سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :64

 

(تڪملہ مقالات، الحڪمة)

غلام حسين”مسڪين“

(وفات: 1278هه - 1861ع)

ميان غلام حسين ”مسڪين“ فارسيءَ جو نازڪ خيال شاعر ٿي گذريو آهي، هن جو شروع ۾ ”مسڪين“ تخلص هو. هڪ ڀيري ميان محمد صالح شاڪراڻيءَ کي پنهنجي تصنيف جو ڪجهه ٽڪر پڙهي ٻڌايائين، ان ٻڌي ڪلام کي پسند ڪيو ۽ کيس چيائين ته ڪو افضل تخلص هئڻ گهرجي. ميان غلام حسين چيو ته هن کان پوءِ آئون پاڻ کي ”افضل“ سڏائيندس. مير خليل لکي ٿو ته هن جوگهڻو لاڙو مثنويات ڏانهن هوندو هو، غزلن جو گهٽ خيال ڪندو هو. ”تنبيہ المعاندين ۽ مثنوي نان نمڪ“ ٻئي سندس تاليف آهن. هڪ ڪتاب انشا مڪتوبات به سندس چيو وڃي ٿو، جيڪو تڪملہ مقالات جي مؤلف وٽ موجود هو، پر کانئس چورائجي ويو. ”نوروز“ نالي هڪ ڪتاب به سندس تاليف آهي، جنهن ۾ نظم ۽ نثر سهڻي نموني چيو اٿس. تاريخ گوئي کان مڙئي پاسو ڪندو هو. جيڪڏهن ڪنهن وقت چوندو هو ته چونڊ تاريخ چوندو هو. آخر عمر ۾ پنهنجو تخلص ”اسد“ رکيائين. 14 جمادي الاخريٰ سن1268هه ۾ هن دنيا مان رحلت فرمائي، سندس ڀاءُ محمد حسن کي ڏکن ۾ نهوڙي ويو.

تاريخ وفات از مير خليل

(1)     ماند در دل غم چو از فوتش دل روزِ وفات

گفت ”غم درد دل“ بتاريخ و همه ”داغ جگر“

1278هه                1278هه

(2)    بسال رحلت او عقل بي سر انديش

”بود غلام بنزد حسين“ گفت بگوش

 

(تڪلمہ مقالات)

آخوند غلام حيدر

(وفات: 1290هه - 1873ع)

آخوند  غلام حيدر، حيدرآبادي، تيرهين صديءَ هجريءَ جو چڱو شاعر ٿي گذريو آهي. ”مير خليل“ لکي ٿو ته اسان کي سندس وڌيڪ احوال نه مليو آهي. رڳو اخبار جي ذريعي اشعار سان تعارف ٿيو آهي. هن بزرگ شاعر جي وفات 1290هه ۾ ٿي. مير سيد غلام محمد ”گدا“ سندس تاريخ وفات هن طرح لکي آهي:

چون غلام حيدر از تقدير حق

کرد در ماهِ محرم انتقال

سال تاريخ وفاتش اي ”گدا“

گفت هاتف شاعري نازک خيال

1290هه

 

حافظ عبدالوهاب (سچل سرمست)

(ولادت: 1152هه - 1739ع وفات: 1242هه - 1826ع)

سنڌ جو هيءُ بزرگ مشهور صوفي ۽ بزرگ درازن جي فاروقي خاندان جو وڏو وحدت وجودي درويش ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. هو ميان صاحبڏنه فاروقيءَ جو پوٽو ۽ ميان صلاح الدين جو پٽ آهي. سندس اصلي نالو عبدالوهاب آهي ۽ سندس بزرگ کيس پيار مان ”سچيڏنو“ سڏيندا هئا، ان ڪري انهيءَ نالي سان مشهور ٿي ويو ۽ سنڌي شعر ۾ پنهنجو تخلص به سچل سا سچو رکيائين. هي بزرگ، ٻالجتيءَ ۾ ئي يتيم ٿي پيو، ان ڪري هن جي تربيت سندس چاچي ميان عبدالحق فاروقي جي گود ۾ ٿي، جو اڳتي هل اهو بزرگ، سچل سائين جو مرشد ۽ سهرو پڻ ٿيو. سچل جو انداز خدا جي محبت سان اجاريل هو، ننڍي هوندي وڏي ذهن و ذڪاءِ جو مالڪ هو. ٿوري ئي عرصي ۾ ظاهري علم مان فراغت لڌائين ۽ باطني فيض پنهنجي چاچي شاهه عبدالحق فاروقيءَ کان پرايائين، جو پنهنجي وقت جو اهل الله ۽ اهل دل بزرگ هو. انهيءَ فيض کيس ريٽي وانگر رنڱي ڇڏيو. سچل سائين قرآن جو پڻ حافظ هو ۽ روزي نماز جو پڻ سخت پابند هو، شريعت جي احڪامن جو گهڻو خيال ڪندو هو. جيئن ”تذڪره مخاديم کهڙا“ ڪتاب مان معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن مخدوم کهڙوي کي سندس هڪ ڪافي شريعت جي خلاف نظر آئي ۽ ان لاءِ هن عاشق تي شرعي احڪام جاري ڪرڻ لاءِ سانباها ٿيا ته سچل سائين، پاڻ کهڙن ۾ پهچي ويو ۽ پنهنجي صفائي پيش ڪندي چيائين ته اها ڪافي اوهان وٽ غلط طرح پهتي آهي، اصل ڪافي هن طرح چيل آهي. مخدوم صاحب سندن عذر قبول ڪري کين ڀاڪر پاتو ۽ کين ڪي وڌيڪ نصيحتون ڪيون. اڳتي هلي سچ سرمست کي  عشق الاهي اهڙو ته نهوڙي ڇڏيو، جو حال کان بيحال ٿي مدامي مست ۽ جذبي ۾ رهندو هو، کيس سنڌ جو منصور سڏجي ته بيجا نه آهي، هن کان اڳ به سنڌ ۾ گهڻائي وحدت وجودي صوفي ٿي گذريا آهن، پر انهن سڀني مام ۽ اشاري ۾ ڳالهه ڪئي آهي، سچل سرمست هن مسئلي کي بنهه کولي نروار ڪري ڇڏيو ۽ سندس سڄو شعر انهيءَ جذبي سان سرشار آهي. سچل سرمست فارسيءَ جو به اعليٰ شاعر هو، ”ديوان آشڪارا“ سندس وڏو شاهڪار آهي، پر افسوس جو اڃان تائين صحت سان ڇپجي نه سگهيو آهي. اسان هن ديوان جو نسخو مسٽر شفيع احمد علوي ايم- اي وٽ ڏٺو، جيڪو شڪارپور جي مشهور عالم ۽ شاعر حڪيم مير علي نواز جي مطالعي مان گذريو آهي، ان ۾ مير صاحب، ديوان کي هڪ خطي نسخي تان درست ڪيو آهي ۽ منجهس بيشمار درستيون نظر آيون، ان کان سواءِ ٻيو هڪ نسخو ديوان آشڪارا جو لاڙڪاڻي جي قادري بزرگن جي لائبريري ۾ ميان غلام محمد گدا جو لکيل به نظر مان گذريو، اهو به اندازو آهي ته ضرور صحيح هوندو، ڇوته اهو خاندان، فاروقي فقير جو مريد آهي ۽ گدا پاڻ وڏو عالم ۽ شاعرپڻ هو. اهو نسخو پروفيسر اياز حسين قادريءَ کان سنڌي ادبي بورڊ کي اشاعت لاءِ مليو آهي، اميد ته ان تي تحقيق ڪري ”ديوان آشڪار“ کي سهڻي نموني ڇپايو ويندو، سچل سرمست جي سنڌي ڪلام تي مرحوم آغا صوفي جي تحقيق به بينظير آهي، ضرورت آهي ته ان نسخي کي وري اشاعت هيٺ آڻجي، جو ناياب ٿي چڪو آهي. سنڌي ادبي بورڊ وارن پڻ سچل جو سنڌي توڙي سرائڪي ڪلام سهڻي نموني ڇپايو آهي.

سنڌ جو هي باڪمال شاعر 14 رمضان سن1242هه مطابق سال 1826ع ۾ هن دنيا کان رحلت فرمائي ويو. سنڌ جي اهل الله مان مولانا امروٽي صاحب رحه سچل جي ڪلام کي گهڻو پسند ڪندا هئا، اهڙيءَ طرح منهنجو استاد مولانا عبيدالله سنڌي پڻ سچل سرمست جو ڪلام شوق سان ٻڌندا هئا.

مير فتح علي خان ٽالپر

(وفات: 1217هه - 1802ع)

ڪلهوڙن جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ حيدرآباد واري حصي تي مير فتح علي خان ولد مير صوبدار خان ولد مير بهرام خان پنهنجن ٽن ڀائرن مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان سان گڏجي حڪومت ڪرڻ لڳو. مير فتح علي خان 18 سال تمام آرام ۽ اطمينان سان حڪومت ڪري سن1217هه مطابق 1802ع ۾ وفات ڪري ويو. ”جائي جنت نصيب فتح علي“ مان سندس تاريخ ملي ٿي. سندس جنازي کي خدا آباد هالن واري ۾ دفن ڪيو ويو. هن وفات وقت هڪ پٽ صوبدار نالي ڇڏيو، جنهن جي ڄمار صرف هڪ ڏينهن هئي.

سيد ثابت علي شاه سيوهاڻي، هن نامور حاڪم جي هي تاريخ وفات لکي آهي، جا سندس قبر تي ڪاشيءَ جي سر تي لکيل آهي:

شب شهادت شاه شهيد رحلت کرد

امير فتح علي خان خديو صاحب عصر

بگفت ”ثابت“ زوار سال تاريخش

”مکينِ قصر بهشت“ و ”مکان بهشتي قصر“

تاريخ رحلت 1217هه 1218هه (تاريخ مرقد)

 

مير غلام علي خان ٽالپر

(وفات: 1227هه - 1813ع)

مير غلام علي خان، پنهنجي ڀاءُ مير فتح علي خان جي وفات کان پوءِ گادي تي ويٺو. هن جي زماني ۾ چاندي جو رپيو ضرب ڪيو ويو، جيڪو تيمور شاهه جي رپئي کان وزن ۾ ٿورو گهٽ هو. انهيءَ مير سان 1224هه مطابق 1809ع ۾ انگريزن معاهدو ڪيو. هي مير صاحب سال 1227هه (1813ع) ۾ وفات ڪري ويو ۽ پويان هڪ فرزند مير محمد خان ڇڏي ويو.

 

مير ڪرم علي خان ٽالپر

(وفات: 1242هه - 1828ع)

مير ڪرم علي خان ٽيون ڀاءُ، مير غلام علي خان کان پوءِ حيدرآباد جي راڄ جو مالڪ ٿيو. انهيءَ مير جي زماني ۾ رنجيت سنگهه سنڌ تي ڪاهيو، پر انگريزن جي وچ ۾ پوڻ ڪري ٺاهه ٿي ويو ۽ شاهه شجاع الملڪ به انهيءَ جي زماني ۾ سنڌ آيو هو. تاريخ 12 جمادي الثاني 1244هه (1828ع) ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. ”بادا بهشتش بارگاه“ مان سندس سال وفات ملي ٿو.

مير ڪرم علي خان، حڪومت جي ڪاروبار هلائڻ سان گڏ فارسي جو هڪ وڏو شاعر پڻ هو ۽ پڻ سندس مجلس شعر و ادب سان سينگاريل هوندي هئي. وقت جا برک شاعر سندس درٻاري هوندا هئا، جهڙوڪ مير عظيم الدين ٺٽوي، مير مائل ٺٽوي، مخدوم نور محمد بوبڪاني، آخوند نور محمد هالائي، ميرزا خسرو بيگ چرڪس، مير صابر علي صابر ٺٽوي، مير ڪاظم شاه سرخوش، سليمان صباحي، عبدالمجيد جوکيه مصنف تاريخ بلوچي، منشي صاحب راءِ ”آزاد“، مير هوتڪ افغان، آغا محمد عاشق، ميرزا مظهر، سيد طاطبائي ۽ منشي دولت رام.

مير ڪرم علي خان جي تاليف مان ”ديوان ڪرم“ جو نالو سرفهرست آهي ۽ اشعارن جو هڪ مجموعو نالي ”مجموعہ دلڪشا“ به سندن تاليف آهي. هن مير صاحب جو مقبرو حيدرآبادي ٽالپرن جي قبرستان ۾ آهي.

 

مير مراد علي خان ٽالپر

(وفات: 1249هه - 1833ع)

ٽنهي ڀائرن جي وفات کان پوءِ هي صاحب گادي تي ويٺو. هن جي زماني ۾ انگريزن هڪ نئون معاهدو ڪري سنڌ ۾ دريائي واپار جهاز راني جو بنياد وڌو. شڪارپور وارو حصو شاهه شجاع الملڪ ڦٻائي ويو. هو چار پٽ ڇڏي 6 جمادي الثاني 1249هه (1833ع) ۾ وفات ڪري ويو ۽ حيدرآباد ۾ دفن ٿيو.

هي مير صاحب نه رڳو حاڪم هو، پر وڏو علم دوست ۽ علم پرور انسان هو. شعر ۾ سندس تخلص ”علي“ هو ۽ هيٺيان ڪتاب سندس تاليف چيا وڃن ٿا:

(1) ديوان فارسي، هن جو هڪ نسخو ٽالپري ڪتب خاني ۾ محفوظ آهي. (2) طب مراد، هن کي سنه1246هه ۾ پورو ڪيائين. (3) محک خسروي اڳين پوين جي جنگ جي اشعار کي قافيه جي ترتيب سان گڏ ڪيو اٿس، سنڌ جي معاصر شاعرن جي اشعار کي پڻ گڏ ڪيو اٿس. هن ڪتاب کي سن1237هه ۾ لکي پورو ڪيائين.

مير حسن الحسيني شيرازي ”تذڪره زبدة المعاصرين“ ڪتاب کي سن1240هه ۾ جوڙي هن ٽالپر حڪمران جي نالي سان منسوب ڪيو.

 

مير نور محمد خان

(وفات: 1255هه - 1841ع)

مير نور محمد خان پنهنجي والد مير مراد علي خان جي وفات کان پوءِ گادي جو مالڪ ٿيو.  سندس عزيزن مان هيٺيان ٽالپر ساڻ راڄ ۾ ڀائيوار هئا: (1) مير نصير خان سندس ننڍو ڀاءُ (2) مير محمد خان ولد مير غلام علي خان (3) مير صوبدار خان ولد مير فتح علي خان. مير نور محمد خان چڱي نموني راڄ ڪري ويو سال 1255هه (1841ع) ۾ وفات ڪري ويو ۽ حيدرآباد ۾ دفن ٿيو. ان کان پوءِ حيدرآبادي ٽالپرن جي حڪومت جو خاتمو ٿيو.

مٿين ٽالپرن مان اثر وارا سمورا انگريز قيد ڪري پهرئين بمبئي، پوءِ پوني ۽ ڪلڪتي ۾ نظر بند رکيا ۽ اتي ئي اهي بزرگ وفات ڪري ويا. مرحوم مير نصير خان 1261هه (1845ع) مير صوبدار خان 1262هه (1846ع)، مير محمد خان (1271هه (1855ع) ۾ ۽ مير شهداد خان ولد مير نور محمد خان 1274هه (1857ع) ۾ اهي سڀ مير ڪلڪتي ۾ فوت ٿيا. ڪجهه سالن کان پوءِ سندن لاشا وطن ۾ آڻي دفن ڪيا ويا.

 

مير علي مراد ٽالپر ميرپوري

(وفات: 1252هه - 1837ع)

ميرپور خاص جي ٽالپرن مان سنڌ فتح ڪرڻ وقت مير ٺاري خان جو به وڏو هٿ هو، جنهن کي ٿرپارڪر وارو ملڪ حصي ۾ ڏنو ويو هو. ميرٺاري خان جي وفات کان پوءِ سندس فرزند مير علي مراد خان ميرپورخاص جي گادي تي ويٺو. اهو مير صاحب خدا ترس، فقير دوست ۽ نيڪ بخت هو. هن بزرگ ٽالپر 1252هه (1837ع) ۾ ٻه پٽ ڇڏي وفات ڪئي: (1) مير شير محمد خان (2) مير خان محمد خان.

 

مير شير محمد خان

(وفات: 1294هه - 1877ع)

مير شير محمد خان کي انگريزي، فارسي تاريخن ۾ شير سنڌ سڏيو ويو آهي. حيدرآباد ۽ خيرپور جا ٽالپر جڏهن انگريزن جي سامهون پيش پيا، تڏهن به هو صاحب پيش نه پيو ۽ برابر مقابلو ڪندو آيو. مير شير محمد خان امداد لاءِ قنڌار جي اسلامي حڪومت تائين پنهنجي سر ويو، مگر ڪنهن به انگريزن جي مقابلي ۾ سندس امداد ڪانه ڪئي. جنهن کان پوءِ لاچار ٿي پنجاب سرڪار جي سامهون پيش پيو ۽ اتي کيس نظر بند ڪيو ويو. بمبئي، پوني، سورت، ڪلڪتي ۽ هزاري باغ ۾ نظر بند رهيو، مگر پوءِ پنهنجي حياتي ۾ ئي آزاد ڪيو ويو ۽ کيس پنهنجي وطن ۽ سرڪار پاران گذران لاءِ پينشن مقرر ٿي ملي.

1867ع ۾ ڪمشنر سنڌ مسٽر مانفلڊ عمر ڪوٽ ۾ هڪ درٻار ڪئي، جتي مير صاحب مرحوم کي ستاره هند جو تمغه لقب سميت ڏنو ويو. مير شير محمد مرحوم ميرپورخاص ۾ سال 1294هه (1877ع) ۾ وفات ڪري ويو.

 

(الوحيد آزاد نمبر - تڪملہ مقالات)

قاضي محمد حسن ثانوي ٺٽوي

(وفات: 1250هه - 1834ع)

قاضي محمد حسين ثانوي سن1205هه ۾ قضا جي مصنب تي ويٺو  هيءُ اچ جي مشهور قاضي شيخ محمد جي اولاد مان آهي. شيخ محمد، هرات کان اُچ ۾ آيو هو. ڄام نظام الدين جي دور ۾ سيد ميران محمد مهدي جونپوري جڏهن ٺٽي ۾ آيو هو ۽ وقت جي عالمن ان تي ڪفر جي فتويٰ ڏني هئي ته قاضي محمد، ظاهري عالمن جي دليلن کي رد ڪيو هو، ڇوته قاضي محمد پاڻ علم باطني جو صاحب هو. قاضي محمد اچ ۽ ملتان ۾ بد انتظامي پيدا ٿيڻ کان پوءِ اُچ کي ڇڏي اچي بکر سنڌ ۾ رهيو. جڏهن وري قاضي سيد شڪر الله شيرازي ٺٽي جي قضا واري عهدي تان استعيفا ڏئي ويو ته مرزا شاهه حسن، قاضي سيد شڪر الله شيرازيءَ جي سفارش تي قاضي محمد کي گهرائي قضا جو اهو معزز عهدو کيس سونپيو.

هن خاندان ۾ اهو منصب قضا وارو هلندو آهي. قاضي محمد حسين ثاني به انهيءَ علمي خاندان جو فرد آهي، جيڪو 1205هه ۾ قضا تي ويٺو ۽ 1250هه ۾ وفات ڪري ويو.

 

قاضي محمد يحيٰ ثالث ٺٽوي

(وفات: 1258هه - 1842ع)

قاضي يحيٰ ثالث، قاضي محمد حسين ثاني ٺٽوي جو خلف رشيد آهي، جيڪو پنهنجي والد بزرگوار جي دور ۾ ئي قضا جي منصب تي ويٺو. سندس والد قضا جو عهدو کيس سپرد ڪيو. قاضي محمد يحيٰ نه رڳو ظاهري علم جو ڄاڻو هو، پر باطني فيض جو پڻ ڳولائو هو. مخدوم ابراهيم خليل جي جد امجد جو مريد هو ۽ نقشبندي طريقت ۾ داخل هو. مرشد جو ايڏو ته ادب ڪندو هو جو ڪي اهڙيون خدمتون، جيڪي سندس بلند عهدي جي مناسب نه هونديون هيون، تن کي به پنهنجي عزت جو باعث سمجهندو هو.

قاضي محمد يحيٰ سن1258هه ۾ وفات ڪئي. وفات کان پوءِ فقيرن ۾ چو ٻول پيدا ٿي ويو، پر حضرت عالي سندن مرشد اچي ويا فرمايائون ته صحيح مرشد کان جيڪڏهن ڪو ان جو معتقد مريد اڳ وفات ٿو ڪري ته اهو شيخ ان لاءِ پشت پناه ٿيندو آهي، قاضي محمد يحيٰ آزاد آهي، ان لاءِ ڪوبه فڪر نه ڪريو.(1)


 

مخدوم محمد اسماعيل وسين وارو

مخدوم محمد اسماعيل، مشهور خليفو وسين وارو تيرهين صديءَ هجريءَ جو مشهور اهل الله ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. وسين جو ڳوٺ حيدرآباد جي ڀر ۾ پيرو اسٽيشن وٽ آهي. هيءُ بزرگ اتي جو هو ۽ مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي، مڏئي مرقد وارن جو وڏو خليفو هو، جنهن جي مخدوم صاحب پڻ تعريف ڪئي آهي ۽ پنهنجي اولادکي انهن سان محبت ۽ سنگت رکڻ لاءِ فرمايو آهي. کيارين ضلع نواب شاه، جو مشهور عالم ۽ بزرگ مخدوم محمد يوسف، مخدوم محمد اسماعيل وسين واري جو خليفو هو. هن بزرگ جي صحيح تاريخ وفات معلوم نه ٿي سگهي آهي، پر اندازو آهي ته سن1250هه کان اڳ ڌاري وفات ڪئي اٿن.

 

مخدوم محمد يوسف کيارين وارو

(وفات: 1277هه - 1860ع)

مخدوم محمد يوسف کيارين ضلع نواب شاهه وارو اهو ڀلارو بزرگ آهي، جيڪو هڪ پاسي ظاهري علم ۾ سنڌ جي آخري محدث ۽ فقيهه مخدوم عبدالڪريم مٽيارين وارن جو خاص شاگرد آهي ته ٻئي پاسي مخليفي مخدوم محمد اسماعيل وسين وارن کان کيس باطني فيض جي خلافت پڻ مليل آهي. مخدوم محمد يوسف جو خاندان سنڌ ۾ اصل کان اهل الله ۽ بزرگن جو خاندان رهيو آهي. هن جي ڏاڏي جو ڏاڏو سعد الدين بلالي نالي وڏو بزرگ ۽ اهل الله ٿي گذريو آهي، جيڪو مخدوم محمد بلال ٽلٽي وارن جو مريد ۽ خليفو هو. مرشد سان محبت ۽ عقيدت ڪري پاڻ کي بلالي سڏائيندو هو. انهيءَ بزرگ سعد الدين جو مرزا کياريءَ کان ٻن ميلن جي پنڌ تي آهي. مخدوم محمد يوسف، سن1264هه ۾ کيارين ۾ سڪونت اختيار ڪئي ۽ سنه1265هه ۾ اتي هڪ مدرسي ۽ مسجد جو بنياد وڌائين. ان مسجد جي عمارت جي تاريخ مخدوم فضل الله پاٽائي لکي آهي ۽ مخدوم فضل الله پاٽائي، مخدوم محمد يوسف کياريءَ وارن جو خاص مريد هو ۽ کانئس خلافت به ملي هيس.

مخدوم محمد يوسف ماه ربيع الاول سن1277هه ۾ وفات ڪئي ۽ سندن مزار کياريءَ  ۾ عام و خاص سڀ لاءِ زيارت گاهه آهي. مخدوم فضل الله پاٽائي پنهنجي مرشد جي تاريخ وفات تي گهڻائي ماده تاريخ رکيا آهن، جن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا:

 

دريغا درد بي درمان در آمد

که خود جان از تن دوران درآمد

نه جاني بلکه جانِ جهان بود

که جانها از وجودش بود افيد

بانوارِ جمالش گشت روشن

همه دين نبي و فيض احمد

رسول رشد و ارشاد مريدان

تجدد يافت زان ثاني مجدد

محمد يوسف از کنعان کونين

قدم برمسندِ مصرِ قدم زد

ازو ارضِ شريعت شد گلستان

سماءِ معرفت را قطب امجد

ربيع الاول اندر يوم ثاني

ازين ماويٰ بجنت کرد مرقد

رسول آمد از درگاه قوم

بگفتارو بجنت قطب ارشد

ايضا

آه از درد فراق مرشدم

که جهان روتاب شد سوئي قد

چون زمانه گشت پر فکر و محن

مالک او را گفت يوسف اعرض

1277هه

يوسف اندر صدر جنت خاک رفت

رب قد آتيتني ملڪي بگفت

1277هه

جئ در فردوس کرده بادشاه

حور و غلمان گفت مختار الـٰہ

چون نموده سير جنابت النعيم

خوش بخوان حي لہ اجر عظيم

1277هه

گفتها را گر شماري بهر سال

هر يکي شاهد شود بر انتقال

ايضا

قد قضي قلم القضا ما غير اسطاره

حکمہ مستحکم قد احکمت آثاره

کل شيءِ هالک الا قديما لم يزل

ما سوي الله محدث لم يرج استقراره

مخدوم محمد يوسف کياري وارن پنهنجي پويان چار پٽ ڇڏيا: (1) عبدالله (2) عبدالحق (3) عبدالحي (4) عبدالڪريم. اهي چارئي وڏا فاضل ۽ عالم ٿي گذريا آهن. چئني کي سندن والد کان خلافت جو خرقو حاصل ٿيو ۽ تعليم به پرايائون، انهن جي تعليم لاءِ مولانا عبدالرئوف مورائي ۽ قاضي عبدالغني هالائي کي پڻ مقرر ڪيو ويو هو، جن کان انهن تعليم پرائي.

اهو سارو احوال کياري شريف ۾ وڃي حاصل ڪيو ويو هو ۽ هن تي تفصيل سان نامور ”نئين زندگيءَ“ ۾ منهنجو مقالو ڇپيل آهي، ان کي ڏسڻ گهرجي.

 

قاضي محمد شڪارپوري

قاضي محمد شڪارپوري، تيرهين صدي هجريءَ ۾ سنڌ جي انهن ناميارن فقيهن ۽ متبحر عالمن مان هڪ برک عالم ٿي گذريو آهي، جنهن تي جيترو به علمي ناز ڪجي ته گهٽ آهي. هن بزرگ، مانجهند جي مشهور قاضي ابوالعالي کان تعليم پرائي، جو پنهنجي وقت جو وڏو علامه هو. ان کان پوءِ شڪارپور ۾ درس و تدريس ۽ فتويٰ جو ڪم ڪندو هو. مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي جنهن کي علم فقهه ۾ وڏي دسترس ڪري نعمان ثاني چيو وڃي ٿو. تنهن جو هيءُ بزرگ قاضي محمد شڪارپوري معاصر هو. ٻنهي جو باهمي علمي مقابلو به رهندو هو. قاضي محمد صاحب ظاهري علم ۾ يڪتا هو ۽ مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي، ظاهري علم سان گڏ نقشبندي طريقت جو پڻ شيخ هو، خواجه صفي الدين نقشبندي کان فيض پرايو هئائين ۽ ساڳي وقت قلندر شهباز سيوهاڻي جي قرب و جوار ۾ پڻ رهندو هو.

هڪ ڀيري قاضي محمد صاحب، مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي کي هڪ ڊگهو خط لکيو، جنهن جي ابتدائي عبارت ۾ مخدوم صاحب کي هن طرح خطاب ڪيائين: ”يا عابد الاوثان القاضي محمد احسان“ مطلب ته (اي بتن جا پوڄاري قاضي محمد احسان). مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي جو ٻيو نالو قاضي محمد احسان به هو، جو عبدالواحد، سندس ڏاڏي عبدالواحد ڪبير پاٽائي جو نالو هو. ان ڪري مٽ، مائٽ کيس ادب مان محمد احسان سڏيندا هئا. قاضي محمد انهيءَ نالي سان کيس خطاب ڪري ان کي بتن جو پوڄاري سڏيو آهي.

مخدوم عبدالواحد کي جڏهن اهو خط مليو ته ان کي پڙهي جواب ۾ قاضي محمد کي رڳو هيءُ سنڌي بيت لکي موڪليو:

نه تو پيتي سرڪ، نه تو آئي چَٽَ

کهين ٿو انهن سان جنين پيتا مَٽَ

جڏهن اهو جواب قاضي محمد صاحب کي پهتو ته ڏاڍو گريه ڪيائين ۽ مخدوم صاحب ڏانهن معافي جو خط لکيائين. قاضي محمد صاحب جي تاريخ وفات معلوم نه ٿي سگهي آهي، غالب گمان آهي ته سن1230هه ڌاري وفات ڪري ويو آهي.(1)


(1)  (تحفة الڪرام - تڪملہ مقالات)

(1)  (منهنجي علمي ڊائري)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com