سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :42

 

سنڌ چوٿين صدي هجري ۾

مقدسي بشاري

 

ابو عبدالله شهاب الدين محمد مقدسي بشاري چوٿين صدي هجري ۽ ڏهين صدي عيسوي جو مشهور عرب سياح ٿي گذريو آهي، جيڪو فلسطين جي نامياري شهر بيت المقدس جو ويٺل هو ۽ ان مراڪش کان وٺي تاشقند تائين هزارن ميلن جو سفر ڪيو، هڪ ٻن مسلمان حڪومتن کي ڇڏي باقي سڀني مسلمان حڪومتن جو دورو ڪري، اتي جي رهاڪن، انهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن کي تحقيقي نظر سان ڏٺو. ٻاويهن سالن جي سياحت کان پوءِ ان پنهنجي اکين ڏٺي احوال کي ڪتاب جي قيد ۾ آندو. جنهن کي ”احسن التقاسيم في معرفة الاقاليم“ سڏيو وڃي ٿو. هي ڪتاب ٻه ڀيرا ليڊن (هالينڊ) مان تحقيق سان شايع ٿي چڪو آهي. هن ۾ اسلامي ملڪن جي سڙڪن، فصلن، واپار ۽ جاگرافيءَ بابت نهايت ئي مفيد معلومات ڏنل آهي. ڪتاب جيتوڻيڪ جاگرافيءَ ۾ آهي، پر ان ۾ زندگيءَ جي ريتن، رسمن، عقيدن، مذهبي لاڳاپن، واپار ۽ هنري خصوصيتن، فرقن، زبانن، شڪل ۽ صورت جي احوالن اچڻ ڪري سفرنامي جي حيثيت ڏئي ڇڏي آهي.

مقدسي جي ولادت سن336هه ۾ ٿي ۽ وفات صديءَ جي آخري سالن ۾ ڪيائين. هو پاڻ فقهه حنفيءَ جو پوئلڳ هو، پر هو ڪٽر ۽ تعصبي نه هو، ڇوته سفر ڪندي، کيس ڪنهن ٻئي فقهه جي مسلڪ ۾ آساني نظر ايندي هئي ته ان تي عمل ڪندو هو. هتي اسين ان جي ڪتاب مان رڳو ان ڀاڱي جو ترجمو ڏئي رهيا آهيون، جنهن ۾ ان، سنڌ جو احوال ڏنو آهي. اميد ته هي ترجمو سنڌ تي تحقيق ڪندڙن لاءِ نهايت ڪارائتو ثابت ٿيندو.

مصنف جي عربي عبارت ۾ هڪ ڳالهه کي وري وري دهرايو ويو آهي. اسان اصليت کي برقرار رکندي ترجمي ۾ ڪابه ڦيرڦار نه ڪئي آهي ۽ اصل جي موافق ترجمو ڪيو ويو آهي. شهرن، ڳوٺن ۽ جاين جي نالن بابت جڏهن ته گهڻو ئي اختلاف موجود آهي، ان ڪري في الحال ان کي نظر انداز ڪيو ويو آهي.

ابن خردازبہ (250هه) سنڌ اندر، جن شهرن جو بيان ڪيو آهي، ان مان پتو پئي ٿو ته عرب، بلوچستان کان وٺي گجرات تائين سڀ کي سنڌ سمجهندا هئا، جيئن هن عرب جاگرافي نويس سنڌ جا هيٺيان شهر ڳڻيا آهن: قيقان، بنه، مڪران، ميد، قنڌهار، قصدار، بوتان، قندابيل، قنزبور، ارمابيل، ديبل، قنبلي، ڪنبايا، کمبايت، سهبان، سدوسان، رامسک، رور، ساوندري، ملتان، مندل، بيلمان، سرشتا، ڪيرج، مرمد، قالي (ڪالي) دهنج، بروص (بهروچ) (المسالک والممالک ص55)

مقدسي جي هن ڪتاب احسن التقاسيم ۾ پڻ گهڻي ڀاڱي مٿين شهرن تي روشني پئي ٿي.

(پيج 474) سنڌ، سون، واپار، دوائن، اوزارن، مصري ۽ ٻين سهڻين ۽ سٺين شين جو مرڪز آهي. هتي چانور، ڪيلو، ۽ ٻيون عجيب شيون پيدا ٿين ٿيون. شين جا اگهه سستا ۽ شيون عام جام آهن، کجيون ۽ کارڪون گهڻيون ٿين ٿيون، عدل، انصاف ۽ سياست به سنڌ ۾ چڱي هلي ٿي، ٻيون خوبيون ۽ فائدا به گهڻا ملندا، واپار جو وٿ، نفعي جون شيون، فخر جهڙيون ڳالهيون، واپار ۽ هنر به گهڻو آهي. هتي جا شهر وڏا ۽ قصبا آباد آهن. ملڪ ۾ سلامتي، عافيت، امن امان ۽ امانت داري به عام آهي. هن جي ڀر ۾ سمونڊ آهي ۽ درياءَ ملڪ جي وچ کان لنگهي ٿو. کجيون چؤ طرف آهن. ميدان ۽ پوکون به گهڻيون آهن. شهر سهڻا ۽ درياءَ شرف وارو ۽ ان جو حال عجيب آهي، باقي هتي جا ڌرمي مشرڪ آهن، عالم ٿورا آهن، سنڌ ۾ پهچڻ لاءِ بيابان ۽ سمنڊ جي خطرن ۽ هولناڪين مان لنگهڻو پوي ٿو.

هن ملڪ کي اسان پنجن صوبن ۾ ورهايو آهي ۽ مڪران کي به ان سان ملايو اٿئون، ڇوته ان جي ويجهو آهي ۽ سڀ ملڪ هڪ ٻئي جي متصل هليا وڃن ٿا، هن ڪم ۾ الله جي توفيق شامل حال آهي. ڪرمان ملڪ کان سنڌ کي پهريون ويجهو مڪران آهي، پوءِ طوران، پوءِ سنڌ، پوءِ ويهند، پوءِ قنوج ۽ ان کان پوءِ ملتان آهي. اسان ملتان کي به مٿئين سبب ڪري ان ۾ آندو آهي.

(پيج 475) اسان خراسان ڏانهن ورياسين۽ عجمين جي مڙني ملڪن جي سياحت حاصل ٿي، خاص طرح ڪنهن به اسلامي ملڪ کي نه ڇڏيوسين.

ڄاڻڻ گهرجي ته آئون هن ملڪ جي مکيه جاين تي ڦريس ۽ ان جي ساري ساحلي ڀاڱي جي سياحت ڪيم، جيڪي آئون بيان ڪيان ٿو، ان سڀ کي مون پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ ڪنن سان ٻڌو، هتي جي شين ۽ جاين جي نالن بابت ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪيم ۽ ان جي احوال جي چڱي ڇنڊڇاڻ ڪيم ۽ هتي جي شهرن جو احوال معلوم ڪيم، ان هوندي به ٻين ملڪن جو جيترو احوال ڏئي سگهيو آهيان، اهڙو هتي سنڌ جو نه ٿو ڏئي سگهان ۽ان جي رڳو وڏن شهرن جو احوال ڏيندس، ان ۾ به تفصيل ۽ شرح کان قاصر رهيو آهيان، ڇوته منهنجي آڏوءَ هيءَ حديث رهي: ڪنهن به شخص جي ڪوڙي هجڻ لاءِ اها ڳالهه ڪافي آهي جو هر ٻڌل ڳالهه بيان ڪندو رهي ۽ آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جو ٻيو فرمان آهي ته ٻڌل ڳالهه، اکين ڏٺي واقعي وانگر نه هوندي آهي. جيڪڏهن انهيءَ قاعدي جي خلل جو خطرو نه هجي ها ۽ هڪ اسلامي ملڪ جي احوال رهڻ جو انديشو نه هجي ها ته اسين جيڪر ڪجهه به نه لکون ها. باقي صورت ۽ شڪل (نقشي) بابت جيڪي مواد گڏ ڪيو اٿم، سو سڀ سنڌ جي سمجهدار عالمن سان ملي پوءِ لکيو اٿم، ان ۾ به گهڻيون ڳالهيون ابراهيم بن فارسيءَ جي ڪلام مان ورتيون اٿم، جنهن کي ”ڪرخيءَ“ جو نالو ٿا ڏيون.

مڪران جو مکيهه شهر پنجبور آهي ۽ ان جا هيٺيان مشهور شهر آهن: مشڪہ، ڪيچ سرائي شهر، بربور، خواش، دمندان، جالڪ، دزڪ، دشت علي السيز ۽ فارسي (پيج476) ڪبرتون راسڪ کي به آندو آهي، ان چيو آهي ته خروج جو شهر آهي، اتي بند قصرقند، اصفقة فهل فهرة، قنبلي ۽ ارمابيل آهن. پهرين مان تيز، مشڪة، دزڪ جو نالو آندو اٿائين، پر انهن جو ڪوبه احوال نه ڏنو اٿائين.

طوران هي قصبو آهي. قزدار ۽ ان جا شهر هيٺيان آهن: قندبيل، بجثرد، جثرد، بڪانان، خوزي، رستاکهن، رستاف، روذ، موردان، رستاق، ماڪسان، ڪهرڪور، فارسيءَ، محالي، ڪيزڪانان ۽ قصدار کي آندو آهي، پر شحرن جو نالو نه ورتو اٿس.

سنڌ جو مکيه شهر منصوره آهي ۽ ان جا ٻيا شهر هي آهن: ديبل، زندريج، ڪدار مايل، تنبلي (پيج 477) فارسي هنن شهرن کي آندو آهي: نيرون، قالري، ابري، بلري، المسواهي، البهرج، بانيہ، منجايري، سدوسان، الرور، سوبارة، ڪيناص ۽ صيمور.

ويهند- هن کي فارسي، الهند سڏيو آهي ۽ ان جا هيٺيان شهر ٻڌايا اٿس: قامهل، ڪنباية، سوبارة، سندان، صيمور، ملتان، جندور، بسمد. اڳتي هلي لکي ٿو ته اهي هن ملڪ جا شهر آهن. مون هڪ علم ۽ حڪمت واري انسان کان پڇيو (هو شيراز ۽ اهواز ۾ علمي مجلس قائم ڪندو هو ۽ انهن کي قصا ٻڌائيندو، زهد ۾ شهرت رکندڙ هو، اهو انهن ملڪن ۾ گهڻي مدت گهاري چڪو هو) ته مون کي سنڌ ۽ ان جي آس پاس وارن ملڪن جو اهڙو احوال ٻڌاءِ، جنهن کي آئون هن تصنيف ۾ آڻي سگهان ۽ مون کي انهن جي اهڙي وصف ٻڌاءِ جو ڄڻ آئون انهن ملڪن کي پاڻ ڏسي رهيو آهيان، اهڙي طرح مون ابوالهيثم نيشاپوريءَ جي ساٿين (شاگردن) مان هڪ شخص کان به پڇيو، جيڪو انهن طرفن ۾ گهمي چڪو هو ۽ اتان جي اسباب ۽ حالات جي کيس ڄاڻ هئي. ٻنهيءَ جي ٻولن مان هيءَ سڌ پئي ته ويهند ملڪ جو مکيه شهر آهي ۽ ٻيا شهر هي آهن: وذهان، بيتر، نوج لوار سمان، قوج. باقي قنوج اهو به مکيه شهر آهي. (پيج478) ۽ ان جا ٻيا شهر هي آهن: قدار، ابار، کهارة، بارد، وجين، اورهة زهوهر، برهيروا، فارسي هنن جو بنهه ذڪر نه ڪيو آهي.

ملتان به مکيه شهر (۽ تختگاهه) آهي، ان جا ٻيا شهر هي آهن: برار، راماذان، دروين، برور.

بنجير مڪران جو مکيه شهر آهي. هن کي مٽيءَ جو هڪ قلعو ۽ چوڌاري کاهي کوٽايل آهي. شهر کجين جي وچ ۾ اڏايل آهي، هن جا ٻه دروازا آهن: 1- طوران در 2- تيز در. هنن کي نهر کان پاڻي ملي ٿو. جامع مسجد بازارين جي وچ ۾ آهي، اتي جا رهاڪو اڻ ڄاڻ آهن ۽ سندن اسلام به رڳو نالي جو اسلام آهي، سندن ٻولي بلوچي آهي.

تيز، سمنڊ جي ڪناري تي اڏايل آهي، اتي کجيون گهڻيون ٿين ٿيون. سرحدي سنڀال لاءِ ڪيتريون چوڪيون آهن، اتي رباطات، عمدا مسافر خانا ۽ هڪ سهڻي جامع مسجد آهي. اهي (تمدن جي خيال کان) وچٿرا ماڻهو آهن، وٽن علم ۽ سمجهه جي گهٽتائي آهي، تڏهن به هيءُ هڪ مشهور ۽ مکيه واپاري بندر آهي.

قزدار، هيءُ طوران جو گاديءَ جو هنڌ آهي، هڪ کليل صحرا ۽ ميدان ۾ اڏيل آهي، شهر جا ٻه ڀاڱا آهن، جن کي هڪ وادي ڳنڍي ٿي، جا خشڪ آهي، ان تي ڪابه پُل نه آهي. هڪ ڀاڱي ۾ طوران جي بادشاهه جو محل ۽ قلعو آهي، ٻئي پاسي جو نالو بودين آهي، هتي واپارين جي رهڻ جون جايون ۽ گدام آهن. هيءُ ڀاڱو پهرئين ڀاڱي کان وڌيڪ کليل ۽ صاف سٿرو آهي. شهر کڻي ننڍو آهي، پر (واپار جي خيال کان) فائديمند آهي، هتي خراسان، فارس، ڪرمان ۽ هندستان جا قافلا ايندا آهن، هتي جو پاڻي خراب آهي، ان جي پيئڻ سان پيٽ تي بار ٿئي ٿو. بادشاهه عادل ۽ متواضع آهي. شهر جون جايون مٽيءَ جون آهن، پيئڻ لاءِ پاڻي اهڙي ڪاريزن مان ملي ٿو، جيڪي ميدانن ۾ کوٽايل آهن. ڪثرد ۽ ڪيزڪان ۾ ائين نه آهي، ڇوته انهن کي نهر جو پاڻي ملندو آهي، ڪثرد ۾ گهڻا کوه به آهن. ٻنهين شهرن جي پوک باراني آهي. اهي سڀ شهر سخت گرم آهن. باقي ڪثرد ڏاڍو ٿڌو آهي، اتي ڪڏهن برف به پوندي آهي ۽ پاڻي ڄمي پوندو آهي.

(پيج 479) منصوره سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ حڪومت جو مرڪزي شهر آهي (پکيڙ ۾) دمشق جهڙو آهي. ان جون جايون مٽي ۽ ڪاٺيءَ جون ٺهيل آهن، باقي مسجد، سو پٿر ۽ پڪين سرن مان ٺهيل آهي ۽ عمان جي جامع مسجد وانگر وڏي ۽ ساڳ ستونن تي اڏيل آهي. شهر کي چار دروازا آهن: سمنڊ در، طوران در، سندان در ۽ ملتان در. سنڌو درياءَ جي هڪ شاخ شهر کي محيط آهي. منصوره جا ماڻهو ظريف، مروت وارا، ذهين ۽ هوشيار آهن. اسلام ۽ علم جا دلداده آهن، ماڻهن جي آبادي گهڻي آهي، واپار ۽ ڪاروبار سٺو هلي ٿو. رهاڪو ذڪي، سمجهدار، ڳڻائتا ۽ هٿ جا ڪشادا آهن. هوا نرم آهي، سيارو ڪو سخت نه هوندو آهي، هتي برسات گهڻي پوندي آهي. گرم ۽ سرد موسم جا ميوا به ملن ٿا. ماڻهن جون عجيب خوبيون ۽ خصوصيتون آهن. هتي وڏيون وڏيون مينهون ٿينديون آهن. مهراڻ درياءَ جو پاڻي پيئندا آهن. جامع مسجد بازارين جي وچ ۾ آهي، هتي جون ريتون ۽ رسمون عراق وانگر آهن. نرمي ۽ اخلاق جي چڱائي ته کانئن سکي، گرمي سخت پوندي آهي. مڇر گهڻا ٿيندا آهن. هندو هر طرف ڇانيل آهن. شهر جا ٻاهريان ڀاڱا ويران آهن، انهن ۾ بزرگن ۽ وڏن ماڻهن جي کوٽ آهي.

ديبل، ساحلي شهر آهي. هن جي آس پاس اٽڪل روءِ هڪ سؤ ڳوٺ آهن، جن ۾ گهڻائي ڪافرن جي آهي. سمنڊ جون ڇوليون، شهر جي ڀتين سان اچي ٽڪرجن ٿيون. هتي جا رهاڪو سڀ واپاري آهن، جن جي ٻولي سنڌي ۽ عربي آهي. ديبل سنڌ جو بندرگاهه آهي ۽ وڏي اُپت وارو آهي. مهراڻ درياءَ اتي ئي ڇوڙ ڪري ٿو. هن کان سڏ پنڌ جي فاصلي تي هڪ جبل به آهي. سمنڊ جو پاڻي وير ڪري بازار تائين پهچي ويندو آهي، رهاڪو سادڙا ۽ خوش پوشاڪ آهن.

تنبلي، هن کي به بحري قلعو اڏيل آهي، هتي مسلمان ٿورا آهن ۽ واپاري ڏاڍا هوشيار آهن.

ويهند، منصوره کان گهڻو وڏو شهر آهي. هتي باغ گهڻا آهن، دل کي وڻندڙ ۽ سهڻي فضا وارو هنڌ آهي. پاڻيءَ سان ڀرپور درياءَ وهن ٿا، برسات به گهڻي ٿيندي آهي. ٿڌ ۽ گرم آب هوا ٻنهينءَ جا ميوا ملن ٿا. ميوا عمدا، وڻ ڊگها، نعمتن جي فراواني آهي. شين جا اگهه به سستا آهن. ماکيءَ جا 3 مڻ (يا 2 سير) هڪ درهم (اٺن آنن) ۾ ملن ٿا. (پيج 480) ماکي ۽ کير جي سستائي جي ته ڳالهه نه پڇو. هتي جا ماڻهو موذي جانورن (مڇر، منگهڻ ۽ ڪارزن) کان بچيل آهن بدني آفتن (ڪوڙهه انڌائي وغيره) کان به آزاد آهن. شهر جي چوڌاري اکروٽ ۽ بادام جا وڻ هڪ ٻئي ۾ ڳتيل آهن، ڪتل ۽ ڪيلو به گهڻو ٿئي ٿو، باقي هتي جي هوا تر آهي گرمي سخت پئي ٿي ۽ سندن جايون ڪچيون گاهه، ٻوٽن ۽ ڪاٺيءَ جون آهن، جن کي گهڻو ڪري باهه لڳندي رهندي آهي، جي ان ۾ اهي عيب نه هجن ها ته ايران جي شهر فسا ۽ سابور جهڙو هجي ها.

قنوج، وڏو صدر مقام آهي. هن جي فصيل ۾ قلعو ۽ شهر آهي، ان کان ٻاهر وڌيڪ آبادي (ربضہ) آهي. شهر ۾ گوشت گهڻو ۽ پاڻي گهڻو آهي، ان کي چئني پاسن کان باغن جو گهيرو آهي. ماڻهو سهڻا ۽ خوش رنگ آهن، پاڻي سٺو ۽ صحت کي وڌائيندڙ آهي. شهر ويڪرو آهي، نفعيمند واپار جو مرڪز آهي، ڪيلو سستو آهي، باقي باهه سو گهڻي لڳندي آهي. اٽو ٿورو ٿئي ٿو. سندن خوراڪ چانور آهي. جايون ساديون آهن، هتي جو اونهارو خراب آهي، شهر کان جبلن تائين چئن فرسخن (سورهن، سترهن انگريزي ميلن) جو فاصلو آهي. جامع مسجد ٻاهرين آبادي (ريضہ) ۾ واقع آهي. گوشت سستو آهي، درياءَ شهر جي وچان لنگهي ٿو، مسلمان گهڻو ڪري ڪڻڪ کائيندا آهن، شهر ۾ عالم بزرگ ۽ وچولي درجي وارا ماڻهو رهن ٿا. هوا عمدي ۽ باغ گهڻا آهن، شهر جا امير ماڻهو گرمين جو زمانو باغن ۾ گهاريندا آهن، ٻين شهرن ۾ سخت گرمي ٿيندي آهي. پاڻ نهرن ۽ ڪاريزن جو پيئندا آهن.

ملتان، (پکيڙ جي خيال کان منصوره جي برابر آهي، پر ان جي آبادي گهڻو ڳوڙهي ۽ ڳتيل آهي. ميوا گهڻا نه ٿا ٿين، ٻيون شيون ڏاڍيون سستيون آهن. ماني 30 مڻ (اٽڪل روءِ 25 سير) هڪ درهم (اٺن آنن) ۾ ملي ٿي. مصري (فانز) 3 مڻ (ٻه سير نو آنا) اٺن آنن ۾ ملي ٿي، شهر سهڻو آهي، جايون سيراف جي نموني تي آهن، جي ساڳ جون جڙيل گهڻن طبقن واريون آهن. ملتان ۾ زنا (جسم فروشي) نه ٿيندي آهي ۽ نڪي شراب پيئڻ ۾ ايندو آهي، جنهن کي ائين ڪندي ڏسن، ان کي قتل ڪندا آهن يا حد لڳائيندا آهن. واپار ۾ ڪوڙ نه ڳالهائيندا آهن ۽ نڪي ماپ ۾ گهٽتائي ڪندا آهن ۽ نڪي گهٽ توريندا آهن. پرديسين ۽ غريبن کي دوست رکندا آهن ۽ اتي جا گهڻا رهاڪو عرب آهن. درياءَ جو پاڻي پيئندا آهن. ضرورت ۽ آرام جون شيون گهڻيون آهن، واپار چڱو ۽ وڌندڙ آهي. (ماڻهن ۾) نعمتن ۽ خوشحاليءَ جا آثار پڌرا آهن، بادشاهه عادل آهن، بازارين ۾ هار سينگار ڪري ڪابه عورت توکي ڏسڻ ۾ نه ايندي ۽ نڪي ڪو مرد، عورت سان برسر بازار ڳالهيون ڪندي نظر ايندو. پاڻي عمدو آهي، ماڻهو سهڻي پوشاڪ ۽ سنجيدا، سٺا ۽ مروت وارا آهن. هتي جي فارسي سمجهه ۾ اچي ٿي. تندرست بدنن وارا ماڻهو آهن. (پيج 481) (ڪوڙهيو يا انڌو ۽ منڊو منجهن نظر نه ايندو) باقي شهر ۾ گپ گهڻي آهي ۽ دٻن ۾ پاڻي نظر ايندو. جايون سوڙهيون ٺهيل آهن، هوا گرم ۽ خشڪ آهي، ماڻهن جو رنگ ڪڻڪ رنگو (سانورو) ۽ ڪارو آهي. هيءُ اهو احوال آهي، جنهن کي اسان هن ملڪ جي شهرن بابت معلوم ڪيو آهي.

سنڌ عام طرح گرم ملڪ آهي، جتي کجي، ناريل ۽ ڪيلو گهڻو ٿئي ٿو. سنڌ ۾ ڪي اهڙيون به جايون آهن، جتي هوا معتدل آهي، گرمي ۽ سردي ٻنهيءَ کي محسوس ڪري سگهجي ٿو (گرم ۽ سرد ٻنهينءَ موسمن جا ميوا ٿيندا آهن( جيئن ويهند ۽ منصوره جي آس پاس ۾. سمنڊ ان جي گهڻي ڀاڱي کي محيط آهي، جيتري قدر مون کي سڌ آهي ته ڪابه وڏي ڍنڍ نه آهي، پر درياءَ سو گهڻا آهن (غير مسلم) ذمي رعيت بتن جي پوڄاري آهي، واعظ ڪابه شهرت نه ٿا رکن ۽ نڪي سندن ڪي قابل بيان رسمون آهن.

مذاهب، هتي جا ماڻهو اڪثر اهل حديث آهن. مون قاضي ابو محمد منصوريءَ کي ڏٺو، دائودي مذهب جو هو ۽ پنهنجي مذهب ۾ امام هو. قاضي ابو محمد منصوري تدريس ۽ تصنيف جو مالڪ آهي. گهڻا عمدا ڪتاب لکيا اٿائين. ملتان جا رهواسي شيعا آهن، ٻانگ ۾ ”حي علي الفلاح“ کان پوءِ ”حي علي خير العمل“ چوندا آهن ۽ تڪبير ۾ هر لفظ دهرائيندا آهن، هتي ڪوبه اهڙو قصبو نه آهي، جنهن ۾ امام ابو حنيفہ جي مذهب تي فقهاءَ نه هجن، ملڪ ۾ مالڪي معتزلي مذهب وارا بنهه ڪين آهن ۽ نڪي حنبلي مذهب تي ڪو عمل ٿئي ٿو، ماڻهو سڌي طريقي وارا ۽ سندن مذهبي ڪردار وڻندڙ آهي، نيڪ ۽ پاڪباز آهن. الله تعاليٰ کين غلبو، ڪٽر پڻي سياسي ۽ مذهبي فتنن ۽ جهڳڙن کان پري رکيو آهي.

واپار، طوران مان مصري برآمد ٿيندي آهي، جيڪا ملسڪان (مڪران) جي مصريءَ کان ڀلي ٿيندي آهي. سندان مان چانور گهڻي مقدار ۾ ڪپڙو ٻاهر موڪليو ويندو آهي. ساري ملڪ ۾ پٿرڻن ۽ غاليچن جي صنعت موجود آهي. جيئن خراسان جي ڪوهستان واري ڀاڱي ۾ اها صنعت آهي، ناريل ۽ عمدو ڪپڙو به گهڻو ٻاهر موڪليو ويندو آهي. منصوره مان ڪنڀاتي جتيون برآمد ڪيون وينديون آهن. اهڙيءَ طرح هاڻي عاج، بيش بها قيمت واريون شيون ۽ مفيد دوائون به برآمد ڪيون وينديون آهن.

طوران، ملتان، بلڪ ساري سنڌ ۽ هند جو مڻ (رطل) مڪي جي مَڻ برابر آهي.

(پيج 482) (260 درهم اٽڪل روءَ ساڍا تيرهن آنا) طوران جي ماپ ڪجي سڏبي آهي. (جنهن سان ڪڻڪ کي ماپ ڪيو ويندو آهي) 40 مڻ (رطل) مڪي ۾ اٽڪل روءَ 30 سير ٿيندا. 8 مڻ ڪڻڪ هڪ درهم کان چئن درهمن تائين ملي ٿي.

ملتان ۾ ان جي ماپ لاءِ مطل نالي ماپو آهي. 12 مڻ مڪي: اٽڪل روءَ سوا ڏهه سير.

سڪا، سنڌ جي درهم کي قاهري سڏيندا آهن. هر قاهري درهم جي قيمت پنجن (معياري) درهمن جي برابر هوندي آهي. قاهري درهمن کان سواءِ طاطرا (طاطري) درهم به رواج وارو آهي، هڪ طاطري درهم 2/2 (معياري) درهم جي برابر هوندو آهي. ملتاني درهم، فاطمي (مصري) درهمن جي نموني تي آهن، هتي غزني جا قهري درهم به هلندا آهن، جيڪي يمن جي قروض سان ملن جلن ٿا، پر مقامي سڪا وڌيڪ قدر وارا آهن.

خصوصيتون: (سنڌ جو) ليمو زردالو وانگر هڪ ميوو آهي، جو ڏاڍو کٽو ٿيندو آهي، ٻيو ميوو آڙو وانگر آهي، جو سوادي آهي. ان کي انب چوندا آهن. فالج ٻن ڪونڀٽن وارو اٺ جو مشرق ۽ فارس ۾ نظر ايندو آهي، اهو بختي اٺ کان سنهو ۽ گهڻو وڏو ٿيندو آهي. بخاتي (تکو اٺ) ان جي نطفي مان پيدا ٿيندو آهي (مهانگي هجڻ ڪري ان کي رڳو بادشاهه ئي خريد ڪندا آهن) ڪيجي (گجرات جون) جتيون به ان مان ٺهنديون آهن.

رنگ، روپ ۽ پوشاڪ: مڪران وارن جو رنگ گندمي ۽ زبان ناقابل فهم آهي. ماڻهو وڏا چولا پائيندا آهن ۽ ڪنن ۾ والن پائڻ لاءِ سوراخ ڪرائيندا آهن، جيئن هندستان ۽ ملڪ جي آس پاس جو دستور آهي.

مهراڻ درياءَ، نيل درياءَ کام ڪنهن به ڳالهه ۾ گهٽ نه آهي. جيئن نيل جو پاڻي مٺو ٿيندو آهي، ٻوڏ ڪندو آهي، ان ۾ واڳون ٿيندا آهن، مهراڻ به ائين آهي. وخش کان (پيج 483) اڳ جو جيحون جون شاخون وهن ٿيون. ان پاسي کان نڪري ٿو ۽ ملتان جي قرب کان هلي منصوره جي حدود ۾ وهي ديبل وٽ سمند ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، جڏهن پاڻيءَ ۾ چاڙهه ٿئي ٿو ته ان تي پوکون ٿي ٿيون، جيئن مصر جي بيان ۾ ٻڌائي چڪا آهيون. سندرود درياءَ ملتان کان ٽن منزلن تي آهي، اهو مٺو ۽ وڏو درياءَ آهي.

بت، هن ولايت ۾ ٻه بت هيروا ۾ آهن پٿر جا ٺهيل آهن، جن کي ڪوبه پهچي نه سگهندو آهي. ان ۾ اهڙو طلسم رکايل آهي جو جڏهن ڪو ماڻهو ان کي هٿ لائڻ لاءِ هٿ ڊگهو ڪندو ته ان کي پهچي نه سگهندو آهي، سون ۽ چانديءَ سان مشابهت رکن ٿا، ماڻهن جو خيال آهي ته جيڪو انهن وٽ ڪا حاجت کڻي ويندو ته ان کي (پڄائيندو ۽) پورو ڪندو. اتي سائي پاڻيءَ جو هڪ چشمو آهي، ڄڻ ته رنگاز آهي، ان جو پاڻي برف کان به وڌيڪ ٿڌو آهي، ان جو پٿر خمن لاءِ هڪ ٽڪ آهي. اتي پوڄارين لاءِ جايون ٺهيل آهن، جن جي آمدنيءَ مان بتن جا خادم گذارو ڪندا آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو نياڻيءَ کي تعظيم ڪري (ان کي مذهبي رنگ ۾ رکڻ) گهرندو آهي ته انهن بتن لاءِ ان کي وقف ڪري ڇڏيندو آهي. مون هڪ مسلمان کي ڏٺو، جنهن ٻڌايو ته هو اسلام کي ڇڏي مرتد (ڪافر) ٿيو هو ۽ مٿين ٻن بتن جي عبادت ۽ ڦندي ۾ ڦاسي پيو هو. پوءِ نيشاپور پهتو ۽ اتي ٻيهر اسلام آندائين. اهي ٻئي بت طلسم آهن.

انهن ٻن بتن کان سواءِ ملتان ۾ به هڪ بت آهي، جنهن ڏانهن هڪ ڳوٺ به منسوب آهي، هن کي سون جو گهر به سڏيندا آهن، ڇوته جڏهن مسلمانن ملتان کي فتح ڪيو هو ته پئسي جي معاملي ۾ کين ڏاڍي تنگي آڏو آئي هئي، تڏهن انهن انهيءَ بت وٽ ايترو سون هٿ ڪيو، جنهن کين بيپرواهه بنائي ڇڏيو.

هن بت جو گهر هڪ اهڙي عمارت آهي جا بازار ۾ آباد جاءِ تي اڏيل آهي، ان جي وچ ۾ هڪ سهڻو قبو آهي، جنهن جي چوڌاري مجاورن جا گهر آهن. بت، قبي ۾ وچٿري قد واري ماڻهوءَ جي شڪل ۾ هڪ ڪرسيءَ تي رکيل آهي، جا چوني ۽ پڪين سرن جي ٺهيل آهي. بت کي ڳاڙهي ريشم جهڙي کل پهرايل آهي، جنهن مان رڳو ان جون اکيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، اهي اکيون به (پيج 484) ٻه موتي آهن، بت جي مٿي تي سون جو ڇٽ رکيل آهي. بت پنهنجي ٻنهي ٻانهن کي ڦهلائي گوڏن تي رکيو آهي ۽ هٿ جي آڱرن کي ائين بند رکيو اٿائين جو ڄڻ چار جو انگ ڳڻي رهيو آهي، ٻيا بت ان کان هيٺ رکيل آهن.

باغ ۽ آباديون: مڪران، راهوق، ديبل، ارمابيل ۽ قنبلي ۾ پوک جو مدار بارش تي آهي. انهن ماڻهن لاءِ وڏا چراگاهه آهن ۽ مال ڍور به گهڻا اٿن، پر مال ڏٻرو آهي، انهن شهرن ۾ واپار چڱو هلي ٿو ۽ اتي سرحدي چوڪيون به آهن. سندان، صيمور ۽ ڪنبابة سرسبز شهر آهي، اتي شين جا اگهه به سستا آهن. چانور ۽ ماکي گهڻي پيدا ٿئي ٿي.

مهراڻ جي ڪنارن سان ڳوٺاڻا (بدوي) ۽ عرب گهڻا رهن ٿا. مڪران ۾ گهڻو ڪري پٽَ ۽ بيابان آهن، خشڪ سالي ۽ تنگي رهي ٿي (گهڻي ڀاڱي) گرم علائقو آهي، اتي هڪ ديهه ۽ ڳوٺ آهي، جنهن کي خروج سڏجي ٿو. ان جو هڪ وڏو شهر راسڪ ۽ ٻيون خرزان آهي، ڪرمان جي پاسي کان مشڪة آهي، جنهن جي پکيڙ ٽي منزلون آهن، اتي کجيون ٿوريون آهن، سردي ۽ گرميءَ جا ميوا ملن ٿا.

مڪران ۾ گهڻو ڪري خانه بدوش ماڻهو رهن ٿا، پوک ۽ آبادي برسات تي مدار رکي ٿي، عراق جي هيٺاهين وانگر هتي به (کاري پاڻيءَ جون) ڪي هيٺاهيون آهن. مڪران جا خانه بدوش ماڻهو فارس جي ڪُردن جهڙا آهن. هتي جتن  جي به گهڻي آبادي آهي، جيڪي گاهه ۽ ڪکن جا گهر ۽ جهوپڙيون بنائي، انهن ۾ رهندا آهن. مڇي ۽ پاڻيءَ جا چانور سندن خوراڪ آهي. زاهوق ۽ ڪاوان ٻئي دهقاني ڳوٺ آهن، جي هڪ ٻئي جي ڀر ۾ آهن. اهي ٻيئي مڪران سان مليل آهن. ڪن (عالمن) راهوق کي منصوره کان ڳڻيو آهي، ان ۾ ميوا گهٽ ٿيندا آهن. مڪران جو سڀ کان وڏو شهر قنزبور آهي، اتي کجيون ٿين ٿيون. قصدار سرسبز آهي، اتي شيون سستيون آهن، عناب چڱا ٿين ٿا، گرمي ۽ سرديءَ جا ٻيئي ميوا ملن ٿا، کجيون سو اتي ڪونه آهن.

ملڪ جون حدون: اوڀر ۾ ايراني سمنڊ، اولهه ۾ ڪرمان ۽ سجستان جا صحرا ۽ ڳوٺ، اتر ۾ هندستان جو رهيل ڀاڱو ۽ ڏکڻ ۾ صحرا آهي، جيڪو مڪران ۽ قفص جي وچ ۾ آهي، ان جي ٻئي پاسي ايراني سمنڊ آهي. بحر فارس، هن ملڪ جي اوڀر واري ڀاڱي ۽ ڏاکڻي کي انهيءَ صحراءَ کان ٻئي پاسي هن ڪري گهيرو ڪيو آهي جو اهو سمنڊ صيمور کان اوڀر تي پکڙجي تيز مڪران تائين اچي ٿو، پوءِ اتان انهيءَ ميدان تي لاڙو رکي ڪرمان ۽ فارس وٽ ڪمان وانگر ٿي پوي ٿو.

مڪران جي پاسي ۾ جيڪي شهر اچن ٿا، سي هي آهن: تيز، ڪبرتون، دزڪ، راسڪ، بڌ، بند، قصرقند، اصفقہ، فهل فهرة، قنبلي ۽ ارمائيل.

(پيج 485) هن ولايت جون حڪومتون مختلف آهن، مڪران جو الڳ بادشاهه آهي جو وڏو عادل ۽ تواضع پسند آهي، ان جهڙو بادشاهه توکي ٻئي هنڌ نظر نه ايندو. منصوره ۾ قريش خاندان جو هڪ حاڪم آهي. هتي بغداد جيع باسي امير جي نالي تي خطبو پڙهندا آهن. عضدالدولہ جي نالي به اهي خطبو پڙهي چڪا آهن. آئون جڏهن شيراز ۾ هيس ته ان جو سفير عضدالدولہ جي پٽ سان ملڻ لاءِ آيو هو.

ملتان جا حاڪم اسلامي عقيدو رکن ٿا. مصر جي فاطمي خليفن جي نالي خطبو پڙهندا آهن. هتي مصر جي والي جي راءِ سان ئي حاڪم مقرر ڪيو ويندو آهي، انهن جا سفير ۽ سوکڙيون مصر ڏانهن برابر پهچنديون رهن ٿيون. ملتان جو هاڻوڪو حاڪم طاقتور ۽ عادل آهي.

قنوج، ويهند (گندهارا) ۾ ڪافرن جو غلبو ۽ راڄ آهي ۽ مسلمانن لاءِ هڪ الڳ بادشاهه آهي (جيڪو انهن جي سنڀال رکي ٿو)

ٽيڪس: طوران ۾ (هر پاسي کان ايندڙ ۽ ويندڙ) بار (حمل) تي ڇهه درهم ٽيڪس ورتي ويندي آهي رڳو ملڪ ۾ داخل ٿيندڙ هر غلام تي ٻارهن درهم (اٽڪل ڇهه روپيا) ورتو وڃي ٿو. هندستان کان ايندڙ هر بار تي ٽيڪس جي شرح ويهه درهم (ڏهه رپيا) آهي. سنڌ مان ايندڙ سامان جي قيمت جو اندازو لڳائي محصول مقرر ڪيو ويندو آهي. صاف ڪيل چمڙي جي کل تي هڪ درهم (اٺ آنا) محصول آهي. طوران جي حاڪم کير هر سال 10 لک درهم (پنجن لکين رپين) جي آمدني ٿيندي آهي. اها ٽيڪس عشر جي اڳاڙڻ ۾ اچي ٿي (مڪران جي حڪومت به ٽئڪس جي 10 لک درهم رقم ساليانو ڪمائيندي آهي.)

مسافت: تيز مڪران کان ڪيس تائين 5 منزلون، اتان قنزبور تائين 2 منزلون، اتان درڪ تائين 3 منزلون، اتان راسڪ تائين به 3 منزلون، راسڪ کان فهلفهره تائين 3 منزلون، اتان اصفقہ تائين 2 منزلون، اتان بنہ تائين 2 منزلون، بنہ کان بہ تائين هڪ منزل، بہ کان قصر قند تائين 1 منزل، اتان ارمابيل تائين 6 منزلون، ارمابيل کان ديبل تائين 4 منزلون، تيز کان قصدار تائين مڪران جي ڊيگهه ۾ سمنڊ جي ساحل تي 12 منزلون منصوره کان ديبل تائين 6 منزلون (پيج 486) منصوره کان ملتان تائين 20 منزلون، منصوره کان بدها جي شروع سرحد تائين 5 منزلون، پوءِ تيز تائين 15 منزلون ملتان کان غزني:

ملتان کان منصوره تائين واٽ تي ڳوٺ ۽ آباديون آهن، اهي 40 فرسخ آهن ۽ 100 (فرسخ) جو رستو صحرا ۽ ڪم آبادي وارو آهي. منصوره کان قزدار تائين 90 فرسخ آهن، اتان ڪنڪابان تائين اوترو ئي پنڌ آهي، اتان سيوه تائين به ساڳيو پنڌ آهي، اتان لاشتان (لامتان) تائين به اوترو آهي، اتان ساغن تائين 60 فرسخ آهي. وچ تي منبر آهي، اتان غزني تائين 1 منزل آهي. قزدار کان مشڪي تائين 50 فرسخ آهي، اتان جالق کان خواص تائين به ساڳيو پنڌ آهي. خواص کان سراءِ شهر تائين 20 فرسخ، اتان نهر سليمان تائين به اوترو پنڌ آهي. نهر سليمان کان درهفان تائين 50 فرسخ، اتان جرفت تائين به ساڳيو پنڌ آهي.

ملتان کان بالس تائين 10 منزلون، بالس کان قندابيل تائين 4 منزلون، اتان قصدار تائين 5 منزلون، قندابيل کان منصوره تائين 18 منزلون ۽ ملتان تائين 10 منزلون رڳو صحرا آهي. منصوره کان قامهل تائين 8 منزلون، اتان ڪنبايت تائين 4 منزلون، اتان سوبارت تائين به ايترو ئي پنڌ آهي ۽ اهو سمنڊ کان هڪ فرسخ تي آهي. سندان کان بيسمور تائين 5 منزلون، سيمور کان سرانديپ تائين 15 منزلون، ملتان کان بسمد تائين 2 منزلون، بسمد کان الرور تائين 3 منزلون، اتان انري تائين 4 منزلون، انري کان قلري تائين 2 منزلون، قلري کان منصوره تائين 1 منزل، منصوره کان قامهل تائين هڪ منزل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com