سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون

باب: --

صفحو :60

 

شاهه تي تحقيق

 

[1961ع ۾ ڀٽ ڌڻيءَ جي ميلي جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس ۾ صدارتي خطبو]

شاهه سان عقيدت رکندڙ، لکندڙ ۽ دانشور حضرات!

سڀ کان اول آءُ اوهان جو شڪريا ادا ڪريان ٿو. هيءُ شڪريو فرضي ۽ مصنوعي ناهي، جيئن عام طرح صدر ڪندا آهن، بلڪ دل جي گهراين مان اهو شڪريو ادا ڪري رهيو آهيان. آءُ اوهان سڀني جو ممنون آهيان، جو مون کي نه رڳو سنڌ جي عظيم شاعر، پر دنيا جي وڏي شاعر جي سالگرهه جشن جي موقعي تي هن ادبي ڪانفرنس جي صدارت جو اعزاز بخشيو اٿوَ.

دوستو! جڏهن به اهڙا جشن ٿين، ته انهن ۾ ضروري ڳالهيون سوچيون وڃن، جيئن هنن ڪانفرنسن وسيلي آئنده لائحه عمل ٺهي سگهي. آءُ هن موقعي جو فائدو وٺي، جيڪي ڪجهه ضروري سمجهان ٿو، سو سڀني لکندڙن ۽ اديبن آڏو پيش ڪريان ٿو.

شاهه صاحب جي سلسلي ۾ منهنجو ذاتي تاثر هيءُ آهي ته شاهه جنهن عزت ۽ مقام جو شاعر آهي، ان پاپي جو اڄ تائين ڪوبه مضمون يا مقالو نه لکيو ويو آهي. انهيءَ جو وڏي ۾ وڏو سبب مواد ۽ تحقيق جي ڪمي آهي. مون کي معاف ڪندا، اسان کي هڪٻئي ۾ صاف ۽ کليون ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، جنهن سان اسين هڪٻئي جي عيبن ثوابن کي پرکي ۽ پروڙي سگهون. هن وقت تائين، جنهن به شاهه تي لکيو آهي، تنهن جي آڏو هڪڙو ئي نڪتو پئي رهيو آهي ته هو پاڻ کي شاهه جي شارحن ۾ شامل ڪرائي. اهڙن لکندڙن جي مقالن ۽ مضمونن ۾ نه تحقيق آهي ۽ نه ئي وري ڪو سير حاصل بحث، جنهن کي ڪا نئين شيءِ چئي سگهجي.

ٻي وڏي غلطي هيءَ آهي ته اسان جي ذهن ۾ اڃا تائين جو اصل مقام ڪونه پيدا ٿيو آهي، تنهنڪري شاهه جو ٻين شاعرن سان تقابلو ڪندا رهون ٿا. اهڙا مضمون فقط سطحي مطالعي جي بناء تي هوندا آهن. لکندڙ کي انهن شاعرن تي به ڪا دسترس نه آهي. شاهه جي ڪلام جو مقابلو ٻين شاعرن جي ڪلام سان تڏهن ڪري سگهبو، جڏهن انهن شاعرن جو ڪلام ۽ انهن تي تحقيقي مضمون پڙهجن. اول تصوف جي تاريخ جو مڪمل مطالعو ڪجي ۽ پوءِ ”شاهه جو رسالو“ آڏو رکجي. تڏهن ئي شاهه جو صحيح مقام معلوم ٿي سگهندو. شاهه جو مقام منهنجي نظر ۾ دنيا جي سمورن شاعرن کان بلند آهي. اسان جا ڪي دوست، شاهه جي مولانا روميءَ سان ڀيٽ انهيءَ ڪري ڪندا آهن جو شاهه صاحب وانگر روميءَ به پنهنجي ڪلام ۾ حڪايتون پيش ڪيون آهن، پر روميءَ جي ڪلام ۾ شاهه وانگر حب وطن جو جذبو ڪونهي، هن کي پنهنجي آسپاس جي شين سان محبت ڪانهي. مون روميءَ جي فارسي شاعريءَ جو مطالعو ڪيو آهي، پر سندس شعر تمام سست آهي. انهيءَ ڪري جيتري قدر شاعريءَ جو تعلق آهي، شاهه صاحب کانئس بلند آهي. روميءَ جي مثنويءَ ۾ ايڏي نرمي ۽ لطافت نه آهي، جيڏي رسالي ۾ آهي. شاهه جي ڪلام ۾ اهڙي نرمي ۽ لطافت آهي جهڙي ريشم ۾. پَٽ جيئن نرم ۽ نازڪ ٿيندو آهي، جنهن جي ڇُهڻ سان هڪ لذت محسوس ٿيندي آهي، بلڪل انهيءَ قسم جي لذت ۽ لطافت شاهه جي ڪلام ۾ آهي. منهنجو ذاتي خيال آهي ته شاهه ۽ روميءَ جي شاعريءَ وارن رستن ۾ وڏو فرق آهي. بيشڪ ٻيئي وڏا صوفي شاعر آهن، پر انهيءَ ٻنهي جو تقابلو غلط آهي. اهو تقابلو تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو، جڏهن ٻين وڏن صوفي شاعرن جو پورو مطالعو ڪيو وڃي.

ضروري آهي ته اول شاهه صاحب جو گَهريءَ نگاهه سان مطالعو ڪجي. شاهه متعلق جيڪو به مواد آهي، ۽ جيڪو اڄ تائين گڏ نه ٿي سگهيو آهي، اهو گڏ ڪجي ۽ ان جو مطالعو ڪري پوءِ شاهه صاحب تي ڪجهه لکجي. ٻيءَ حالت ۾ شاهه تي لکڻ وقت کان اڳي ٿيندو. تنهنڪري منهنجو عرض آهي ته شاهه تي مواد گڏ ڪريو. پوءِ ئي شاهه کي اسين سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر صحيح صورت ۾ پيش ڪري سگهنداسين.

آءُ هاڻي لکندڙن آڏو شاهه تي تحقيق لاءِ سرسري خاڪو پيش ڪريان ٿو. منهنجو خيال آهي ته پهريائين هيٺين عنوانن تي مواد گڏ ڪرڻ ۽ لکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي:

1_ شاهه جي دؤر جي سياسي ۽ تمدني تاريخ تي مواد گڏ ڪري مفصل نموني لکجي. پوءِ اسان کي معلوم ٿيندو ته ڪهڙا محرڪات هئا جن جي بناء تي شاهه اهو شعر جوڙيو.

2_ انهيءَ موضوع تي تقيق ڪئي وڃي ته شاهه جي زماني ۾، سنڌ ۾ تصوف جون ڪهڙيون ڪهڙيون جديد تحريڪون هيون. انهيءَ مان آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهنداسين ته انهن تحريڪن ۾ شاهه ڪهڙو حصو ورتو.

3_ مون ڏٺو آهي ته ٻارهين صديءَ هجريءَ ۾ شاهه کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي شاعر هئا، جن جو ڪلام پڻ اعليٰ درجي جو آهي. اهو جديد اصول آهي ته ڪنهن شاعر جي صحيح تجزيي لاءِ ان جي معاصر شاعر جي ڪلام جو مطالعو ڪيو وڃي. جنهنڪري ضروري آهي ته انهن همعصر شاعرن جا ديوان ڪٺا ڪيا وڃن. ان مان انهيءَ مسئلي جي خبر پوندي ته شاهه صاحب انهن شاعرن کان منهن موڙي پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪهڙيون نيون راهون ورتيون.

4_ شاهه جي دؤر جا ٻيا صوفي مشاهير ڪهڙا هئا؟ اهو ياد رکڻ گهرجي ته شاعر پنهنجي دؤر جو مؤرخ آهي. فرق رڳو ايترو آهي، جو مؤرخ ٺهي جُڙي ويهي تاريخ لکندو آهي_ انهن تاريخن ۾ وقت جي حڪومتن ۽ حڪمرانن جا اثرات به اچي وڃن ٿا_ پر شاعر ڪنهن به بيروني اثرات کان پاڪ ٿي، پوءِ حالات ۽ ماحول جو جائزو وٺي، پنهنجو ڪلام سچيءَ ۽ صحيح صورت ۾ پيش ڪري ٿو. شاهه صاحب جي ڪلام ۾ ڪيئي پهلو غور طلب آهن. مثلاَ شاهه عنايت صوفيءَ جي شهادت انهيءَ دؤر جو وڏو سانحو آهي. آخر شاهه صاحب انهيءَ عظيم واقعي کي ڇونه منظوم ڪيو؟ انهيءَ ڳالهه جو جواب تڏهن ئي ڏيئي سگهجي ٿو، جڏهن انهيءَ دؤر جون تمدني ۽ سياسي حالتون آڏو هجن.

5_ شاهه ۽ شاهه جي خاندان جي صحيح سوانح مرتب ڪجي. سندس استاد ڪير هو، سندس اُٿڻي ويهڻي ڪهڙي ۽ ڪيئن هئي. ڪجهه ڏينهن ٿيا ته ڪراچيءَ جي اردو تعليم کاتي وارن مون کان پڇيو ته شاهه جي زندگيءَ جا ڪي اهڙا واقعا ٻڌايو، جي سندس انسان دوستيءَ جو مظهر هجن، ۽ جن جو سندس شاعريءَ سان ڪو تعلق نه هجي. مون وٽ انهيءَ جو ڪوبه جواب ڪونه هو. جيتوڻيڪ سندس ڪلام انهيءَ جذبي سان ڀريل آهي، پر سندس نجي زندگيءَ جا واقعا ناپيد آهن. تنهنڪري انهيءَ پاسي به تحقيق ڪريو ۽ ڪتاب لکو.

6_ شاهه جي رسالي جو تحقيقي ايڊيشن شايع ڪرائجي، جو رڳو محققن لاءِ هجي.

منهنجون اهي چند گذارشون، شاهه صاحب جي سلسلي ۾ براه راست لکندڙن کي هيون. هاڻي آءُ هن وقت تائين ٿيل شاهه صاحب تي تحقيق جو جائزو وٺندس، جا هتي توڙي ٻاهرينءَ دنيا ۾ ٿي آهي. پاڪستان ۾ گذريل چند سالن ۾ ڪي ڪتاب ڇپيا آهن، جن ۾ مولانا دين محمد ’وفائي‘ مرحوم جو لکيل ڪتاب ”لطف اللطيف“ هڪڙي سٺي ڪوشش آهي. جيتوڻيڪ منجهس ڪي غلطيون آهن، پر اُهي درگزر ڪري سگهجن ٿيون. مولانا مرحوم جو آخري ڪتاب عنقريب ڇپجي پڌرو ٿيندو، جنهن ۾ پهريون ڀيرو ڪوشش ڪري شاهه جي حياتيءَ تي سندس ڪلام وسيلي روشني وڌي ويئي آهي. شاهه جي ڪلام جي شرح ۾ رشيد لاشاريءَ پارن جو به حصو آهي. شاهه تي انفرميشن وارن ڪي قابل ذڪر رسالا ڪڍيا آهن. سنڌ يونيورسٽيءَ وارن رسالي جو اردو ترجمو ڇپائڻ شروع ڪيو آهي، جيڪو تمام جلد شايع ٿي ويندو. بنگال ۾ ڪن شاعرن شاهه جي چونڊ ڪلام جو ترجمو ڪيو آهي. رائٽرس گلڊ جي پاران محترم جي الانا شاهه جي ڪجهه ڪلام جو انگريزي ترجمو شايع ڪرايو آهي. هي ثقافتي مرڪز_ به انهيءَ سلسلي ۾ وڏو ڪم پيو ڪري، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو آهي. اسان کي يقين آهي ته اهو رسالو شاعريءَ جي ذوق ۽ ترتيب جي لحاظ کان نهايت سٺو هوندو. مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽي ستاويهن قلمي نسخن کي آڏو رکي، رسالو مرتب ڪيو آهي، اهو به جلد از جلد شايع ٿيندو. شاهه بابت مضامين ”نئين زندگيءَ“ ۾ به گهڻي انداز ۾ شايع ٿيا آهن ۽ انگريزيءَ ۾ محترم علامه آءِ.آءِ قاضيءَ جو تازو ڪتاب هڪ بينظير محنت آهي.

اهو سڀ پاڪستان ۾ ٿيو آهي. هاڻي هندستان جي لکندڙن جو جائزو وٺون ته انهن شاهه بابت ڪهڙو ڪم ڪيو آهي. اسان کي خبر هئڻ گهرجي ته سنڌي مسلمانن کان وڌيڪ، شاهه تي غير سنڌين ڪم ڪيو آهي. پهريائين رسالو ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ڪن سنڌين سان گڏجي، مرتب ڪيو ۽ جرمنيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيائين. انهيءَ کان پوءِ مسٽر نارا چند، شاهه تي انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيو. 1915ع ۾ ڄيٺمل پرسرام شاهه جي حياتيءَ تي ڪتاب لکيو، ان کان پوءِ شاهه جي آکاڻين کي مرتب ڪيائين. آءُ اوهان سڀني لکندڙن کي مشورو ڏيندس ته جيڪڏهن اوهان کي صحيح سنڌي لکڻي هجي ته ڄيٺمل جا ڪتاب پڙهو، ۽ ڏسو ته هن ڪهڙي انداز سان سنڌي لکي آهي. 1923ع ۾ ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻيءَ پهريائين پهريائين هڪ يورپي محقق جي انداز سان شاهه جو ڪلام مرتب ڪيو ۽ ان جي شرح لکي. ڄيٺمل ۽ ڀيرومل مٿس زبردست تنقيدون ڪيون، جي پڻ هڪڙو وڏو ڪم آهن. اهو هو شاهه ۾ هندن جو حصو. 1947ع کان پوءِ جڏهن هندو لڏي ويا ۽ وڃي هندستان وسايائون، تڏهن به هنن شاهه کي ڪونه وساريو. اتي به هنن وڏو ڪم وڃي ڪيو آهي. 1951ع ۾ ڪلياڻ آڏواڻي ”شاهه“ ڪتاب لکيو، جيڪو پنهنجو مَٽ پاڻ آهي. 1953ع ۾ اجمير مان ”شاهه جي ڪلام جو انتخاب“ شايع ٿيو آهي. بمبئيءَ مان مسٽر ڄيٺمل، شاهه جي مختلف عنوانن تي بيت گڏ ڪري ”ڪامل جو ڪلام“ شايع ڪيو، ۽ آخر 1958ع ۾ ڪلياڻ آڏاڻيءَ ”شاهه جو رسالو“ مرتب ڪري ڇپايو.

ٻاهرينءَ دنيا ۾ جرمنيءَ جي مشهور مستشرق، ڊاڪٽر ايني ميري شمل، شاهه جي ڪلام جو جرمنيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، ۽ اتي شاهه تي يارهن ليڪچر ڏنا آهن. جرمنيءَ ۾ شاهه جي حياتيءَ تي هڪ مقالو شايع ٿيو آهي. اطالوي انسائيڪلوپيڊيا ۾ شاهه جو نالو وڏيءَ عظمت سان ورتو ويو آهي. فارسيءَ ۾ شاهه جي ڪلام جو ترجمو ٿئي پيو. ڊاڪٽر سورلي کي ته اسين ڪنهن به طرح وساري نٿا سگهون، جو هن تمام وڏي محنت ڪئي آهي.

13 مارچ 1961ع تي اسان ڳڙهي ياسين ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ جي 75 ساله ورسي ملهائي هئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر شمل، ٽرمپ تي هڪڙو مقالو پڙهيو. اُتي ڊاڪٽر ٽرمپ جي تصوير، سندس گهر ۾ گهراڻي جو تصويرن جي به نمائش ڪئي ويئي هئي. انهيءَ کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون ويون آهن، جن جي وسيلي غير سنڌين جي آڏو شاهه صاحب نمايان ٿي سگهي. ويجهڙائيءَ ۾ محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ محترم محمد اسماعيل نون جي ڪوشش سان پاڪ_ جرمن فورم ۾ سنڌي موسيقيءَ جو مظاهرو ٿيو، جنهن ۾ شاهه جي ڪلام کي ۽ شاهه جي سُرن کي پيش ڪيو ويو. اهو هو شاهه تي ٿيل ڪم جو جائزو، جو چند سالن ۾ ٿيو آهي.

آءُ هينئر اردو، بنگالي ۽ پنجابي مهمان اديبن ۽ شاعرن سان مخاطب آهيان. اردو، بنگالي ۽ پنجابيءَ جي اهل قلم حضرات، جن انفرادي حيثت سان توڙي ادبي جماعتن جي نمائندن جي حيثيت ۾ هن علمي اجتماع ۾ تشريف فرما ٿي اسان جي عزت افزائي ڪئي آهي، تنهن لاءِ آءُ نهايت شڪر گذار آهيان. آءُ پنهنجي ۽ پنهنجن سمورن سنڌي ڀائرن ۽ دانشورن جي پاران اوهان جو استقبال ڪريان ٿو. اسان جو اثاثو دل آهي، ۽ انهيءَ دل ۾ اوهين يقين ڪريو ته اوهان لاءِ وڏي جاءِ آهي.

اسين دانشور آهيون، لامحدود آهيون، اسان جو قلم سڄيءَ ڪائنات تي حڪومت ڪري ٿو. اسين نه جغرافيائي حدن جا پابند آهيون، نه ئي ڪنهن زبان جا محڪوم_ اسين سڀني جي ملڪيت آهيون، ۽ اسان جي حڪم جو هر هڪ محڪوم آهي. جڏهن ته اسان جي طاقت جي اها حالت آهي ۽ دائري جي اها وسعت آهي، تڏهن اسين پنهنجي قلم ۽ ذهن کي ڇو محدود ڪريون، يا پابند ڪريون ۽ قدرت ۽ طاقت کي قلف هڻون؟

جنهن جاءِ تي اڄ اسين گڏ ٿيا آهيون، اُها محبت جو عظيم ترين سرچشمو آهي. هتي فقط عشق، محبت ۽ عظيم انسانيت جا جذبات اڀرن ٿا. مون کي اميد آهي ته اڄ جڏهن اسين هتان ڌار ٿينداسين، تڏهن ٻيائيءَ جا سمورا پردا چاڪ ٿي ويندا.

آءُ اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته اردو ۽ بنگالي اسان جي آهي. ساڳيءَ طرح سنڌيءَ جا دانشور به يقين رکن ٿا ته اسان جي سنڌي زبان کي به اوهين پنهنجي ملڪيت سمجهندا.

آخر ۾ آءُ هن ثقافتي مرڪز جي ڪارڪنن کي مبارڪ ڏيان ٿو، جن سنڌيءَ کان سواءِ ٻين ٻولين جي لکندڙن کي به هن موقعي تي مدعو ڪيو آهي. بنگال مان ”رائيٽرس گلڊ“ جو وڏو وفد آيو آهي. پنجاب مان به هڪ ٻه دوست آيل آهن. آءُ سمجهان ٿو ته هيءُ پهريون موقعو آهي، جنهن تي پنهنجي ملڪي ٻولين جا اديب ۽ شاعر اچي گڏ ٿيا آهن. مون اوهان جو گهڻو وقت ورتو آهي، پر مون کي خوشي آهي ته مون اوهان کي پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائي، پاڻ کي مطمئن ڪيو آهي، آخر ۾ آءُ سمورن لکندڙن کي گذارش ٿو ڪريان ته ڀٽائي صاحب جي ڀرسان اسان جو مشهور شاعر ”سانگي“ ۽ مشهور محقق علامه عمر بن محمد دائود پوٽو مدفون آهن، اُتي هلي اسين سڀ مرحومن تي فاتحه پڙهي نذر عقيدت پيش ڪريون.

[ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽيءَ طرفان شاهه صاحب جي 228_ هين سالانه عرس جي موقعي تي شايع ڪيل ڪتاب ”ڀٽائي“ ۾ آيل.]

 

مصنف جا ٻيا ڪتاب

فارسي

1. مثنوي چنيسر نامه (’ادراڪي‘ بيگلاري)          1956ع

2.مفالات الشعرا (مير علي شير ’قانع‘ ٺٽوي)       1957ع

3. مثنوي مظهر الا ثار (شاهه جهانگير هاشمي)      1957ع

4. تڪملهء مقالات الشعرا (’خليل‘ ٺٽوي)           1958ع

5. قصائد و مثنويات (مير علي شير ’قانع‘ ٺٽوي)   1961ع

6. مثنويات هشت بهشت (’عطا‘ ٺٽوي)            1963ع

7.تاريخ مظهر شاهجهاني (يوسف ميرڪ)            1964ع

8.ترخان نامه (مير محمد ٺٽوي)                      1965ع

9.تذڪرهء حديقـة الاوليا (عبدالقادر ٺٽوي)            1967ع

10.تذڪرهء شعر اي ڪشمير_چار جلد                1967ع

11.حالات فيضي                                      1967ع

12.محمد صادق مينا [سه ماهي ’پارس‘، ڪراچي]  1967ع

13.تذڪره روضـة السلاطين (’فخري‘ هروي)         1968ع

14.تذڪره جواهر العجائب (’فخري‘ هروي)           1968ع

15.ديوان فخري هروي                                  1968ع

16.ديوان بيرام خان                                   1968ع

17.تذڪره شعراي ڪشمير، جلد پنجون              1969ع

18. تحفـة الڪرام، جلد 3، حصو1 (مير علي شير ’قانع‘)    1071ع

19.مثنوي مهر و ماهه (جمالي دهلوي)                1974ع

20.تذڪرهء مشائخ سيوستان                         1974ع

21.تذڪره رياض العارفين (آفتاب راءِ لکنوي) ٻه جلد               

اردو

22. مولانا محب علي سندهي                       1947ع

23.هفت مقاله                                         1968ع

24.دودِ چراغ محفل                                   1968ع

25.مرزا غازي ترخان اور اس کي بزم ادب             1970ع

26.سندهي ادب                                        1950ع

سنڌي

27. اسلامي ڪتبخانا                                 1930ع

28. مهراڻ جون موجون                                 1955ع

29.تذڪره امير خاني                                  1961ع

30.ماڪ ڀنا رابيل                                    1965ع

31.مڪلي نامو                                       1967ع

32. مرزا عيسيٰ خان ترخان                           1967ع

33. سدي علي رئيس                                 1976ع

34. ٺٽي جي تاريخي جاگرافي                       1972ع

35. هو ڏوٿي هو ڏينهن                               1977ع

36. ميرمعصوم بکري                                1979ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com