سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :57

 

مخدوم محمد عارف سيوهاڻي

(وفات: 1245هه کان پوءِ)

مخدوم محمد عارف به سيوهڻ جي هن صديقي خاندان جو چشم و چراغ ۽ اسان جي عارف ڀٽائي جي خاص دوست مخدوم دين محمد سيوهاڻي جو پوٽو آهي. ڏسجي ائين ٿو ته هن سندس والد مخدوم محمد حسن ۽ چاچي مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي کان تعليم حاصل ڪئي. نعمان ثاني مخدوم عبدالواحد جي وفات کان پوءِ فتوائن ۽ درس ۾ سندس علمي جاءِ نشين هي بزرگ رهيو. سندس علمي تبحر اسان کي هن جي ڪن فقهي تحريرن مان نظر آيو، جي سنڌ جي مختلف فقهي مجموعن ۾ پکڙيل آهن. اسان کي مخدوم محمد مراد سيوهاڻي وٽ ڪي قلمي ڪتاب ڏسڻ ۾ آيا، انهن تي مخدوم محمد عارف صديقي جون مختلف تحريرون ۽ خود نوشته نوٽ نظر آيا، جن مان سندس علمي ذوق جو پتو پوي ٿو.

فقہ حنفي جي مشهور ڪتاب ”هدايہ“ جو هڪ حاشيو ”نجوم الهدايہ“ نظر مان گذريو، هن تي مخدوم محمد عارف سيوهاڻي هيٺيون نوٽ لکيو آهي:

الحمدلله الذي من علي بهبة هاتين الحاشيتين من يد القاضي غلام محمد بن لطف الله المرحوم وهيني حين عزم السفر الي الحرمين زاد الله تعاليٰ شرفهما. وانا الموهوب لہ ذوالخاتم (1222 محمد عارف)

الله جي وڏي واکاڻ ڪجي، جنهن پنهنجو احسان فرمائي قاضي غلام محمد بن لطف الله مرحوم جي هٿان مون کي هي ٻه حاشيا مفت ڏياريا. هن مون کي اهو ڪتاب ان وقت ڏنو، جڏهن هو حرمين شريفين وڃي رهيو هو، جنهن کي اهو هبو مليو سو هن مهر وارو آهي، هتي سندس نالي جي مهر لڳل آهي

هڪ ٻيو ڪتاب تصوف ۾ ”فتح الفضل“ نالي نظر مان گذريو، جو تمام عمدي خط ۾ لکيل هو. ان جي آخر ۾ ڪتابت کان فراغت جو سال 1233هه لکيل هو، ان ڪتاب تي به مخدوم محمد عارف هي نوٽ لکيو آهي:

”بحمدالله و حولہ وقوتہ وهبني الله تعاليٰ هذا الکتاب الشريف المسمي بفتح الفضل م ن يد حاجي ڪاغذي وهب الله اياه خبر النعم“

وانا الفقير الموهوب لہ          محمد عارف

24 شعبان 1238هه                   1222

مطلب ته الله جي تعريف ۽ قوت سان، مون کي الله تعاليٰ هي ڪتاب شريف ”فتح الفضل“ نالي حاجي ڪاغذي جي هٿان ڏياريو. الله کيس چڱي نعمت نصيب ڪري. هتي سندس مهر لڳل آهي ۽ تاريخ 1238هه جي لکيل آهي.

ٽيون ڪتاب ڪنز جو شرح مستخلص قلمي نظر مان گذريو، اهو به مخدوم محمد عارف سيوهاڻي کي ڪٿان مليو آهي ۽ ان تي سن1247هه جو لکيل آهي، انهيءَ ڪري ئي اسان سندس سن وفات 1247هه کان پوءِ لکيو آهي، صحيح تاريخ وقت معلوم نه ٿي سگهي آهي.

 

خواجہ گل محمد (محبوب الصمد) لواريءَ وارا

(ولادت: 1177هه - 1763ع وفات: 1228هه - 1803ع)

حضرت خواجہ گل محمد لقب محبوب الصمد، سلطان الاولياءَ خواجہ محمد زمان اول جا صاحبزاده آهن، سندن ولادت ربيع الاول مهيني جي 11 تاريخ، جمعرات سن1177هه (1763ع) ۾ ٿي، سندن والد حضرت سلطان الاولياءَ جو ساڻن ڏاڍو قرب ۽ پيار هوندو هو، کين لاڏ ۽ ڪوڏ مان پاليائون. هونءَ ته اولاد سان پيار جو هجڻ هڪ فطري ڳالهه آهي، پر صاحبزادي جي مقام ۽ مرتبي کي اڳ ئي ان جي اهڃاڻن مان معلوم ڪري ورتو هئائون. سندن سوانح نگارن لکيو آهي ته پاڻ اڃان پنجن سالن جي ڄمار جا مس هئا جو مسجد اڱڻ ۾ هڪ وڻ تي چڙهي ويا. حضرت جن وڏا، ان وقت نماز ۾ مشغول  هئا، جڏهن فارغ ٿيا ۽ صاحبزادي تي نظر پين، تڏهن فرمايائون ته: ”پٽ! هي ڇا ٿو ڪرين؟“ صاحبزادي وراڻي ڏني ته: ”خدا کي ٿو ڳوليان.“ حضرت جن پڇيو: ”خدا ڪهڙي شيءِ آهي؟“ صاحبزادي ٺهه پهه جواب ڏنو ته ”خدا نور آهي.“ حضرت جن پنهنجي معتقدن ڏي نهاريندي فرمايو ته سچ آهي، پاڻ ڌڻي تعاليٰ به ائين فرمايو آهي: الله نور السمٰوات والارض. مطلب ته الله آسمانن ۽ زمين جو نور آهي.

قرآن شريف ۽ فارسي پڙهڻ کان پوءِ کين مولانا شرف الدين شهدادپوريءَ وٽ صرف و نحو، علم عروض وغيره پڙهڻ لاءِ وهاريو ويو. ننڍپڻ ۾ ئي سندن گهڻو لاڙو سلوڪ ڏانهن هوندو هو، پر انهيءَ بي خياليءَ سان ظاهري علم پڙهڻ هوندي به جڏهن سندن استاد کانئن ڪتابن بابت علمي پڇا ڳاڇا ڪندا هئا ته پاڻ کين ذرو پرزو ٻڌائي ڏيندا هئا.

خواجہ گل محمد اڃان يارهن ورهين جي ڄمار جا مس هئا، جو سندن والد حضرت سلطان الاولياءَ خواجہ محمد زمان اول جن وفات ڪري ويا، جڏهن نينگر کي پنهنجي مسند تي ويهارڻ جو سوال اٿيو ته ڪن جهونن خليفن اعتراض اٿاريو ته ”هو اڃا ٻار آهي، سو مريدن جي ڪهڙي تربيت ڪري سگهندو؟“ انهيءَ تي مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ شيخ حاجي ابو طالب ۽ بين بزرگن خليفن چيو ته ”هيءُ باطني معاملو آهي، اسان کي نينگر جي ڄمار ڏسڻ نه گهرجي.“ نيٺ ڪن مريدن کي نينگر ڏانهن موڪلي قلبي توجهه معلوم ڪئي ويئي، جو هوبهو حضرت صاحب وڏن واري هئي، انهيءَ تي خواجہ صاحب وڏن جي وصال کان پوءِ ٽئين ڏينهن حضرت محبوب الصمد خواجہ گل محمد کي باقاعدي مسند تي ويهاريائون. اول شيخ عبدالرحيم بيعت ڪئي، پوءِ ٻين وڏن خليفن جهڙوڪ شيخ ابو طالب، حاجي طاهر، حافظ هدايت الله ۽ پوءِ ٻين بيعت ڪئي. خواجہ گل محمد اڃا سترهن ورهين جي ڄمار جا مس ٿيا ته سندس شهر لواريءَ تي اوچتو آفت نازل ٿي. اهو حادثو هن ريت ٿيو جو ميان عبدالنبي خان ڪلهوڙي جي صاحبيءَ ۾ شوره قوم جي ڪن ماڻهن نومڙيه قوم جي ٻن چئن آدمين کي قتل ڪري ڇڏيو، پوءِ خونين جو سارو قبيلو ڊپ وچان راتو واه اٿي ڀڳو. نومڙين جي هڪ وڏي فوج خونين جي ڪڍ پيئي ۽ لواريءَ وٽ اچي کين سوڙهو ڪيائون ۽ اچي جنگ شروع ٿي. ڪيترن شورن جون سسيون ڌڙن کان ڌار ٿي ويون، باقي جيڪي بچيا، تن ڀڄي وڃي لواريءَ ۾ پناهه ورتي. دشمن به انهن جي ڪڍ لڳا ۽ لواريءَ ۾ ڌوڪي پيا ۽ ڪن شريفن جي گهرن ۾ پڻ گهرڻ لڳا، لاچار لواريءَ وارن کي به انهن سان وڙهڻو پيو. هن ويڙهه ۾ درگاهه جا ٻه مريد رانجهو ۽ بلنده نالي به شهيد ٿي ويا. حضرت خواجہ گل محمد جن پنهنجو سارو سامان ڦورن جي حوالي ڪري پاڻ رڳو هڪ ازار ۾ نڪري ٻاهر ٿيا. نومڙين جو مهندار کين هن حالت ۾ ڏسي ڏاڍو شرمسار ٿيو، حضرت صاحب جن کي سامان موٽائي ڏيارڻ لاءِ زور رکيائين، پر پاڻ ڪجهه به واپس نه ورتائون. بلڪ پاڻ مال متاع وڃائڻ ڪري سرها ٿي پيا جو ڄڻ ڪو وڏو گهنگهر مٿانئن لهي پيو آهي.

سندن مشغولي

حضرت جن جو سارو ڏينهن اسر کان وٺي ويندي شام تائين معتقدن جي سٿ ۾ ويٺا هوندا هئا، رڳو ماني کائڻ لاءِ گهر ويندا هئا يا نماز لاءِ اٿندا هئا. جيڪڏهن ڪي نيڪ بنديون زيارت لاءِ اينديون هيون ته گهڙي کن گهر وڃي موٽي ايندا هئا، پر انهن سان هڪ اکر به نه ڳالهائيندا هئا. سندن مجلس ۾ ڪنهن کي به روڪ نه هوندي هئي، پاڻ گهڻو ماٺ ۾ گذاريندا هئا، جيڪڏهن پور ايندو هون ته ڪي نصيحت آموز نقطا بيان ڪندا هئا، جن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا:

(1) اٺ جهڙي حيوان تي مجازي عشق جو غلبو ٿيندو آهي ته به چار مهينا کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏيندو آهي. هاڻ خيال ڪريو ته جنهن انسان تي حقيقي عشق جو غلبو ٿيندو هوندو، تنهن جو ڪهڙو حال ٿيندو هوندو. (2) حياتي توڙي دنيا ٻئي فاني آهن، انهن سان ناتو لائڻ نه گهرجي. (3) مردانگي طريقت جو مول شرط آهي. (4) حق کي وسارڻ بڇڙي ۾ بڇڙو ڪم آهي. (5) تونگرن ۾ طمع نه رکجي ۽ نه انهن جي چاپلوسي ڪجي. کانئن هميشه پاسو ڪرڻ گهرجي. (6) اخلاص کان بهتر ٻي ڪابه شيءِ نه آهي. (7) ڪهڙو به علم هجي، جهالت کان بهتر آهي. (8) ڪهڙو به ڌنڌو ڌاڙي بي هنري کان بهتر آهي ۽ (9) فقيرن جي گفتگو مڙئي صدق ۽ صواب آهي، وغيره.

پاڻ ظاهري علم ۾ به وڏو مرتبو هٿ ڪيو هئائون، جو ان زماني جا سيد محمد ۽ خواجہ قاضي احمد جهڙا عالم ۽ فاضل چوندا هئا ته ”هيڏي علم هوندي به اسين حضرت جن جي اڳيان پاڻ کي سيکڙاٽن جيان ٿا سمجهون.“ سيد محمد به ائين چوندو هو ته: ”ظاهري علم ۾ جڏهن به ڪا مشڪلات ايندي هيم ته وڃي حضرت جن کان حل ڪرائيندو هوس. آئون علوم نجوم ۾ پاڻ کي ڏاڍو ماهر سمجهندو  هوس ۽ مون کي چڱيءَ طرح معلوم هو ته حضرت جن انهيءَ علم مان بلڪل اڻ واقف آهن. هڪ لڱا نجوم جو هڪ مسئلو منهن ڏئي اچي بيٺو. امالڪ حضرت جن اچي پلٽيا ۽ زايچه جي قانون ۽ اصطرلاب جي رمزن جي ايڏي وڏي اپٽار ڪيائون جو آئون وائڙو ٿي ويس!!

افسوس جو معرفت جي هن بحر بي پايان جي عمر تمام ٿوري ٿي. کين اوچتو وڏي ماتا (چيچڪ) جي بيماري ٿي پيئي، پاڻ ان ۾ مهيني ربيع الاخر 27 تاريخ سن 1228هه سانجهيءَ ۽ سمهاڻيءَ جي نمازن جي وچ ڌاري وصال ڪيائون.

خواجہ صاحب جن کي جملي ڇهه فرزند هئا: (1) حضرت غوث عالم خواجہ محمد زمان ثاني (2) شيخ عبداللطيف صغير (3) ابوالقاسم (4) محمد اڪرم (5) محمد آدم (6) حاجي محمد. وفات کان ٿورو اڳ خواجہ محمد زمان کي گهرائي کين وصيت فرمايائون ته: ”هاڻ جماعت تنهنجي حوالي آهي، تون ئي انهن جو امام آهين.“

 

خواجہ محمد زمان (غوث عالم) لواريءَ وارا

(1199-1247هه)

حضرت خواجه محمد زمان لواريءَ وارا تيرهين صدي هجريءَ جي انهن برگزيده اوليائن ۽ عالمن مان هئا، جن جي روحاني ۽ علمي شهرت سنڌ جي حدود مان نڪري ٻاهرين اسلامي ملڪن تائين پهچي چڪي هئي.  خواجه محمد زمان دوم جي ولادت سن1199هه رمضان مبارڪ مهيني ۾ ٿي. سندن والد جو نالو حضرت محبوب الصمد گل محمد هو. خواجه محمد زمان ڄمندي ئي ڄام هو، روايت آهي ته جن فقيرن خواجه سلطان الاولياءَ خواجه محمد زمان اول کي ڏٺو هو ۽ انهن مان جيڪي خواجه محمد زمان دوم جي ولادت وقت حيات هئا، سي سڀ يڪراءِ هئا ته هيءُ ننڍڙو ٻالڪ شڪل و شباهت ۾ پنهنجي ڏاڏي بزرگوار سلطان الاولياءَ خواجه محمد زمان اول جون سڪون ٿو لاهي. سندن والد محبوب الصمد خواجه رحه فرمائيندا هئا ته ”اهڙا فرزند عالم ۾ اڻ لڀ آهن.“ ننڍيءَ وهيءَ کان ئي سندن ڪرامتن جون خبرون سنڌ ۾ مشهور آهن، اهوئي سبب آهي جو سندن والد جو منجهن ساهه هوندو هو ۽ کين ڏاڍو مان ڏيندا هئا. خواجه گل محمد جي وصال وقت هن پيدائشي وليءَ جي عمر اڻويهه سال مس هئي، والد جي وفات کان پوءِ مسند تي ويٺا، اڃان انهيءَ مسند نشينيءَ کي سال کن مس گذريو ته سن1209هه (1804ع) ۾ احمد شاه درانيءَ جو پوٽو شاهه شجاع سنڌ تي ڪاهي آيو. ساري ملڪ ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو ۽ ڦرلٽ جو ڦٽڪو مچي ويو. ماڻهن ۾ ڦرڦوٽ پئجي وئي، سو اباڻا ڇنا ڇڏي اٿي ڀڳا. حضرت جن به لاچار اتان نڪري وڃي ويجهيءَ ڇڪ ۾ رهيا. مڪان شريف جو سڀ اسباب لٽجي ويو. نيٺ جڏهن سانت ٿي، تڏهن حضرت جن وري درگاهه تي واپس آيا. هن حادثي کانپوءِ بچاءَ واسطي کين ڪوٽ اڏائڻ جو خيال ٿيو ۽ اهو ڪم شروع ڪري ڏنائون. پاڻ وڏا متوڪل هئا. ڪوٽ اڏائڻ جو ڪم به ائين شروع ڪيائون جو نيٺ سن1226هه ڌاري عاليشان نموني جڙي راس ٿيو. پر ستت ئي ڪن حاسدن ان وقت جي ٽالپر حاڪم مير غلام علي خان کي وڃي برغلايو ته اهو ڪوٽ انگريزن جي شورش ۽ مالي امداد سان اڏايو ويو آهي، مير صاحب کي ويتر شڪ جاڳيو، جو کيس اها خبر پئي ته خواجه صاحب پنهنجي فرزند جي مائٽي ڪڇ وارن جاڙيجن رئيسن مان چوائي آهي. ان ڪري ته هيڪاري سندس شڪ وڌي ويو، ڇوته ان وقت انگريزن جي ڪڇ ۾ بيٺڪ هئي. خواجه صاحب جن گهڻو ئي حاڪم کي سمجهايو، پر مير صاحب تي ڪو اثر نه ٿيو، پنهنجا ماڻهو موڪلي ديوار ڀڃائي ڀورا ڪيائين.

هن واقعي کان هڪ ورهيه پوءِ خواجه صاحب جن سن1228هه (1812ع) ۾ حج لاءِ روانا ٿي ويا. ساڻن 40 ساٿي ساڻ هئا، ڪڇ جو رڻ لتاڙي مانڊوي بندر کان غوراب تي چڙهي روانا ٿيا، اتي ٻيا به ساڻن سفر ۾ شريڪ ٿيا. جڏهن يمن جي مخہ بندر تي پهتا، تڏهن شهر جا مکيه ماڻهو سندن مرحبا لاءِ اچي مڙيا. شيخ محمد عابد سنڌي مدني جو ڏاڏو سنڌ مان يمن ڏانهن هجرت ڪري ويو هو. ان ڪري هيءُ سنڌ جو مشهور محدث ۽ فقيهه به ان دور ۾ يمن اندر مقيم هو ۽ حضرت خواجه صاحب جن کان بيعت هو، سو به وڏي عقيدت مان زيارت لاءِ آيو. هن بزرگ خواجه صاحب لاءِ لکيو آهي ته منهنجي اکين هن جهڙو خدا رسيده بزرگ نه ڏٺو. علامه ڪستاني ”فهارس الفهارس“ ۾ خواجه محمد سعيد رحه سان مڪي ۾ پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪندي مخدوم محمد سعيد سنڌي ڏانهن پهچندڙ حديث جي سند بابت لکيو آهي ته اها مون کي خواجه محمد سعيد جن کان ملي، انهن کي سندن والد خواجه محمد حسن کان ۽ انهن کي سندن والد خواجه محمد زمان کان ۽ انهن شيخ محمد عابد سنڌيءَ کان سند حاصل ڪئي. هن مان اهو واضح ٿئي ٿو ته خواجه صاحب جن هڪ پاسي شيخ محمد عابد سنڌيءَ جا پير طريقت ۽ مرشد هئا ته ٻئي پاسي وري حديث جي سند ان کان ئي ورتي هئائون. عرب کان پنهنجي مرشد ڏانهن لواري ۾ اچڻ واري سفر جو ذڪر اليانع الجني (ص71) جي صاحب پڻ ڪيو آهي.

سن1230هه ۾ خواجه صاحب حرمين کان موٽي ڳوٺ پهتا، هن کان ڪجهه سال پوءِ سن236هه ۾ سندن ڀاءُ خواجه عبداللطيف گذاري ويو، اڃا اهو ڏک ڏور ئي نه ٿيو ته 1237هه ۾ سندن پهريون فرزند خواجه محمد سعيد جو اڃا سترهن ورهين جو هو، رجب مهيني جي 10 تاريخ وڃي رب کي رسيو. صاحبزادو هڪ يگانو گوهر هو ۽ ڄائي ڄم کان ولي الله هو، هنن ٻن وڇوڙن خواجه صاحب کي جهوري وڌو ۽ دلي سڪون لاءِ ٻيهر حج تي اسريا. صفر مهيني سن1238هه ۾ روانا ٿيا. اڃا خير و خوبيءَ سان حج ڪري آيا ته وري ٻئي جنجال ۾ اچي پيا جو ڀائرن جو ساڻس جهيڙو شروع ٿي ويو، انهن مير ڪرم علي خان کي به خواجه صاحب جو مخالف ڪري وڌو. پاڻ لڙائيءَ کان پاسو ڪري لواريءَ مان لڏي ٻن چئن ميلن جي فاصلي تي مير محمود خان شهداداڻيءَ جي ”هباڏي“ نالي جاگير تي وڃي ويٺا، جڏهن گوڙ گهمسان ڍرو ٿيو ته ڇهن مهينن کان پوءِ موٽي ماڳن تي آيا.

خواجه صاحب جن وڏا عالم ۽ اهل الله هئا، خواجه عبداللطيف چوندو هو ته پاڻ ڪڏهن تر جيترو به شريعت جي خلاف نه ڪيائون. بي پرواهه وري اهڙا جو ڪڏهن به طمع نه رکيائون ۽ وقت جي حاڪمن وٽ هٿ نه ٽنگيائون ۽ نڪي ساڻن دوستي رکيائون ۽ وٽن جيڪي پيسو پائي ايندو هو، ان کي بيت المال ڪري ڄاڻندا هئا ۽ ان سان غريبن جي پرگهور ڪندا هئا.

1246هه (1830ع) جي رمضان مهيني کان وٺي خواجه صاحب بيماريءَ سبب بستري تي داخل ٿيا، جنهن مان وري نه اٿيا ۽ صفر مهيني جي 17 تاريخ سن1247هه تي وفات ڪري ويا. ڪتاب مرغوب الاحباب جي مؤلف خواجه صاحب محمد زمان (دوم) جي تاريخ وفات هن طرح چئي آهي:

آنکه بس عالي است نسبت او

قاصر آمد زبان زمنت او

جز بحق را گهي نه الفت داشت

ترک دارين بود سنت او

هم نشين- خدا درين عالم بود

الحق زمانِ صحبت او

هشت بر چهل سال بي کم و بيش

چون در آمد شمار فرصت او

اندرين آشيانہ سست بنا

تنگ آمد هماي همت او

ارجعي آمدش خطاب ايزد

کرد منزل بباغ جنت او

جسم از دل چو سال تاريخش

گفت هاتف ”برب خلوت او“

1247هه

(لواريءَ جا لال ۽ محبوب الحباب تان تلخيص)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com