سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون

باب: --

صفحو :42

 

مولانا محب علي سنڌي

سنڌ ۾ ڪيترا اهڙا باڪمال عالم ۽ بزرگ ٿي گذريا آهن، جن جي ذات نه فقط سنڌ لاءِ فخر و مباهات جو سبب رهي آهي، پر سنڌ کان ٻاهرين دنيا به سندن علم ۽ فضل جي فيض کان مستفيد ٿي آهي.

مولانا محب علي سنڌيءَ جي ذات والا صفات، انهيءَ سلسلي جي هڪ سونهري ڪڙي آهي. جنهن بزرگ جي علمي ڪمال ۽ ديني مرتبي، سنڌ کان وڌي هندستان جي تاريخ ۾ به اهم مقام حاصل ڪيو آهي. خان خانان جهڙي عظيم المرتبت سپهه سالار ۽ سخن پرور امير به سندس صحبت ۽ معيت کي غنيمت ۽ سندس وجود مسعود کي باعثِ عزت تصور ڪيو آهي.

مولانا جي متعلق سنڌ جي ڪنهن به تاريخ ۽ تذڪري ۾ تاريخي ۽ مستند احوال ڪونه ٿو ملي، سواءِ مير علي شير ’قانع‘ جي ”تحفـﺔ الڪرام“ ۽ ”مقالات العشرا“ جي، پر افسوس اهو آهي ته انهن ٻڻ ماخذن ۾ به فقط چند ناڪافي فقرا موجود آهن.

جيڪڏهن هو بزرگ هندستان نه پهچي ها، ته پوءِ شايد اسان کي سندس احوال جي سلسلي ۾ فقط اُهي ئي چند سٽون نصيب ٿين ها. ليڪن شڪر آهي جو هو صاحب هندستان ويو، جتي سندس علم ۽ فضل چمڪيو ۽ اڪبري ۽ شاهجهاني دﺆر جي مـﺆرخن ۽ تذڪره نويسن سندس حال احوال قلمبند ڪيو، ۽ ان سان گڏ، سندس علم ۽ فضل جي تعريف ۾ پنهنجا ڪيترا صفحا صرف ڪيا. اهوئي سبب آهي، جو اڄ اسان انهيءَ قابل ٿيا آهيون، جو هي چند سٽون سندس متعلق مرتب ڪري سگهيا آهيون.

مولانا جا بزرگ:

خوشگو، پنهنجي ”سفينه“ ۾، ۽ عبدالباقي نهاوندي، ”ماثر رحيمي“ ۾، مولانا جي والد جو نالو مولانا حيدر علي لکيو آهي، ليڪن ”بادشاهه نامه“ جو مصنف سندس والد جو نالو صدرالدرين محمد ڄاڻائي ٿو. پهريان ٻيئي مصنف لکن ٿا ته ”سندس والد مولانا حيدر علي اوائلي عمر ۾ سمرقند مان لڏي اچي سيوهڻ ۾ مقيم ٿيو“. ان طرح عبدالحميد لاهوري ”بادشاهه نامه“ ۾ ڄاڻائي ٿو ته ”سندس ڏاڏو علي بيگ بابر سان گڏ ٺٽي ۾ پهتو، ۽ مستقل طرح سان اتي بود و باش اختيار ڪيائين.“

انهيءَ سلسلي ۾ عبدالباقيءَ تي وڌيڪ اعتبار ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته هو خان خانان جو مـﺆرخ آهي، ۽ مولانا سندس همعصر به هو ۽ خان خانان جي علمي مصاحبن ۾ وڏي حيثيت جو مالڪ پڻ هو، تنهنڪري کيس وڌيڪ مستند ۽ تحقيقي احوال ملي سگهيو هوندو.

حقيقت هيءَ آهي ته سندس ڏاڏو علي بيگ نه، بلڪ سندس والد مولانا حيدر علي، سمرقند مان لڏي، سيوهڻ ۾ اچي ويٺو، جتي هن مير ابوالمڪارم بن مير غياث الدين سبزواريءَ جي ملازمت اختيار ڪئي.

قبيلو:

مولانا جي قبيلي متعلق، سواءِ ”بادشاهه نامه“ جي، ٻيا سڀ سوانح نگار خاموش آهن. چنانچه عبدالحميد لکي ٿو ته:

”او خود را به گروه ’کوه بر‘، که از قبيله است از

قبائل ’چغتا‘، منسوب مي سازد.“

تولد:

مولانا محب علي، بقول ’رحيمي‘، سيوهڻ ۾ پيدا ٿيو ۽ اڃا ننڍو ئي هو ته سندس والد فوت ٿي ويو. ان حقيقت جي تائيد ۽ تصديق عبدالحميد لاهوريءَ پڻ ڪئي آهي. جڏهن  پاڻ سمجهه ڀريو ٿيو، تڏهن سيوهڻ مان لڏي اچي ٺٽي ۾ ويٺو، جتي تعليم حاصل ڪري علم ۽ فضل ۾ ڪمال پيدا ڪيائين.

خان خانان جي ملازمت:

اڪبر جي زماني ۾ جڏهن مرزا عبدالرحيم خان خانان، مرزا جاني بيگ تي فتح حاصل ڪري، سنڌ کي مغل شهنشاهت ۾ داخل ڪيو، تڏهن هن، مولانا شڪيبيءَ جي تحريڪ تي، جيڪو ان وقت ٺٽي ۾ مرزا سان گڏ هو، مولانا محب عليءَ کي پنهنجي ملازمت ۾ داخل ڪيو. عبدالباقي نهاوندي لکي ٿو ته:

”در اوائل سن صبي که آن جناب در ’تته‘ بکسب

کمال مشغولي مي نمود، خدمت حسان الزماني، مولانا

شکيبي اصفهاني که انيس و جليس اين سخندان (خان خانان)

و سخن پرور بود، ايشان دريافته، و اطلاع بر فضل و

کمال و سلامت نفس و فقر و مسکنت اين خورد و

بمعنيٰ بزرگ، پيدا کرده احوال آن جناب را کماحقـﮧ

بخدمت اين دوستدار درويشان عرض نمود.“

جڏهن خان غيرت نشان جي سامهون مولانا پيش ٿيو، تڏهن هيٺيون شعر عرض ڪيائين.

بي غم! عشق تو صد حيف ز عمري که گذشت،

پيش زين ڪاش! گرفتار غمت مي بودم!

اهو واقعو 999هه ۾ ٿيو. مرزا عبدالرحيم خان خانان جي ملازمت کان سواءِ، مولانا ٻئي ڪنهن جي نوڪري اختيار نه ڪئي، جيئن پاڻ چوي ٿو:

مرا چون شد جواني بر در تو،

نخواهم شد به پيري از بر تو.

اهڙيءَ طرح عبدالباقي به چوي ٿو:

”بغير خدمت و صحبت اين بزرگوار رفيع مقدار، خدمت

و صحبت هيچ يک از اهل زمان اختيار نه نمود و نديد.“

خان خانان وٽ، مولانا نهايت عزت ۽ احترام سان زندگي بسر ڪئي ۽ زماني جي سڀني ضرورتن ۽ گهرجن کان بي نياز رهيو. جيئن مولانا پاڻ ان علم پرور امير جي صحبت ۾ خوش ۽ خورم رهيو، تيئن خان خانان لاءِ به مولانا جو وجود مسعود،  فخر ۽ مباهات جو سبب هو. چنانچه عبدالباقي لکي ٿو:

اين عالي شان (خان خانان) بوجود فايض الوجود او.......

مباهات مي نمايد، و صحبت او را غنيمت مي شمارند،”

نواب شاهنواز جي اتاليقي:

1025هه ۾ جڏهن خان خانان دکن تي ڪاهيو، تڏهن پنهنجي پٽ نواب شاهنواز خان کي به ساڻ ورتيون ويو، ۽ مولانا کي به سندس پڙهائڻ لاءِ ساڻ کنيائين.

1028هه ۾ جڏهن نواب شاهنواز خان، ڪثرت شراب نوشيءَ جي ڪري وفات ڪئي، تڏهن مولانا به فارغ ٿي وڃي برهانپور ۾ گوشه گير ٿيو.

حج جو سفر:

مولانا شڪيبي، المتوفي 1023هه، جڏهن حج تي اُسهيو، تڏهن مولانا به ساڻس همسفر ٿيو. مولانا شڪيبيءَ کي خان خانان 80 هزار (اسي هزار) رپيا، ٻين سڀني ضروريات سان گڏ، نقديءَ جي صورت ۾، زاد راه لاءِ ڏنا، ۽ ساڳئي وقت مولانا لاءِ بقول رحيمي:

”ما يحتاج راه و خرچ، ضروري آن سفر را، چنانچه

بايد و شايد، بجهت او مستعد و مهيا ساختند.“

انهيءَ سعادت کان سرفراز ٿي جڏهن عدن جي بندر تي سندن ٻيڙي غرق ٿي ويئي. چنانچه ٻين حاجين سان گڏ، هنن ٻنهي بزرگن وٽ به جيڪو مال اسباب ۽ پيسو ڏوڪڙ هو، سو ڪجهه ته غرق ٿي ويو، باقي شهر جي حاڪمن ۽ عالمن جي ور چڙهيو. اهڙيءَ طرح حيران پريشان، بندر سورت تي پهتا، جيڪو ان وقت خان خانان جي جاگير ۾ هو. خان خانان کي جڏهن اهو واقعو معلوم ٿيو، تڏهن وري به انعام اڪرام ڏيئي، کين نهال ڪري ڇڏيائين.

مولانا جيترو وقت، مڪه معظمه ۽ مدينه عاليه ۾ هو، سارو وقت ماڻهن کان پري گوشه نشينيءَ، عبادت ۽ ذڪر و فڪر ۾ مشغول رهندو هو. چنانچه مولانا شڪيبيءَ سان به هر ڏهن ڏينهن کان پوءِ، فقط هڪ دفعو شهر کان پري، ڪنهن ويراني ۾ ملندو هو، سو به تڏهن جڏهن مولانا شڪيبي سندس لاءِ ڳولا جاري رکندو هو.

عبداحميد لاهوري لکي ٿو ته حج تي ويندي سورت بندر ۾ پهچي، مولانا، شيخ محمد فضل الله جي صحبت مان فيضياب ٿيو ۽ کانئس خلافت جو خرقو حاصل ڪري، پوءِ روانو ٿيو.

حج تان موٽڻ بعد وري اچي سپـﮧ سالار جي ملازمت ۾ مشغول ٿيو، ليڪن هن دفعي ’دائم الصوم ۽ قائم الليل‘ رهڻ پنهنجو شعار بنايائين ۽ تسبيح ۽ تهليل ۾ سارو وقت صرف ڪرڻ شروع ڪيائين.

برهانپور ۾:

1028هه ۾ جڏهن نواب شاهنواز خان فوت ٿيو، تڏهن مولانا به دنيا کان آقي باقي تعلق ٽوڙي، مستقل طرح سان وڃي برهانپور ۾ گوشه گير ٿيو. عبدالحميد لاهوري لکي ٿو:

”ٽيهه سال خان خانان وٽ رهڻ کان پوءِ، برهانپور پهتو، ۽ ٿوري عرصي کان پوءِ اتان حج تي ويو ۽ موٽي وري به اچي برهانپور ۾ مقيم ٿيو.“

999هه ۾ مولانا، خان خانان وٽ ملازم ٿيو ۽ 1028هه ۾ نواب شاهنواز جي وفات کان پوءِ گوشه گير ٿيو. تنهنڪري ٽيهه سال نه پر اڻٽيهن سالن کان پوءِ، پنهنجي ڪرم گستر سپهه سالار کان علحدو ٿيو. اهڙيءَ طرح سان بقول عبدالباقي:

”در ايام ملازمت ايشان باين سعادت سرفراز گرديد“

يعني، 1023هه کان اڳ، مولانا حج تي ويو، ڇاڪاڻ ته اهو سَن، مولانا شڪيبيءَ جي وفات جو آهي، جيڪو ساڻس همسفر هو.

ملا عبدالنبي فخرالزماني، مولانا جو ذڪر ڪندي، هڪ دفعي لاءِ لکيو آهي ته مولانا، خان خانان کان موڪل ڪري، پنهنجي وطن جي حب ۾ ڳوٺ ڏانهن ٿي موٽيو؛ ليڪن اڃا پهتوئي ڪين ته وري کيس خان خانان ياد پيو، چنانچه انهن پيرن تان موٽي وڃي درٻار ۾ حاضر ٿيو، ۽ هن طرح معذرت ڪيائين:

”خواستم چون صبت جودت، سر نهم در عالمي_

کوه شوقت ره شد، چون صدا باز آمدم.“

اهڙيءَ طرح، عبدالنبيءَ فخرالزمانيءَ جي ’ميخانه‘ ختم ٿيڻ يعني 1028هه تائين، سندس لکڻ موجب ”مولانا، خان خانان وٽ هو.“

شاهجهان جي ملازمت:

ملا عبدالحميد لکي ٿو ته جڏهن صاحب قرآن ثاني، يعني شاهجهان، 1037هه ۾ تخت تي ويٺو، تڏهن مولانا وري اچي بادشاهه جي ملازمت ۾ داخل ٿيو. اهڙيءَ طرح مولانا جي هموطن، مير علي شير ’قانع‘ به ”مقالات الشعرا“ ۽ ”تحفـﺔ الڪرام“ ۾ سندس احوال ۾ جيڪا هڪ_ اڌ سٽ لکي آهي، ان ۾ کيس شاهجهان جو ملازم لکيو اٿس.

شاهجهان جي درٻار ۾ به مولانا کي وڏو مرتبو حاصل هو. 1047ع ۾ بارش نه پوڻ سبب جڏهن سخت ڏڪار جو انديشو پيدا ٿيو، تڏهن بادشاهه شاهجهان، جن بزرگن کان ان موقعي تي ’باران نماز‘ پڙهائي، انهن ۾ مولانا جو نالو، عبدالحميد لاهوريءَ پ ڻ ڄاڻايو آهي.

مولانا، شاهجهان جي ملازمت ۾ ڪيترو عرصو رهيو، ان جو پورو پتو پئجي نٿو سگهي. ”بادشاهه نامه“ مان معلوم ٿئي ٿو ته 1047ع تائين مولانا، بادشاهه جي حضور ۾ موجود هو. سندس احوال به ”بادشاهه نامه“ جي پهرئين جلد ۾ آيل آهي، جيڪو 1047ع جي واقعات تي ختم ٿئي ٿو، ۽ سندس احوال جي پڇاڙيءَ ۾ عبدالحميد لکي ٿو ته:

”اکنون از پيشگاه حضور مرخص گشته“

ان مان اندازو ٿئي ٿو ته 1037ع کان وٺي 1042ع تائين، مولانا شاهجهان وٽ رهيو.

مير ابوالمڪارم بن مير غياث الدين سبزواري، جنهن وٽ مولانا جو والد سمرقند مان لڏي اچي ملازم ٿيو هو، ان جي پٽ مير عبدالله سلطان عريضي جڏهن شريف الملڪ جي معزوليءَ کان پوءِ، ٺٽي جي منصبداري ڇڏي، تڏهن وقت گذران لاءِ سندس والد جو حق نمڪ ادا ڪندي، مولانا کيس شاهجهان بادشاهه کان پنجاهه هزار سالياني آمدنيءَ جي جاگير ڄام تماچيءَ جي سيريءَ مان وٺي ڏني. انهيءَ واقعي مان به شاهجهاني درٻار ۾ مولانا جي دسترسيءَ جو اندازو ٿي سگهي ٿو.

علم و فضل:

جيئن مٿي لکي آيا آهيون، مولانا ٺٽي ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ علم و فصل ۾ ايترو ڪمال حاصل ڪيائين، جو شڪيبيءَ جهڙي استاد جي نظر، جنهن کي حسان الزمان سڏيو ويندو هو، ٺٽي جي سموري علمي مرڪز ۾ وڃي مٿانئس پئي. نيٺ سندس شخصيت کان متاثر ٿي ايترو مجبور ٿيو، جو کيس به خان خانان جهڙي علم دوست ۽ علم پرور امير جي صحبتن جي سلسلي ۾ شامل ڪرايائين: حالانڪ ان وقت ايران ۽ هندستان جا سوين بهترين عالم ۽ شاعر اتي اڳ ۾ ئي موجود هئا.

عبدالباقي نهاونديءَ سندس ذڪر نهايت شاندار نموني ۾ لکيو آهي؛ ۽ سندس نالي کي نهايت ادب ۽ احترام سان کنيو آهي. سندس علم ۽ فضل جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:

”در فن طلب علمي بينظير و بيمثال و فريد عصر و ييگانه دهر است.“

ملا عبدالحميد لکي ٿو ته:

از علوم ظاهري بهره مند است و از تکلفات رسمي و تصنعات عرفي بيگانه.“

خان خانان وٽ جيڪي عالم ۽ شاعر هئا، انهن جو ذڪر ڪندي ’ماثر رحيمي‘ جو صاحب لکي ٿو ته:

”مثل مولانا محب علي سندهي که از مشاهير روزگار است“  (2_588).

اهڙيءَ طرح ٻيءَ جاءِ تي نواب شاهنواز خان جي احوال لکندي، مولانا لاءِ لکي ٿو ته:

”از آن جمله مولانا محب علي سندهي است که از افاضل و اعيان روزگار ست، و طبع نظم عالي دارد؛ انيس و جليس ايشان است“  (2_634).

مولانا جو اهوئي علم ۽ فضل جو ڪمال هو، جنهن جي ڪري خان خانان به سندس صحبت کي غنيمت ڄاتو ٿي ۽ پاڻ وٽ هجڻ جي ڪري فخر ۽ مباهات محسوس ٿي ڪيو_ باوجود ان جي، جو وٽس ٻيا به يگانه روزگار اهل ڪمال موجود هئا.

 

ٻيون خصوصيتون:

مولانا نه فقط عالم ۽ فاضل هو، پر مذهبي لحاظ سان به حضرت بايزيد بسطامي ۽ جنيد بغداديءَ جهڙو کيس مرتبو حاصل هو. چنانچه عبدالباقي لکي ٿو ته:

”درويش نهاد و فاني مشرب واقع شده، و در  طرز تصوف

و تذکير و تحقيق، جنيد و بايزيد وقت و زمان خود است.“

’ماثر رحيمي‘ جو مصنف، سندس بزرگيءَ کان ايترو ته متاثر ڏسجي ٿو، جو شاعريءَ جي ساڻس نسبت ڪرڻ گستاخي ٿو سمجهي ۽ چوي ٿو ته:

”نسبت شعر و شاعري به ايشان دادن لازم آمد، والا مرتبه

و حالت ايشان را در اقسام حيثيات و استعدادات بتخصيص

فقر و مسکنت، که انسان کامل، عبارت از جمع است

که اين سه رشته بدست در آورده باشد، آن ست. راقم

را ازين گستاخي باز ميداشت.“

ساڳيو مصنف، صوم و صلواة جي پابنديءَ جو ذڪر ڪندي، ٻئي هنڌ لکي ٿو:

”دائم الصوم و قائم الليل بودن را  شعار خود ساخته و

در زهد و ورع و تسبيح و تهليل هيچ گونه فوت و

فرو گذاشتي نه مي نمايد. و براه نمونهء قائد توفيق

قدم در اين وادي نهاده موفق گرديده، هادي و مقتدي

و راه نمائي اين فرقه گرامي توانند شد.“

اڳتي هلي ساڳيو ملا عبدالقادر لکي ٿو:

”و زخارف دنيوي را معدوم انگاشته به مضمون عمل مي نمايند.

در دهر که عيب و هنرش ميدانم،

وز هر چه در او ست، کمترش ميدانم؛

بالي نه فشانم و صغيري نکشم،

برخود ز نفس تنگترش ميدانم.

و اين شيوه از يشان بغايت پسنديده و نيکومي نمايد

چرا که از شائبه ريا و کذب مير است،  و تمام اوقات

شريف مسلوک ميدارد، که نه از عنايت و مرحمت جهانيان

خوشحال و نه از کم لطفي و بي شفقتي زمانيان آزرده و

صاحب ملال مي گردد، لطف مخلوق را معدوم انگاشته،

بندگيء خلق جز و کز و خدمت و صحبت فقراء و

درويشان را برهمه  چيز ترجيح مي نهد.“

مصنف، مولانا جي انهن بزرگانه ۽ درويشانه خوبين ۽ خصوصيتن کان ايترو ته متاثر آهي، جو چوي ٿو ته مون کي تعجب آهي ته اهو صاحب، سپهه سالار جي صحبت ۾ ڪيئن رهي پيو آهي. آخر ۾ مولانا کي ساراهيندي، سندس ذڪر هن فقري تي ختم ٿو ڪري:

”الحق مثل مولاناي مذکور درين جز و زمان نيست

و نخواهد بود، و اهل هند را اعتمادي تمام بفضيلت

و حالت او هت و ميرسد و مي زيبدشان.“

شاعري:

جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي، مولانا محب علي قادرالڪلام شاعر به هو ۽ عبدالباقيءَ جي قول مطابق حڪيم سنائيءَ جو هم پايه هو ۽ شاعريءَ ۾ گهڻو ڪري، تتبع به ان جوئي ڪندو هو. ساڳيءَ طرح سندس هم وطن مـﺆرخ مير علي شير ’قانع‘ به کيس شاعر، اشعر ۽ شاعر جيّد جي لقب سان ياد ڪيو آهي.

”مقالات الشعرا“ ۾ سندس چند اشعار، ”ميخانه“ ۾ سندس ”ساقي نامه“ جا ٻه_ٽي شعر، ۽ ”رحيميءَ“ ۾ سمورو ”ساقي نامه“ ۽ چند قصيدا ڏنل آهن. ”ميخانه“ جو صاحب لکي ٿو ته سندس ديوان اڃا گڏ ڪونه ٿيو آهي. اهڙيءَ طرح ٻئي به ڪنهن سوانح نگار سندس ديوان يا ٻئي ڪنهن تصنيف جو  پتو ڪونه ڏنو آهي.

سندس معاصر:

عبدالرحيم خان خانان جهڙي سخن  پرور  ۽ فياض امير جي بدولت، مولانا کي ان زماني  جي بهترين عالمن ۽ شاعرن جي صحبت ميسر ٿي. سندس معاصرين به بلند مرتبه حيثيت جا مالڪ آهن، جن جي مفصل احوال جي گنجائش هت ڪري نٿي سگهجي. حسام الزمان مولانا شڪيبي، مولانا نظيري، نواب قلي بيگ انيسي، شريف ڪاشي، مُلا ڪافي سبزواري، مُلا بقائي وغيره جا نالا معاصرن جي سلسلي ۾ بطور نموني جي ڏيئي سگهجن ٿا. ’مقاصد رحيمي‘ ان لاءِ وڌيڪ رهنمائي ڪري سگهي ٿي.

وفات:

مولانا جي وفات جي تاريخ ۽ سن معلوم ٿي نه سگهيو آهي، ڇاڪاڻ ته مٿيان سڀ سوانح نويس، سندس حياتيءَ ۾ پنهنجا ڪتاب ختم ڪري چڪا آهن. ملا عبدالحميد لاهوري 1065ع ۾ فوت ٿيو ۽ 1047ع جي واقعات تائين مولانا کي برهانپور ۾، ”بپرستش ايزدي“ مشغول ڏسي ٿو.

                                                                [”مهراڻ“، 1_1967ع]

 

 

حضرت مولانا دين محمد وفائي

 

مصائب تهـﻶ بهت پر دل کا جانا_ عجب اک سانحـﮧ سا هوگيا هـﻶ

اجل جي اچڻ کان ٻه ڏينهن اڳ، پاڻ ۾ گڏ هئاسين. جنهن شام جو ملاقات ٿي ان جي صبح تي سکر وڃڻ جو ارادو هوس. ”يونين بڪ اسٽال“ جي دروازي تان موڪلايوسين. نه هن کي اهو معلوم ته وري ملڻ ممڪن نه ٿيندو، نه مون کي اها خبر ته ڀاڪر پائي موڪلائڻ، گويا عارضي جدائيءَ لاءِ نه بلڪ قيامت جي وڇوڙي لاءِ آهي.

جيتوڻيڪ دنيا درگذر آهي، ڪئين پيا اچن، ڪئين پيا وڃن، اهو سلسلو شروع کان ئي شروع آهي ۽ آخر تائين رهندو__ ڪنهن جو ڏک ڪري ڪنهن جو ڪبو__ پر مولانا جو اسان کان جدا ٿيڻ اهڙو معمولي ۽ اهڙو عام نه آهي جنهن جو ڏک جلد مٽبو، جنهن جو سور سهنج سان ويندو يا جنهن جو داغ دائما نه رهندو.

____           ____           ____

مولانا جي عمر، انتقال وقت اٽڪل 59 ورهيه هئي. مينديءَ رتل سونهاري، اکيون روشن، پيشاني ڪشادي، نڪ جو نقشو سهڻو، منهن جي تختي نه ڊگهي نه گول، بلڪ درمياني بيضوي، رنگ کليل ڪڻڪ ونون، قد متوسط، هاٺي ۽ هڏ ڪاٺ بلڪل مضبوط، پوشاڪ سادي پائيندو هو، مٿي تي پٽڪو، ڪڏهن ترڪي ٽوپي، بدن تي قميض، هلڪي سٿڻ ۽ انگريزي وضع جو شارٽ ڪوٽ، ڪڏهن ڪڏهن سنڌ جي درزيءَ جي سبيل شيرواني به پهريندو هو. ڪنهن وقت مٿي تي سلڪ جو پٽڪو به پائيندو هو، جنهن کي ترو به ڇڏيندو هو. هوءَ سندس عام وضع، ۽ هي پوشاڪ هوندي هئي.  پويون ويس گهڻو ڪري سرديءَ جي سمي ۾ پهريندو هو، هٿ ۾ هميشه بيد جو وچٿرو لڪڻ کڻندو هو.

گهر کان انهيءَ ٺاٺ سان نڪرندو، خرامان خرامان، ڪڏهن الوحيد، ڪڏهن شيخ صاحب قبله جو گهر ۽ ڪڏهن ڪڏهن منهنجي غريب خاني تي به عنايت ڪندو رهيو. ڪتابن جي دڪانن تي به کيس عام طرح ڪنهن ڪتاب جي مطالعي ۾ مصروف ڏٺو ويندو هو. مدرسه مظهرالعلوم به سندس آمدرفت جو مرڪز هو.

ڪو ماڻهو ملندس، کلي، ٽهڪ ڏيئي، سينو کولي، کيس ڳراٽي پائيندو هو. تعلقات وسيع، ڪنهن سان اختلاف نه ڪيائين. هميشه دوستي، سڀ سان محبت ۽ سڀڪنهن سان اُنس رکندو هو. ڪڏهن کڻي ڪنهن تي ڪاوڙيو تڏهن به وات مان ويڻ نه ڪڍندو، ڏکيو لفظ ڪنهن کي نه چوندو، پيشانيءَ تي هلڪو گهنڊ پوندس، ليڪن منهن تي مُشڪ هونديس. ”بيوقوف يا احمق“ جو لفظ نڪتو ته گويا وڏو وس ٿيو، بس ڪاوڙ ختم، غصو ويو، وري هڪدم ٽهڪ ڏيئي ڳالهه آئي وئي ڪري ڇڏيندو.

نبي آباد جو ڳوٺڙو، ڳڙهي ياسين تعلقي ۾ آهي، مولانا اُتي ڄائو، تعليم ڪٿي ۽ ڪهڙي ورتائين ان جو پتو نه آهي. ليڪن علم جو اڪابر هو؛ فارسي، عربي، اُردو ۽ سنڌي زبانون سندس ٻانهن ٻڌيون ٻانهيون هيون. زندگي اڪثر سکر ۾، ۽ گهڻو ڪري ڪراچيءَ ۾ گذاريائين.

هوش سنڀالڻ شرط، قلم هٿ ۾ کنيائين، ڪڏهن اخبار لکيائين، ڪڏهن رسالو ڪڍيائين ۽ ڪڏهن ڪو ڪتاب تصنيف ڪيائين. تاريخ جو سنڌ ۾ امام هو. حافظو پڇاڙيءَ تائين غضب جو هيس. سنڌ جي تاريخ بر زبان، مشاهيرن جون حياتيون ياد، انهن جي تولد ۽ وفات جي تاريخن تائين به ياد ٻڌائيندو هو. سنڌ ۾ اهل حديث جو پهريون علمبردار هو. 30_35 سال حديث جي خدمت ڪيائين.

خلافت جو سرگرم ڪارڪن هو ۽ اسلامي سياست جو عاشق زار، ڪابه اسلامي تحريڪ شروع ٿي ته مولانا متانت ۽ سنجيدگيءَ سان ان ۾ شامل ٿيندو ۽ پڇاڙي تائين ان جو ساٿ ڏيندو هو.

خلافت جي زماني ۾ ”الوحيد“ نڪتي ان جو ايڊيٽر ٿيو ۽ ٻاويهن سالن تائين ان جي ادارت جا فرض نباهيندو رهيو. 30 سالن کان ماهوار رسالو ”توحيد“ ڪڍندو رهيو، جنهن ۾ مذهبي، علمي، تاريخي، اصلاحي ۽ معاشرتي مضمون شايع ٿيندا رهيا. ابتدائي زماني ۾، غالباً 1916ع جي ڳالهه آهي، ته پير عبدالغفور شاه سان گڏجي ”الڪاشف“ نالي سان هڪ علمي ۽ تاريخي رسالو ڪڍيائين_ اهو غالباً سنڌ جو پهريون ئي رسالو هو جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن تي معياري مضمون شايع ٿيا. 1962ع ڌاري ”الحزب“ نالي نهايت خوبصورت هفتيوار اخبار ڪڍيائين_ ان ۾ جيڪي سندس تاريخي ۽ علمي مضمون شايع ٿيا، سي اڄ تائين ماڻهن کي ياد آهن. انهن کان سواءِ هن نصف صديءَ اندر سنڌ ۾ جيڪي به روزانه، هفتيوار يا ماهنامه نڪتا تن سڀني کي مولانا پنهنجن مضمونن سان مزين ڪندو رهيو.

____           ____           ____

مولانا تقريباً 50_60 تصنيفون به ڇڏيون. مذهب، تاريخ ۽ سوانح_ اهي ٽي ميدان هئا جن ۾ هن جي قلم جي جولاني رهي. صحيح بخاري جو ترجمو ”الهام باري“ جي نالي سان 5 جلدن ۾ ڪيائين ۽ چئن يارن جي سوانح نهايت دلنشين پيرايه ۾ قلمبند ڪيائين. ”ياد جانان“ نالي ميان جان محمد جوڻيجي جي حياتي لکيائين، جنهن ۾ ان دﺆر جي سياسي تاريخ به بيان ٿيل آهي. نالا ياد نٿا پون ليڪن ڪئين ڪتاب لکيائين.

هن پوئين زماني ۾ به ڪتابن لکڻ جو وڏو پروگرام سندس سامهون هو. سنڌ جي مشاهيرن جا حالات لکي رهيو هو، خبر نه آهي ته ڪيستائين اهو ڪتاب مڪمل ڪيائين. شاهه عبداللطيف عليه الرحمته جي سوانح خاص ڪاوش ۽ قرينه سان لکي هئائين، جيڪا ڇپجي رهي هئي ۽ ان جو آخري پروف جنهن ڏينهن موت سان ملاقي ٿيڻ سکر اُسهيو ٿي، ان کان هڪ ڏينهن اڳ ڏٺو هئائين. غالباً اڃا سندس مزار جو لوڙه به نه سُڪو ته سندس اهو علمي ڪارنامو نڪري نروار ٿيو.

خوش قسمتيءَ سان اُنهن 15_20 ڏينهن اندر مون کي ساڻس ملڻ جو ڪئين دفعا اتفاق ٿيو. هونءَ ته ڪڏهن ڪڏهن مهينا به لنگهي ويندا هئا ته ملڻ جو موقعو ڪونه ملندو هو. ليڪن هنن چند ڏينهن ۾ ڪڏهن ڄاڻي واڻي ۽ ڪڏهن اتفاقي، جلد از جلد ساڻس ملاقاتون ٿينديون رهيون.

28_ مارچ جو الوحيد ۾ ويس، اڃا در کان منهن ڪڍيم ته مولانا ڏسي ٽهڪ ڏنو. دين محمد عليگ جي قريب ڪرسيءَ تي ليٽيو پيو هو، اُٿي ڳراٽي پاتائين، حال احوال پڇيائين، ڪتابن جون ڳالهيون نڪتيون. ڪجهه هن ڪيون، ڪجهه مان ڪيون، ڪلاڪ ٻن کان پوءِ کانئس موڪلائي هليو آيس.

____           ____           _____

2_ اپريل جو 11 بجي ڌاري، شيخ صاحب، دين محمد عليگ ۽ پاڻ مون وٽ آيا، ڪتبخاني ۾ ويٺا رهياسين، پهريون سنڌ جي تاريخ لکڻ تي بحث ٿيو. مهراڻ پبلشنگ هائوس ۽ نون ڪتابن لکڻ تي گفتگو ٿي، سنڌ جي ضرب المثلن ۽ محاورن گڏ ڪرڻ جي تجويز ٿي ۽ ديهاتي ڏوهيڙن ۽ گيتن کي گڏ ڪري ڇپائڻ جي اسڪيم به تيار ٿي. الغرض 11 بجي صبح کان 5 بجي شام تائين انهيءَ قسم جي گفتگو هلندي رهي. انهيءَ ڏينهن هڪٻئي سان چرچو مذاق به خوب ڪيوسين. خدا مون کي بخشي ۽ هُن تي به رحمت ڪري.

4_ اپريل جي صبح جو مولانا مون وٽ آيو_ اهو ئي آمد جو دلنشين انداز، ترڪي ٽوپي، ننڍو ڪوٽ، هٿ ۾ لڪڻ، خرامان خرامان اچي ڪتبخاني جي هڪ آرام ڪرسيءَ تي ويٺو. لڪڻ پاسي ۾ رکيائين، ترڪي ٽوپي لاهي ٻيءَ ڪرسيءَ تي رکيائين، کيسي مان پَن جي ٻيڙي ڪڍي، مون کان ماچس وٺي دکايائين، هڪ سوٽو هڻي چيائين ”الهام باري“ ڏي. مان ڇوڪري کي ڪتاب ڳولهڻ لاءِ موڪليو. پاڻ تيسين ٻيا ڪتاب ڏسڻ لڳو. ڪٻاٽ مان مرزا حيرت جو لکيل ”چراغ دهلي“ ڪڍرايائين، ان کي ڪن ڪن جاين تان نظر مان ڪڍيائين. ”الهام باري“ آيو، کڻي روانو ٿي ويو.

”چراغ دهلي“ جتي رکيو ويو اتي ئي رکيو هو ته چوٿين ڏينهن شام جو سندس انتقال جي خبر پيئي. رات جو ڪتبخاني ۾ گهڙيس،  پهريون ئي نظر ”چرغ دهلي“ تي پيئي، اکين مان ڳوڙها وهي ويا. اڃا 7_8 ڏينهن ٿيا ته مولانا ان کي پڙهي رکي ويو آهي، جتي رکي ويو آهو اتي ئي پيو آهي، پر پاڻ پنهنجي جاءِ تي ٺهي ئي ڪونه.

____           _____         _____

8_ اپريل تي اسان جي آخري ملاقات ٿي. ساڍي 5 بجي شيخ صاحب جي جاءِ تي، ”مهراڻ پبلشنگ هائوس“ واري ڪمري ۾ ويس. شيخ صاحب ننڍيءَ ڪرسيءَ تي ويٺو آهي، ان جي سامهون شيخ ساز علي موجود آهي، مولانا  ڪنڊ ۾ پيل آرام ڪرسيءَ تي پلٿي ماريو ويٺو هو،   لڪڻ پاسي ۾، ترڪي ٽوپي ٻيءَ ڪرسيءَ تي پيئي آهي، پاڻ ”الهام باري“ جي هڪ جلد کي پڙهندو به وڃي ٿو ۽ ڪٿي ڪٿي تصحيح به ڪندو وڃي پيو.

مان ڪرسي سوري سندس پاسي ۾ ويٺس، ايتري ۾ عثمان علي انصاري ۽ دين محمد عليگ به اچي ويا، ٿوري وقت بعد مولانا غلام مصطفي ۽ ڊاڪٽر شيخ نور محمد جن به آيا، گهڻو وقت گفتگو شاهه جي رسالي جي طباعت تي ٿي، مسلمانن جي ان وقت جي اخلاقي زوال ۽ ذهني پستيءَ تي به ڪلاڪ کن روئڻو رنو ويو، مولانا بحث ۾ منهنجو پاسو ٿي ورتو. شيخ صاحب وچ ۾ بحث کي ختم ڪرڻ جي گهڻي حد تائين ڪوشش ٿي ڪئي. دين محمد عليگ سامهين ڪنڊ ۾ ننڍيءَ ڪرسيءَ تي ويٺو ڇڙو کلي رهيو هو. عثمان علي انصاري ۽ شيخ نور محمد ڪڏهن نرم ۽ ڪڏهن گرم گفتگو ٿي ڪئي.

مولانا ٻئي ڏينهن پنهنجي بيگم کي سکر وٺي وڃڻ لاءِ تيار هو، دين محمد عليگ ۽ شيخ صاحب کيس روڪيو ته صبح جو نه وڃو، آخر سندس وڃڻ جو وقت ٻئي ڏينهن تي مقرر ٿيو.

مان کيس چيو ته مولانا ”حديقـﺔ الاوليا“ مون کي ڏيئي وڃو ته نقل ڪرائي وٺان. چيائين ته دير ٿي ويئي آهي، ڪتاب جا منتشر اجزا آهن هاڻي لڀي نه سگهندا، هفتي بعد موٽي اچي ڏيندس. مان محض مذاق ۾ کيس چيو ته مولانا موت ۽ ملاقات جو وقت ئي ڪونه آهي، معلوم نه آهي ته تون مرين يا مان مري وڃان، تنهنڪري ڪتاب هاڻي ڏيئي وڃ. ”الهام باري“ ڏي اشارو ڪري چيائين ته اسان اڃا ڪونه مرنداسين. ڪيترو علمي ۽ مذهبي ڪم ڪرڻو آهي. ”الهام باري“ جي تصحيح ڪرڻي آهي. مولانا عبيدالله رحه جي تفسير جو سنڌي ترجمو ڪرڻو آهي ۽ شاهه جو رسالو نئين سر مرتب ڪرڻو آهي، سنڌ جي مشاهيرن وارو ڪتاب به اڃا پورو نه ٿيو آهي، تنهنڪري اطمينان رک جلد ڪونه مربو، هفتي بعد اچي ڪتاب ڏيندس.

____           ____           ____

سانجهي ٿي، مولانا نماز پڙهي، مان کيس چيو هل ته هلي قاضي اختر ميان جوناگڙهيءَ سان ملون، اُتان موڪلائي ٻئي گڏجي نڪتاسين، مولوي غلام مصطفى به ساڻ ٿيو. بندر روڊ تي ”يونين بڪ اسٽال“ وٽ پهچي اختر ميان جي جاچ ڪئي سين، معلوم ٿيو ته ڪونه آهي. فوٽ پاٿ تان موڪلايوسين، مان گهر هليو آيس، ۽ مولانا، غلام مصطفى سان گڏجي، گهر طرف روانو ٿيو. وقت تقريباً اٺين بجي جو هو. بس اها آخري ملاقات هئي.

____           ____           ____

9 تاريخ مولانا ڪراچيءَ ۾ هو. 10 تاريخ صبح جو اهليه سميت سکر روانو ٿي ويو. 7 بجي شام جو اُتي پهتو ۽ 5 ڪلاڪن بعد 11 بجي ڌاري انتقال ڪري ويو. ڪراچيءَ موٽي اچڻ جو سندن ارادو قائم رهيو، مون سان جيڪو ”حديقـﺔ الاولياء“ ڏيڻ جو وعدو ڪيو هئائين سوئي وفا ڪري نه سگهيو.

پنچهه اُط گيا ليکن ڊال ابهه تک جهوم رهه هـﻶ.

____           ____           ____

11_ تاريخ شام جو شيخ صاحب وٽ ويس. اکين ۾ آب آڻي ٻڌايائين ته مولانا رات انتقال ڪري ويو. يقين نٿي آيم. ليڪن مختلف پيراين ۾ پڇڻ کان پوءِ آخر پڪ ٿي.

چار ڏينهن اڳ شام جو جنهن ڪرسيءَ تي پاڻ ويٺو هو، اها اڃا انهيءَ ئي انداز ۾ پئي هئي. پاسي ۾ جنهن ڪرسيءَ تي ترڪي ٽوپي رکي هئائين، اها به اڃا اُتي ئي رکي هئي. پَن جون ٻيڙيون ڇِڪي جيڪا خاڪ اُڇلائي هئائين، اُها به هوا اُتان اُڏاري نه سگهي هئي. ڪي اڌڙ 15 نمبر ٻيڙين جا اڃا اُتي ئي منتشر پيا هئا. سڄي ڪمري کي ڏٺم، سڀ شيون ساڳيءَ ريت  پيون هيون، ليڪن نه ”الهام باري“ اُتي هو ۽ نه ان جو مصنف مون کي نظر آيو. افسوس!

هنڌ اُهي ئي ماڳ، پر جت نه پسان جوءِ ۾.

____           ____           ____

دين محمد عليگ مليو،  چيومانس ته تون ڪنهن وزير  کي چئو ته اڌ ڏينهن سنڌ جون آفيسون مولانا جي اعزاز ۾ بند ڪرائين.

ٿڌو ساهه کڻي چيائين ڀاءُ! مان ڪنهن کي چوان! ۽ جي چوان به کڻي ته دين محمد وفائيءَ لاءِ ڪنهن کي پئي آهي جو آفيسون بند ڪندو. هو نه ليڊر هو، نه اسيمبليءَ جو ميمبر، نه وزير هو، ۽ نه امير.

منهنجي اکين ۾ پاڻي تري آيو، دل ۾ خيال ڪيم ته واقعي سچ ٿو چوي، مولانا دين محمد وفائي رڳو عالم هو. فقط الوحيد اخبار جو 22 سال ايڊيٽر رهيو. هن محض سنڌ جي تاريخ  پڙهي ۽ سنڌين کي پنجاهه ورهين تائين ان جون ڳالهيون ٻڌائيندو رهيو. مذهب جي خدمت ڪيائين ۽ هن ديس جي ادب جي خدمت ڪئي. نه ورهيه، نه ٻه ورهيه، پر پورا پنجاهه سال. اهي خدمتون ڀلا ان لائق ڪٿي جو سنڌ جا ڪلارڪ سوڳ ڪن.

اسپ تازي شد مجروح بزير پالان

طوق زرين همـﮧ در گردن خرمي بينم

[”يادگار وفائي“، مرتب: علي نواز وفائي، تان ورتل.]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com