سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون

باب: --

صفحو : 10

ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون

مراد علي مرزا

 

سانڊي ۽ چيتي جي ويڙهه

سري لنڪا جي ڪهاڻي

 

هڪڙي ڀيري جي ڳالهه آهي ته ڪنهن جهنگ ۾ هڪڙو چيتو رهندو هو. هڪڙي شام جو هو پنهنجي عادت موجب شڪار تي نڪتو، پر هن کي ڪو به ننڍو يا وڏو جانور هٿ نه آيو. هن کي بک به ڏاڍي لڳي هئي. نيٺ هن کي هڪڙو سانڊو ملي ويو.

چيتي چيس، ”سانڊا! اڄ رات جي مانيءَ ۾ توکي کائيندس.“

سانڊي وراڻيو، ”شينهن شير خدا جا! آءٌ هڪ ننڍڙو جيتامڙو، مون کي کائي اوهان جو پيٽ نه ڀربو، مهرباني ڪري مون کي وڃڻ ڏيو.“

چيتي چيو، ”ائين ڪيئن ٿيندو، آءٌ توکي وڃڻ نه ڏيندس. بک ۾ جيڪڏهن هڪڙو گرهه به ملي ته غنيمت آهي.“

سانڊي جواب ڏنو، ”مون وٽ نه اوهان جهڙا تيز تيز ڏند آهن ۽ نه وري اوهان جهڙا مضبوط چنبا. اوهان طاقت وارا آهيو ۽ آءٌ ڪمزور جيتامڙو. اوهان جيڪڏهن مون ڪمزور جيتامڙي کي ماريندا ته اها بي انصافي ٿيندي. اسان جو مذهب به ان جي اجازت نٿو ڏئي.“

چيتي بک وچان آپي کان ٻاهر ٿيندي چيو، ”ڪمزور سدائين دين ڌرم جون ڳالهيون ڪندا آهن، پر طاقتور کي فقط هڪڙي قانون جي خبر آهي ۽ اهو هيءُ آهي ته جيڪو ڏاڍو سو گابو. مون وٽ طاقت آهي، تنهنڪري مون کي هر ڪو حق حاصل آهي ته آءٌ توکي ماري ڇڏيان.“

سانڊي وراڻيو، ”ته پوءِ ٺيڪ آهي، آءٌ مرڻ لاءِ تيار آهيان، پر آءٌ وڙهي مرندس.“ اهو ٻڌي چيتي هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ گجگوڙ ڪندي چيو، ”ميان سانڊا! آءٌ پاڻ جهڙن سان وڙهندو آهيان.“ سانڊي چيو، ”جي اها ڳالهه آهي ته پوءِ مون کي ٽن مهينن جي مهلت ڏي، ان عرصي ۾ آءٌ توجهڙو ٿي ويندس.“

نيٺ چيتو سانڊي کي ٽن مهينن جي مهلت ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ٻنهي پاڻ ۾ فيصلو ڪيو ته ٽن مهينن کان پوءِ ان هنڌ ۽ ان وقت وري ملنداسون.

هاڻي سانڊو چيتي سان وڙهڻ لاءِ تياري ڪرڻ لڳو. هو هر روز چانورن جي پوک ۾ ويندو هو ۽ اتي گپ ۽ چڪ ۾ ليٿڙيون پائيندو هو. پوءِ پنهنجا هٿ منهن ڌوئي اُس ۾ ويهندو هو. هن جي بدن تي جيڪا گپ چڪ لڳل هوندي هئي، اها اُس ۾ سـُڪي هن جي جسم تي ڄمي ويندي هئي. ٽن مهينن تائين هر روز هو ائين ڪندو هو، جنهنڪري هن جي بدن تي گپ جو تهه ٿلهو ٿيندو ويو. اهڙيءَ طرح سانڊو ٿلهو متارو ٿيندو ويو ۽ ٽن مهينن ۾ هو ديرو جهڙو ٿي پيو.

ٽن مهينن گذرڻ کان پوءِ هڪڙي ڏينهن چيتو ۽ سانڊو مقرر وقت ۽ جاءِ تي هڪ ٻئي سان مليا. ٻنهي ۾ ويڙهه شروع ٿي. چيتي ٽپ ڏيئي پنهنجن چنبن سان سانڊي تي حملو ڪيو، پر هن جي هر ڌڪ سان سانڊي جي بدن مان گپ جو هڪڙو چاپوڙو ڪِري ٿي پيو ۽ سانڊي کي رهنڊو به ڪونه ٿي لڳو.

پوءِ سانڊو ٽپ ڏيئي چيتي جي پـُٺيءَ تي چڙهي ويٺو ۽ هن جي بدن کي پنهنجن تکن ڏندن سان ٽـُڪڻ ۽ وڍڻ لڳو. اهڙيءَ ريت هن چيتي جو سڄو بدن وڍي ٽـُڪي رتوڇاڻ ڪري ڇڏيو. انهيءَ هوندي به هن کي چڪ هڻندو رهيو، جنهنڪري جيتي جو سڄو بدن زخمن سان ڀرجي پيو. زخمن ٿيڻ ۽ رت نڪرڻ سبب چيتي کي ايتري ته تڪليف ٿي، جيڪا هو سهي نه سگهيو ۽ پاڻ ڇڏائي سور کان دانهون ڪوڪون ڪندو ميدان ڇڏي وٺي ڀڳو.

چيتو ويڙهه جي ميدان مان ڀڄي اچي هڪ وڻ جي هيٺان ويٺو. اتي هن پنهنجي ساڄي ڪلهي کي ڏٺو ۽ ان کي پنهنجي چنبي سان ڇـُهيو ته اتي هڪ زخم هو. هن گهـُٽيل آواز ۾ چيو، ”سانڊي مون کي هن جاءِ تي چڪ هنيو آهي.“ وري هن پنهنجي کاٻي ڪلهي ڏانهن نهاريو ۽ ان کي به ڇهي ڏٺائين، ته اتي به هڪ زخم هو. اهو ڏسي هن وري دانهن ڪئي، ”اڙي، هن مون کي هتي به چڪ هنيو آهي.“ اهڙيءَ طرح چيتي پنهنجن ڪَنن، اکين، نڪ، مٿي ۽ پٺن کي ڇهي ڏٺو ته هر هنڌ زخم هئا.

پر چيتي کي اها خبر نه هئي ته وڻ تي هڪڙو ڪاٺير ويٺو آهي. هن چيتي ۽ سانڊي جي ويڙهه ڏٺي هئي ۽ هن چيتي جون ڳالهيون به ٻڌيون هيون ۽ هن جا زخم به ڏٺا هئا. انهيءَ ماڻهوءَ جي دل ۾ پئي آيو ته وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کلي، ڇاڪاڻ ته اهو ڏسي سچ پچ کل پئي آئي ته وڻ جي هيٺ هڪ تمام وڏو چيتو پنهنجي بدن تي لڳل انهن زخمن جي ڪري پئي رنو ۽ رڙيو، جيڪي هڪ ننڍڙي سانڊي هن کي هنيا هئا. ان ماڻهوءَ پنهنجيءَ کل روڪڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر هن کان رهيو نه ٿيو ۽ هن زور سان هڪڙو ٽهڪ ڏنو، ”ها! ها! ها!“

آواز تي چيتي مٿي نهاريو ته وڻ تي ڪاٺير ويٺو هو. هن دل ۾ ويچاريو ته ڇا هن ماڻهوءَ مون کي ههڙيءَ حالت ۾ ڏسي ورتو آهي؟ انهيءَ تي هن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، ڇاڪاڻ ته هن جي مرضي نه هئي ته سانڊي کان هارائڻ جي خبر ماڻهن کي پوي. تنهنڪري هو هڪدم وڻ تي چڙهي ويو ۽ گجگوڙ ڪري چوڻ لڳو، ”اڙي بند ڪر اها کي، کي، کي، نه ته هينئر جو هينئر توکي کائي هضم ٿو ڪريان.“ ڪاٺير جو ساهه ئي نڪري ويو، تنهن هڪدم هٿ ٻڌي چيو، ”شينهن شير خدا جا! مون کي معاف ڪر ۽ منهنجي جان بخش.“ چيتي وري گجگوڙ ڪئي، ”اڙي توکي منهنجي راز جي خبر پئجي ويئي آهي، تنهنڪري هاڻي توکي مرڻو ئي پوندو.“ ڪاٺير چيتي کي منٿ ڪندي چيو، ”مون کي هن جهنگ جي ديوتائن جو قسم آهي ته آءٌ اهو راز ڪنهن کي به ڪونه ٻڌائيندس.

چيتي چيس، ”نه، رڳو ديوتائن جو قسم نه کـڻ. تـون پنهنجيءَ زال جو قسم به کڻ ته اهو راز هن کي به نه ٻڌائيندين.“ انـهيءَ تي ڪـاٺير پـنهنجي زال ۽

 

. . . . ته وڻ تي هڪڙو ڪاٺير ويٺو آهي. هن چيتي ۽ سانڊي جي ويڙهه ڏٺي

هئي ۽ هن چيتي جون ڳالهيون به ٻڌيون هيون ۽ هن جا زخم به ڏٺا هئا.

 

ٻارن جو قسم کنيو. پر چيتي کي وري به تسلي نه ٿي. هن ڪاٺير کي چيو، ”پر ڳوٺ ۾ ٻيا ماڻهو به رهن ٿا. هيءَ ڳالهه تنهجي دل ۾ نه رهندي ۽ تون هنن کي وڃي ٻڌائيندين.“ ڪاٺير وراڻيو، ”آءٌ مهاتما ٻُڌ جو قسم کڻي چوان ٿو ته آءٌ ڳوٺ جي ڪنهن به ماڻهوءَ سان اها ڳالهه نه ڪندس.“

اتي چيتي ڪاٺير کي گهر وڃڻ جي اجازت ڏني. پوءِ پنهنجيءَ غار ۾ موٽي آيو ۽ پنهنجا زخم چٽڻ لڳو. چيتي کي ڏاڍي ڳڻتي ۽ فڪر هو ۽ هر هر هن کي خيال پئي آيو ته انهيءَ ٻن ٽنگن واري مخلوق تي ڪو به اعتبار ڪونهي. اهو نڀاڳو ڪاٺير پڪ سان پنهنجيءَ زال کي اهو راز ٻڌائيندو. پوءِ جڏهن ڪو راز ڪنهن عورت کي معلوم ٿئي ٿو ته اهو راز، راز نٿو رهي. مون کي اڄ رات پاڻ وڃي خبر وٺڻ گهرجي ته اهو ڪاٺير پنهنجي انجام جو پڪو به آهي يا نه.

اها ڳالهه سوچي چيتو اُٿيو ۽ تکو تکو هلندو اچي ڪاٺير جي جهوپڙيءَ جي پٺيان اڱڻ ۾ بيٺو. اتي هو جهوپڙيءَ جي ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيو ۽ اندران ايندڙ آوازن کي ڌيان سان ٻڌڻ لڳو.

ڪاٺير پنهنجيءَ زال ۽ ٻارن سان گڏ هڪڙي تڏي تي ويٺي رات جي ماني کاڌي. اوچتو ڪاٺير کلي ڏنو ۽ ٽهڪن مٿان ٽهڪ ڏيڻ لڳو. انهيءَ تي هن جي ٻارن کائونئس پڇيو، ”بابا، تون ڇو پيو کلين؟“ پيءَ جواب ڏنو، ”اڙي ماٺ ڪريو، اهو هڪڙو راز آهي.“

هن جي ڌيءَ چوڻ لڳي، ”بابا، اهو راز اسان کي به ٻڌاءَ  اسين به توسان گڏ کلون.“

پيءُ جواب ڏنس، ”نه ڌيءَ، آءٌ اهو راز ڪنهن کي به ڪونه ٻڌائيندس، مون مهاتما ٻڌ جو قسم کنيو آهي.“

وري سڀئي ماني کائڻ لڳا ته وري ڪاٺير کي کل آئي. انهيءَ تي ڪاٺير جي زال پنهنجن ٻارن کي چيو، ”اوهان جو پيءُ شايد چريو ٿي پيو آهي. ڏسو نه ته هن ايترا ته ٽهڪ ڏنا آهن جو ڀت جا چانور نڙيءَ ۾ ڦاسي پيا اٿس.“ اهو چئي، زال پنهنجي مڙس جي پٺيءَ تي زور سان ڌڪ هنيو ۽ پاڻيءَ جو وٽو ڀري هن جي چپن تي رکيائين.

ماني کائڻ کان پوءِ سڀئي ٻار پنهنجي تڏي تي وڃي ليٽيا ۽ جلد ئي گهري ننڊ ۾ سمهي رهيا. ڪاٺير پنهنجي کٽ تي وڃي ستو. هن جي زال وري جهوپڙيءَ ۾ هڪ ڪنڊ ۾ پيل تئونريءَ تي ليٽي پيئي. پر ڪاٺير ۽ سندس زال کي ننڊ نه آئي. ڪاٺير جڏهن به پنهنجيون اکيون بند ٿي ڪيون ته هن کي ائين ٿي لڳو ته آءٌ کِل روڪي نه سگهندس. هوڏانهن زال کي انهيءَ ڪري ننڊ نٿي آئي جو هوءَ به پنهنجي مڙس جي راز ڄاڻڻ کان سواءِ سمهي نٿي سگهي. ڪاٺير وري هڪڙو ٽهڪ ڏنو، ها، ها، ها!

انهيءَ تي زال پنهنجي تئونريءَ تي اٿي ويٺي ۽ مڙس کي چوڻ لڳي، ”نيٺ ڳالهه ڪهڙي آهي! هاڻي ته مون کي پنهنجو راز کڻي ٻڌاءِ. ٻار سڀئي سمهي رهيا آهن ۽ پنهنجي ڳالهه ڪو به نه ٻڌندو.“

ڪاٺير وراڻيو، ”مون قسم کنيو آهي ته اهو راز آءٌ ڪنهن کي به ڪونه ٻڌائيندس. توکي به ڪونه ٻڌائيندس.“

پر زال هن کي ليلائڻ ۽ منٿون ڪرڻ لڳي ۽ ڪاٺير نيٺ هار مڃي، زال کي چيتي ۽ سانڊي جي ويڙهه لڪي ڏسڻ واري ڳالهه پيرائتي ڪري ٻڌائي ۽ هن کي اهو به ٻڌايو ته انهيءَ ويڙهه ۾ چيتو پڇ پائي ميدان مان ڀڄي ويو ۽ اچي هڪڙي وڻ جي هيٺان ويٺو، جتي آءٌ ويٺو هوس. اتي چيتو ڏاڍو رُنو ۽ رڙيو ۽ چوڻ لڳو ته، ”سانڊي مون کي هتي چڪ هنيو، هتي رهنڊا هنيا ۽ هتي زخم ڪيو. هن منهنجو سڄو بدن رتوڇاڻ ڪري ڇڏيو آهي.“

اها ڳالهه ٻڌي هن جي زال به ساڻس کلڻ ۽ ٽهڪن ڏيڻ ۾ شامل ٿي ويئي. ها، ها، ها!

هوڏانهن چيتي جهوپڙيءَ جي ڀت سان ڪن ڏيو اهي سڀئي ڳالهيون پئي ٻڌيون. هن ڪاٺير کي به چرين وانگر ٽهڪ ڏيئي کلندي ٻڌو ۽ هاڻي هن جي زال به ٽهڪ پئي ڏنا. اهي ڳالهيون ۽ ٽهڪ ٻڌي چيتي کي ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين باهه وٺي ويئي. پر في الحال ماٺڙي ڪري ويٺو. جڏهن ڪاٺير ۽ سندس زال سمهي رهيا. تڏهن چيتو ٽپو ڏيئي جهوپڙيءَ جي ڇت تي چڙهي ويو، جيڪا ڪکن جي ٺهيل هئي. اتي چيتي هوريان هوريان ڪک پري ڪري ڇت ۾ سوراخ ڪيو ۽ هيٺ بورچيخاني ۾ گهڙي آيو ۽ جهوپڙيءَ جو دروازو کولي اندر آيو. پوءِ جنهن کٽ تي ڪاٺير ستو پيو هو، چيتو ان جي هيٺان گهڙي ويو ۽ ان کٽ کي پنهنجن پٺن تي کڻي کليل دروازي مان ٻاهر نڪري ويو.

چيتو جڏهن گهاٽي جهنگ ۾ پهتو ته ڪاٺير جي اک کلي ويئي ۽ هن کي لڳو ته کٽ هلي پيئي. رات چانڊوڪي هئي، تنهنڪري ڪاٺير واڻ جي سوراخ مان هيٺ ڏٺو ته چيتي جي پٺ جا ڪارا داغ ڏسڻ ۾ آيس. هن کي ڊپ ٿيو ته هاڻي چيتو مارڻ کان سواءِ نه ڇڏيندو. ويچارو ڪاٺير ڏکڻ لڳو، پر اوڏي مهل هو اهڙي هنڌان پئي لنگهيا، جتي هڪ تمام وڏو وڻ هو. ان وڻ جي هڪ وڏي ٽاري هيٺ پئي لڙڪي. ان ٽاريءَ کي ڏسندي ئي ڪاٺير جهٽ ڏيئي ان کي جهليو ۽ ان تي چڙهندو وڻ تي چڙهي ويو.

چيتي کي بلڪل خبر نه پيئي ۽ هو پنهنجن ئي خيالن ۾ اڳتي وڌندو ويو. پنهنجي غار جي منهن وٽ پهچي چيتي کٽ کي زمين تي رکيو ۽ ٻاهر نڪري کڻي جو ڏسي ته ڪاٺير کٽ تي هوئي ڪونه. چيتي کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ گجگوڙ ڪندو ڪاٺير کي ڳولڻ لاءِ واپس وريو. چانڊوڪيءَ ۾ چيتي کي ڪاٺير هڪڙي وڻ تي ويٺل ڏسڻ ۾ آيو. چيتو وڻ جي ويجهو آيو ۽ سواءِ ڪي چوڻ جي پنهنجا چنبا وڻ جي ٿـُڙ ۾ ڦٻائي مٿي چڙهڻ لڳو.

ڪاٺير ته جاڳيو پئي، تنهن اهو ڏسي رڙ ڪري چيو، ”اڙي چيتا! جيڪڏهن توکي پنهنجي جان پياري آهي ته متان مٿي چڙهيو آهين. هت مٿي وڻ تي هڪ سانڊو توکي مارڻ لاءِ تيار ويٺو آهي.“

سانڊي جو نالو ٻڌندئي چيتو ڇرڪي پٺٽي ڀڳو ۽ اک ڇنڀ ۾ غائب ٿي ويو. ڪاٺير وري ٽهڪ ڏيندو وڻ تان هيٺ لٿو ۽ پنهنجي گهر موٽي آيو.

انهيءَ کان پوءِ ڪاٺير يا ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ وري اهو چيتو نه ڏٺو. ماڻهو چون ٿا ته شرم وچان چيتو اهي پٽ ڇڏي، جبل ۽ ٽڪريون اُڪري هڪڙي اهڙي جهنگ ۾ وڃي منهن لڪايو، جتي نه سانڊو هو ۽ نه وري ڪاٺير.

____________

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org