سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :24

 

 

سيد محمد عابد ثاني

مخدوم سيد محمد عابد ثاني، حضرت موسيٰ شاهه جو ننڍو پٽ آهي، هيءُ وڏو فاضل ۽ اڪمل عالم ٿي گذريو آهي. ڪلام الله جو حافظ ۽ جمعي جو خطيب هو. شريعت جو صاحب ۽ رموز طريقت کان واقف هو، ظاهري ۽ باطني ڪمالات جو مالڪ هو، ولايت، ڪرامت، سخاوت، شجاعت ۾ معروف ۽ عقل ۽ سمجهه ۾ بينظير هو، هن جي ولادت سن1154هه ۾ ٿي ۽ وفات ڏينهن آچر 20 جمادي الثاني سن1214هه ۾ ٿي. فقير گل محمد تاريخ وفات ۽ پير موصوف جي مدح ۾ هي قطعه بحر خفيف مسدس مقصور وزن فاعلاتن مفاعلن، فعلات ۾ چيو آهي:

خلفِ خورد صاحبان نخست

آنکه بود (او) بنام عابد شاهه

دل پاکش درون سينه صاف

ذاکر و يادگار شام و پگاه

لقب و خلق نيک زين عباد

داشت آن دوست حق بلا اشباه

زيست اندر خلائق دنيا

اهل فضل و کمال و نعمت ماه

عقل سقراط و دانش بقراط

درجه ادراک و فهم آن دلخواه

کردهشت و چهار الف دو صد

نقل زين دير محنت جانکاه

گل محمد بيمن آل نبي (صه)

هست اميدوار فضل الله

هن جو مقبرو وڏي خانقاهه ۾ آهي، کيس ٻه پٽ هئا: (1) سيد فيض الله شاهه وڏو (2) سيد موسيٰ شاهه ثاني. سيد فيض الله وڏو ڪامل، سهڻي سيرت، صورت جو مالڪ ۽ شان و شوڪت وارو هو، ڪلام الله شريف جو حافظ هو، خطيب ۽ جمعي جو امام هو. شاهانه مزاج جو مالڪ هو. سندس ولادت آچر ڏينهن 27 رمضان سن1184هه ۾ ٿي ۽ وفات 11 رمضان سن1246هه ۾ ٿي. تاريخ وفات بابت هيءُ قطعه ساڳي شاعر فقير گل محمد جو چيل آهي، بحر، رمل، مسدس وزن فاعلاتن، فاعلاتن، فاعلات.

ابن عابد شاهه فيض الله شاه

آنکه اهلِ حشمت و اجلال بود

با تجمل زيست در دنيا ولي

در ولايت اهل حال وقال بود

يک هزار دو صد و شش هم چهل

رحلتِ آن پير در اين سال بود

سندس مقبرو وڏي خانقاهه ۾ آهي. کيس ٽي پٽ هئا: (1) سيد غلام محمد (لاولد فوت ٿيو) (2) امان الله شاه (3) سيد ڪرم شاهه. امامن الله شاهه کي ٻه پٽ هئا: (1) سيد نصر الله شاهه (لاولد فوت ٿيو) (2) سيد عزيزالله شاهه. هن کي ٻه پٽ هئا: (1) سيد امان الله ثاني (لاولد فوت ٿيو) (2) سيد غلام محمد. هن کي هڪ پٽ نالي سيد حيدر شاهه هو.

سيد ڪرم الله ابن سيد فيض الله شاهه، پنهنجي والد جو جانشين ۽ وڏي تقويٰ ۽ زهد جو مالڪ هو. عالم، فاضل پڻ هو. قرآن شريف جو حافظ ۽ جمعي نماز جو خطيب ۽ امام هو. هو پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ عابد شاهه سڏجڻ لڳو. هن جي وفات 11 رمضان سن1160هه ۾ ٿي، هن جو مقبرو به ڏي خانقاهه ۾ آهي، هن کي رڳو هڪ نياڻي هئي، جيڪا سيد محمد عابد شاهه ثالث جي نڪاح هيٺ آئي.

سيد موسيٰ شاهه ثاني ابن سيد محمد عابد ثاني وڏو برڪت ڀريو بزرگ، ڪاني ڪرامت جو مالڪ ۽ صورت ۽ سيرت جو ڏاڍو سهڻو هو، جمعي جو خطيب ۽ امام هو ۽ هن بزرگ سندس ڀائٽئي ڪرم الله شاهه جي وفات کان پوءِ، دستار ٻڌي، ان جو جانشين ٿيو. هن جي ولادت سن1211هه ۾ ٿي ۽ وفات اربع ڏينهن تاريخ 17 رمضان سن1281هه ۾ ٿي، هن جو مقبرو به وڏي خانقاهه ۾ آهي، کيس هڪ پٽ نالي سيد محمد عابد ثالث ٿيو، جنهن جي ولادت سن1258هه ۾ ٿي ۽ کيس ٽي پٽ هئا: (1) سيد حافظ فيض الله (وڏو) هن جي ولادت سن1278هه ۾ ٿي. (2) سيد ڪرم الله شاهه، هن جي ولادت سن1280هه ۾ ٿي. (3) سيد عطاءَ الله سال ولادت سن1296هه.

سيد فيض الله شاهه کي هڪ پٽ ٿيو، سيد واحد بخش ولادت 9 شعبان سن1317هه سيد ڪرم الله شاهه کي ٻه پٽ هئا: (1) سيد الهه رکيو ولادت 3 ذوالحج سن1311هه (2) سيد الهه ڏوايو، ولادت سن1316هه. سيد عطاءَ الله شاهه کي هڪ پٽ سيد قادر بخش ولادت جمعي رات 14 ذوالقعد سن1317هه. هتي مخدوم سيد محمد عابد ثاني بن حضرت موسيٰ شاهه ڪلان جي نسل جو احوال پورو ٿيو.

سيد ڪمال شاهه ابن سيد عبدالجليل

هيءُ سيد سڳورو شاهه ڪمال ابن سيد مبارڪ شاهه عادلپوريءَ جي فرزند سيد عبدالجليل جو ننڍو پٽ هو، هن جو مقبرو حيدر شاهه جي قبرستان ۾ آهي، کيس چار پٽ هئا: (1) جادو شاهه (2) پير محمد شاهه (3) دين محمد شاهه (4) سيد ابوالنعمان. هنن چئني فرزندن مان رڳو جادو شاهه جيئرو رهيو، ٻيا سمورا ننڍيءَ عمر ۾ وفات ڪري ويا. سيد جادو شاهه بن ڪمال شاهه پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ جمشيره مان لڏي ملوڪ واليءَ ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائون ۽ اتي ئي وفات ڪيائون، سندس مقبرو حيدر شاهه جي مقام ۾ آهي، کيس هڪ پٽ سيد عين شاهه نالي ٿيو، ان کي چار پٽ هئا: (1) سيد دين شاهه (2) سيد پير شاهه (3) سيد حامد شاهه (4) سيد ابراهيم شاهه.

سيد دين شاهه ابن سيد عين شاهه هڪ ڪامل، مڪمل بزرگ ۽ شيخ طريقت هو. حضرت موسيٰ شاهه جي گهر ۽ حڪم سان ملوڪ واليءَ مان لڏي لوءِ شريف (گهوٽڪيءَ) ۾ آيو ۽ حضرت موسيٰ شاهه کيس پنهنجو داماد بڻايو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين، سندس مقبرو دين شاهه جي مقام ۾ آهي. هن کي ٽي پٽ هئا: (1) ڪمال شاهه ثالث. هن کي رڳو هڪ نياڻي هئي، جنهن سان رفيق شاهه شادي ڪئي. (2) سيد عبدالرسول (3) سيد هاشم شاهه. سيد عبدالرسول ابن سيد دين شاهه کي ٻه پٽ هئا: (1) جادو شاهه ثاني لاولد (2) رفيق شاهه. هن کي هڪ پٽ نالي سيد ڪمال شاهه رابع هو. لاولد رهي سن1281هه ۾ وفات ڪيائين. سيد هاشم شاهه ابن سيد دين محمد شاهه کي هڪ پٽ نالي سيد دين شاهه ثاني هو. لاولد گذاري ويو.

سيد پيرو شاهه ابن سيد عين شاهه کي ٻه پٽ هئا: (1) سيد عين شاهه (2) سيد پيرو شاهه. عين شاهه کي هڪ پٽ سيد پيرو شاهه ثاني هو، ان کي ٻه پٽ هئا: (1) عين شاهه ثالث (2) سيد الهه رکيو هن کي ڪوبه پٽ نه ٿيو. سيد عين شاهه ثالث کي ٻه پٽ هئا: (1) جڙيل شاهه (2) سانول شاهه. سيد پريہ شاهه ابن سيد پيرو شاهه ڪلان کي چار پٽ هئا: (1) سيد ڌڻي ڏنو شاهه (2) خان شاهه (3) ڄام شاهه (4) بهرام شاهه. ڌڻي ڏني شاهه کي هڪ نياڻي هئي، خان شاهه کي هڪ پٽ هو، نالي آندل شاهه، جنهن کي ڪوبه اولاد نه ٿيو. ڄام شاهه ۽ بهرام شاهه لاولد گذاري ويو. سيد حامد شاهه بن عين شاهه ڪلان کي هڪ نياڻي هئي. ابراهيم شاهه بن عين شاهه ڪلان، جنهن ملوڪ واليءَ کان لڏي غوث پور ۾ سڪونت اختيار ڪئي ۽ اتي ئي وفات ڪئي، تنهن کي ٻه پٽ هئا: (1) سيد بلند شاهه (2) سيد جمن شاهه (لاولد هو). سيد بلند شاهه بن ابراهيم کي هڪ پٽ نالي سيد پيره شاهه هو، ان کي ٻه ڌيئرون آهن. هتي سيد ڪمال شاهه ثاني ابن سيد عبدالجليل ابن سيد ڪمال شاهه بن سيد مبارڪ شاهه عادلپوريءَ جي اولاد ۽ نسب جو احوال پورو ٿيو.

سيد حسن بن شاهه ڪمال

شاهه مبارڪ عادلپوريءَ جي پٽ سيد ڪمال جو ٽيون نمبر پٽ آهي، هن کي ٻه پٽ هئا: (1) سيد لطف شاهه (2) سوائي شاهه. لطف شاهه کي هڪ پٽ نالي بلند شاهه هو، هن کي ٻه نياڻيون ٿيون. سيد سوائي شاهه بن حسن شاهه کي ٻه پٽ هئا: (1) سيد غلام شاهه (2) حڪيم شاهه. ٻئي اولاد وارا آهن. سيد غلام شاهه بن سوائي شاهه کي ٻه پٽ هئا: (1) طالب شاهه (لاولد وفات ڪري ويو) (2) قاسم شاهه، هن کي هڪ پٽ نالي سوائي شاهه ثاني هو. جنهن رحمو واليءَ مان لڏي رياست بهاولپور جي مضافات ۾ حاجي پور ڳوٺ ۾ وڃي رهيو. کيس ٽي پٽ هئا: (1) پليه شاهه (2) ٻڍو شاهه (3) حيات شاهه. پليہ شاهه کي ٽي پٽ هئا: (1) قاسم شاهه (2) ڪامل شاهه (3) هاشم شاهه. هي ٻيئي لاولد وفات ڪري ويا. سيد قاسم شاهه بن پليہ شاهه کي هڪ پٽ نالي جمن شاه هو، هن کي به هڪ پٽ نالي قاسم شاهه ثالث آهي، ٻڍو شاهه بن سوائي شاهه ثاني کي ٻه پٽ آهن: (1) مهر شاهه (2) سوائي شاهه ثالث. مهر شاهه کي هڪ پٽ نالي ٻڍو شاهه ثاني آهي. حيات شاهه بن سوائي شاه ثاني کي ٽي پٽ هئا: (1) محمود شاهه (2) احمد شاهه (لا ولد وفات ڪري ويو) (3) امام شاهه. محمود شاهه بن حيات شاهه کي هڪ پٽ هو سيد شير شاهه. امام شاهه بن حيات شاهه کي به هڪ پٽ آهي. نالي احمد شاهه. هتي سيد غلام شاهه بن سوائي شاهه بن سيد حسن شاهه جي اولاد جو احوال پورو ٿيو.

سيد حڪيم شاهه بن سوائي شاهه بن حسن شاهه کي چار پٽ هئا: (1) حاجي شاهه (2) قمر علي شاهه (3) احمد شاهه (4) عبدالوهاب. سيد حاجي شاهه کي هڪ پٽ نالي عيدن شاهه هو. هو لاولد وفات ڪري ويو. سيد قمر علي بن سيد حڪيم شاهه کي ٻه پٽ هئا: (1) داد شاهه (2) حسن شاهه ثاني. داد شاهه کي ٻه نياڻيون هيون ۽ سيد حسن شاهه لاولد وفات ڪري ويو. احمد شاهه بن حڪيم شاهه کي ٽي نياڻيون هيون. سيد عبدالوهاب بن حڪيم شاهه کي ٻه پٽ هئا: (1) سڌن شاهه (2) اميد شاهه (لاولد وفات ڪري ويو) سڌن شاهه کي ٻه پٽ هئا: (1) سيد عبدالوهاب ثاني (2) سيد فقير شاهه (لاولد رهي گذاري ويو) عبدالوهاب شاهه بن سڌن شاهه کي ٻه پٽ هئا: حاجي شاهه (2) عيدن شاهه. ٻئي لاولد گذاري ويا. هتي حڪيم شاهه ابن سيد سوائي شاهه ابن سيد حسن شاهه جي اولاد جو احوال پورو ٿيو.

حضرت موسيٰ شاهه گهوٽڪيءَ وارا ۽ سندن اولاد جو خصوصي احوال

قطب زمان، شيخ المشائخ حضرت مخدوم سيد محي الدين ثاني موسيٰ شاهه حسني جيلاني جو والد مبارڪ سيد محمد عابد ابن سيد عبدالجليل بن شاهه مبارڪ عادلپوري ۽ والده ماجده ڌيءَ مخدوم شاهه مبارڪ نهره بن شاهه جمال بن شاهه مبارڪ عادلپوري هئي. سندن ڪنيت ابو صالح ۽ لقب محي الدين ثاني هو. پاڻ خاندان قادريہ جي وڏن مشائخن ۽ بزرگن ولين مان ٿي گذريا آهن. شريعت جا وڏا ڄاڻو، طريقت جي رازن، رمزن کان واقف، حقيقت جي اسرارن جي ڄاڻ رکندڙ، ظاهري ۽ باطني ڪمالات جا مالڪ، توڪل، زهد، تقويٰ، عبادت، اخلاق، سخاوت، شجاعت، نيڪيءَ جي حڪم ڪرڻ ۽ برائيءَ کان روڪڻ ۾ پنهنجي وقت جا منفرد ۽ يگانہ هئا. ماڻهن جا ديني اڳواڻ هئا، دنيا ۽ اهل دنيا سان ڪوبه لاڳاپو نه رکندا هئا. لوءِ شريف (گهوٽڪيءَ) جي سيد خاندان جو هن بزرگ جي وجود ۽ برڪتن سان هڪ نئين دور جو آغاز ٿيو. هيءُ بزرگ پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ پنهنجي ڀائرن سان گڏجي جمشيره پرڳڻي کان لڏي درياءَ جي هن ڀر آيا ۽ گهوٽڪيءَ ۾ سڪونت اختيار ڪيائون. ڪيترو زمانو ته عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول رهيا. پوک ڪري حلال جي ماني هٿ ڪندا هئا. اوڍر والي ڳوٺ جي ٻاهران ڏکڻ طرف جو هاڻي اتي جامع مسجد آهي، اڳ ۾ ڪچي مسجد جو بنياد رکيائون. جڏهن ان پاسي جي مخلوق سندن عقيدت جي حلقي ۾ داخل ٿيندي وئي ۽ کين وڏي مقبوليت حاصل ٿي، تڏهن محمد شاهه بادشاهه دهليءَ جي دور ۾ سن1148هه ۾ پڪي جامع مسجد ٺهرايائون، جيڪا سڄي سنڌ ۾ بينظير عمارت آهي.

تذڪره سادات جيلاني (صيح السبطين) جو مؤلف لکي ٿو ته تاريخي ماده ٽن طرحن جا ٿيندا آهن: تعميہ، توشيحي ۽ صوري و معنوي. جامع مسجد گهوٽڪي ۽ حضرت موسيٰ شاهه صاحب بابت جيڪي به تاريخون هن خاندان جي اڳين عالمن لکيون آهن، سي سڀ تعمير جي قسم کان آهن ۽ هند بنده خليفه گل محمد (گهوٽڪي وارو) جون چيل تاريخون پوين ٻن قسمن کان آهن.

تعميہ وارين تاريخن جو مثال (1) جنت عدن (2) بيت خالقہ (3) يکون داخلہ في حد امان الله السلام. هنن مان مسجد شريف جي بنا جي تاريخ نڪري ٿي ۽ ستون شرع و دين بوده. غلام محمدي، هنن ٻن فرقن مان حضرت موسيٰ شاهه جي تاريخ نڪري ٿي. باقي توشيحي ۽ صوري ۽ معنوي تاريخون اڳتي اينديون.

جامع مسجد ۽ حضرت موسيٰ شاهه بابت ڪي ماده تاريخ منظوم چيل هيون، جيڪي خليفه گل محمد جي نظر ۾ عروض جي قاعدن پٽاندڙ پوريون نه هيون. ان ڪري خليفہ گل محمد انهن کي علم عروض جي قاعدن مطابق منظوم فرمايو. جامع مسجد لوءَ صاحبان (گهوٽڪي جي عمارت پوري ٿيڻ تي بحر مبحتث، وزن مفاعلن، فعالاتن، مفاعلن فعلات تي چيل قطعہ:

چہ قبلہ گاهه ملک عرش اشتباهه مکان

کہ مسجدي است مکرم بلوءَ دار امان

بنائي کعبہ ثاني بزرگ موسيٰ شاهه

بنا نهاد بامداد واهب ديان

(1148)

مثل جنت عدن است سال تاريخش

چنين بہ سمع رسيد از سروش غيب عيان

(1148)

يکون داخلہ فقرا الي آخر

تونيز سال بنايش به نهج صدق بدان

(1148)

ز بيت خالقہ سالش آرهم بہ شمار

ازين دو لفظ خبرداد هاتف پنهان

به بحر مبحتث اين شعر گل محمد گفت

بلي بشوق شهنشاهه لوءَ شيخ زمان

هن پير دستگير جي خدمت ۾ ڪيترائي حق جا طالب حاضر ٿي حق کي پهتا ۽ ڏوراهن جاين تي سندن خليفا خلق خدا جي هدايت لاءِ پهچي ويا. سندن فيض جو هيءُ عالم هو، جو وٽانئن ڪوبه خالي ۽ نراس ٿي نه موٽيو، بيمارن ۽ حاجتمندن لاءِ سندن ذات گرامي اڪسير اعظم هئي، مسجد شريف ۾ به عام لنگر جاري هوندو هو، جو سوين مسافر، مسڪين، طالب علم بنا ڪنهن احسان جي لنگر مان کاڌو کائيندا رهندا هئا ۽ شاگرد به بنا ڪنهن فڪر جي ديني علوم جي پڙهڻ ۾ مشغول رهندا هئا. پري پري جي حاڪمن ۽ وڏن ماڻهن جا ستايل ماڻهو وٽن اچي پناهه وٺندا هئا ۽ سندن مهربانين کان متاثر ٿي، اتي ئي رهي پوندا هئا، نيٺ اهو شهر وڌي وڏو بڻجي ويو. اوڍر والي تائين گڏجي هڪ ٿي ويو، بلڪ مٿيون ڳوٺ وڌندو رهيو ۽ ”لوءِ صاحبان“ سان مشهور ٿي ويو. سندن خلافت جي دور ۾ محمد شاهه دهلي جي بادشاهه سن1149هه ۾ سنڌ جي حڪومت ميان نور محمد ولد ميان يار محمد عباسيءَ جي حوالي ڪئي. اٽڪل سٺ سال انهن جي قبضي ۾ رهي، پوءِ نيٺ ٽالپر ميرن جي قبضي ۾ آئي.

حضرت پير موسيٰ شاهه اڃان ننڍا ئي هئا جو سندن والد گذاري ويو هو. گهوٽڪي جو هڪ ڪنڀر فقير هو، جيڪو سلطان باهو رحه کان فيض پرائي خلافت وٺي آيو هو. حضرت موسيٰ شاهه جي والده صاحبه ان ڪنڀر فقير کي چوائي موڪليو ته تون هاڻي جڏهن به پنهنجي مرشد سلطان باهو ڏانهن وڃين ته منهنجي هن پٽڙي موسيٰ شاهه کي به پاڻ سان وٺيون وڃ ته حضرت سلطان باهو جو مريد بڻجي قادري طريقه ۾ داخل ٿئي، پر پنهنجي پير کي منهنجو هي پيغام ضرور ٻڌائج ته اسان ٻڌو آهي ته اوهين پنهنجن مريدن کي وڏن ڪشالن ڪڍڻ ۽ تڪليفن سهڻ جي تلقين ڪندا آهيو! اسين تڪليفون ۽ ڏک سهي اهڙا اڀرا ٿي ويا آهيون جو وڌيڪ سهڻ جي سگهه نه رهي آهي، ان ڪري منهنجي پٽ تي ايڏو بار نه رکجو! نيٺ ڪجهه وقت کان پوءِ اهو ڪنڀر فقير مرشد ڏانهن سنڀريو ۽ حضرت موسيٰ شاهه کي به پاڻ سان کنيائين، هي ٻئي جڏهن حضرت سلطان الاولياءَ سلطان باهو جي خدمت ۾ پهتا ته سلطان صاحب موسيٰ شاهه کي فرمايو ته ابا تون ننڍو آهين، اڳ ۾ وڃي ظاهري علم پراءِ! پوءِ باطني علم کي وٺ، تون اسان جو مريد آهين، علم پورو ڪري پوءِ اسان وٽ اچجانءِ! باقي اوهان تان سڀ تڪليفون معاف آهن. نيٺ حضرت موسيٰ شاهه واپس آيو ۽ ظاهري علم کي پرائڻ ۾ لڳي ويو. ان مان فراغت کان پوءِ ڪنڀر فقير کي ساڻ ڪري اسريو، مرشد ڏانهن پنجاب جي حدود ۾ رنگپور کيڙا ۾ پهتو، کين هيءَ دکدائڪ خبر پهتي ته حضرت سلطان باهو وفات فرمائي ويو. ڪنڀر فقير پنهنجي مرشد جي محبت ۾ ايڏو ته فنا هو جو اها خبر ٻڌندي ئي بيهوش ٿي ويو ۽ وري هوش ۾ نه آيو، روح قفس عنصري مان پرواز ڪري وڃي مولا سان مليو. حضرت موسيٰ شاه کي ڏاڍو صدمو پهتو، پر دل جهلي اڳتي وک وڌايائين، هوڏانهن حضرت سلطان باهو قوت مڪاشفہ سان اڳ ئي معلوم ڪري ورتو هو ته موسيٰ شاهه اچي رهيو آهي. سو مرڻ مهل پنهنجن کي چيائين ته موسيٰ شاهه سنڌ مان اچي رهيو آهي ان کي خالي نه موٽائجو! صاحبزادن عرض ڪيو ته قبلا اسين کيس ڇا ڏيون؟ ايتري ۾ سلطان صاحب جي قوت به ڪمزور ٿي ويئي، ڪجهه وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيا، ڀر ۾ مٽي تي آڱر سان الله جو نالو لکي ڇڏيائون ۽ موسيٰ لاءِ اها امانت ڏنائون. نيٺ ان نشان کي ٺڪر جي پاٽري سان ڍڪيو ويو ۽ جڏهن موسيٰ شاهه پهتو ته مريدن ۾ غم ۽ گريہ جاري هو، هن کي جڏهن سندس مرشد کان مليل امانت ڏيکاري وئي ته هو ٽي ڏينهن بيهوش ٿي ويو ۽ هوش ۾ اچڻ کان پوءِ اسم الله کي ڏسندي ٻيهر ٻه ڏينهن بيهوش ٿي ويو، اهڙي طرح ٽي ڀيرا بيهوش ٿي ويو. جنهن کان پوءِ کانئس اها ڪيفيت هٽي ويئي ۽ برداشت جو مادو پيدا ٿي ويو، پر ان ۾ سندس سڀ لطيفا حل ٿي ويا ۽ فيض وٺي واپس وريو. هن جو تفصيلي احوال مقامات سلطانيہ ۾ آيل آهي. سلطان باهو جي فرزند خواجہ نور محمد رڳو کين اسم الله واري امانت پهچائي. باقي هي جو صحيح السبطين ڪتاب جي مؤلف فقير گل محمد حضرت موسيٰ شاهه کي خواجہ نور محمد جو خليفو ڄاڻايو آهي، سو شايد سندس نظرن مان مناقب سلطاني ڪتاب نه گذريو هوندو. فقير گل محمد حضرت موسيٰ شاهه جي پيرن جو سلسلو بحر هزج مثمن سالم، وزن مفاعيلن، مفاعيلن، مفاعيلن، مفاعيلن ۾ هن طرح بيان ڪيو آهي:

خداوند بحق صاحب لولاک لاثاني

بحق شاهه مردا نيکہ بوده شير يزداني

بحق شبلي واحد چہ طرطوسي چہ گنگاري

بحق بوسعيد و غوث اعظم پير جيلاني

بحق عبد رزاق و شہ جبار هم صادق

بحق نجم دين و عبد فتاح و علي ثاني

بحق عبد ستار و بقاءَ شہ جليل الحق

بحق دهلوي شہ عبد رحمان سر حقاني

بحق بادشہ باهو که قطب الوقت خود بوده

بحق نامور نور محمد پور سلطاني

بحق پير موسيٰ شه که محي الدين ثاني بود

بحق پير صالح شاهه اکبر مرد حقاني

بحق شہ مبارک ثاني و صالح شہ اصغر

بحق آخرين صاحب مبارک شاهه نوراني

بحال گل محمد و سائر امت محمد

سو رکن دل هر طالبي يا نور عرفاني

هنن کي هن طرح سمجهڻ گهرجي:

(1) حضرت محمد صلي الله عليہ وسلم (2) حضرت امير المؤمنين علي ڪرم الله وجهہ (3) شيخ حسن بصري (4) حبيب عجمي (5) داؤد طائي (6) معروف ڪرخي (7) سري سقطي (8) جنيد بغدادي (9) شبلي (10) عبدالواحد يمني (11) ابوالفرح طرطوسي (12) ابوالحسن هنگاري (13) ابو سعيد مخزومي (14) حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني (15) سيد عبدالرزاق ابن غوث اعظم (16) سيد عبدالجبار قادري (17) شيخ محمد صادق (18) شيخ نجم الدين برهانپوري (19) سيد عبدالفتاح (20) سيد عبدالستار (21) سيد ابوالبقاءَ (22) سيد عبدالجليل (23) سيد شاهه عبدالرحمٰن (24) سلطان باهو (25) سلطان نور محمد بن سلطان باهو (26) مخدوم پير موسيٰ شاهه (27) مخدوم پير محمد صالح بن پير موسيٰ شاهه (28) مخدوم پير جمال ابن پير محمد صالح (29) مخدوم پير مبارڪ شاهه ابن پير جمال محمد (30) مخدوم پير محمد صالح ثاني ابن پير مبارڪ شاهه (31) مخدوم پير مبارڪ ثاني ابن پير محمد صالح ثاني (32) مخدوم محمد ضائع ثالث. ابن پير مبارڪ ثاني (33) مخدوم پير مبارڪ شاه اصغر يعني پير امام الدين شاهه ختم المصاحبين.

فقير گل محمد لکي ٿو ته: حضرت مخدوم موسيٰ شاهه ارادات ۽ خلافت جو خرقو پنهنجي والد کان اوڙهيو، باطني فيض ۽ وجداني تربيت حضرت محبوب سبحاني جي روح پرفتوح کان ورتائين، ان کان پوءِ خرقہ ارشاد ۽ بيعت، سلوڪ، جذبہ، فقر محمدي جو طريقو مخدوم اڪمل سلطان نور محمد قادري کان ورتائين ۽ پنهنجي پير ۽ پيءُ شمس العارفين سلطان باهو کان ورتو، ان طرح اهو سلسلو پيران پير تائين پهچي ٿو.

اوليائن بابت جيڪي اڳ تذڪرا ۽ ڪتاب لکيا ويا آهن، انهن ۾ اهو دستور رهيو آهي ته بزرگن جي ڪرامتن کي ذاتي احوال کان وڌيڪ اهميت ڏني ويندي آهي ۽ اهي ڪرامتن جا قصا به رڳو ٻڌ سڌ تي مدار رکندا آهن، جن لاءِ ڪابه سند يا معتبر ماڻهوءَ جي پنهنجي ڳالهه گهٽ هوندي آهي، هنن تذڪرن مان رڳو هڪ تذڪره گلزار ابرار انهن ڳالهين کان گهڻي ڀاڱي خالي آهي. ”صيح السبطين“ ۾ به حضرت موسيٰ شاهه صاحب جن جي ڪرامتن بابت ڪافي نقل آندا ويا آهن، جن کي هتي اسين نقل ڪري رهيا آهيون، انهن جي تحقيق ۽ تصديق پڙهندڙن تي ڇڏي ٿي ڏجي.

(1) ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڀيري اُچ جي گيلاني درگاهه جو سجاده نشين مخدوم حامد گنج بخش ثاني ۽ ڀنگ ڳوٺ جو فقير مبارڪ ٻهارو صاحب گڏجي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي روهڙي ڏانهن وار مبارڪ جي زيارت لاءِ اچي رهيا هئا، واٽ تي جڏهن جمشيره پرڳڻي جي سامهون پهتا ته اتي ڪناري تي ٻيڙي بيهاري لهي آيا ۽ ماڻهن کان انهيءَ ديهه بابت پڇيائون ۽ جڏهن کين سڌ پيئي ته همشيره جو پرڳڻو آهي ته اتي جي ماڻهن بابت پڇيائون کين ٻڌايو ويو ته هتي سادات ۽ بلوچ ٻه قومون رهن ٿيون، ان تي چيائون ته سيدن کي چئو ته سڀ ننڍا وڏا اسان جي ملاقات لاءِ اچن، نيٺ سادات سڳورا ملاقات لاءِ آيا، جن ۾ موسيٰ شاهه به هو جو ننڍي عمر جو هو ۽ خادم جي ڪلهن تي سوار هو، هنن بزرگن جي جڏهن ان تي نظر پيئي ته چوڻ لڳا ته سبحان الله هي ڇوڪرو ڪيڏي نه وڏي رتبي وارو آهي، وڏائي ۾ ولين مان ٿيندو، ان نينگر کي ڀاڪر پائي کانئس دعا گهرايائون ۽ ٻين سيدن کي چيائون ته اسان اوهان کي رڳو هن نينگر جي ڪري تڪليف ڏني هئي، ائين فرمائي وڃي ٻيڙيءَ ۾ ويٺا.

(2) نقل آهي ته اڃان لوءِ صاحبان جي جامع مسجد ٺهي ئي ڪانه هئي ته هي فقير مبارڪ ٻهاره جڏهن روهڙي جي آثار مبارڪن جي زيارت لاءِ ويندو هو، ان زماني ۾ جامع مسجد گهوٽڪي وٽان هڪ عام رستو هوندو هو، جڏهن فقير اتان لنگهندو هو ته فقير جتي لاهي هٿ ۾ کڻندو هو ۽ ساٿين کي به ائين ڪرڻ جو حڪم ڪندو هو ۽ چوندو هو ته هتي هڪ مرد خدا جو ظاهر ٿيندو ۽ هن جاءِ تي دين اسلام جو بنياد رکندو ۽ دين جي اها رونق اهڙي وڌنڌي جو سنڌ اندر اهڙي ٻي رونق نه هوندي.

(3) نقل آهي ته جڏهن لوءِ جي جامع مسجد ٺهي رهي هئي ته هڪ مولوي صاحب پري کان راه خدا جي طلب لاءِ حضرت موسيٰ شاهه وٽ آيو هو، ان وقت هڪ ٻهراڙيءَ جي ماڻهو جوار جا سنگ کڻي اچي نذر رکيا. نيٺ انهن کي شاهه صاحب جي حڪم سان صاف ڪري پچائي ورهايو ويو، مولوي صاحب به انهن مان کاڌو، اهي سنگ مڄاڻ ته ڪي چوري جا هئا. مولوي صاحب کي ته کائڻ سان ئي قي ٿي کيس اهو خيال گذريو ته شاهه صاحب کي دل جي صفائي نه ٿي ڏسجي ته حرام جي کيس سڃاڻ ئي نه آهي، تڏهن هيءُ مون کي ڪهڙو فيض پهچائيندو؟ موسيٰ شاهه صاحب جن کي به دل جي صفائي سان مولوي صاحب جو اهو خطرو معلوم ٿي ويو، کيس ڳجهه ڳوهه ۾ گهرائي فرمائڻ لڳو ته جي درياءَ ۾ پليتي پوندي ته اهو ڪڏهن به پليت نه ٿيندو، باقي جي ننڍي واهي هوندي ته اها ضرورت پليت ٿي پوندي، مولوي صاحب معافي ورتي ۽ مريدن ۾ داخل ٿي فيض حاصل ڪيائين.

(4) (استاد العلماءَ) مولانا نور محمد صاحب شهدادپوريءَ کان نقل آهي ته هڪ ڀيري موسيٰ شاهه جن روهڙيءَ ۾ وار مبارڪ جي زيارت لاءِ ويل هئا ته عين زيارت وقت وار مبارڪ موئدان (وار جي سوني دٻلي) مان اڏامي حضرت موسيٰ شاهه جي سونهاريءَ سان پيوست ٿيو، درگاهه جا متولي حيران، پريشان ٿيا ۽ خيال ڪيائون ته اها وڏي نعمت اسان کان وئي، نيٺ ٿوري دير کان پوءِ وري اڏامي اچي موئدان (وار جي سوني دٻلي) ۾ پيو. والله اعلم.

(5) معتقدن جي مرڻ مهل اڪثر اوليائن جون ڪرامتون بيان ڪيون وينديون آهن، ان ئي نموني جي هڪ ڳالهه حضرت موسيٰ شاهه لاءِ اها مشهور آهي ته عشاءَ جي نماز لاءِ جامع مسجد جي ٻاهران وضو ٿي ڪيائين، اڃان وضو پورو ئي نه ڪيو هئائين ته پاڻيءَ جو ڪوزو کڻي الله اڪبر جي ضرب هڻي اوڀر ڏانهن اڇلايائين ۽ ڪوزو ڀڄي پيو، ڪجهه گهڙي ماٺ ڪري ويٺا، پوءِ خادم کي ٻئي ڪوزي ڀرڻ لاءِ چيائون، جڏهن ان خادم جيڪو سندن محرم راز پڻ هو، تنهن ماجرا معلوم ڪرڻ گهري ته پاڻ فرمايائون ته پنجاب مان هڪ شخص مون ڏانهن ٿي آيو ۽ واٽ تي موت اچي پهتس ۽ مون کي ياد ڪيائين، خدا پاڪ طرفان مون کي ڄاڻايو ويو، ڇا ڏسان ته شيطان لعين ان کي پليت شيءِ جو پيالو ڏيئي رهيو آهي. مون ڪوزي سان ان جي پيالي کي ڀڃي ڇڏيو ۽ ان کي ڪلمو شهادت ياد ڏيارم، ڪلمو پڙهي ساهه ڏنائين. والله اعلم.

(6) ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ هندو عورت، موسيٰ شاهه وٽ آئي ۽ عرض ڪيو ته سائين! مون عاجزه جو هڪ پٽ هو، جيڪو مون کان جدا ٿي الائي ڪيڏانهن هليو ويو آهي، سندس ڪوبه پتو نٿو پوي. دعا ڪريو ته خير سلامتيءَ سان موٽي اچي. پاڻ فرمايائون ته مائي تنهنجو پٽ سڀاڻي موٽي ايندو، ان لاءِ ماني ٺاهي رکجانءِ! ٻڌڙي مائي گهر ويئي رات گذاري صبح جو ماني به ٺاهي رکيائين، اڃان جهٽ نه گذري ته سندس پٽ به گهر پهچي ويو، ماءُ کيس ڀاڪر ۾ ڪري خوشيءَ مان روئڻ لڳي ۽ آڏو ويهاري احوال پڇيائين. هن چيو ته آئون ملتان ۾ هيس، هاڻي شهر کان قضا حاجت لاءِ ٻاهر نڪتس ته هڪ پوڙهو مسلمان درويش اتي ڏسڻ ۾ آيو، جنهن منهنجي قميص کي پڪڙي پاڻ ڏانهن ڇڪيو ۽ هتي پهچائي پاڻ غائب ٿي ويو. هن کي ماءُ کيس کاڌو کارايو ۽ پوءِ کيس پاڻ سان گڏ وٺي حضرت شاهه وٽ ويئي ۽ هن جي پٽ پري کان ئي حضرت موسيٰ شاه کي ڏسندي سڃاڻي چيائين ته اهو فقير مون کي هتي وٺي آيو هو، پوڙهي مائي دعا گهرائي هلي ويئي. حضرت موسيٰ شاهه جو فرزند حضرت صالح محمد شاهه پنهنجي والد جي ڪرامتن کان خوش نه هوندو هو. ظاهر شريعت جو صاحب ۽ عالم هو. هن ڪرامت جي اظهار کان پوءِ ڇهن مهينن تائين پنهنجي والد بزرگوار سان رنج ٿي صحبت ۾ رهڻ ڇڏي ڏنائين. نيٺ حضرت موسيٰ شاهه پنهنجي پٽ کي راضي ڪري وٺي آيو.

اوليائن ۽ درويشن بابت انهن جي تذڪرن ۾ جانورن تي به ڪرامت جو اثر ٻڌايو ويندو آهي، اهڙو واقعو حضرت موسيٰ شاهه لاءِ به ڪيو وڃي ٿو ته هڪ ڀيري مخدوم محڪم دين سيراني (سمه سٽه وارو) لوءِ شريف (گهوٽڪيءَ) ۾ حضرت موسيٰ شاهه وٽ آيو، ڪجهه ڏينهن رهي پوءِ روانو ٿيو ته حضرت موسيٰ شاهه انهن کان موڪلائڻ لاءِ پاڻ نڪتا، بزرگ پيري پيادا گڏ هلي رهيا هئا، هلندي هلندي وڃي اتي هڪ وڻ هيٺان ويهي ٿورو آرام ڪري هڪ ٻئي کان موڪلايائون، تنهن کان پوءِ هڪ جت اٺ چارڻ لاءِ اتان لنگهيو، هڪ اٺ اچي ان وڻ جي ٽاريءَ ۾ چڪ هنيو ۽ اوڏي مهل هلڻ کان بيهي رهيو، جت حيران ٿي ويو ماڻهن ٻنهين فقيرن جو قصو کيس ٻڌايو. نيٺ اهو جت لوءِ صاحبان ۾ پهچي حضرت موسيٰ شاهه کان دعا ڪرايائين، تڏهن وڃي سندس اٺ کي خلاصي ملي. والله اعلم بالصواب.

هيٺيان بزرگ ۽ اولياءَ حضرت موسيٰ شاهه جا همعصر ۽ سهيوڳي هئا: مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم عبدالرحمٰن شهيد کهڙائي، مخدوم محمد اسماعيل پريالوي، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ خواجہ محڪم الدين سيراني هنن بزرگن جو هڪ ٻئي سان دلي لاڳاپو هو، انهن کان سواءِ ان دور جا ٻيا عالم ۽ مخدوم به سندن همعصر هئا.

لوءِ صاحبان جي خاندان کان جن فيض پرايو آهي، انهن مان ڪي حضرت موسيٰ شاهه جا مريد هئا، ڪن وري سندن فرزند حضرت صالح محمد کان فيض پرايو ۽ ڪن سيد جمال محمد کان. اهڙا مريد ۽ معتقد ته سوين آهن، پر انهن مان مشهور هيٺيان بزرگ آهن: پير صالح محمد، پير دوست محمد ۽ پير عابد محمد. ٽيئي حضرت لوءِ وارن جا فرزند هئا، پير جعفر شاه ثالث چڪ وارا پنهنجي ڀائرن سميت، پير باغ علي ثاني، پير شاهه حسين غوث پور وارا، عبدالله شاهه ثاني، مير سيد عبدالڪريم رضوي روهڙائي، مخدوم احمد کهڙائي، مولانا حافظ صاحبڏنه، ميان قاضي جمن، ميان عبدالحڪيم پٽو وارو علاقه شڪارپور، مخدوم لعليانوارو شڪارپور جي ويجهو، مخدوم محمد ڦليلي وارو، مولوي شاڪر دينپوري قريب ميانوالي قريشاني مضافات بهاولپور، مخدوم محمد اشرف قريشي کائي خير شاه مضافات بهاولپور، ميان محمد يوسف ميان محمد مستقيم انڍڙ فقير سنڌو جان وارا، مخدم بزرگ ساڙيوال ملڪ و انڪاري پنجاب، مولوي غلام محمد، حافظ منگيلڌه ساڪن ڦلوي ملڪ مارواڙ رحمهم الله تعاليٰ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com