هو، سو سندس تخت جو آخري وارث هو، جيڪو انگريزن سان جوانمرديءَ سان وڙهندي گرفتار ٿيو، ۽ نظربنديءَ جي حالت ۾، 1294هه ۾، انتقال ڪري ويو.

مير ٺاري خان کي، 1226هه ۾، مير غلام محمد نالي پٽ ڄائو. مير ’مائل‘ جو انهيءَ خاندان سان به راه رسم جو تعلق هو. مير ضياالدين ’ضيا‘ مير ٺاري جو درباري شاعر هو، جيڪو مير’مائل‘ جو چاچو هو؛ انهيءَ ڪري مير’مائل‘، مير غلام محمد جي تولد تي، هيٺيون قطعو پيش ڪيو:

 

چون فضل ٖ حق بکام دل ٖ مير تهاره خان،

که او دائماست کامور از فضل حق تعال؛

خوش بر مراد مير که نامش علي مراد،

مشهور عالم است بسر نامهﻋ جلال؛

از غايتِ تفضل کان بخش خاص شانست،

بخشيد اين مبارک مولود خوش خصال؛

مولود نيک مير غلامِ محمد اسم،

که اسمش مبارکست ز افضال لا يزال؛

بر کام آنکه باد ابد کامياب فيض،

اين خوش خلف بجاه سلف در جميع حال؛

از استماع مرﱞدهﻋ ميلاد اسعدش،

فرمود دل ”غلام محمد بکام“ قال؛

1226هه

يا رب مدام تا که بدلها ثناي تست،

يا رب مدام تاکه ز افضال تست قال،

دائم ز فضل نام نبي و غلاميش،

دائم به يمن نام علي و جميع آل؛

ياد اين گرين خلف به اميران نام دار،

نام آور ٖ زمان بصد بخشش و نوال!

ميرن مان هر هڪ ٽالپر پنهنجي مهر يا منڊيءَ لاءِ سجع ٺهرائيندو هو، مثلاً_

مير فتح علي خان جي سجع هئي:

”داد نصرت خدا به فتح علي ، به مددگاريﻋ نبي و علي“.

مير غلام علي خان جي سجع هئي:

”ناصر ٖ من بود نبي و ولي، منم از جان و دل غلام ٖ علي“.

مير ڪرم علي خان جي سجع هئي:

”کرد با من کرم عليﻋ عظيم، بحق حضرت نبي و کريم“.

مير مراد علي خان جي سجع هئي:

”بحق ٖ حضرت ٖ نبي و ولي، يافت از حق همه مراد علي“.

مير مراد عليءَ جي ٻي جمع هئي:

”بـــــــــــــــنــــــــــــدهﻋ مــــــــــــصــــــــــــطــــــــــــفيٰ مــــــــــــراد عــــــــــــلــــــــــــي داشــــت“.

ميرنور محمدخان جي سجع هئي:

”ز نــــــــــــور ٖ مــــــــــــحــــــــــــمــــــــــــد جــــــــــــهــــــــــــان روشــــــــــــن اســــــــــــت“.

مير محمد نصير خان جي سجع هئي:

”علي و حسين و حسن دستگير، خدا يار و ياور محمد نصير“.

مير محمد خان جي سجع هئي:       ”مــــــيــــــــــر محمد مهٖ اوج کــــــرم“.

مير صوبدارخان جي سجع هئي:       ”ظل احمد تاج فرق ٖ صـــــوبدار“.

سنــــــدس ٻــــــي ســــــجــــــع هــــــئـــــي:    ”خاکپاي مرتضيٰ شهداد خان“.

مـــــيــــــر حــــســــيــــن عــــلـــــي خـــــان جــــي ســـجــــع هئي:

”کرد روشن ز فيض لم يزلي، آفتاب ٖ جهان حسين علي“.

مــــــيــــــر نصير خــــان جــــي ٻي به هڪ سجع هئي:

”ســـزد گرنهد بر ثرُيا سرير، کسي را که باشد محمدنصير“.

مــــــير’مائل‘ شهزادي غلام محمدخان جي سجع ٺاهي:

”حب ٖ علي مراد غلام ٖ محمد است“.           _ص75

مرزا قليچ بيگ مير ٺاري خان جي ٽن پٽن جا نالا ڏنا آهن: مير غلام حيدر، مير علي مراد ۽ مير غلام الله. مير غلام محمد جو نالو شجري ۾ ڪونه ڏنو آهي. مير غلام الله جي وفات 1228هه ۾ ٿي: مير ’مائل‘، ان جي وفات تي هيٺيون قطعو چيو:

 

در جواني مير ما چون کرد فــــــو،       انگه دل در جزن فوتش آه گفت؛

سال فوت ٖ آن جوان ٖ نيک دل،        ”واي بر حزن ٖ غلام الله گــفت“.

1228هه        _ص121

تولد مير بجارخان بن مير بهرام خان: ميربجار خان، مير بهرام خان بن مير شهداد خان جو پٽ هو؛ سندس تولد تي مير ’مائل‘ هيٺيون قطعو چيو:

مــــــيــــــر بهــرام خــــــان نــــــام آور،      آنکه کامش ز حق مــــــدام آمد؛

خوش بکام ٖ دلش زبخشش حق،      خلف سعد نـــــيک نــــام آمــــــد؛

گست هــــاتف بســــــال ميلادش،       ”مير بجارخــــــان بکــام آمــــــد“؛

1215هه

باد از حق مبارک اين فــــــــرزند،        شب بخوابم چنين پيام آمد؛

بــــــــــــارک الله بــــــعمــــــره ابــــــــــــــدا!

                    ورد ’مائل‘ بصبح و شام آمد.                _ص73

مير علي محمد خان: مير علي محمد خان، مير احمد خان جو فرزند هو، جيڪو فرزند هو مير محمود خان ولد مير بهرام خان بن مير شهداد خان جو. انهيءَ مير صاحب جي نالي تي مير ’مائل‘ جي بياض ۾ هڪ مدحيه قطعو ملي ٿو:

خان ما کز کمـال ٖ عــــــزو شــــــرف،      هست نامش علـي محمد خــــــان؛

در دعــــــايـــش بخمسـة الاوقــــــات،      بـــا محمدعلي ســــــت ورد زبــــــان؛

ميبرم تحفـﮧﻋ دعــــــا پيــــــشـــــش،      تا چه پيش آيدم کند ز احسان؛

باد نامش چو ايــــــن دو نام نکو،       دام نقش ٖ نــــگين ز دور زمــــــان؛

دائم از صدق حب اين حضرات،       باد مقبول حق بهر دو جــــــهــــــان.

_ص105

مير رستم خان: مير رستم خان، مير فتح علي خان، ۽ غلام علي خان جن جو سـؤٽ هو. سندس شجرو هن طرح آهي: رستم خان بن سهراب خان بن مير چاڪر بن مير شهداد بن مير هوتڪ خان بن ڪڪو خان بن شاهوخان.

قضاي طبع خود رشک ٖ هزاران گلستان کردم،

بمدح مير رستم خان زبان تا گلفشان کردم؛

نمودم سر چو توصيف عُلـّو رتبه و قدرش،

پيﻋ معراج ٖ طبع ٖ خود ز کيوان نردبان کردم؛

سخن در وصف جودش همچو گوهر جلوه زن آمد،

چو خوش گر در سخن سرمايهﻋ صد بحر و کان کردم؛

ز يادم رفت يکسر شيوهﻋ نامهربانيها،

چو ياد ٖ مهربانيهاي آن خوش مهربان کردم؛

عجب نبود اگر نازم بطبع نکته سنج ٖ او،

چو عرض، اين غزل در حضرت ٖ آن نکته دان کردم؛

چو ميدارن ز دل ’مائل‘ بحق شغل دعاي او،

بحق باشد اگر خود را شمار از داعيان کردم.

_ص 49

ميرچاڪر خان: مير رستم جي ٻئي ڀاءُ مير چاڪرخان جي سلسلي ۾ به هڪ قطعو بياض ۾ ملي ٿو:

ميرچاڪرخــــان والا مــــــرتــــــبــــــت،       آنکه از جان چـــــاکر ٖ آل عباست؛

بـــــس کــــــه دارد از دل بــــــا خــــــدا،      دائما ورد ٖ دلــــــش نــــــام خداست؛

نيک نام و نيک خلق و نيک بخت،      نيک نامي خوش به بختش آشناست؛

هم اديب و هم خليق و هم شفيق،    وصف اخلاق ٖ شريفش جـــابجاست؛

باد دائم نامور با اين صــــــفات،        ورد ’مائل‘ دائما اين خوش دعــاست؛

_ص49

مير رستم خواه ميرچاڪر خان تي ٻيئي قطعا نهايت گرم جوشيءَ سان لکيا اٿائين. معلوم ٿو ٿئي ته مير رستم خان وڏو سخي ۽ دريادل شهزادو هو؛ جود و ڪرم، داد و دهش ۽ عام بخشش سندس خاص وصفون هيون؛ ساڳئي وقت سخن فهم ۽ نڪته دان به هو. اهڙيءَ طرح مير چاڪر خان نيڪ، خليق، شفيق ۽ اهل دل شهزادو هو_ شريف الطبع ۽ نيڪ نفس.

ميرسهراب خان: مٿين ٻنهي شهزادن جي والد مير سهراب خان جي مدح ۾ به هڪ قطعو بياض ۾ موجود آهي، جنهن ۾ مدح جي رسمي الفاظن بعد، مير’مائل‘ مير سهراب خان کان شاديءَ جو خرچ گهريو آهي، ۽ ٻيو گذارن لاءِ وظيفي جي به طلب ڪئي اٿائين. انهيءَ مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته مير ’مائل‘ اگرچ مير ڪرم علي خان جي دربار سان متعلق هو، ليڪن ضرورت جي حالت ۾ ٻين ٽالپر اميرن کان به طلب امداد ڪندو هو. قطعو هي آهي:

ايــا مير ســــــهراب خــــــان نامــــــدار،      بنام آوري شــــهــــــرهﻋ روزگـــــــــــار!

کند حق فزون ننگ و ناموس تو،      که آيد جهاني بــه پــــــابــــــوس تو!

دعا گوي دولـت غــــــلام ٖ عــــــلي،       غلام ٖ غـلاماــــــن ٖ نــــــام ٖ علــــــي؛

بـناموس نــــــام ٖ تــــــو از رام دور،       رسيد است بهرٖ دعــــــا در حضور؛

کنون شرط ناموس و نام آوري،       همين است که کامش تمام آوري؛

بود کام او کـــز کــــــمال ٖ ســــــخا،       کــــنــــــي ايــــــن دو مقصود اورا روا؛

يکي خرچ شادي که دارد به پيش،     دويم وجهه از بهر گذران خويش؛

اگر مي دهي مي دهد حق بــــتو،       بــــــنـــام آوري عــــــز و اقــــــبال نــــــو؛

وگر نه خدا کام فرما بس است،       عطا ساز کام دل ٖ هر کس است؛

خــــــدا يا به آن نــــــامــــداري ديـــار،       به آفـــــزونــــــيﻋ دولــــــت ٖ پــــــــائــــــدار؛

         موفق بکن با صفات ٖ نــــــکـــــــو،       که باشد فزون ننگ و نـــاموس او!

کنون عرض داعي تمام آمده،

ز ’مائل‘ بحق والسلام آمــده. _ص50

مير’مائل‘، وظيفي ۽ شاديءَ جو خرچ ته گهريو آهي، ليڪن پنهنجي خودداريءَ، عزت ۽ بردباريءَ کي قائم رکيو اٿائين؛ چوي ٿو:

اگر مي دهي مي دهد حق بــــتو،       بـــنــــام آوري عــــــز و اقــــــبــــال نو،

وگر نه خدا کام فرما بس است،       عــــــطا ساز کام ٖ دل ٖ هر کس است.

]جيڪڏهن حاجت روائي ڪندين ته تنهنجي مهرباني، تنهنجو نالو ٿيندو ۽ تنهنجي عزت ۽ اقبال بلند ٿيندو: ورنه ڪم خدا تي آهن، هر ڪنهن کي ڏيڻ وارو اُهو آهي.[

شهزادي جي شادي: مير’مائل‘ جي بياض ۾ هڪ قطعو ملي ٿو،جيڪو ڪنهن ٽالپر شهزادي جي شاديءَ تي چيو ويو آهي؛ نالو ڏنل ڪونه آهي:

شکر خدا که اکنون از لطف خود خدا داده،

زين تازه کتخدائي خوش کان شاه داده؛

شاديﻋ شاهزاده چون شاه سندهه بنمود،

يکسر بروي دوران باب فرح کشاده؛

تاريخ شاديش دل با غايت ٖ فرح گفت،

8

”بادا شهٖ مبارک شاديﻋ شاهزاده“.

1216+8=4 122هه           _ص82

معلوم ائين ٿئي ٿو ته هي قطعو مير غلام علي خان جي شهزادي جي شاديءَ تي چيل آهي، ڇاڪاڻ ته 1224هه ۾ اهو ئي سنڌ جو بادشاهه هو.

ميرمراد علي خان: مير مراد علي خان ٽالپرن جي پهرينءَ چـؤياريءَ جو آخري رڪن هو، جنهن تي مير ڪرم علي خان جي انتقال کان پوءِ، 16 جمادي الثاني 1244هه جو، پڳ آئي.

سنڌ ۾ پهريون دفعو، مير مراد علي خان، حيدرآباد ۾ سڪي ٺاهڻ جو ضربخانو کولرايو؛ انهيءَ ڪارخاني جو مهتم فتح محمد لوهار هو. مير صاحب نموني طور 40_50 اشرفيون پنهنجي نالي تي ٺهرايون، جن کي پسند ڪري، حڪم ڪيائين ته خزاني جو سمورو سون ضربخاني ۾ آڻي، سڪا ٺهرايا وڃن. اهو ڪم اڃا شروع ئي نه ٿيو ته مير صاحب رحلت ڪري ويو، ۽ اهو ضربخانو بند ٿي ويو. مير ’مائل‘ مير مراد علي خان جي نالي به ڪيترائي گذارشي ۽ مدحيه قطعا ۽ قصيدا چيا آهن؛ انهن مان چند هن هيٺ درج ڪجن ٿا:

زهي بنام نکو شهره زمين و زمان،

مراد بخش جهان ٖ مرادياب جهان؛

بود مراد علي خان مير خوش نامش،

ز عون نام شريف ٖ علي بن عمران؛

ز بسکه هست مريد ٖ جناب آل علي،

بود مراد دلش حاصل از علي هر آن؛

به اتحاد نبي و بدوستيﻋ علي،

ز هي بصدق ارادت مريد در گهه شان؛

سخن شناس و سخن فهم قدردان ٖ سخن،

غريب دوست و فقير آشنا و معني دان؛

بقدردانيﻋ آن قدردان ٖ اهل سخن،

نهال طبع سخن مي شود ابد رَيـّان؛

چو هست کام رواي جهان بجود و سخا،

هميشه کام دلش باد حاصل از يزدان؛

ز بس به در گهه ٖ  او کام خواه مي آيند،

سزد که کام دل ٖ داعيان دهد ز احسان؛

بدر گهش چو برات ٖ وظيفه ام کردند،

بود وظيفهﻋ داعي دعاي وي هر آن؛

بعون طالع مسعود با فروغ ازل،

دلش ز نور محمد بود ابد رخشان؛

هميشه باد محمد نصير وي همه جا،

بعون ينصرالله في الهم اکوان:

خدا زياد کند عمر و بخت و اقبالش!

بود ز ’مائل‘ داعي همين دعا شايان. _ص50

مير ڪرم علي خان وانگر، هي مير صاحب به علمي ذوق جو صاحب هو. پاڻ به فارسي شعر چوندو هو ۽ شاعرن جو به قدردان هو. ”محڪ خسروي“ جنهن ۾ فارسي شاعرن جو انتخاب آهي، پاڻ 1237هه ۾ مرتب ڪيائين. ”طب مراد“ (1246هه) سندس مشهور آهي. ازانسواءِ فارسي ديوان به اٿس. سندس حڪم تي مير حسن الحسيني ”زبدة المعاصرين“ جي نالي سان هڪ ٻيو انتخاب به 1240هه ۾ تيار ڪيو، جنهن جي ديباچي ۾ انهيءَ دؤر جي ايراني ۽ سنڌي شاعرن جو احوال ڏنل آهي. انهيءَ ادب پروريءَ ۽ سخندانيءَ ڏانهن مير ’مائل‘ مٿئين قطعي ۾ آشارو ڪيو آهي. مير صاحب 6 جمادي الثاني 1249هه جو انتقال ڪيو. ”باب باغ ارم“ مان اهو سال نڪري ٿو.

مير صاحب کي ٻه نياڻيون ۽ چار پٽ هئا: مير نور محمد خان، مير نصير خان، مير محمد خان ۽ مير يار محمد خان. مٿئين قطعي ۾ فقط ٻن شهزادن جو نالو آيو آهي، غالباً باقي ٻه شهزادا قطعي جي تصنيف کان پوءِ ڄاوا. مير ’مائل‘ جو ٻيو قطعو هي آهي:

مرا به نام تو چون اتحاد هم نامي ست،

سزد که نام تو نقش ٖ نگين دل سازم؛

غلام نام علي نامدار دوران باد،

رقم بنام شريف ٖ تو اين سجل سازم؛

مدام تاکه دلم ’مائل‘ حق است بدعا،

دل و دهان بدعاي تو مشتغل سازم.

_ص 120

ميرڪرم علي خان ۽ مير مائل: مير ڪرم علي خان سخن فهم، سخن سنج ۽ اهل فن جو وڏي ۾ وڏو قدردان هو. ڪيترائي شاعر، اديب، عالم ۽ مصنف سندس دربار ۾ رهندا هئا، ۽ مير صاحب هميشه سندن پرورش ڪندو رهيو. حقيقت ۾ ٽالپري دؤر ۾ فارسي ادب، زبان، نثر ۽ شعر محض هن هڪ بادشاهه جي ڪري زرو ورتو. مير ’مائل‘ براه راست سندس مدح ۽ ثنا ۾ صرف ڪيو آهي. سـؤ سـؤ ۽ ٻن ٻن سون شعرن جو هڪ هڪ قصيدو لکيو اٿائين. انهيءَ طولانيءَ سان قصيدا سندس ديوان ۽ بياض ۾ موجود آهن. هونئن ته سڀني ٽالپرن جي مدح سرائي ڪئي اٿائين، ليڪن اها سڀ ’آورد“ معلوم ٿئي ٿي. حقيقي جوهر ۽ سچو پچو زور، مير ڪرم علي خان جي مدح ۾ ئي ڏيکاريو اٿائين.

طويل قصيدن کي نظرانداز ڪندي، اسان هن هيٺ چند مختصر قطعا پيش ڪيون ٿا، جيڪي مادح ۽ ممدوح جي زندگيءَ جا بعض پهلو پيش ڪن ٿا. حقيقت ۾، مير ’مائل‘ جي شاعرانه ڪمال ۽ سخنورانه قدرت کي ڏسڻ لاءِ قصيدن ڏانهن توجهه ڪرڻ گهرجي، جيڪا شيءَ سردست اسان جي موضوع کان ٻاهر آهي.

ميرڪرم علي خان بيمار ٿي پيو. مير’مائل‘ هڪ قطعو پيش ڪيو، جنهن جو عنوان آهي: ”قطع گذارش در ايام ناسازيءَ مزاج وهاج بدرگاه حضور کرم گنجور“.

 

ناسازش ٖمزاج بعيش و سرور باد،      دور از مزاج اقدس شه هر فتور باد!

با صحت ٖ مزاج که بادا رفيق شاه،    ناسازيﻋ مزاج شها از تو دور باد.

_ص126

ميرصاحب جي هٿ ۾ زخم ٿي پيو. مير’مائل‘ مختلف طريقن سان دست مبارڪ لاءِ دعائيه قطعا تصنيف ڪيا:

بخش يا رب بدست مير شـــــفا،       تــــــا کنــــــد دســــــتگيــريﻋ ضعُفا؛

دست فضل ٖ تو دستيارش باد، بسکه برداشت دل دو دست دعا.

_ص126

ٻيو قطعو هن طرح چيائين:

اي بدستت فضل يزدان دســـــتيار،        دستيارت بــــاد فضل ٖ کـــــردگار؛

درد عايت دست دل کردم بــــــلند،       کز دل و دست ٖ تو آيد بهرمند؛

باد در عهد ٖ تو دستور الـــــــعمـــل،        دولت و نــــــصرت بـــا قبال ٖ ازل؛

در حضورت ’مائل‘ بي دست و پا،      دست مـــي کــــــند عــــــرض ٖ دعا؛

تا بر آيد دست فضل از آســـتين،        دست ما ؤ دامن ٖ شــــــاهان دين.

_ص126

هڪ قطعي ۾ هٿ جو مضمون هن طرح ادا ٿو ڪري:

شاها توئي که دست تو هنگام مکرمت،

دائم بدستگيريﻋ ضعفاست دستيار؛

تا دستيار دست تو آيد شفاي حق،

برداشتيم دست دعا سوي کردگار.

                                                _ص126

 

ميرصاحب هڪ دعائيه قطعو چيو آهي:

خسروا فضل کـردگــــــار کــــــريــــــم،      از کــــرم دائمــــــا بــــــکــــــار تــو باد!

تا ز انجم بود نــــظام فــــــلــــــک،      دور گــــــردون در انــــــتظام تـو باد!

شــــوکــــــت جــــــم شــــــکــــــوه داراي،     مـسند آراي هـــــر ســــــلام تـو باد!

جــــــود طــــــائــــــي و عــدل نوشروان،      همدم ٖ فيض مــــستدام تــو باد!

شــــــاديﻋ دهــــــر عــــــشرت ٖ دوران،      عشرت افزاي صبح و شــــام تـــــو باد!

هست جام جهان نما چـــــو دلت،       عالم مست فيض ٖ جام تـــو بـــــاد!

گوهر و رشک خاتم ٖ جــــــمشيد،       بر نگيني که نقش نــــــام تو باد!

خسـروا چون توئي غـــلام عــــــلي،       بخت دولت ابــــــد غــــــلام تو باد!

پا بر ادهم(1) نهي چو از پيﻋ زوم،   نصرت و فتح هم زمام تو بــاد!

کرد بر تو کرم عــــــلـــــيٖﻋ ولــــــي،      کرم ٖ شـــهه رفيق نــــــام تو باد !

داد شــــــــــاهــــــا تــــــرا مــــــراد عــــــلي،     بمراد ٖ تو جمله کــــــام تــــــو بــاد !

بــــــاد مــــــيــــــر محمدت يـــــــــــــــــاور،      از محمد همه مــــــرام تــــــو بــــــاد !

فيض روح القدس بصد تقديس،       جلوهگر هـــردم از کلام تو باد !

تا شود کام خــــواه تو عــــــالــــــم،       کام عالم ز فيض عـــــام تو باد !

چون دلم در دعاست ’مائل‘حق،       دمبدم فضل حق بکام تــو باد!

_ص126

مير’مائل‘ ڪيترا گذارشي قطعا چيا آهن. هڪ قطعي ۾ سرديءَ جي پوشاڪ طلب ڪري ٿو:

 

شاها ز قد تو سرو قامت پيراست،

دائم بقدت قباي شاهي زيباست؛

سرما ست و ندارد چو قباي با خويش،

زيبا بدعا گوي خود امداد قباست!

_ص 100

شاديءَ تي خرچ جي ضرورت ٿيس؛ مير سائينءَ جي حضور ۾ قطعو پيش ڪيائين: ڇا مليو، ڪيترو مليو،  خبر نه آهي؛ ليڪن قدردان آقا ضرور گهڻو ئي ڪجهه ڏنو هوندس.

شاها بخرچ شاديم امداد کن مرا،

شادان کنون ز بار غم آزاد کن مرا؛

در خرچ شادي است چو درکار مکرمت،

اي گنج مکرمت بکرم شاد کن مرا.

_ص100

هڪ قطعو گذارش ۾ چوي ٿو:

شاها دلم مدام بشغل دعاي تست،

شاغل بحق پيﻋ طلب ٖ مدعاي تست؛

آمد ز دل چو ’مائل‘ حق کام خواه تست،

اميد کامش از کرم ٖ دلکشاي تست.

_126

ٻيو به هڪ گذارشي قطعو آهي؛ چوي ٿو:

شــــــــاهــا ذوالکرمت که مکرمتش،      پيش از عــرض کــــــــام دلها داد؛

ديد چون اين عريضه در دســـــتم،       از کرم دست مکرمت بـــــکشاد؛

خواند مضمونش از کرم فرمــود،

عرض ’مائــل‘ بحق قبول افتاد؛

در زمان از ره ٖ کـــــــــرم بخشــــــي،

سند ٖ وجهه تـــازه کــــــــرد امـــــــــداد؛

بعد اين عرض آنکه کردم عرض،

آمد عرض ٖ دعــــــــا بمن ارشــــــاد؛

بسکه شاد آمده دل از کــــــرمش،

بــــــــاد دائــــــــم بکـــــام دل دلشاد!

_ص 126

بياض ۾ هڪ گذارش غزل به آهي:

من چه گويم چه کسم بهر چرا آمده ام،

داعيم، بر درت از بهر دعا آمده ام؛

بر در ٖ دولتت اي مير نکو نام زمان،

داعيﻋ دولتت از فضل خدا آمده ام؛

باد راضي ز تو پيوسته خدا ؤ حضرات،

برضاي دل خود خوش برضا آمده ام؛

دارم از در گهت اميد سرفرازيها،

که سراپا بدرت بي سروپا آمده ام؛

اي کرم بخش جهان کام رواي احباب،

باميد ٖ  کرمت   کام   روا    آمـده  ام؛

هست کام ٖ دل من چونکه دعاي دولت،

از کجا بهر دعايت بکجا آمده ام؛

’مائل‘ حقم نازان به غلاميﻋ علي،

طرفه اندر حق ٖ ارباب ولا آمده ام.    _ص50

 

]”مهراڻ“ بهار_1955ع[


(1)  انگريزن ۽ سنڏ جي وچ ۾ هيٺين سوالن ۾ معاهدا ٿيا:

22 سيپٽمبر 1758ع، محصول جي سهوليتن لاءِ ڪمپنيءَ سان ٿيو؛

22 اپريل 1761ع، تحارتي سهوليتن لاءِ ڪمپنيءَ سان ٿيو؛

22 آگسٽ 1809ع (1224هه)، انگريزن ۽ مير غلام علي خان جي وچ ۾ معاهدو ٿيو؛

9 نومبر 1820ع (1236هه)، مير ڪرم علي خان ۽ انگريزن جي وچ ۾ عهدنامو ٿيو؛

28 نومبر 1836ع (1256هه)، نئين سر عهدنامو ٿيو،

20 اپريل 1838ع (1254هه)، نئين سر عهدنامو ٿيو؛

1843ع ۾، عهدناما انگريزن پاڻيءَ ۾ پسائي سنڌ تي قبضو ڪيو.

(1)  بهرام مريخ ستاري جو نالو آهي، ”جلاد فلڪ“ به ان کي چئبو آهي: بهادر انسان کي ان سان تشبيهه ڏبي آهي.

(1)  گهوڙي جو قسم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com