سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :71

 

ادب نوازيءَ جو هڪ مثال

ڪنهن به ملڪ جي علمي ۽ ادبي ترقيءَ کي ڏسڻو هجي ته ان ملڪ جي عالمن ۽ اديبن جي حالتن جو جائزو وٺجي ته انهن جي حڪومت ۾ عوام طرفان سندن زندگيءَ ۾ ڪهڙي عزت افزائي ٿيندي رهي ۽ مرڻ کان پوءِ انهن جو ڪهڙو يادگار قائم ڪيو ويو.

يورپي ملڪن ۾ عالمن ۽ اديبن جي جيڪا عزت افزائي ٿيندي رهي، ان کي ته اسين پهچي نه ٿا سگهون، پر اسان مصر جي هڪ اديب بابت مختصر احوال عرض رکون ٿا، جنهن مان اوهان کي پنهنجي دامن ۾ منهن وجهي فيصلي ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي ته دنيا ۾ ڇا وهي۽ واپري رهيو آهي.

عباس محمود عقاد مصر جو هڪ وڏو اديب هو، جيڪو تازو هن سال 1964ع ۾ گذاري ويو. هن جي تعليم کي ڏسبو ته ابتدائي تعليم کان مٿي نه پڙهيو. وٽس ڪنهن به ڪاليج يا يونيورسٽيءَ جي ڊگري ڪانه هئي. پنهنجي ذاتي صلاحيت ۽ محنت ڪري انگريزي، جرمني ۽ فرانسيسي ٻوليون پڙهي پيو ۽ عربي سندس مادري زبان هئي. هن اديب 1960ع ۾ عالمي انعام به هٿ ڪيو ۽ پنهنجي پويان 83 ڪتاب ڇڏيا آهن، جيڪي کيس هميشه لاءِ جيئرو رکندا.

عباس محمود جي وفات کان پوءِ ڪابه عربي اخبار يا رسالو يا ريڊيو اسٽيشن نه هئي. جنهن سندس وفات جي خبر ۽ ادبي خدمتن بابت خبر نه ڏني هجي، ساڳي طرح عربي دنيا جي هر هڪ شاعر، اديب ۽ ادبي انجمن پاران ”عقاد“ جي موت تي غم جو اظهار ڪيو ويو ۽ ان جي پسماندن سان همدردي ظاهر ڪئي وئي.

عراق جا سياستدان، اديب، صحافي، ادبي انجمنون ۽ ريڊيو اسٽيشنون پڻ سڀ هن غم ۾ شريڪ رهيا ۽ عباس محمود جي ادبي عظمت جا ڳڻ ڳائي عربي ادب لاءِ ان جي موت کي هڪ وڏو سانحو قرار ڏنو اٿن. اهڙيءَ طرح ٻين عرب ملڪن پڻ ڏک جو اظهار ڪيو.

عقاد جي ذاتي ڪتب خاني ۾ سندس ڪيترا ئي شهه پارا هٿ ڪيا ويا آهن ۽ قاهره جي مجلس فنون طرفان اهو اعلان ٿيو ته سندس پهرين ورسيءَ تي هن عظيم اديب جي ياد ۾ اهي هڪ ڪتاب شايع ڪندا، جنهن ۾ اهي سڀ مقالا شايع ڪيا ويندا، جيڪي جدا جدا اديبن ۽ عالمن طرفان عقاد ۽ ان جي ادبي خدمتن بابت لکيا ويا آهن.

عقاد جي لائبريري ۾ 33 هزار ڪتاب هئا. ان مان هن اديب جي علمي ۽ ادبي شوق جو پتو پوي ٿو. قاهره ۾ هڪ عام لائبريري کولي رهيا آهن، جنهن ۾ عباس محمود عقاد جي تاليفات کي خاص طرح امتيازي رنگ ۾ رکيو ويندو ۽ اها لائبريري عقاد جي نالي تي هوندي.

ڊاڪٽر عبدالقادر حاتم نائب وزير اعظم طرفان اهو اعلان ٿيو آهي ته عقاد جو گهر حڪومت جي تحويل ۾ آندو ويندو، جتي هڪ وڏي ادبي لائبريري قائم ڪئي ويندي، جنهن جو سمورو خرچ وزارت ثقافت برداشت ڪندي.

ٽيليويزن جو فني صلاحڪار عبدالرحمٰن صدقي شاعر، مرحوم عباس جي زندگيءَ تي هڪ ڪتاب ”العقاد المجهول“ نالي لکي رهيو آهي.

فل اسڪيپ سائيز جي 900 صفحن جو هڪ رسالو ”عبدالحي دباب“ طرفان نڪتو آهي، جنهن ۾ ”عقاد“ جي تنقيدي خيالن کي (جيڪي هو وقت بوقت ڪن شاعرن جي اشعار تي ظاهر ڪندو رهيو) گڏ ڪيو آهي ۽ اهو پڻ ٻڌايو ويو ته ان تنقيد جو ڇا اثر ٿيو؟

جلال عشري ”العقاد الفيلسوف“ نالي ڪتاب لکي رهيو آهي، جيڪو مرحوم جي يوم ولادت جي جشن جي موقعي تي شايع ٿيندو، جنهن ۾ ”عقاد“ جي فلسفي کي پيش ڪيو ويندو

حلمي مرزوق پنهنجي پي- ايڇ - ڊيءَ جي تحقيقي ڪم لاءِ ”العقاد الناقد“ جو موضوع اختيار ڪيو آهي، جنهن ۾ ويهين صديءَ جي اوائل ۾ ادبي تنقيد تي ڪافي روشني وڌي ويندي.

هاڻي اچو پنهنجي ساڻيهه سنڌ تي نظر وجهون. هتي به عالمن ۽ اديبن جي ڪمي نه رهي آهي. ”پدرم سلطان بود“ کي ڇڏي، جيڪڏهن هلندڙ دور کي ڏسبو ته هتي به هندو توڻي مسلمان سوين اديب پيدا ٿيا آهن، پر اهي ويچارا جيئري ته سنڌين جي روايتي مرض: حسد ۽ رقابت جو شڪار ٿيندا رهيا ۽ مرڻ کان پوءِ کين ڪوبه پڇڻ وارو ڪونه ٿيو.

پري ڇو ٿا وڃو؟ پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ واري دور تي کڻي سرسري نظر ڦيرايو. مولانا دين محمد وفائي سنڌ جو هڪ وڏو اديب ۽ مورخ هو، جنهن پورا پنجويهه سال الوحيد جهڙي نامور اخبار جي ايڊيٽريءَ جا فرائض بجا آندا ۽ ديني خدمت لاءِ سالن جا سال ”توحيد“ رسالو هلائيندو رهيو ۽ سنڌيءَ جا گهڻا ئي علمي ۽ ادبي ڪتاب لکيائين، پر کيس اهو صلو مليو، جو سندس زندگيءَ ۾ هڪ امير جي خوشامد نه ڪرڻ جي ڪري کيس الوحيد کان الڳ ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويو. مرڻ گهڙيءَ تائين سنڌي ادب جي خدمت ڪندو رهيو. لطف اللطيف ۽ شاهه جو مطالعو جهڙا ڪتاب سندس آخري تصنيفون آهن.

وفات کان پوءِ هن نامور اديب ۽ عالم جو ڪو يادگار قائم ڪيو وڃي سو ته پري رهيو، پر مورڳو مئي کي ذڪر خير جي ياد ڪرڻ بدران اُن جي ڪتاب ”لطف الطليف“ تي سخت تنقيد لکائي شايع ڪرائي وئي ۽ جيڪڏهن ان تنقيد جي سنجيدگيءَ سان ڪو جواب نه ڏنو ويو ته ان کي رديءَ جي حوالي ڪيو ويو.

مولانا وفائيءَ جي وفات واري عظيم سانحي کان پوءِ سنڌ جو هڪ ٻيو عظيم، مفڪر، اديب ۽ عالم ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو اسان کان وڇڙي ويو. ڊاڪٽر صاحب نه رڳو سنڌيءَ جو اديب هو، پر عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين جو پڻ اديب هو. سندس تحقيقي محنت کي ٻيو ڪو پهچي نه ٿو سگهي. ادب جي اهڙي عظيم محسن ۽ عالم جو ڪهڙو يادگار قائم ٿيو؟ هن جو جواب به اوهان جي آڏو آهي. وري به شڪر ٿيو جو سنڌي ادبي بورڊ وارا مرحوم جي تحقيق سان شاه جو رسالو شايع ڪرڻ گهرن ٿا، جنهن جو رهيل ڪم به پورو ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي رڳو صاف پيو  ٿئي. ان کان سواءِ نه ته مرحوم جي نالي تي ڪا لائبريري قائم ڪئي وئي نه ڪو ٻيو ئي يادگار قائم ٿي سگهيو. اهڙيءَ طرح مرحوم انصاري جهڙي اديب کي به بنهه وساريو ويو. اهي ته هئا اڳين سالن جا وڇڙيل اديب پر ”عباس محمود“ وانگر هن ئي سال اسان کان مولانا عبدالڪريم چشتيءَ جهڙو عالم، خطيب ۽ اديب وڇڙي ويو. مرحوم جڏهن کان هوش سنڀاليو ته ادبي ۽ علمي خدمتن کي لڳي ويو. ڪيترين روزانه اخبارن جو ايڊيٽر ٿي رهيو. سنڌ جي رسالن جا پراڻا فائل سندس تحريرن، مقالن ۽ مضمونن سان اوهان کي پر نور نظر ايندا، اسيءَ جي لڳ ڀڳ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب لکيائين، پر سندس وفات کان پوءِ ڪن ايڪڙ ٻيڪڙ مضمونن کان سواءِ هن اديب ۽ عالم بابت ڪجهه به نه لکيو ويو ۽ نه ڪنهن يادگار قائم ڪرڻ جي ڪا تجويز پيش ٿي. اسان کي تازو شڪارپور جي هڪ مخلص دوست کان اهو معلوم ڪري روئڻ آيو ته مولانا جا معصوم ۽ يتيم ٻار مولانا جي وفات کان پوءِ فاقو ڪڍي رهيا آهن. ادب ۽ اديبن جي هن بي قدري تي جيترو به ماتم ڪجي سو ٿورو آهي.

نوٽ: (1) هن احقر راقم علامه دائود پوٽو مرحوم جي ڇڏيل شاهه واري رسالي جا 12 سُرَ مڪمل ڪيا ۽ اهو ڪم مون کا واپس ورتو ويو. نتيجتاً اهو علمي ڪم نه مڪمل ٿيو ۽ نه ڇپيو. (2) دير سان ئي، پر سرڪار کي اهو احساس ٿيو جو علامه دائود پوٽي جي نالي تي هڪ لائبريري قائم ٿئي.

 

 

شاهه لطيف (رح) جو فلسفه الاهيات

عالمن يا ڄاڻ وارن فلاسفرن کي هن طرح چئن ٽولن ۾ ورهايو ويو آهي. اهي ڏسندا آهن ته اهي پنهنجن خيالن  نظرين کي اشراق نوري، يا دل جي صفائي سان پروڙي ٿا وٺن يا کين دلين ڏانهن محتاج ٿيڻو پوي ٿو. پهرين صورت ۾ ڏسبو ته جيڪڏهن ڪنهن آسماني دين ۽ مذهب جا پائبند ۽ پوئلڳ آهن ته انهن کي صوفي يا حڪماءَ اسلام سڏيو ويندو آهي، جن جو سرڪردو شيخ جنيد بغدادي آهي ۽ جيڪڏهن منجهن دين جي پابندي نه آهي ته اهي ”اشراقي حڪماءَ“ آهن، هن ٽولي جو اڳواڻ افلاطون آهي. ٻي صورت ۾ به مٿيان ٻئي احتمال پيدا ٿين ٿا، يعني اهي علم ۽ ڄاڻ وارا، جن کي دليلن پويان ڊڪ ڊوڙ ڪرڻي پوي ٿي، جيڪڏهن دين الاهي جا پابند آهن ته انهن کي ”متڪلمين“ سڏيو ويندو آهي ۽ ٻي صورت ۾ کين ”مشائين“ چئبو آهي، جن جو امام حڪيم ارسطاليس سڪندر جو وزير آهي.

سنڌ جو سرتاج شاعر ۽ صوفي ڀٽائي صاحب اسلام جي حڪيمن ۽ صوفين عالمن جو هڪ فرد هو، جنهن جو سارو توجهه باطني علم، رياضت ۽ خدمت خلق ڏانهن هو ۽ سندس اندر الاهي تجليءَ سان اجريل هو، جو ظاهريءَ ريت کيس ڪنهن به مدرسه جي تعليم جي ضرورت نه هئي.

ڪنز قدوري ڪافيه، ڪو ڪونه پڙهيوم،

جئان پرين ڏٺوم، اوپاڙوئي ڪو ٻيو.

لو ڪان نحوف صرف، مون مطالع سپرين،

سوئي سو حرف، پڙهيو پڙهان من ۾.

ڀٽائي صاحب جي دل واري ڦرهيءَ تي الاهي علم جا اڪيچار اسرار اڪريل هئا ۽ سندس ڪلام رباني الهام هو:

جي تون بيت ڀائين، سي آيتون آهين،

وڃئو من لائين، پريان سندي پار ڏي.

فلسفه الاهيات جا گهڻا مسئلا ته اهي آهن، جن جو لاڳاپو انسانيت ۽  ان جي ڪارگذارين سان آهي، جنهن کي شريعت سڏيو ويندو آهي ۽ ٻيو ڀاڱو اهو آهي جنهن جو مقصد آهي: خدا پاڪ جي ڄاڻ ۽ ان جي صفتن کي پروڙڻ. هن کي جيڪڏهن طريقت نالو رکجي ته بجا آهي.

”طريقت ۽ تصوف“ انسان کي هن حد تي پهچائي ٿو ته هو هن حياتيءَ ۾ پنهنجي رب کي ڏسي سگهي، يعني ان جي هستيءَ جو اقرار ڪري.

شريعت ۽ قانون جو هي ڪم آهي ته انسان کي اجتماعي زندگي گذارڻ لاءِ ڪو لائحه عمل پيش ڪري. طريقت ۽ طريقت شريعت کي گڏي مذهب چيو وڃي ٿو.

طريقت ۽ شريعت جو هڪ ٻئي سان ائين لاڳاپو آهي، جيئن بدن ۽ روح جو. جڏهن شريعت مذهب جي روح (جذبه خدا شناسيءَ) کان محروم هجي ته ان جو هجڻ نه هجڻ هڪ جهڙو آهي، ۽ ساڳي طرح جيڪڏهن طريقت شريعت جي قاعدن ۽ قانونن کي ٽوڙي ڇڏي ته اهڙي طريقت انار ڪزم آهي ۽ سوسائٽي ان کي ڪڏهن به برداشت نه ڪري سگهندي.

ڀٽائي صاحب الاهيات جي پهرئين ڀاڱي، شريعت جو سختيءَ سان پابند هو. نماز روزا پاڻ به ادا ڪندا رهيا ۽ ٻين کي به تلقين فرمائيندا رهيا.

مون کي هڪ مهاجر دوست تازو هڪ فارسيءَ ٻوليءَ ۾ رساله جي شڪل ۾ جهونو مسودو ڏيکاريو، جنهن مان هي معلوم ڪري منهنجي خوشيءَ جي ڪا حد نه رهي ته اهو رسالو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي گهري دوست مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جو لکيل آهي، جنهن جي خطبه ۾ ڀٽائي صاحب طرفان مخدوم محمد معين ڏانهن فارسيءَ ۾ هڪ خط لکيل آهي، جنهن هن حديث ”مستفترق امتي“ الحديث، يعني منهنجي امت ٽيهتر فرقن ۾ ورهائجي ويندي، جن مان فقط هڪ گروه ناجي ڇيا ڇٽل آهي، بابت تحقيق جي طلب ڪئي وئي آهي ۽ خط ۾ مخدوم صاحب کي وڏن وڏن لقبن سان ياد ڪيو ويو آهي. مخدوم صاحب، ڀٽائي صاحب جي سوال جو جواب هڪ رسالي جي شڪل ۾ ڏنو آهي، جنهن جا اٽڪل ٽيهارو صفحا ٿيندا. ان رسالي مان پتو پئي ٿو ته شاه کي شريعت جو ڪيڏو نه اونو هو.

راه شريعت هليا، تفڪر طريقون

حال حقيقت رسيا معرفت ماڳون

ناسوت ملڪوت جبروت اهي انعامون

پسي لاهوت لنگهيو هاهوت مٿي هليا

مونا طور سينا سندا سنياسين،

سجده ۾ سيد چئي گوڏا گودڙين.

الاهيات جو مکيه مسئلو آهي ذات باري جي ڄاڻ. جنهن صورت ۾ ذات جي ڄاڻ الاهيات جي عالمن وٽ ناممڪن ڄاتي وئي آهي، ان ڪري الاهيات جي ڄاڻن وجود يا هستيءَ کي ذات جي جاءِ تي رکي، ان جي تحقيق ۾ پنهنجي وجدان ۽ علم کي خرچ ڪيو اٿن.

اسلامي تصوف يا فلسفه الاهيات تي نظر ڦيرائڻ سان معلوم ٿيندو ته ان ۾ ٻن طرحن جو تصور يا خيال آهي: (1) پهرين فڪر جي بنهه ابتڙ امام رباني جو فڪر وحدت شهود آهي. ويدانت فلاسفيءَ ۾ ته اهي ٻئي فڪر موجود آهن.

اسان جو ڀٽائي صاحب وجودي مشرب جو هو ۽ ٻيا اهل الله به گهڻو ڪري وجودي رهيا آهن.

وحدتا ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل،

حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻي ۾ ڀل،

هو هلاچو هل، بالله سندو سڄڻين.

پاڻہ جل جلالہ، پاڻہ ڄاڻ جمال،

پاڻہ صورت پرينءَ جي، پاڻہ حسن ڪمال،

پاڻہ پير مريد ٿي، پاڻہ پاڻ خيال،

سڀ سڀوئي حال، منجهان ئي معلوم ٿئي.

 

 

وحدت الوجود جي مختصر سمجهاڻي

جڏهن اسين ڪائنات کي ڏسون ٿا ته ان ۾ اسان کي ٻه شيون سمجهه ۾ اچن ٿيون: (1) اشتراڪ (2) امتياز يا جدائي. يعني هڪ ته هي شيءِ آهي ته اهي سڀ شيون جدا جدا صفتن ۾ هڪ ٻئي سان شريڪ يا رليل مليل آهن. جهڙي طرح انسان جا سڀ افراد هڪ ٻئي سان انسانيت ۾ گڏ سڏ آهن ۽ ٻئي طرف کان هر هڪ پنهنجن خاص صفتن ۽ مهانڊڻ ۾ هڪ ٻئي کان جدا به آهي. اهڙيءَ ريت جيڪي به ساهه واريون شيون آهن، اهي سڀ ”جاندار“ لفظ ۾ هڪ ٻئي سان گڏيل آهي، پر ٻيو نالو انسان، گهوڙو وغيره انهن سڀني کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪري ٿو. ساڳي طرح وجود سموري موجودات ۾ مشترڪ آهي، اها شيءِ ممڪن هجي (جنهن جي وجود جو آڌار ۽ سهارو ڪنهن ٻي شيءِ تي هجي) يا واجب هجي (جو پنهنجي وجود ۾ ٻي ڪنهن به شيءِ جي محتاج نه هجي) ان وجود کان اهڙي حقيقت مراد آهي، جنهن جي بناءِ تي اسان ڪنهن شيءِ کي موجود سڏيون ٿا. اها حقيقت موجود ڪرڻ کان سواءِ ته موجود آهي، ڇوته سڀني شين جي وجود لاءِ هڪ ذريعو آهي. ان ڪري ان کي پهريون ئي موجود هجڻ گهرجي. اها هستي نه هجي ته سڀ ڪا شيءِ معدوم ۽ ڪجهه به نه هجي.

هاڻ ڄاڻڻ گهرجي ته مخلوقات ۾ وجود کان سواءِ ٻئي جيڪي به شيون آهن، سي سڀ اعتباري ۽ خيالي آهن. جيڪڏهن وجود نه هجي ته انهن سڀني شين جو خاتمو يا پڄاڻي ٿي وڃي، ان ڪري وجودي صوفين وٽ اهو وجود خدا تعاليٰ جي ذات جو عين يا جسد آهي. دنيا جي سڀني شين جي حقيقت، اهوئي وجود آهي.

امام ربانيءَ کان پوءِ ڀٽائي صاحب جو همعصر شاه ولي الله پيدا ٿيو، جنهن جناب ابن عربيءَ جي نظريه وحدت الوجود  امام رباني جي نظريه وحدت شهود ٻنهي کي ملائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ شاه صاحب اهڙي تصبيق يا ٻين فڪرن کي ملائڻ جو سمورو مدار ”تجلي“ جي مسئلي تي رکيو آهي، جنهن جي تفصيل ولي اللـٰهي فلسفي ۾ ڏسڻ گهرجي.

ڀٽائي صاحب جي رسالي ۾ به ڪيترن بيتن ۾ ”تجلي“ ڏانهن اشارا ٿين ٿا، ائين معلوم ٿو ٿئي ته مخدوم معين ٺٽوي جي وسيلي ۽ وساطت سان ڀٽائي صاحب شاه ولي الله جي فڪر کي به معلوم ڪري ورتو هو ان ڪري ٻنهيءَ جي خيالن ۾ يگانگت ۽ يڪسانيت ملي ٿي.


 

 

 

عاشق عزازيل ٻيا مڙيئي سڌڙيا

سنڌ جي عارف شاهه عبداللطيف (رح) جو شاهاڻو ڪلام جڏهن ته ”آيتون آهين“ جو درجو رکي ٿو، تڏهن آيتن جي پيرويءَ ۾ ڪلام جو گهڻو ڀاڱو معنوي خيال کان ڪنهن به الجهاءَ ۽ اشڪال کان خالي ۽ واضح هوندو، پر ان ۾ ڪي ٻول ضرور متشابهه ۽ مام ۾ چيل به هوندا، جو هڪ فصيح، بليغ ڪلام جي خوبي ۽ خاصو آهي. اهڙن منجهيل لفظن جي ڄاڻ ڪن غواصن کي ئي هوندي آهي، ڇوته اهڙو ڪلام راز جي حيثيت رکي ٿو، جنهن کي عوام پروڙي ۽ پرجهي نٿو سگهي.

قرآن مجيد جي ڪيترين سورتن جي ابتدا ڪن اهڙن اکرن سان ٿي آهي، جن کي الڳ الڳ پڙهيو ويندو آهي. جيئن الم، الر وغيره. اهڙن لفظن کي مقطعات سڏبو آهي، ڇوته مقطعات جي معنيٰ آهي جدا يا الڳ الڳ. اهي لفظ به جڏهن ته رسم الخط جي خلاف ڳالهايا وڃن ٿا، تنهن ڪري انهن تي اهو نالو پيو آهي. اهڙن لفظن کي متشابهه پڻ چئبو آهي، ڇوته انهن جي معنيٰ اوکي هوندي آهي. اهوئي سبب آهي جو قرآن پاڪ جي ترجمن ۾ اهڙن لفظن جو ترجمو نه ڪيو ويندو آهي ”انهن جي ڄاڻ الله کي آهي.“ عوام لاءِ متشابهت جي معنيٰ ۽ مطلب ۾ غور ڪرڻ منع آهي. باقي اهي عالم، جيڪي ظاهري علم سان گڏ باطني فيض جا پڻ مالڪ هئا، تن قرآن پاڪ ۾ آيل متشابهه لفظن جا راز ڪن خاص ماڻهن کي ٻڌايا آهن، جيئن امام رباني مجدد الف ثانيءَ لاءِ اچي ٿو ته ان پنهنجي لائق فرزند کي اڪيلو ويهاري ”متشابهات“ جي اسرارن ۽ مطلب تي روشني وڌي. اهڙيءَ طرح ٻين راسخن ۽ وڏن عالمن به اسرار بيان ڪيا آهن. شاه صاحب جو اهو بيت:

عاشق عزازيل، ٻيا مڙئي سڌڙيا،

منجهان سڪ سبيل، لعنتي لال ٿئو.

(يمن ڪلياڻ)

اهو به متشابهه جي حيثيت رکي ٿو. ان ڪري ڪيترن بزرگن ۽ رسالي جي محقق عالمن ان بيت جي شرح ۾ پنهنجا پنهنجا خيال ظاهر فرمايا آهن، جن مان ڪن عالمن ۽ الله جي پيارن ٻانهن جون توجيهون پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ آڏو رکجن ٿيون:

(1) حضرت پير رشيد الدين جهنڊي وارو هڪ ڪامل بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس مجلس هميشه علمي ۽ روحاني هوندي هئي. وڏا وڏا عالم ۽ اهل الله وٽس رهندا هئا. روضي ڌڻيءَ جي پوٽي هجڻ ڪري، سندس ظاهري وجاهت ۽ مان مرتبو به نهايت اعليٰ هو. پير صاحب رشيد الدين جو دستور هوندو هو ته مجلس ۾ ڪا علمي تحقيق آڏو رکي عالمن سان علمي رهاڻ ڪندا هئا ۽ٻين جي خيال ٻڌڻ کان پوءِ پنهنجي راءِ به ٻڌائيندا هئا. هڪ لڱا سندس مجلس ۾ ڀٽائي صاحب جو مٿيون بيت مڪالمہ جو موضوع بڻيو. حاضرين مجلس انهيءَ بيت بابت جيڪي پنهنجا خيال بيان فرمايا، تن جي اسان کي ڄاڻ نه ٿي آهي، پر پير صاحب هن طرح تحقيق فرمائي بيت جي وضاحت ڪئي ته”عزازيل (شيطان) کي پنهنجي جند جو ايڏو ته عشق هو جو خدا جو حڪم به نه مڃيائين، پنهنجي هوڏ واري غرور ۾ لال لعنتي بنجي ويو.“

اسان جي فهم ۽ توجيهه جي تائيد قرآن پاڪ سان به ٿئي ٿي، ڇوته قرآن مجيد ۾ شيطان جي غرور بابت سندس واتان هن طرح جملا اچاريا ويا آهن ته: ”مان هڪ اهڙي شخص آڏو ڪيئن ڪنڌ جهڪايان، جنهن کي تو مٽيءَ مان بنايو ۽ مون کي باهه مان.“ مطلب ته هو پنهنجي هستيءَ جي ڦونڊ ۾ اهڙو مست ۽ مخمور هو جو خدا پاڪ جي حڪم جي به پرواهه نه ڪيائين ۽ نيٺ انهيءَ خوديءَ جي عشق ڪري لال مان لعنتي بڻجي ويو. مطلب ته بيت ۾ تعقيد ۽ مونجهارو هن ڪري پيدا ٿئي ٿو جو عاشق مان الله جو عاشق سمجهيو ويندو آهي، پر هتي ائين نه آهي. عشق مان پنهنجي خودي ۽ انانيت جو عشق آهي.

(2) فقير نظر محمد بلوچ وري هن طرح انهيءَ بيت جو رٿ ڪيو آهي ته نفس اماره (بي فرمان) عزازيل آهي لعنتي آهي، جيڪڏهن اهو سچو عشق الله جو ڪري ته هستيءَ مان لال بڻجي وڃي. هن توجيهه مطابق فعل توڻيڪ ماضي ڪتب آندو ويو آهي، پر مراد مستقبل آهي ۽ اها به هڪ فني خوبي آهي، جو يقيني شيءِ کي ماضيءَ جي صورت ۾ آندو آهي.

(3) فقير بلال نقل ڪري ٿو ته حضرت خليفة الله پير سيد صبغة الله پاڳاري متوفي 1246هه جو لقب هو، فرمايو ته هي جو شاه ڀٽائي عزازيل (شيطان) جي ساراهه ۾ بيت فرمايو آهي، در حقيقت اها عزازيل جي وصف نه آهي، پر ان مان ان جي هڪ عجيب، غريب ٻول جي ساراه ڪئي وئي آهي. ڳالهه هن طرح آهي ته حضرت موسيٰ عليہ السلام الله پاڪ سان همڪلام ٿيڻ لاءِ وڃي رهيو هو. واٽ تي کيس عزازيل مليو، جنهن عرض ڪيو ته اي الله جا پيغمبر! جڏهن حجاب کان دور رهي اوهان جي الله سان ڳالهه ٻولهه ٿئي ته منهنجي طرفان اهو عرض ڪجو ته مون تان لعنت لهي سگهندي يا نه؟ حضرت موسيٰ هائو ڪئي ته ان بابت الله پاڪ کان سوال ڪندو، پر عزازيل کان پڇڻ لڳو ته توکي ڇا ٿيو جو آدم عليہ السلام جي سجدي ڪرڻ کان ڪنڌ ڪڍايئي، هوڏانهن اهو الله جو حڪم هو؟ شيطان اهو ٻڌي چوڻ لڳو ته سجدي جو حڪم آزمائش لاءِ هو. اهڙي وقت ۾ مان ٻئي جو سجدو ڪيئن ٿي ڪري سگهيس؟ تڏهن حضرت موسيٰ عليہ السلام فرمائڻ لڳو ته عجيب آهي جو جيڪو آزمائش مهل سچو ثابت ٿيندو آهي ته اهو رحمت جو حقدار بڻبو آهي، پر تون ڪيئن لعنتي ۽ خوار بڻجي وئين؟ تڏهن عزازيل چوڻ لڳو ته ”مون کي اچرج ٿو اچي جو نبي ۽ مرسل ٿي ڪري مون کان ٿا اهو سوال ڪريو! عاشق آڏو ته لعنت ۽ رحمت ٻئي هڪ سمان آهن، بلڪ لعنت رحمت کان اڪمل هوندي آهي.“ هن کان پوءِ موسيٰ عليہ السلام عزازيل جو عرض الله پاڪ جي درٻار ۾ پهچايو. الله وٽان جواب مليو ته اسان وٽ توبهه جا دروازا اڃان تائين کليل آهن، جي عزازيل هاڻي به آدم جي قبر کي سجدو ڪندو ته کيس معاف ڪيو ويندو. حضرت موسيٰ واپسيءَ ۾ عزازيل کي جڏهن اهو جواب ٻڌايو، تڏهن عزازيل (شيطان) چوڻ لڳو ته ”ڇا اڃان تائين اها ڳالهه الله کان نه وسري آهي؟“

شاه ڀٽائي پنهنجي بيت ۾ انهيءَ قصي ڏي اشارو ڪري رهيو آهي.

بيت جون اهي ٽيئي توجيهون اسان کي هڪ پراڻي قلمي مسوده مان پارسي ۾ لکيل مليون. حضرت صبغت الله شاه پاڳارن جيڪو قصو بيان فرمايو آهي، سو ضرور ڪنهن تصوف جي ڪتاب ۾ بيان ڪيل ٿو ڏسجي، باقي ان بابت ڪا به حديث اسان جي نظر مان نه گذري آهي.

(4) ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي، جو شاه جي ڪلام جو وڏو شارح ۽ محقق سمجهيو ويندو آهي، تنهن به اشاريت جي اپٽار نه ڪئي آهي. بيت کي ظاهري معنيٰ تي رکندي لکي ٿو ته عزازيل کي الله تعاليٰ سان ايڏو عشق هو جو آدم کي سجدو نه ڪري بي فرماني ڪري ويٺو آهي، جنهن ڪري لال مان لعنتي بنجي پيو.

(5) ڳوٺ پير جهنڊه جي لڳ ڪنڊياري جو جمالي فقير هتي ڪراچيءَ ۾ مون وٽ ملڻ آيو. کيس شاه جو بي انداز ڪلام ياد هو. ساڻس منهنجو تعارف تڏهن ٿيو، جڏهن منهنجو استاد مولانا عبيدالله سنڌي مرض موت ۾ فرمائڻ لڳو ته ڪو اهڙو ماڻهو وٺي اچو، جيڪو مون کي شاه ڀٽائي جو ڪلام ٻڌائي. انهيءَ جمال فقير کي آندو ويو، جنهن ويهي شاهه جو ڪلام بر زبان ياد پڙهيو. هتي ڪراچيءَ ۾ به علامه استاد واري سنت ادا ڪندي جمالي فقير (جنهن جو نالو وسري ويو اٿم) شروع ٿيو ڪلام ٻڌائڻ ۾. سر يمن ڪلياڻ ڳائي رهيو هو، جڏهن انهيءَ بيت عاشق عزازيل.... تي پهتو ته مون کانئس پڇيو ته فقير انهيءَ بيت جو مطلب ڇا آهي؟ تڏهن چوڻ لڳو ته سائين اسان اڻ پڙهيل ماڻهو ڇا ڄاڻون معنيٰ ۽ مطلب مان؟ اوهان پڇيو آهي ته پنهنجي سمجهه آهر ٿا ٻڌايون. ائين چئي اچي کليو چي ”عزازيل کان مراد ۽ مطلب آهي اهو عاشق، جيڪو ملامتي هجي، ظاهري طرح سندس حالت اهڙي هجي جو ماڻهو مٿس لعنتون ۽ ملامتون ڪندا هجن، پر اندر ۾ الله جو پيارو ۽ ڌڻيءَ در اگهيل هجي. اعليٰ عاشق انهيءَ کي ئي چئبو آهي، جو هن هتي ڪوبه فائدو نه پرايو، پر اٽلو عشق الاهي ۾ ماڻهن جي نظر ۾ لعنتي ۽ خوار رهيو. هن وضاحت کان پوءِ بيت جو مطلب صاف ٿيو پئي.

هن توجيهه مطابق ڪلام ۾ اشاريت آهي، مون پنهنجي رسالي ۾ جمالي فقير جي انهيءَ توجيهه جي ئي پيروي ڪندي معنيٰ بيان ڪئي.

(6) جناب پروفيسر پير سعيد حسن صاحب، سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جو هيڊ، جنهن کي شاهه ڀٽائي جي ڪلام تي ايڏو عبور ۽ ڄاڻ آهي، جو هن قحط الرجال دور ۾ موصوف جهڙا ورلي عالم ملندا، جن سالن جا سال شاه جو ڪلام پڙهيو هجي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي جهڙي محقق کان تعليم پرائي هجي! منهنجو پنهنجو ذاتي تجربو آهي ته جڏهن ڪاليج جي ٽيچرس روم ۾ فرصت مهل ويهي علمي چوياري ڪندا آهيون ته پير صاحب موصوف کان اهي علمي نڪتا ۽ رموز معلوم ٿيندا آهن جو موصوف جي علمي بلندي ۽ تحقيق جو پڌرو ثبوت هوندا آهن. منهنجي سمجهه ۾ هوند اهڙين علمي تحقيقن کي سهيڙيو وڃي ته هڪ وڏي ادبي خدمت ٿيندي. هڪ موقعي تي پير صاحب سان ڀٽائي صاحب  جي مٿئين بيت بابت علمي چؤياري ٿي، جنهن تي پير صاحب جيڪو ارشاد فرمايو، ان کي هتي نه لکڻ معنيٰ آهي، هن تحقيقي آرٽيڪل جو اڻ پورو ۽ ناتمام هجڻ.

سندن تقرير جو خلاصو هيءُ آهي ته هيءُ جو الله تعاليٰ ڪائنات کي وجود ۾ آندو، اهو ڪم يا مخلوق جي پيدائش ڪا عبث نه هئي. خود قرآن مجيد ۾ ارشاد آهي: ربنا ما خلقت هذا باطلا- اي اسان جا پالڻهار! تون هي نظام بيڪار نه بنايو آهي. هن دنيا ۾ جو ڪجهه ٿي رهيو آهي ۽ اسلامي فلاسافي ۾ پڻ اها ڳالهه ثابت آهي ته هتي جو سمورو نظام خدا پاڪ جي صفتن جو مظهر آهي. خدا جون صفتون اڪيچار آهن، جن مان ڪي هدايت ۽ ارشاد جو اڻ کٽ خزانو آهن، ته ڪن وري ضلال ۽ گمراهيءَ کي پاڻ ۾ سمايو آهي. اهڙي حالت ۾ مخلوق به ٻن ٽولن ۾ ورهائجي وئي، ڪي خدا جي صفت هادي جو مظهر ۽ اولڙو آهن ته ٻيا وري صفت مضل جو مظهر آهن. هاڻي جڏهن ڪائنات مان انسان جي پيدائش جي نوعيت آئي ته ملڪن ۽ جنن مان اها خدمت ۽ ڊيوٽي به ڪنهن جي سپرد ڪرڻي هئي ته اهو مضل جو مظهر بڻجي، جڳ جهان جون لعنتون جٺيون، ڦٽيون سر تي سهائي. اها خود الاهي تدبير جي منشاءَ هئي، اهڙي ذليل خدمت لاءِ، عزازيل، الله جي عشق ۾ اڏول ٿي پاڻ موکيو ۽ لال مان لعنتي بڻجي ويو. هاڻي جيڪڏهن ٻين سڀني پاسن کان پري رهي الاهي تدبير تي نظر ڪجي ته عزازيل جو اهو عشق هڪ وڏو ڪارنامو هو جو ٻيا ته انهيءَ جٺ جي نوڪري کان پري رهيا، پر عزازيل سڀ ڪجهه پاڻ تي هموار ڪيو. ڀٽائي صاحب پنهنجي ڪلام ۾ تصوف ۽ فلسفي جو باريڪ مسئلو بيان ڪري رهيو آهي.

هنن سڀني توجيهن جي بيان کان پوءِ جيڪڏهن بيت جي ظاهري لفظن ۽ اڳ، پوءِ کي ڏسبو ته پاڻ کي ٻه توجيهون وڌيڪ دلچسپ نظر اچن ٿيون، هڪ پير رشيد الدين صاحب جهنڊي وارن جي ۽ ٻي جناب پروفيسر پير سعيد حسن صاحب جي. پوئين توجيهه کي سمجهڻ لاءِ اڳ ۾ تصوف ۽ اسلامي فلسفه جي ڄاڻ ضروري آهي، جنهن جي تفصيل لاءِ دفتر درڪار آهن. هن مختصر مقالي ۾ ان کان وڌيڪ وضاحت نه ٿي ڪري سگهجي. آخر ۾ ”حافظ“ شيرازي جي هن بيت تي مضمون جو منجهه آڻجي ٿو:

گناهه گرچه نه بود اختيار ما ”حافظ“

تو در طريق ادب باش گو گناه من است

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com