سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون

باب: --

صفحو :18

 

 

سنڌ ۾ يوناني طب

سنڌ ۾ يوناني طب جي سلسلي ۾ ڪهڙو ڪم ٿيو، ڪهڙا هتي حڪيم ٿيا، جن انهيءَ فن کي نه فقط رائج ڪيو، بلڪ ان کي عروج تي پهچايو_ انهيءَ موضوع ۽ عنوان تي علمي طبقو ته ٺهيو، پر خود سنڌ جي حڪيمن به اڄ تائين توجهه ڪونه ڏنو آهي ۽ نه اسان جي تاريح جي انهيءَ ورق کي ئي ڪنهن ورايو آهي.

هي پهريون دفعو آهي، جو انهيءَ عنوان جي منتشر مواد کي اسان فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن اميد تي ته سنڌ جا حڪيم ۽ لکندڙ هن کان پوءِ وڌيڪ معلومات ۽ مواد جي فراهميءَ طرف توجهه فرمائين_ تاڪه اڳتي هلي، سنڌ جي ”طبي تاريخ“ لکڻ لاءِ آسانيون پيدا ٿين. موضوع نهايت اهم ۽ اڄ تائين وسريل آهي، تنهنڪري انهيءَ ڏس ۾ ڏاڍيءَ ڪوشش ۽ درد سريءَ جي ضرورت آهي.

 

سنڌ ۾ اسلام کان اڳ، تاريخ جي صفحن تي جيڪي اشارا ۽ ڪنايا اسان کي ملن ٿا، انهن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ اندر طب جي فن کي ڏاڍي ترقي هئي، ۽ اسان جا طبيب انهيءَ ڏس ۾ گهڻو برک هئا. هتان جي ويدن ۽ سنياسين، جڙن ٻوٽين ۽ انهن جي استعمال ۽ خاصيتن ڄاڻڻ ۾ چڱيءَ پر مهارت حاصل ڪئي هئي. مرڪب ۽ مفرد دوائن ۽ ڪشته جات ۾ سندن مٽ ثاني ڪو ورلي هو. افسوس آهي، جو تاريخي ذخيرن جي برباد ٿي وڃڻ سبب، انهن طبيبن جا نالا ۽ انهن جي ڪوشش جي نوعيت اسان جي معلومات لاءِ محفوظ رهي نه سگهي؛ جنهنڪري اڄ تاريخي اشارن مان فقط اندازو ڪري سگهون ٿا، ليڪن تفصيل معلوم ڪرڻ کان عاجز آهيون.

اسلام کان پوءِ، اهي ئي اسان جي غير مسلم طبيب ۽ ويد، عربي دنيا کي طب مان آگاهي بخشڻ جا ڪارڻ ٿيا. دمشق خواهه بغداد انهيءَ ابتدائي دؤر جا ٻه وڏا علمي مرڪز هئا. خود اهي ٻيئي مرڪز سنڌي حڪيمن جو مماثل انهيءَ اوج واري زماني ۾ به پيش ڪري نٿي سگهيا. اهو ئي سبب ٿيو، جو اسان عباسي دؤر ۾، بغداد اندر ڪيئي هتان جا حڪيم ڏسون ٿا، جن پنهنجي علم ۽ فضل جو عربن جي دلين تي سڪو ويهاري ڇڏيو ۽ پنهنجي ديسي طب کي وڃي عربي دنيا ۾ رائج ڪيو. هارون خواهه مامون جي دؤر ۾ ڪيترا سنڌي هتان خاص طرح گهرايا ويا، جن کي وڏي مان ۽ مرتبي سان دربار ۾ رکيو ويو ۽ کانئن حڪمت جا رموز ۽ نڪتا معلوم ڪري، عربن آگاهي پيدا ڪئي. سندن ڪتابن جا عربيءَ ۾ ترجما ڪرايا ويا، ۽ خود طب کي ترجمو ڪرائڻ وقت ڪيترا مشڪل مسئلا انهن جي ذريعي حل ڪرايا ويا. انهن ذاتي طرح، جيڪي اتي علاج ڪيا، سي پڻ معرڪي جا ثابت ٿيا، جن عربي طب ۾ انقلاب آفرين اضافو ڪيو.

193هه ۾ جڏهن هارون بيمار ٿيو ته کيس شفا هتان جي حڪيم هٿان نصيب ٿي. اهو طبيب هتان جو ئي هو ۽ سندس نالو گنگا هو. مڻڪي طبيب کي به هتان ئي هارون پنهنجي علاج لاءِ گهرايو هو ۽ جڏهن شفاياب ٿيو، تڏهن کيس اتي رهڻ لاءِ مجبور ڪيائين، جنهن مان پوءِ سَوَن عربي حڪيمن فائدا حاصل ڪيا. انهيءَ ئي حڪيم شاناق هنديءَ جي ”ڪتاب السموم“ جي ترجمي ڪرڻ وقت، ابو حاتم بلخيءَ جي رهنمائي ڪئي. صالح بن ڀلو هتان جو ئي نو مسلم طبيب هو، جيڪو بغداد جي مشهور درباري حڪيم بخت يشوع جو مد مقابل سمجهيو ويندو هو. انهيءَ ئي اسان جي ويد هارون جي همشيره عباسيه جي خاوند، ابراهيم بن صالح، جو معرڪـة الارا علاج ڪري، بغداد وارن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو.

اهي سڀ واقعا ۽ شهادتون انهيءَ ڳالهه جو ئي دليل آهن ته سنڌ ”طب جو معدن ۽ مخزن هئي“. اسلام جي ابتدائي صدين ۾ هتان جي ئي طب مان عربي طب استفادو ڪندو رهيو.

عربي حڪومت جي زماني ۾، سنڌ ۾ عرب کان به حڪيم ايندا ويندا رهيا. هنن هتي رهي علاج معالجا ڪيا ۽ هتان جي طبيبن سان، سندن اصلي وطن ۾ اُنهن جي لهه وچڙ ٿي. مثلاً قفطيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته غسان بن عباد مهلبيءَ، سنڌ جي عرب گورنر، پاڻ سان گڏ حڪيم ابراهيم بن فزارون کي آندو، جيڪو ڪيترو وقت هتي هو ۽ پوءِ موٽي هليو ويو. اهڙيءَ طرح سنڌ جي طبيبن جي عرب ۾ ۽ عرب جي حڪيمن جي سنڌ ۾ آمدو رفت ٿيندي رهي.

واقعات جنهن صورت ۾ مفصل ڪونه ٿا ملن، تنهنڪري معلوم نٿو ٿي سگهي ته عربي حڪيمن مان سنڌ ڪيترو لاڀ پرايو. البت سنڌ جي ويدن مان جيڪا عربن خوشه چيني ڪئي، ان جا ڪي مثال مٿي عرض ڪري آيا آهيون.

سومرن ۽ سمن جي دؤر جي تاريخ تاريڪيءَ ۾ آهي. نه تاريخ سلامت، نه ڪو تذڪرو لکيل. ڇڙيون ڏند ڪٿائون، جن مان اسان جي طبي تاريخ تي ڪا روشني پئجي ڪانه ٿي سگهي. فقط اهو اندازو ٿئي ٿو ته طب جي سلسلي ۾ اهي ٻيئي دؤر اڳ کان اڳرا هئا_ هندو خواه مسلمان تمام شوق سان اهو فن سکندا هئا ۽ خلق خدائيءَ جي خدمت ڪندا رهندا هئا. انهيءَ دؤر جا ڪهڙا ڪهڙا حڪيم پنهنجي فن ۾ جيد ٿيا، اهو البت ٻڌائڻ مشڪل بلڪ ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته انهن جو جداگانه احوال ڪونه ٿو ملي.

اڳتي هلي، سنڌ ۾ جڏهن عربي ۽ فارسيءَ جي باقاعدي تعليم شروع ٿي، ان وقت نصاب ۾ ٻين علوم سان گڏ طب جا به ڪتاب شامل هئا، تنهنڪري هر تعليم يافتو ماڻهو، ديني علوم سان گڏ، طب جو به ڄاڻو ٿي پوندو هو. تعليمي فراغت بعد هرڪو پڙهيل ڪڙهيل، ٿورو ٿڪو علاج پيو ڪندو هو. ڪي انهيءَ فن ۾ خاص ڪمال پيدا ڪري، آئنده زندگيءَ لاءِ ان کي ئي پنهنجو مشغلو بڻائيندا هئا.

سنڌ ۾ سخت پردي ڪري، هر شريف گهراڻي جو هڪ_ ٻه فرد طبي ڄاڻ ضرور رکندو هو، تاڪ پنهنجي مستورات جو هو پاڻ علاج ڪري سگهي. زناني علاج لاءِ گهرن جون وڏڙيون ۽ پوڙهيون ٽوڻا ۽ ٽوٽڪا اهڙا تير بهدف ڄاڻنديون هيون، جو ستيءَ ڦڪيءَ وٺڻ سان ٺهه پهه مرض هليو ويندو هو. داين جا ڪي خاص ٽريننگ اسڪول ڪونه هوندا هئا، داين جي قوم جون عورتون سڄي سنڌ ۾ ويم وڙو ايڏيءَ قابليت سان ڪرائينديون هيون، جو ڇا مجال آهي، جو ويم مان ڪا بيماري پيدا ٿي پوي يا انفيڪشن ٿئي.

سنڌ ۾ انهيءَ فن کي پاڪ ۽ پوتر، محض خلق خدا جي خدمت جو ذريعو ڪري سمجهيو ويندو هو، ۽ ڪوبه طبيب انهيءَ کي پنهنجي معاش جو ذريعو ڪونه بڻائيندو هو. علاج معالجو هميشـﮧ مفت ڪري، انسان ذات ۽ غريب غربي جون دعائون حاصل ڪيون وينديون هيون. اڄوڪن ڊاڪٽرن ۽ طبيبن وانگر، اسان جا اڳيان حڪيم ڪونه هئا، جو علاج ڪندي ڪندي مريض جي مرڳو کل ئي لاهي ڇڏين، يا وري سندن گذر بسر ئي ڪو طب تي هجي. معاش جا ذريعا ٻيا هوندا هئا. طب محض پنهنجي ذوق جي تسڪين ۽ خلق خدا جي ڀلي لاءِ ڪندا هئا. اهو ئي سبب هو، جو سنڌ ۾ طبيب جو درجو روحاني پيشوا، يعني پير فقير جيترو هوندو هو. طبيب جي پيشوائي ۽ پذيرائي ڪرڻ هرڪو سنڌي پنهنجو اولين فرض ڪري سمجهندو هو.

متفرق طبيبن کان علاوه، سنڌ اندر ڪيترائي اهڙا خاندان به هوندا هئا، جن ۾ پيڙهين تائين طب ورثي طور پيو هلندو هو. انهن گهراڻن هن فن کي تمام اوج تي پهچايو، ۽ سوين علمي آثار ڇڏيا. انهن ئي گهراڻن جا سنڌ جي ذاتي ذخيرن ۾ اسان کي طبي ڪتاب ۽ مجربات جا بياض سَوَن جي تعداد ۾ ملن ٿا. اڄ جيڪڏهن هتي ڪا طبي اڪيڊمي قائم ٿئي ۽ انهيءَ قسم جي ذخيرن کي يڪجا ڪري، تحقيق بعد انهن کي شايد ڪيو وڃي، ته هوند هڪ طرف  اسان غيرن جي تاليف ڪيل ڪتابن کان بي نياز ٿي پئون، ٻئي طرف انهن آثارن جي شايع ٿي وڃڻ سبب طبي خواهه علمي دنيا ۾ اسان جو ڳاٽ اوچو ٿي پوي.

جيئن اسان مٿي ڄاڻائي آيا آهيون، سنڌ ۾ نه ڪا طبي تاريخ لکيل آهي، نه وري ڪو مسلسل تذڪرو ئي مرتب ٿيل آهي، جنهن مان اسان کي سنڌ جي طبيبن ۽ حڪيمن جو احوال معلوم ٿي سگهي. ڪتابي روايتن ۽ ٻين ذريعن سان، سنڌ جي ناميارن حڪيمن جو جيڪو احوال مهيا ٿي سگهيو آهي، تنهن کي تاريخي ادوارن جي ماتحت اسان هيٺ ڏيون ٿا.

ارغون ۽ ترخان دور؛

       هي دؤر، عربن بعد، ٻيءَ ڌاريءَ حڪومت جو سنڌ تي ٿيو، جيڪو مني صدي هليو. يعني 927هه کان هڪ هزار(1000هه) تائين. هن دؤر ۾ ايران ۽ افغانستان منجهان سنڌ ۾ عالمن ۽ اديبن سان گڏ حڪيم به آيا، ۽ پهريون دفعو سنڌ  ۾ ايراني طب ۽ ان تي لکيل ايراني حڪيمن جا ڪتاب سنڌين جي مطالعي هيٺ آيا. هيٺين حڪيمن جو احوال هن دؤر سان متعلق اسان کي معلوم ٿي سگهيو آهي:

(1) حڪيم شهاب الدين محمد: سنڌ جي سمن حڪمرانن جي پنهنجي معاصر گجراتي سلطانن سان سنڱابندي هوندي هئي. ۽ انهيءَ دور ۾ سنڌ ۽ گجرات ۾ اچڻ وڃڻ جو ڏاڍو رابطو ضابطو هوندو هو. ڪيترا سنڌي اهل ڪمال گجرات ۾ رهندا هئا، ۽ ڪئين گجراتي اهل فن سنڌي درٻار جي سونهن ٿيندا هئا. اسان جو سنڌي حڪيم شهاب الدين محمد بن شمس الدين به سلطان محمود گجراتي (متوفي 916هه) جي طلب تي وڃي سندس درٻار ۾ رهيو هو. پنهنجي دور جو جيد حڪيم ۽ حاذق طبيب هو. ”نور السافر“ جي مولف جو بيان آهي ته هڪ دفعي ڪنهن بادشاهه وٽان سلطان محمود ڏانهن خوبصورت ٻانهي تحفه طور آئي. سلطان محمود اها پنهنجي هڪ امير کي ڏيئي ڇڏي. حڪيم شهاب الدين حاضر هو، جنهن ڪنيزڪ جي نبض ڏسي راءِ ڏني ته جيڪو هن سان مباشرت ڪندو سو هڪدم مري ويندو. امتحان وٺڻ تي حڪيم صاحب جي ڳالهه صحيح ثابت ٿي. سلطان سبب پڇيو، حڪيم عرض ڪيو ته جڏهن ڇوڪري ماءُ جي پيٽ ۾ هئي، ان وقت ماڻس ڪنهن زهري وڻ جا پن کاڌا هئا، جنهن جو اثر هن ڇوڪريءَ جي رت ۾ موجود آهي. سندس عام حالت ڏسي حڪيم صاحب کي شڪ پيو، جنهن تي نبض ڏسي هن اها راءِ ڏني.

(2) شيخ عبدالوهاب پوراني: هي بزرگ پوراني ساداتن جي مشهور خاندان مان هو. مرزا شاه حسن ارغون جي ابتدائي دور ۾ اهو خاندان افغانستان مان سنڌ ۾ آيو ۽ وڏيءَ عزت آبروءَ سان هتي آباد ٿيو. ديني علوم سان گڏ طبي مهارت ۾ به ڪامل هو. شاه حسن جو خاص معالج هو. شاه حسن جڏهن مرض الموت ۾ مبتلا ٿيو، ان وقت سندس طبيعت ڏسي عبدالوهاب ٻڌايو ته هاڻي بچي نه سگهندو. چنانچه ٿيو به ائين ۽ شاه حسن ٿوري وقت بعد 962 ۾ انتقال ڪيو. مير معصوم جو بيان آهي ته ”در علم طب مهارت کامل داشت“. هن بزرگ 990هه ۾ انتقال ڪيو.

(3) حڪيم محمد عثمان بوبڪائي: شيخ عيسيٰ بن شيخ ابراهيم صديقيءَ جو فرزند ۽ مخدوم عباس پاٺائيءَ جو شاگرد هو. شيخ و جيهه الدين علوي احمد آبادي، قاضي محمد موريي ۽ شيخ حسين بغدادي کان به تعليم ورتي هئائين. حضرت مخدوم نوح هالائيءَ سان پڻ رابطو هيس. طب ۾ مهارت ڪامل هيس. 983هه ۾، سنڌ مان نڪري گجرات ويو، ۽ مختلف صوبن جي حاڪمن ۽ اميرن جو مرجع بڻيو. آخر شعبان 1008هه ۾ چورن هٿان شهيد ٿي، هن جهان مان لاڏاڻو ڪيائين. شيخ عيسيٰ سنڌي برهانپوري کان روايت آهي ته سندس چاچو شيخ محمد طاهر محدث چوندو هو ته حڪيم صاحب جهڙي نوڙت، عاجزي ۽ گمناميءَ واري زندگي هن ڪنهن ٻئي ۾ ڪانه ڏٺي. برهانپور جو ولي ۽ ڪامل صوفي حضرت شيخ لشڪر محمد عارف سندس معتقد هو. تفسير بيضاويءَ جو حلشيو ۽ صحيح بخاريءَ جو شرح سندس مشهور آهن. طب جي فن کي هو خلق خدا جي  ڀلي لاءِ سکيو هو. حقيقت ۾ پاڻ عارف ڪامل هو.

مغل دؤر؛

        ترخانن کان 1000هه ۾ اڪبر جي حڪم تي عبدالرحيم خان خانان سنڌ فتح ڪئي. تقريباً ڏيڍ سئو ورهيه دهليءَ جي پايه تخت منجهان سنڌ تي مغلن جا گورنر ايندا رهيا، ۽ انهيءَ عرصي ۾ سنڌ جو ربط ضبط هندوستان سان وڌيو. هندوستان جا حاڪم هتي ايندا رهيا، هندوستاني طب مان سنڌي انهيءَ دور ۾ واقف ٿيا، ۽ هندي طبيبن جي لکيل ڪتابن سان انهيءَ عرصي ۾ سندن آشنائي ٿي. هن دور جي متعلق پڻ اسان کي معلومات ملي ڪانه ٿي سگهي. سنڌ ۾ اها روايت مشهور آهي ته روهڙيءَ جي هڪ طبي خاندان جي شاگرديءَ جو شرف، دهليءَ جي شريفي گهراڻي کي نصيب ٿيو.

مير محمد معصوم بکري: سنڌ ۾ اگرچ هڪ مورخ جي حيثيت ۾ مشهور آهي، ليڪن هو سڀني علوم ۽ فنون جو جامع هو. ”مجربات نامي“ يا ”طب نامي“ جي نالي سان هن پنهنجي مجربات جو ڪيترن بابن تي مشتمل هڪ بي مثل ڪتاب مرتب ڪيو، جنهن جا خطي نسخا ڪتب خانن ۾ اڃا به محفوظ آهن. هن بزرگ جي عمر جا تقريباً 45 سال ترخاني دور ۾ گذريا، ليڪن هن جوانيءَ کان وٺي ٻڍاپڻ تائين جو زمانو مغلن جي ملازمت ۾ هندوستان ۽ هندوستان کان ٻاهر مختلف جاين تي گذاريو. سندس انتقال 1014هه ۾ ٿيو.

(2) حڪيم احمد ٺٽوي؛ اصل ٺٽي جو هو، ليڪن سندس بزرگيءَ جو سڄو وقت تعليم ۽ تجربي جي سلسلي ۾ عرب ۽ عجم ۾ گذريو، ۽ زندگيءَ جون پويون دور اڪبر بادشاه جي درٻار ۾ بسر ڪري، شيعي هجڻ سبب فولاد نالي هڪ متعصب سنيءَ هٿان شهيد ٿيو. ملا عبدالقادر بدايوني پاڻ بيحد ڪٽر مذهبي ماڻهو هو، تنهنڪري حڪيم احمد ٺٽوي لاءِ هن گهڻوئي ناشانائتو لکيو، تاهم ”ملائي خوب“ ۽ ”جامع الفضائل“ جا اکر سندس لاءِ ڪتب آڻي ٿو. ملافيضيءَ ”بيست و پنج ماه صفر“ مان سندس تاريخ ڪڍي. مخالف ڌر وارن ”خوڪ سقري“ مان تاريخ چئي. اهڙيءَ طرح ملاعبدالقادر ”زهي خنجر فولاد“ تاريخ چئي پنهنجو تعصب پورو ڪيو.

ڪلهوڙن جو زمانو؛

        سنڌ ۾ يوناني طب هن دؤر ۾ انتهائي عروج تي پهتو. حڪومت جي سرپرستي انهيءَ فن کي حاصل ٿي، ۽ ڪلهوڙن جي درٻار هميشـﮧ حڪيمن سان ڀريل هوندي هئي. ميان يار محمد جو پٽ، ميان دائود خان، پاڻ وڏو حڪيم ۽ سڀني علوم ۾ طاق هو. ۽ طب سان خاص شغف هئس. مير ’قانع‘ لکي ٿو ته_ ”در حکمت دست و افي و فکرشافي داشت“. حڪيم عبدالرزاق مشرب وغيره جن جو ذڪر هيٺ ايندو، سندس دامن دولت سان وابسته هئا. انهيءَ شهزادي پاڻ ٻه لا جواب تصنيفون طب ۾ ڪيون؛ (1) بازنامو، جنهن جو نالو آهي ”صيد المراد في قوانين الصياد“؛ اهو ڪتاب بازن ۽ باز داريءَ خواهه انهن جي علاج معالج ۾ لاجواب آهي. وڏي خوبي اُن جي هيءَ آهي جو دوائن جا مقامي (ديسي) نالا منجهس لکيا ويا آهن. (2) ”طب دائودي“ جي نالي سان ميان صاحب ٻيو ضخيم ڪتاب مرتب ڪيو، جنهن جو هڪ قديم نسخو حضرت پير سائين پاڳاري جي ڪتب خاني ۾ راقم الحروف ڏٺو آهي. شهزادي جي هڪ هندو درٻاريءَ پڻ طب جو هڪ ضخيم ڪتاب لکي سندس معنون ڪيو آهي. اهو هندو طبيب شهزادي جي نسبت سان پاڻ کي ”دائودي“ سڏائيندو هو. انهيءَ ڪتاب جو هڪ نسخو، قاضي سچيڏني صاحب (ڊپٽي ڪمشنر نوابشاهه) وٽ موجود آهي. انهيءَ شهزادي کان سواءِ به هر هڪ ڪلهوڙو سلطانِ طب جو شائق ۽ طبيبن جو سرپرست هو. ايراني خواهه هندستاني طبيب سندن درٻار جا هميشه خوشه چين هئا. سنڌي طبيبن جي ته هنن خاص طرح سرپرستي فرمائي ٿي. هيٺ جن حڪيمن جو اسان احوال ڏيئي رهيا آهيون، تن مان اڪثر سندن درٻاري هئا.

(1) مولوي مرزا احمد جعفر؛ اصل شيراز جو هو، ليڪن سير ڪندي هتي اچي نڪتو. ميان نور محمد جي فرزند ميان خدا داد خان کيس پاڻ وٽ رهائي ڇڏيو. 1167هه ۾ فوت ٿيو. طب جفر ۽ علم تڪثير ۾ ڪامل هو. ميان نور محمد جي لاءِ هن ”جامع جفر“ نالي هڪ ڪتاب تاليف ڪرڻ شروع ڪيو هو، ليڪن ختم ٿي نه سگهيو. پهرين ميان صاحب پاڻ فوت ٿيو ۽ پوءِ ستت ئي مرزا صاحب به رب ڏي راهي ٿيو. مير ’قانع‘ ڪجهه وقت تائين سندس شاگرديءَ ۾ رهيو.

(2) مير عبدالرزاق مشرب؛ مفاهان جو سيد، ۽ سڀني علومن جو ماهر هو. خاص طرح جفر ۽ نجوم ۾، جهڙس ڪو مشڪل انهيءَ دؤر ۾ هو. طب ۾ مير ’قانع‘ جو قول آهي ته وقت جو سقراط هو. عالمگير جي دؤر ۾ بريليءَ وڃي وطن اختيار ڪيائين، ۽ اتان جي ساداتن سان قرابت ڪيائين. ڪجهه وقت لکنوء ۾ به گذاريائين، ۽ ڪيترو وقت ڪشمير جي صوبيدار نوازش خان روميءَ وٽ پڻ هو. آخري عمر ۾ سنڌ ۾ اچي ميان دائود خان جي درٻار ۾ رهيو. ميان صاحب سندس بيحد عزت ڪندو هو. 1146هه ۾ هتي ئي فوت ٿيو.

(3) حڪيم عبدالرئوف بکري: هن دؤر جو جيد طبيب ۽ مير عبدالجليل بلگراميءَ جو گهرو يار هو. ميان يار محمد جي درٻار ۾ ملازم هو. مير ’قانع‘ جو قول آهي ته ”منصب عالي داشت، و در حکمت بي نظير، بفن موسيقي علم مهارت مي افراخته“. موسيقي جي فن ۾ ”باب النعم“ نالي ميان يار محمد لاءِ ڪتاب تاليف ڪيائين.

(4) حڪيم شيخ ڪرم الله: مٿئين حڪيم عبدالرئوف جو وڏو پٽ هو، ۽ طب ۾ پيءُ جهڙو يڪتاي روزگار هو. مير’قانع‘ لکي ٿو ته ”بفن طبابت همچو پدر نامي است“. ميان غلام شاه جي سرڪار ۾ ملازم هو ۽ 1181هه تائين جيئرو هو.

(5) خواجه مير مرتضيٰ ٺٽوي: سندس وڏا هرات جي ويٺل ۽ خواجه احرار جي اولاد مان هئا. خواجه شهاب الدين ولد خواجه مير ڪمال الدين علوي، اڪبر جي زماني ۾ هرات مان هندوستان آيو. ٺٽي جي مير محمد حسين گيلاني هرويءَ جي نياڻيءَ سان مڱيل هو، جنهنڪري شاديءَ لاءِ ٺٽي پهچي، هميشـﮧ لاءِ اتي رهي پيو. خواجه مير مرتضيٰ انهي بزرگ جي اولاد مان هو. سندس نسب هن طرح آهي؛ خواجه مرتضيٰ بن مير شريف بن خواجه محمد مير بن خواجه مير قاسم بن خواجه مير ابو تراب بن مير شهاب الدين بن مير ڪمال الدين هروي.

خواجه مرتضيٰ طب ۾ جيد هو، مير عبدالرزاق مشرب وٽ انهيءَ فن جي تحصيل ڪئي هئائين. پهرين صاحبزادي دائود خان وٽ رهيو، ان کان پوءِ ميان نور محمد جي درٻار ۾ آيو، جنهن بعد ميان مراد ياب جي حضور ۾ پهتو ۽ آخري عمر ميان غلام شاهه جي سرڪار ۾ گذاريائين. 1181هه کان پوءِ فوت ٿيو. طب سان گڏ اعليٰ درجي جو خطاط به هو.

(6) حڪيم مرزا عبدالهادي: اصل ايران جو هو، ٺٽي سير خاطر آيو هو. صاحبزادي ميان محمد خدا داد خان (ولد ميان نور محمد) کيس پاڻ وٽ رکيو. جڏهن صاحبزادو هندستان ويو ته ميان نور محمد کيس پنهنجي درٻار ۾ جاءِ ڏني. 1167هه ۾ ميان صاحب جي وفات بعد هندستان هليو ويو، جتان 1175هه ۾ ميان غلام شاهه کيس پاڻ وٽ گهرائي ورتو.

        مير’قانع‘ لکي ٿو ته انهيءَ درٻار ۾ ”سندس اعزاز حد تائين پهتل آهي، جنهن جو مثال ڪونه آهي“. طبي ڪمال سبب مرجع خلائق هو. اوري پري جا مريض وٽس رات_ ڏينهن ايندا ويندا هئا. بکر کان هڪ دفعي سيد فتح خان ولد مير حسين قلي خان رضوي، فالج ۾ مبتلا ٿي، وٽس محمد آباد ۾ آيو، جنهن کي مير ’قانع‘ ڏٺو.

(7) حڪيم مير محمد روهڙيائي: ميان نورمحمد ڪلهوڙي وٽ ملازم هو، ڪجهه وقت بکر جي نظامت تي به رهيو، 1167هه کان اڳ فوت ٿيو. پنهنجي دؤر جو قابل حڪيم هو. ميان صاحب جي درٻار ۾ نهايت عزت ۽ احترام سان زندگي بسر ڪيائين. مير سراج الدين، تاج الدين، معين الدين ۽ نورالدين سندس پٽ هئا. محمداڪرم جو ڀاءُ مير افضل ملتان ۾ رهندو هو، حڪيم صاحب جي وفات بعد پنهنجن ڀائٽين کي ملتان وٺي هليو ويو.

(8) مخدوم جلال محمد: جيد عالم ۽ تقرير تحرير تي قادر هو. ’قانع‘ جو قول آهي ته_ ”نادرهء روز گار گذشت، در جامعيت علوم عديلي نداشته“. مخدوم معين سندس معتقد هو ۽ ڪيترن علوم جي سلسلي ۾ وقت جي عالمن مٿان کيس برک سمجهندو هو.

قرات ۽ نجوم و غيرهه ۾ بلڪل ڪمال پيدا ڪيو هئائين، ۽ طب ۾ مير ’قانع‘ کيس بو علي ثاني لکيو آهي. 76_1177هه ڌاري گذاري ويو.

(9) مرزا عبدالله: اصل ايراني هو، ڪيترو وقت سورت ۾ گذاريائين، 1180هه ۾ ڪلهوڙي حڪمران گهرائي کيس پنهنجي دربار ۾ رکيو؛ جامع العلوم هو، ۽ طبابت ۾ خاص طرح ڪمال هئس، انهيءَ سبب ڪري ئي ڪلهوڙي سلطان کيس پاڻ وٽ گهرايو. نجوم ۾ به ڪافي دسترس هيس. مير ’قانع‘ کيس ”مستجع الکمالات“ سڏيو آهي.

(10) حڪيم سيد عبدالڪريم:  ولد حاجي مير سيد نورمحمد بکري، شاهه حيدر حقاني بکريءَ جي اولاد مان هو، ۽ پنهنجي دؤر جو حاذق حڪيم هو. ميان غلام شاهه جي دربار سان وابسته هو، جتي طب ۾ چڱو نالو ڪڍائين. 1181هه کان پوءِ به جيئرو هو.

(11) حڪيم سيد اسد الله غالب: هندستان جي بارها سادات جي خاندان مان هو، مير منعم علي خان سندس ڀاءُ هو؛ نواب همت دلير خان جي زماني ۾ حج ڏانهن ويندي، ٺٽي مان لانگهائو ٿيو. ۽ موٽندي، ميان نورمحمد ڪلهوڙي کيس پاڻ وٽ رهائي ڇڏيو، نادر شاهه جي حملي تائين (1152هه) وٽس هو. ’قانع‘ کيس وقت جو ”بقراط“ لکيو آهي، ۽ چوي ٿو ته سندس علمي ڪمالات لاءِ جيترو لکي اوترو گهٽ آهي.

(12) حڪيم مير محمد علي: اصل مشهد جي طبا طبائي سيدن مان هو. نجوم ۽ حڪمت ۾ سندس جهڙو ڪو ورلي هوندو. 1169هه ۾ ٺٽي آيو. صاحبزادي ميان محمد مرادياب (1167_1170هه) بن ميان نورمحمد کيس پاڻ وٽ ملازم رکيو، ۽ ڪي سال وٽس رهي، پوءِ وطن هليو ويو.

(13) مرزا علي مدد: اصل ايراني هو، ميان نورمحمد جي دربار ۾ ملازم ۽ وڏي مرتبي جو صاحب هو. مير ’قانع‘ جو قول آهي ته_ ”دران ولا کسي از منتسبان آن سرکار، باين رتبه کم رسيده.“ حڪمت، جفر نجوم ۾ وقت جو استاد هو، سيوهڻ ۾ آخري طرح مستقل اقامت ڪري، شادي ڪيائين ۽ صاحب اولاد ٿيو.

(14) حڪيم شيخ محمد بکري: هن بزرگ جا وڏا اصل بکر جي ٻهراڙيءَ جا هئا، جن مان سندس ڏاڏو شيخ محمد (اول) بکر وارو ڳوٺ ڇڏي ٺٽي اچي رهيو. حڪيم محمد، علم پرائڻ خاطر، ابتدائي جوانيءَ ۾ اوري پري تائين سفر ڪندو رهيو، ۽ جڏهن سڀني علوم ۾ ڪمال پيدا ڪيائين تڏهن موٽي ٺٽي آيو. علم تشريح ۽ طبابت ۾ بقراط ثاني هو، اکين جي بيمارين ۾ کيس خاص درڪ هو ۽ ان مخصوص فن ۾ ڪمال پيدا ڪيو هئائين. اکين جي بيمارين تي هن جامع ڪتاب لکڻ شروع ڪيو هو، سالن جا سال ان تي صرف ڪيائين، ليڪن مڪمل ڪرڻ کان اڳ سندس زندگيءَ جي 1174هه ۾ تڪميل ٿي ويئي، جنهنڪري ڪتاب اڌ ۾ رهجي ويو.

(15) حڪيم محمد بکري:  هي ٻيو ساڳئي نالي وارو حڪيم به بکر جو هو، ۽ حڪيم عبدالڪريم رضوي بکري، جنهن جو ذڪر هيٺ اچي رهيو آهي، ان جو شاگرد هو. طبابت جي فن ۾ ڏاڍو نالو ڪڍيائين، ۽ سون هزارن منجهائس فيض پرايو.

(16) حڪيم عبدالڪريم رضوي بکري:  هي بزرگ بيمثل حڪيم هو. ميان نور محمد، سندس شهرت ٻڌي، کيس پنهنجي دربار ۾ گهرائي رکيو. دهليءَ جو حڪيم عبدالفتاح نمڪين سندس استادن مان هو. ميان صاحب جي وفات (1167هه) تائين وٽس رهيو. حڪيم محمد بکري، جنهن جو ذڪر اسان مٿي ڪري چڪا آهيون، سو سندس شاگرد رشيد هو. ”جامع المنافع“، طب ۾، سيد عبدالڪريم جي تاليف آهي، جنهن جو خطي نسخو جهنڊي جي ڪتبخاني ۾ آهي.

(17) حڪيم مير سيد يعقوب خان بکري: مير صاحب به سکر جو جيد طبيب هو، ڪلهوڙن جي دؤر ۾ سندس وڏو نالو ۽ طبي مهارت جو شهرو هو. مير ’قانع‘ لکي ٿو ته ”محمد شاهه جي دؤر ۾ ملتان کان بکر آيو؛ سيد مير تقي الدين کيس پنهنجي نياڻي ڏني، جنهن کان پوءِ بکر ۾ توطن اختيار ڪيائين“. مير ’قانع‘ جو قول آهي ته ”طب ۾ هڪ جهان کانئس فائدو وٺي رهيو آهي“. مير ’قانع‘ سان سندس ملاقات مراد آباد ۾ ٿي. 1181هه جي لڳ ڀڳ فوت ٿيو. مير معصوم بکريءَ جي خاندان جو هڪ ناميارو فرد، مير اسد الله شاهه ’ساقي‘، طب ۾ سندس شاگرد هو.

(18) حڪيم مير اسد الله شاهه ”ساقي“ بکري: مير معصوم بکريءَ جي ڏهٽاڻن مان هو، شعر وسخن سان گڏ طب جو به وڏو ماهر هو، ’قانع‘ سان مراد آباد ۾ سندس ملاقات ٿي، ميان مرادياب وٽ ڪافي وقت مقيم هو، سندس سجع ”اسد الله ساقيء ڪوثر“ مير ’قانع‘ جي ٺاهيل آهي. طب ۾، مٿي بيان ڪيل حڪيم سيد يعقوب جو شاگرد رشيد هو. طب جي مشهور ڪتاب ”ذخيرهء خوارزم شاهيءَ“ جو پاڻ اختصار ڪيائين. 1181هه کان پوءِ فوت ٿيو.

ڪلهوڙن جي آخري دؤر ۾ افغانستان کان جڏهن سنڌ تي حملا ٿيا، ان وقت شڪارپور جي هندن جا ڪيترا طبي خاندان، افغاني حمله آور پاڻ سان افغانستان وٺي ويا. چنانچه اسان کي معلوم ٿيو آهي ته احمد شاهه ابدالي شڪارپور مان انهيءَ قسم جي ٻن مشهور هندو خاندانن کي وٺي ويو، جن اتي وڃي يوناني طب کي رائج ڪيو، ۽ انهن گهراڻن جا پوءِ اڃا تائين قنڌار ۾ انهيءَ فن جي خدمت ڪندا رهن ٿا. لالا بيربل ۽ لالا راجڪور انهن ئي گهراڻن جو اڄ يادگار آهن، ۽ پنهنجي فن ۾ کين مهارت ڪامل حاصل آهي.

ٽالپوري دؤر؛

1196هه ۾ عبدالنبي ڪلهوڙي پنهنجي ٽالپر اميرن هٿان شڪست کائي ڪلهوڙن جي سلطنت وڃائي. مير فتح علي خان فاتح سنڌ ٽالپر گهراڻي جو پهريون حڪمران ٿيو. ميرن جو دؤر به طبي ترقي لاءِ ڪلهوڙن جي زماني جهڙو ئي مفيد ثابت ٿيو. حڪمرانن طب جي سرپرستي ڪئي، طبي ڪتاب لکيا ويا، چڱا چڱا حڪيم سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهران گهرائي شاهي دربار ۾ رکيا ويا، مفرد دوائن جا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ دڪان کولرايا ويا. مسلمانن سان گڏ هندن ۾ به ڪيترا بلند پايه طبيب پيدا ٿيا، ۽ پڻ هندو قوم ۾ پسارڪي ڌنڌي جو عام رواج ٿيو. ميرن جي دؤر ۾ ايران جا ٻه خاندان حيدرآباد ۾ آيا، جن ملڪي سياست سان گڏ طب جي به خدمت ڪئي ۽ ڪيترا ڪتاب انهيءَ فن ۾ هنن تاليف ڪيا. هڪ مرزا خسرو جو خاندان ۽ ٻيو ٽنڊي آغا جي آغائن جو گهراڻو. لکي وارن ساداتن جو خاندان اگرچ ڪلهوڙن جي آخري دؤر سان وابسته آهي. راشدي خاندان جون طبي ڪوششون به انهيءَ دؤر ۾ شروع ٿيون، جيڪي اڳتي هلي انگريزي عهد ۾ طبي تاريخ جو طره امتياز بڻيون. نواب ولي محمد لغاريءَ جو گهراڻو به ٽالپري عهد ۾ اُسريو؛ نواب صاحب پاڻ جيد حڪيم هو ۽ کائنس پوءِ سندس خاندان ۾ پڻ ڪيترا حڪيم ٿيا.

ٽالپرن جي حاڪمن مان، مير مراد علي خان (1224_1249هه) پاڻ حڪيم هو، ۽ هڪ طبي ڪتاب ”طب مراد“ جو مؤلف آهي. انهيءَ ڪتاب جي تاليف ٿيڻ بعد ئي ٻين اميرن ۾ به طبي ڪتابن لکڻ جي تحريڪ ٿي، ۽ طب ولي، طب خسروي، طب احمدي ۽ طب مرزا عباس، وغيرهه انهيءَ دؤر جون تاليفون آهن.

شڪارپور ۽ سکر ۾ مفرد دوائن ۽ هيرن جواهرن جا جيڪي دڪان کليا، تن جي اگرچ ابتدا ڪلهوڙن جي آخري دؤر ۾ ٿي هئي، ليڪن ٽالپرن جي سرپرستيءَ سبب انهن ٻن شهرن انهيءَ سلسلي ۾ مرڪزي حيثيت حاصل ڪئي، سکر جو آڏو پساري، جنهن جو دڪان پاڪستان بنجڻ کان پوءِ مهاجرن جي هٿ آيو، تنهن جي ابتدا ٽالپرن جي دؤر ۾ ٿي هئي. شڪارپور ۾ جيڪي پسارن ۽ جواهر فروشن جا عظيم الشان دڪان هئا، سي پڻ انهيءَ دؤر جو يادگار سمجهڻ گهرجن. ٽالپري دؤر جي چند ناميارن طبيبن جو هن هيٺ اسان ذڪر ڪيون ٿا.

       مخدوم نور محمد بوبڪائي: بوبڪن جو جيد عالم ۽ بيمثل طبيب هو. مير ڪرم عطر خان جي زماني ۾، ٽالپر حڪمران جي طلب تي ڳوٺ ڇڏي اچي حيدرآباد ۾ رهيو. مير ’مائل‘ سندس لاءِ هيٺيان شعر چيا آهن.

آنکه دردم، ز فيض حکمت او نوجوان کرد و آنکه پير بود

مخدوم صاحب جو انتقال 1230هه ۾ ٿيو.

(2) مخدوم دين محمد بوبڪائي: مخدوم صاحب اصل بوبڪن جي مخدومن مان هو، مير فتح علي خان جو خاص طبيب هو، مير فتح علي خان جي مرض الموت جو علاج به مخدوم صاحب ۽ حڪيم آغا ابراهيم شاهه ئي ڪيو_ ليڪن مرض سرطان جو هو، تنهنڪري ڪو علاج ڪارگر ٿي ڪونه سگهيو. مخدوم صاحب 1229هه ۾ وفات ڪئي.

(3) آغا ابراهيم شاهه: سندس والد بزرگوار سيد عبدالهادي شاهه اصفهان کان نادرشاهه جي دؤر ۾ مدراس ويو، جتان ڪلهوڙن جي دربار ۾ پهتو، ۽ 1193هه ۾ سنڌ ۾ انتقال ڪيائين. آغا ابراهيم شاهه ميان سرفراز جي دؤر ۾ سنڌ ۾ اچي پيءُ سان گڏيو. ٽالپرن جي دؤر ۾ هن خاندان ملعداريءَ ۾ تمام گهڻيون خدمتون ڪيون. آغا ابراهيم شاهه جي پٽ آغا شاهه اسماعيل کي 8 پٽ هئا، جن مان آغا زين العابدين شاهه، آغا تقي شاهه، آغا ڪاظم شاهه وغيرهه شڪارپور جا گورنر ٿيا. آغا ابراهيم شاهه پاڻ وڏو حڪيم هو، ۽ مير فتح علي خان جو خاص معالج هو. کائنس پوءِ سندس خاندان ۾ طبابت رهندي آئي. آغا زين العابدين به جيد حڪيم هو. اهڙيءَ طرح آغا جعفر علي شاهه به پنهنجي دور جو نالي وارو طبيب ٿيو.

(4) مرزا خسرو بيگ: مرزا خسروبيگ ايران کان خريد ٿي، مير ڪرم علي خان وٽ بطور غلام جي آيو، جنهن کيس پالي، آزاد ڪري، اميريءَ جي منصب تي پهچايو. سڀني علومن ۾ طاق هو، طب سان به خاص شغف هئس، ۽ انهيءَ فن ۾ ”طب خسروي“ جي نالي سان ڪتاب مرتب ڪيائين، جيڪو سندس خاندان ۾ محفوظ آهي. 3 جمادي الثاني 1277هه جو انتقال ڪيائين ۽ مير ڪرم علي خان جي مقبري اڳيان پنهنجي خانداني قبرستان ۾ دفن ٿيو.

سندس مزار تي جيڪو ڪتبو اُڪريل آهي، ان جا چند شعر سندس طبي ڪمال متعلق آهن_

از علومي طبع برد  معنيٰ  تراش،  حکمت يونيان  بيشش.....ش،

درنجوم و علم طب ثاني نداشت،  بر عروج معرفت معراج يافت،

(5) مرزا رحيم بيگ: مرزا خسرو جو فرزند ۽ طب جو ماهر هو. پنهنجي خانداني قبرستان ۾ پيءُ جي قبر جي قريب دفن ٿيل آهي. سندس منار تي جيڪو ڪتبو آهي، ان جي هيٺين بيتن ۾ سندس طبي ڪمال جو ذڪرٿيل آهي_

بحکمت چنين شهره آفاق گشت،     زکـﮧ تا همـﮧ بر زبان شد ثنـــــا،

و ’شيخ الرئيس‘ زمان خويش شد،     فلاطون بگوئيم آنهم بجــــــــا.

بدار الشفائش مريض نــــــــمــــــــانــد،     چنين داد شافي بدستش شفا.

        آخري شعر مان معلوم ٿئي ٿو ته مرزا صاحب مستقل طرح مطب ڪندو هو. سندس وفات (شنبـﮧ 9 رجب 1243هه) جو ٿي. انهيءَ ئي مرزا گهراڻي مان اڳتي هلي ڪيترا حڪيم پيدا ٿيا، جن مستقل ڪتاب پنهنجي مجربات جا مرتب ڪيا، مثلاً مرزا فيض احمد بن بنده علي جنهن جي ”طب احمدي“ مشهور آهي ۽ مرزا عباس علي جنهن جي تاليف ”طب عباسي“ آهي.

        (6) نواب ولي محمد خان لغاري: ٽالپري دؤر جو امير ڪبير ۽ وقت جو عظيم الشان سياست ۽ ملڪرانيءَ جي معاملن جو ڄاڻو هو. افغانن جون سنڌ تي جيڪي ڪاهون ٿيون، تن ۾ هن بزرگ سنڌ جي بچاءَ ۾ وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا. شعر و سخن ۽ ملڪداريءَ جي فن طرح سان گڏ، کين طب ۾ به ڪامل مهارت هئي، خاص طرح قوت جي دوائن، ڪکن ۽ ڪشتن تي نواب صاحب مرحوم کي وڏو دسترس هو. 1832ع ۾ فوت ٿيو، ۽ حيدرآباد جي اتر ۾ پنهنجي باغ اندر فن ٿيو. باغ اجڙ ٿي ويو آهي، ليڪن سندس مقبرو اڃا موجود آهي. ديوان ۽ ”مثنوي هير رانجها“ کان سواءِ طب ۾ ”طب ولي“ جي نالي سان سندس مجربات جو هڪ ضخيم ڪتاب موجود آهي.

        (7) حڪيم لالا مينهون مل: مير ڪرم علي خان جي دؤر جو سرڪاري حڪيم هو. حيدرآباد ۾ مطب هئس. ڦٽ ڦرڙيءَ جو علاج خاص طرح ڪندو هو. جراحت جي فن کان به بهرور هو. هڪ دفعي مرزا خسرو بيمار ٿي پيو. پير ۾ زخم ٿيس، حڪيم مينهين مل جي دوا شروع ڪيائين. ڏينهن ٿي ويا، جو مير صاحب جي خدمت ۾ حاضر نه ٿي سگهيو. هڪ دفعي معذرت لاءِ هيٺيون قطعو لکي مير صاحب ڏي موڪليائين، جنهن ۾ حڪيم مينهين مل ڏانهن به اشارو آهي_

 

اي عدل شهان به پيش عدالت شد پشت،

تدبير ز هرچار طرف راهم بست؛

از زخم دوتي ”لالـﮧ“ نه رفتن راه،

راز تنگي جائيست دمر جائي نشت؛

از مي شود از جناب بر جراحي،

کز سعي دهد دوا بمن دست بدست؛

مامور شود به مـﮧ کـﮧ معمار دهد،

تابخدهء خود آباد کند جاي نشت.

        (8) مخدوم سعد الله سيوستاني: بن مخدوم محمد حسن، سيوهڻ جو هو، ۽ مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي (حضرت صاحب بياض) وارن جو ڀائٽيو هو. سڀني علومن جو ڄاڻو ۽ طب جو خاص ماهر هو. سيوهڻ جي علائقي جي قضا ٽالپري دؤر ۾ سندس ڀاءُ مخدوم محمد عارف جي هٿ ۾ هئي. هڪ دفعي مير مراد علي خان مخدوم محمد عارف ڏانهن پنهنجي ڪنهن عزيز کي حيدرآباد ڏانهن موڪلڻ جي طلب ڪئي، تاڪ حيدرآباد ۾ محڪمـﮧ قضا جي اچي چارج وٺي. مخدوم صاحب، مخدوم سعد الله کي ڏياري موڪليو، ۽ جيڪو تعارفي خط مير صاحب ڏانهن لکي ڏنائينس، تنهن ۾ هن لاءِ ”جامع العلوم“ جو خطاب ڪم آندائين، ۽ مير صاحب خط پڙهي کانئس مختلف علومن جي سلسلي ۾ سوين سوال امتحان خاطر پڇيا. جڏهن هر فن ۾ سندس جواب باصواب ٿيو، ان وقت مير صاحب چيو ته مخدوم صاحب واقعي تون ”جامع العلوم“ آهين. طب ۾ مير صاحب کي خود درڪ هو، تنهنڪري زياده سوال طبي پڇيائين.

        مخدوم صاحب، آزاد منش، لا ابالي ۽ لا پرواهه هو. مهينو کن حيدرآباد ۾ رهيو، پوءِ وڃي ٽنڊي ڄام ۾ مير ڄام وٽ رهيو، جيڪو سندس ڏاڍو معترف هو. زندگيءَ جا پويان پساهه به اتي ئي پورا ڪيائين.

(9) مخدوم محمد صالح صوفي سيوهاڻي: مٿئين مخدوم سعد الله جو ڀاءُ ۽ وڏين صلاحيتن جو صاحب هو. پنهنجي ڀاءُ محمد عارف جي مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪيائين. جفر، نجوم ۽ طب ۾ يگانه روزگار هو. ابتدا کان ئي تنهائي پسند هو. رات_ ڏينهن ڪتابن جي مطالعي ۾ مشغول رهندو هو. آخر ۾ سڀئي ڳالهيون ڇڏي عشق الاهيءَ ۾ مشغول ٿي ويو، انهيءَ حد تائين جو سڄي ڄمار شادي به نه ڪيائين. محويت ۾ ڪيترا ڏينهن بنا کاڌي جي فقط وڻن جي پنن تي گذاري ڇڏيندو هو. دل جو آئينو صاف انهيءَ حد تائين ٿي ويو هئس، جو ايندڙ واقعات جو فوراً دل تي ڪشف ٿيندو هئس. نذر نياز ڪونه وٺندو هو. حيدرآباد ۾ رهڻ واري زماني ۾ جعفر نالي کٽيءَ کي شڪ پيو ته مخدوم صاحب ڪيميا ڄاڻي ٿو. جعفر جي همشيره انتها درجي جي خوبصورت هئي. انهيءَ آسري تي ته ممڪن آهي ڪيميا جو نسخو ڏيئي وجهي، جعفر کيس پنهنجي ڀيڻ جو سڱ آڇيو. مخدوم صاحب کيس کلي فرمايو ته ”ادا تنهنجي بک سا ڀڄي پوندي، باقي مون کي ڇو ٿو ڦاسائين“. ٿورن ڏينهن بعد اها مائي مير صوبدار خان ولد مير فتح علي خان جي حرم ۾ داخل ٿي. جنهن بعد جعفر کٽيءَ کي ڪيميا سکڻ جي ضرورت نه رهي. مير نصير خان مخدوم صاحب کي ديهه سامٽياڻن جي جاگير ڏني هئي، جنهن جو پروانو 1257هه جو نڪتو، جنهن ۾ سندس نالي اڳيان ”حقايق و معارف آگاه، کمالات دستگاه“ جي عبارت آيل آهي.

(10) شيخ محدث، حڪيم حسين سيوهاڻي: هي بزرگ نه فقط حڪيم هو، بلڪ محدث پڻ هو. سنڌ جو جليل القدر محدث، رئيس العلماءَ، شيخ محمد عابد سنڌي سندس ڀائٽيو هو. شيخ حسين جي والد جو نالو شيخ الا سلام مراد انصاري سيوهاڻي هو. ننڍي هوندي شيخ حسين پنهنجي والد سان مدينه عاليه هجرت ڪري ويو. ابتدائي علوم سيوهڻ ۾ حاصل ڪيا هئائين. ۽ باقي تعليم عرب ۾ رهي حاصل ڪيائين. شيخ مراد انصاري، مخدوم محمد هاشم جو شاگرد هو. قصيده بردي جي اجازت شيخ مراد، مخدوم هاشم کان ورتي، شيخ حسين پنهنجي والد کان ۽ کانئس مخدوم محمد عابد ورتي، جنهن کان شاهه عبدالغني مجددي دهلوي حاصل ڪئي. شيخ محمد عابد حديث ۾ به کائنس ۾ به کانئس اجازت ورتي ۽ طب جي مهارت به وٽائنس حاصل ڪئي. ”البانع الجني“ ۾ شيخ حسين جو سلسله حديث هن طرح آهي.

_علامه الشيخ محمد حسين السندي عن الشيخ ابي الحسن بن محمد صادق نقشبندي سنڌي تتوي، عن الشيخ محمد حيات سنڌي، عن الشيخ العلامـﮧ ابي الحسن الکبير سنڌي، عن الشيخ عبدالله بن السالم البصري (شيخ عبدالله، شاه ولي الله جو حديث ۾ استاد هو).

شيخ حسين ٽالپرن جي اوائلي دؤر ۾ يمن جي شهر حريره ۾ انتقال ڪيو.

(11) حڪيم حبيب الله بکري: بکر جو باشندو ۽ خواجه ابراهيم بکريءَ جو فرزند هو. عالم، شاعر ۽ ڪيترن طبي ڪتابن جو مؤلف هو. پير سائين حضرت محمد راشد عليـﮧ رحمـة کان بيعت ٿيل هو.

طب ۾ هيٺيون تاليفات ڪيائين_

(1) رسالـﮧ در نبض.

(2) دلائل البول.

اهي ٻيئي رسالا فارسي نظم ۾ آهن.

(3) دافع الامراض.

طب کان سواءِ هيٺيان ڪتاب پڻ تاليف ڪيائين_

(4) شجره منظوم مشائخاف قادريه.

(5) رسالـﮧ در علم تصوف.

”دافع الامراض“ 19 بابن ۾ ورهايل آهي، هر باب متعدد فصلن ۾ تقسيم ٿيل آهي. پاڻ لکي ٿو ته:

        ”اين نسخـﮧ در علم طب از کتابان معتبران، چند فوائد انتخاب نموده و اکثر دوائها را در تجربـﮧ خود آورده براي نفع مردمان، درينجا نوشتـﮧ که طالبان اين فن را سهل و آسان شود. اميدوارم که هرکه ازان نفع گيرد، دعاي ايمان و مغفرت گناهان در حق اين ضعيف از درگاه خدا تعاليٰ جل شانـﮧ ياد کند. و اسم اين کتاب ”دافع الامراض“ داشتـﮧ شد، و مشتمل بر نوزده ابواب، و در هر باب چند فصول جمع کرده شد......الخ“.

منهنجي پيش نظر جيڪو نسخو آهي، اهو آخر کان ناقص آهي، ۽ باب نائين تائين آهي ۽ آخر جا ڏهه باب منجهس ڪونه آهن. مولانا وفائي مرحوم جي نظر مان جيڪو نسخو گذريو هو، ان تي 9 ذوالحج 1221هه سال لکيل هو. شرح منثوي مولانا روم جو هڪ نسخو مولوي وفائي مرحوم جي نظر مان گذريو هو، جيڪو پڻ انهي بزرگ جي هٿ اکرين لکيل هو، ۽ آخرڪار ڪتابت جو سال 22 جمادي الثاني 1218هه لکيل هو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته هي بزرگ ڪلهوڙن جي آخري دؤر جو هو ۽ ٽالپرن جي ابتدائي دؤر ۾ زنده هو.

        طب ۾ حڪيم بکريءَ جو شاگرد هو، جيڪو حڪيم عبدالڪريم رضوي بکريءَ جو شاگرد هو ۽ اهو شاگرد هو حڪيم سيد عبدالفتاح نمڪين دهلويءَ جو. انهن ٻنهي بزرگن جو ذڪر اسان ڪلهوڙن جي عهد ۾ ڪري آيا آهيون.

        (13) حڪيم محمد تقي ٺٽوي: هي حڪيم صاحب ديڌاڻي ذات جو ۽ ٺٽي جو ويٺل هو. سندس زمانو غالباً ٽالپرن جو ابتدائي دور آهي. اسان جي پيش نظر سندس هڪ طبي تاليف ”سفاء المستقيم“ آهي، جيڪا آخر کان ناقص آهي. منجهس 16 فصل آهن. معلوم ٿئي ٿو ته حڪيم صاحب کي شعر و سخن سان به شوق هو ۽ ”تقي“ تخلص ڪندو هو. ڪتاب جي ابتدا پنهنجن هنن شعرن سان ڪئي آٿس:

بـــــود حمـــــد بيحد يا يزد جليل        کـﮧ بستان کند نار را بر خليل

صلوات و درود شد بصدق و يقين     بخـــــوان بـــــر محمد و آل مبين

بخـــــاتـــــون جـــــنـــــت بشير خـــــدا       بـــــاولاد حســـــنـــــــيـــــن آل عـــــبـــــا

الاهـــــي بـــــامـــــداد ايـــــن پنجتــن        بـــــخـــــاک مـــــرا کـــــربلا کن دفن

تقـي را رســـــانـــــي بشـــــاه نجف        کــــــﮧ يـــــابـــــد ازان بـــــارگاه شرف

        (16) حڪيم مير محمد وفا لکوي: سکر ۽ شڪارپور واريءَ سڙڪ تي، لکيءَ جو شهر موجود آهي، جنهن کي ڪنهن زماني ۾ ”حسن آباد“ سڏيو ويندو هو ، ۽ بهاولپور جي دائود پوٽن جو ڪلهوڙن جي زماني ۾ مرڪز هو. انهيءَ شهر ۾ ساداتن جو هڪ عظيم الشان خاندان هو، جنهن پشتها پشت تائين سنڌ ۾ يوناني طب کي پنهنجو مشغلو بڻائي، ان کي آسمان تائين پهچايو. انهيءَ گهراڻي جو سلسلو اڃا تائين قائم آهي.

        انهيءَ خاندان ۾ جيڪي حڪيم ٿي گذريا، انهن جو مفصل احوال ڪونه ٿو ملي. سنڌ جا جيڪي طبي بيان ملن ٿا، تن سڀني ۾ انهيءَ خاندان جا مجرب نسخا لکيل آهن. گويا سنڌ جا اڪثر حڪيم انهيءَ گهراڻي جا خوشـﮧ چين هئا. ڪلهوڙن جي وچ واري زمان ۾ اهو گهراڻو طب ۾ مشهور ٿيو. ٽالپرن جي سڄي دور ۾ انگريزن جي ابتدائي زماني تائين انهيءَ گهراڻي جو هر هڪ فرد وقت جو بقراط ۽ جالينوس ٿيندو رهيو.

(1) حڪيم محمد وفا لکوي مولف نسيم الصبا الاصلاح هوالوبا.

(2) سندس فرزند سيد غلام محمد صاحب، ۽

(3) سيد مير نور علي شاهه_

انهيءَ ابتدائي دور جا مشهور معروف حڪيم آهن. سندن مجربات جا بياض ۽ سندن طبي تاليفات ممڪن آهن اڃا به انهيءَ گهراڻي جي پوين وٽ محفوظ هجن.

        ٽالپرن جا ٽي خاندان سنڌ تي بيڪ وقت حڪمران هئا. مرڪزي حڪومت حيدرآباد وارن جي هٿ ۾ هئي. ميرپور خاص ۽ خيرپور ۾ سندن ٻيون ٻه شاخون حڪمران هيون. مٿي جن حڪيمن ۽ انهن جي تصنيفن جو اسان ذڪر ڪيو آهي، اهي سڀ حيدرآباد واري مرڪزي سرڪار سان تعلق رکندڙ آهن. ميرپورخاص ۽ خيرپور جي دربارين سان ڪهڙا حڪيم وابسته هئا، يا انهن دربارين جي سرپرستيءَ هيٺ ڪهڙا طبي ڪتاب تاليف ٿيا، انهن جو پتو پئجي ڪونه ٿو سگهي.

        البت مير علي خان والي خيرپور، طب تي هڪ ڪتاب ”طب مراد“ جي نالي سان تاليف ڪرايو هو، جنهن جو هڪ نسخو جهنڊي جي ڪتبخاني ۾ آهي. اهڙيءَ طرح ”بازنامه“ به سندس تاليف آهي جنهن ۾ بازن جا علاج ۽ بيماريون ڏنل آهن ۽ ان جو نسخو پڻ جهنڊي واري ڪتبخاني ۾ آهي.

        احمد يار خان ٽالپر به انهيءَ دؤر ۾ ”باز نامه“ ساڳي ڍنگ تي تيار ڪيو، جنهن ۾ ٽي بازن جون بيماريون هيون ۽ انهن جا معالجات لکيل آهن. انهيءَ ڪتاب جو به هڪ خطي نسخو جهنڊي واري ڪتبخاني ۾ موجود آهي.

انگريزي عهد:

        1842ع ۾ سنڌ، ٽالپرن جي هٿان ويئي. انگريزن اچي سنڌ تي قبضو ڪيو. جيتوڻيڪ فيڪٽرين جي پوڻ ۽ انگريزن جي آمدرفت سبب، انگريزي دوائن ۽ ولائتي ڊاڪٽرن سان سنڌي، ڪلهوڙن جي آخري دور ۾، واقف ٿي چڪا هئا، تاهم ان جو رواج سنڌ ۾ ڪونه ٿي سگهيو.

        مير مراد علي خان هڪ دفعي بيمار ٿيو ته ڪڇ جي انگريز ريجمنٽ وٽان ڊاڪٽر برس کي پنهنجي علاج لاءِ گهرايائين. 1838ع کان جڏهن سنڌ ۾ انگريزي عمل دخل وڌيو ان وقت کان انگريزي ڪئمپن ۾ يا انهن سان متعلق سپاهين ۽ سولجرن ۾ انگريزي دوا جو استعمال ٿيندو هو، ليڪن عوام يا ملڪ تي ان جو ڪوبه اثر ڪونه هو.

انگريزن جو قبضي کان پوءِ به، اڌ صديءَ تائين، سنڌ ۾ ديسي طب جو زور رهيو.مدرسن جي تعليم ۽ فارسي عربي نصاب جيسين هو، تيسين طبيب پيدا ٿيندا رهيا. ليڪن پوءِ جيئن زمانو گذرندو ويو، تيئن انگريز ڊاڪٽر ۽ انگريزي دوائون ماڻهن جي مزاج ۽ ذهنيت تي قبضو ڪري ويون. جنهن وقت انگريزن سنڌ ڇڏي، ان وقت گويا يوناني طب جو زوال مڪمل ٿي چڪو هو، جيڪو پاڪستان جي ڏهن سالن ۾ به وڌندو رهيو ۽ اڄ به اسان کي حال وانگر مستقبل تاريڪ نظر اچي رهيو آهي.

        هن هيٺ اسان انهن طبيبن جو احوال ڏيون ٿا، جن جو تعلق انگريزي دور سان آهي. گهڻا ته انهن مان هيءُ فاني جهان ڇڏي ويا آهن ۽ باقي جيڪي چند وڃي رهيا آهن، خدا کين وڏي حياتي ڏئي، ليڪن آهن پا به رڪاب؛ جن جي وڃڻ بعد ڏسڻ ۾ ائين پيو اچي ته يوناني طب جو ڏيئو اجهامي ويندو.

راشدين جو خاندان:

        هن خاندان جي نسبت، سنڌ جي روحاني رهنما ۽ ڪلهوڙن جي آخري ۽ ٽالپرن جي ابتدائي دؤر جي ڪامل ولي الله، حضرت پير سائين محمد راشد عليـﮧ الرحمـة (1170_1233هه) سان آهي. سنڌ جي هن عظيم خاندان نه فقط سنڌ اندر تصوف ۽ طريقت، عرفان ۽ ايقان جي ڪرندڙ ديوار کي جهلي ورتو ۽ نئين سر انهيءَ عمارت کي مستحڪم ڪيو، بلڪ ساڳئي وقت علم ادب ۽ شعر و سخن، طب خواه فنون لطيفه جي ايڏي وڏي خدمت ڪئي، جو ان جو مثال سنڌ جي تاريخ ۾ ملڻ ناممڪن آهي. تصوف، حديث، لغت، طب ۽ ادب تي انهيءَ خاندان سوين ڪتاب تاليف ڪيا، ۽ گذريل ٻن صدين تائين گهراڻي جي هرهڪ فرد انهيءَ تحريڪ ۾ حصو ورتو، ۽ سنڌ ۾ ڪتابن جي جمع ڪرڻ ۽ ڪتب خانن قائم ڪرڻ ۽ ديني خواه دنيوي تعليم لاءِ ادارن کولڻ جو عظيم الشان ڪم پڻ ڪيو. سنڌ جي غريب عوام کي صحتمند رکڻ، ۽ سنڌي قوم ۾ روحاني صحت سان گڏ جسماني صحتمندي قائم رکڻ لاءِ گهراڻي جي گهڻو ڪري هر فرد طبي پيشو مذهبي عقيدي طور اختيار ڪيو، ۽ نه فقط علاج معالج ڪيائون، بلڪ ڪيئي فني ڪتاب پڻ لکيائون. مرڪب، مفرد ۽ ڪشته جات جي سلسلي ۾ نوان نوان تجربا ڪري مجرب شيون مستعمل ڪيائون، جيڪي اڄ تائين سنڌ جي حڪيمن وٽ مستند ۽ تير بهدف تصور ڪيون وڃن ٿيون.

        هن گهراڻي طبي خدمت ڪلهوڙن جي دور کان ئي شروع ڪئي هئي، ليڪن اسان دانسته انهيءَ خاندان جي حڪيمن جو انگريزي عهد ۾ يڪجا ذڪر ڪيون ٿا_ انهيءَ ڪري، جو ڪلهوڙن ۽ ٽالپري دور ۾ جيڪي حڪيم ٿي گذريا آهن، انهن جا تذڪرا محفوظ نه آهن. اسان کي هن پوئين دؤر جي مشاهيرن جا حالات ملن ٿا، جن مان ڪيترن کي اسان پاڻ ڏٺو ۽ سندن زيارت جي سعادت اسان کي نصيب ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com