سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون

باب: --

صفحو : 14

ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون

مراد علي مرزا

 ٿائوکام نشانچي

لائوس جي ڪهاڻي

 

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪڙي ڀيري ڪو ڇوڪر هو، جنهن جي عمر ڏهه سال کن هئي. هن جو نالو ٿائو کام هو. هن جا پيءُ ماءُ مري ويا هئا ۽ هو هن هيڏي وڏي دنيا ۾ اڪيلو هو. ماڻهو مٿس رحم کائي کيس کاڌو ۽ پئسا ڏوڪڙ ڏيندا هئا ۽ اهڙيءَ ريت هو پيو جيئندو هو. حقيقت ۾ اهو ڇوڪرو اپاهج هوندو هو ۽ هلي چلي به ڪونه سگهندو هو.

جيئن ته ڏينهن جو هو هڪڙي ئي هنڌ ويٺو هوندو هو ۽ راند رهڻ لاءِ وٽس ڪي به ڪين هوندو هو، تنهنڪري هن پاڻ وندرائڻ جي لاءِ هڪڙو نئون طريقو ڳولي ڪڍيو. هو ڇا ڪندو هو جو ننڍڙا ڀتر ميڙي چونڊي پنهنجي ڀرسان رکندو هو ۽ پوءِ هڪ هڪ پٿر کڻي ڪنهن هڪ نشاني تي پيو هڻندو هو. ڀتر نشاني تي ئي لڳندو هو. ڇوڪرو سڄو ڏينهن ڪيترائي ڀيرا اها مشق ڪندو هو، جنهنڪري هو ان ڪم ۾ ايڏو ته هوشيار ٿي ويو، جو پري جو نشان به هن کان خطا نه ٿيندو هو.

هو جڏهن نشاني تي ڀتر اُڇلائيندو هو، تڏهن ٻيا ڇوڪرا هن کي ڏاڍي شوق سان ڏسندا هئا ۽ خوش ٿيندا هئا. پوءِ اهي هن جي لاءِ ڀترن جا ڍير گڏ ڪندا هئا. ساڳئي وقت انهن ڇوڪرن ٿائوکام جي لاءِ ڪاٺ جو هڪ گاڏڙو به ٺهرايو، جنهن تي هن کي ويهاري پاڻ سان گڏ پيا گهمائيندا هئا.

ٿائوکام هر روز مشق ڪندو هو ۽ هن جو نشانو ڏينهون ڏينهن پڪو ٿيندو ويو. هڪڙي ڏينهن اچرج جهڙو واقعو ٿيو. ڇا ٿيو جو ٻين ڇوڪرن ٿائو کام جو گاڏڙو پپر جي هڪ تمام وڏي وڻ جي ڇانوَ ۾ آڻي بيهاريو. پوءِ جيئن هنن جي عادت هوندي هئي، گاڏڙي وٽ هنن ڀترن جو هڪڙو ڍير گڏ ڪيو ۽ هن جي نشاني بازيءَ جو تماشو ڏسڻ ويٺا.

ٿائو کام پنهنجي مٿان پپر جي پنن جو نشانو وٺڻ شروع ڪيو. ٻيا ٻار ماٺ ڪري ٿائو کام جي نشانن کي ڏسڻ لڳا. ٿائو کام ڀتر اڇلائي پنن ۾ هاٿيءَ جي تصوير ٺاهي. وري هن هڪڙي رڍ ۽ هڪڙي مينهن جي شڪل ٺاهي. انهن پنن مان سج جي روشني هيٺ زمين تي پيئي ته اتي انهن جانورن جا وڏا وڏا پاڇا ڏسڻ ۾ آيا. وري جو هوا لڳي ته وڻ جا پن لڏڻ لڳا، جنهنڪري زمين تي ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو ته اهي جانور سچ پچ جيئرا آهن ۽ خوشيءَ وچان پيا نچن. ٻارن جڏهن اهو تماشو ڏٺو، تڏهن اهي خوشيءَ وچان تاڙيون وڄائڻ لڳا ۽ نچڻ ٽپڻ لڳا. انهيءَ تي ٿائو کام به ڏاڍو خوش ٿيو. هاڻي ٻارن لاءِ اها راند هڪ رونشو ٿي پيئي. هو هر هر ٿائو کام کي وڻ جي پنن ۾ ڪيترن ئي جانورن جون شڪليون ٺاهڻ لاءِ چوندا رهيا ۽ خوش ٿيندا رهيا.

هڪڙي ڏينهن ٻارن اهائي راند پئي رهي ته اوچتو اتي جو بادشاهه جلوس ۾ اتان لنگهيو. هو اتي گشت ڪرڻ آيو هو. ٻارن جو بادشاهه جو لشڪر ڏٺو، سو ڊپ وچان وڻ جي پٺيان لڪي ويا ۽ ٿائو کام کي به پاڻ سان لڪائي ڇڏيائون.

بادشاهه جڏهن پپر جي ڇانوَ هيٺ پهتو ته اتي ٿڌي ۽ تازي هوا پئي لڳي. بادشاهه ساهه پٽڻ لاءِ ٿوري دير اتي ئي ترسي پيو. پوءِ جيئن ئي هو وڻ جي ٿـُڙ کي ٽيڪ ڏيئي ويٺو ته هن جي نظر زمين تي ٺهيل جانورن جي شڪلين تي وڃي پيئي. پنن جي لڏڻ جي ڪري انهن جي سوراخن مان سج جي روشني زمين تي پئجي انهن شڪلين کي پئي چوريو ۽ بادشاهه ڏٺو ته اهي جانور چـُرن پرن پيا. ٿائو کام پنن ۾ ڀتر هڻي اهي شڪليون ٺاهيون هيون.

اتي بادشاهه پهريدارن کي حڪم ڏنو ته وڃي خبر لهي اچو ته اهي شـڪـلـيـون ڪـنـهـن ٺـاهـيـون آهن. اهو ٻڌي وڻ جي پٺيان لڪل سڀئي ٻار اتان کسڪي ويا. ٿائو کام ويچارو ٽنگن کان معذور هو، تنهنڪري اتي رهجي ويو. پهريدارن هن کي جهليو ۽ بادشاهه جي اڳيان حاضر ڪيو. هن بادشاهه کي ٻڌايو ته پنن ۾ جانورن جون اهي شڪليون مون ٺاهيون آهن. پر بادشاهه کي هن جي ڳالهه تي اعتبار نه آيو ۽ چيائينس ته ”اهي تصويرون منهنجي سامهون ٺاهي ڏيکار.“

ٿائو کام ڀتر کڻي هڪڙو هڪڙو ڪري مٿي پنن کي هنيو. بادشاهه حيران ٿي پئي ڏٺو ته اهو ڇوڪرو ڪري ڇا پيو؟ ۽ هن جي ڏسندي ئي ڏسندي هڪڙي پن ۾ هڪڙي ننڍي جهرڪيءَ جي شڪل ٺهي ويئي.

ٿائو کام جي اها هوشياري ڏسي بادشاهه ششدر ٿي ويو. پوءِ هن ڪا ڳالهه سوچي ٿائو کام کي چيو ته، ”تون مون سان محل ۾ هل. هڪ ننڍڙو ڪم منهنجو به ڪر.“ بادشاهه جي اها ڳالهه ٻڌي پهريدارن ٿائو کام کي کڻي هاٿيءَ تي ويهاريو ۽ هن کي محل ڏانهن وٺي ويا.

ٻئي ڏينهن محل ۾ بادشاهه جي درٻار لڳڻي هئي. بادشاهه حڪم ڏنو ته تخت جي پٺيان هڪڙو پردو ٽنگي ان ۾ ننڍو سوراخ ڪيو وڃي. ان کان پوءِ ٿائو کام کي پردي جي پٺيان ويهاريو ويو ۽ بادشاهه هن کي چيو، ”هاڻي منهنجي ڳالهه خيال سان ٻڌ. هت تنهنجي بلڪل سامهون هڪڙو شخص ويٺو هوندو. جيئن ئي هو پنهنجو وات کولي ته تون هن سوراخ مان هن جو نشانو وٺي مٽيءَ جي گولي هن جي وات ۾ هڻجانءِ.“

ٿائو کام کي ڏاڍي حيراني ٿي ته ههڙو عجب جهڙو ڪم بادشاهه مون کان ڇو ٿو ڪرائي. بادشاهه هن جي حيرانيءَ جو مطلب سمجهي ويو ۽ هن کي اک ڀڃي چيائين ته، ”آءٌ توکي ان جو سبب به ٻڌايان ٿو. اهو ماڻهو وزير آهي، جيڪو تمام گهڻو ڳالهائيندو آهي، ۽ ٻين کي ڳالهائڻ ئي ڪونه ڏئي. منهنجي مرضي آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هن مان اها عادت نڪري.“

جڏهن درٻار لڳي ته سڀئي وزير اچي ويٺا. ان گهڻ ڳالهائو وزير کي ڪا به خبر نه هئي ته ساڻس ڪهڙي جـُٺ ٿيڻ واري آهي، تنهنڪري پنهنجي عادت موجب هن ڳالهائڻ شروع ڪيو. جيئن ئي هن پنهنجو وات کوليو ته ٿائو کام نشانو وٺي ڀتر اڇلايو، جيڪو سڌو هن جي وات ۾ وڃي پيو. وزير سمجهيو ته ڪو جيت اڏامي اچي وات ۾ پيو آهي، جنهن کي ٿڪي ٻاهر ٿي ڪڍيائين. پر بادشاهه جي هوندي هن اهو مٽيءَ جو ڀتر آهستي آهستي چوسي ڳهي ڇڏيو.

پوءِ جڏهن به هن ڳالهائڻ لاءِ وات کوليو ٿي ته مٽيءَ جو ڀتر سڌو اچي ٿي هن جي وات ۾ پيو، جنهنڪري هو ويچارو ڳالهائي نٿي سگهيو. انهيءَ تي بادشاهه ٻين وزيرن کي ڳالهائڻ جو حڪم ڏنو. اهي ڏاڍا خوش ٿيا ته مس مس اسان کي به ڪجهه چوڻ جو وجهه مليو آهي، ڇاڪاڻ ته هنن کي به ڪيترن ئي معاملن لاءِ بادشاهه سان ڳالهائڻو هو.

درٻار ختم ٿيڻ کان پوءِ بادشاهه گهڻ ڳالهائو وزير کان پڇيو، ”اڄ توکي ڇا ٿي ويو هو؟ اڄ ته تو ڪجهه به نه ڳالهايو؟“

وزير وراڻيو، ”بادشاهه سلامت! مون کي ته ڪيتريون ئي ضروري ڳالهيون ڪرڻيون هيون.پر هر ڀيري جڏهن مون ڳالهائڻ لاءِ وات کوليو ٿي ته ڪو جيت اچي ٿي وات ۾ پيو ۽ آءٌ ڳالهائي نٿي سگهيس.“

بادشاهه پنهنجي اٽڪل جي ڪاميابيءَ تي ڏاڍو خوش ٿيو. هن گهڻ ڳالهائو وزير کي چيو، ”عجب جهڙي ڳالهه آهي! هاڻي وري جڏهن درٻار لڳي ته خيال رکي ٻين وزيرن کي به اڄ وانگر پنهنجي پنهنجي ڳالهه چوڻ جو وجهه ڏجانءِ. توکي شايد اڄ خبر پئي هوندي ته ٻيا وزير به ڪيتريون ئي ضروري ڳالهيون اسان سان ڪرڻ گهرن ٿا.“

انهيءَ تي گهڻ ڳالهائو وزير ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ وات صفا ڪرڻ جي بهاني سان اتان ٻاهر کسڪي ويو.

انهيءَ کان پوءِ گهڻ ڳالهائو وزير وري ڪڏهن به گهڻو نه ڳالهايو. پر هاڻي هو ٻين وزيرن جون ڳالهيون ۽ صلاحون غور سان ٻڌڻ لڳو ۽ هميشه پنهنجي واري تي ڳالهائڻ لڳو. اهڙيءَ ريت هاڻي بادشاهه به هن مان راضي رهڻ لڳو.

بادشاهه هاڻي ٿائو کام کي پنهنجي محل ۾ رهڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي، جتي هن کي رهڻ لاءِ سٺي جاءِ ۽ مزيدار ۽ لذيذ کاڌو ملڻ لڳو.

_________

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org