سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون

باب: --

صفحو : 7 

ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون

مراد علي مرزا

 

هڪڙو پئسو ۽ مڪاٽو

ٿائي لينڊ جي ڪهاڻي

 

ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي ته هڪ ڇوڪرو مڪاٽو نالي هوندو هو. هو يتيم ٻار هو. هن جي ننڍي هوندي، سندس ماءُ پيءُ مري ويا، تنهنڪري هن جي سار سنڀال لهڻ لاءِ نه هن جو ڪو ڀاءُ نه ڀيڻ هئي ۽ نه مٽ مائٽ ۽ نه وري ڪو سنگتي ساٿي. وڏو ٿيو ته پيٽ پالڻ لاءِ ويچاري کي پاڻ محنت مزدوري ڪرڻي پيئي. هن هر قسم جي مزدوري ۽ ڪم ڪار ڪيو. هو ڪڏهن ماڻهن جو ڳرو سامان هڪڙي هنڌان ڍوئي ٻئي هنڌ پهچائيندو هو، ڪڏهن جهنگ وڍي صفا ڪندو هو ۽ ڪڏهن جانورن کي گاهه وغيره ڏيندو هو. مطلب ته مزدوريءَ جو ڪو به اهڙو ڪم نه هو، جيڪو هن نه ڪيو. پر هر ڪو ڪم دل لائي ڪندو هو ۽ هن ڪڏهن به ڪم کان نٽايو نه. اهڙي ڏکي مزدوريءَ جو اُجورو هن کي تمام ٿورو ملندو هو، پر هو تڏهن به خوش رهندو هو. هن کي چڱيءَ طرح خبر هئي ته ڪم نه ڪبو ته بک مرڻو پوندو. تنهنڪري هر ڪو ڪم سوچي سمجهي ۽ محنت سان ڪندو هو. ساڳئي وقت هو ڏاڍو کلڻو ملڻو ۽ چرچائي ڀوڳائي به هوندو هو، تنهنڪري هو جتي به محنت مزدوري ڪندو هو، اتي سڀئي هن کي ڀائيندا هئا.

هڪڙي شام، جڏهن موسم ڏاڍي وڻندڙ هئي، تڏهن مڪاٽو هڪ وڏي بنڊ کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري واندو ٿيو. ٿوريءَ دير هو ساهه پٽڻ لاءِ ماٺ ڪري ويٺو ۽ سوچڻ لڳو ته آئندي ڇا ڪرڻ گهرجي. سندس خيال هو ته ڪن ڏورانهن ۽ اڻڄاڻ شهرن ۾ وڃي قسمت آزمائڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هن کي نئين نئين ڪم ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو.

ايتري ۾ سندس مالڪ آيو ۽ پڇڻ لڳس، ”پـُٽ! اڄ تون ايترو ڌيان سان ڇا پيو سوچين؟“

مڪاٽو پنهنجو ننڍو هٿ کڻي اُتر- اوڀر پاسي اشارو ڪندي جواب ڏنو، ”سائين، آءٌ ان پاسي وڃڻ گهران ٿو. مون ٻڌو آهي ته اتي زمين ڏاڍي ڀلي آهي ۽ اتي جا رهاڪو ڏاڍا نيڪ ۽ رحمدل آهن. جيڪر اهو ملڪ به آءٌ ڏسي سگهان!“ اهو چوندي هن جي اکين مان چلڪو ۽ چمڪو ڏسڻ ۾ آيو.

مالڪ ٻڌايس، جنهن هنڌ تون وڃڻ گهرين ٿو، ان کي سوکوٿائي چوندا آهن. ماڻهن جو چوڻ آهي ته سوکوٿائيءَ جو بادشاهه پراروانگ ڏاڍو رحمدل ۽ نيڪ آهي. جيڪڏهن تون اتي وڃي سگهين ته شايد تنهنجي قسمت جاڳي پوي.“

ٿورن ڏينهن کان پوءِ مڪاٽو پنهنجي قسمت آزمائڻ جو ارادو ڪيو ۽ پنهنجو ڳوٺ ڇڏي دنيا جي سير سفر ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. هو ڏاڍي مزي سان نوان نوان نظارا ڏسندو، رستي ۾ ماڻهن سان ڪچهريون ڪندو، اڳتي وڌندو ويو. نيٺ هڪڙي مهيني جي سفر کان پوءِ هو سوکوٿائي ملڪ جي سرحد تي هڪڙي ڳوٺ ۾ پهتو.

اتي مڪاٽو کي هڪ پوڙهي مائي ڏسڻ ۾ آئي، جيڪا مٿي تي پاڻيءَ جو هڪ وڏو گهڙو کنيو پئي ويئي. هن کي ڏسي مڪاٽو چيو، ”مائي! مون کي ٿورو پاڻي پيئڻ لاءِ ڏي. مون کي ڏاڍي اُڃ لڳي آهي.“

پوڙهي مائيءَ هڪ ننڍڙي وٽي ۾ مڪاٽو کي پاڻي ڏنو ۽ پوءِ هن کان پڇيائين، ”ٻچا! تون ڪٿان آيو آهين؟ تون ته بلڪل اڪيلو پيو لڳين. سمجهان ٿي ته ڪنهن پرانهين ملڪ مان آيو آهين.“

مڪاٽو پاڻي پي پنهنجي اُڃ اُجهائي ۽ مائيءَ جا ٿورا مڃيا.

پوڙهي مائيءَ وري پڇيس، ”تنهنجا ماءُ پيءُ ڪير آهن؟ ڇا تنهنجو ڪو به مٽ مائٽ ڪونهي؟“

مڪاٽو پوڙهيءَ کي ٻڌايو، ”نه منهنجي ماءُ آهي ۽ نه پيءُ، آءٌ ’مـُون‘ شهر مان آيوآهيان.“

”ياخدا! ڇا تون سچ پچ ’مـُون‘ شهر مان آيو آهين؟ پر سمجهه ۾ ڪونه ٿيو اچي ته تون اڪيلي سر ايڏو وڏو سفر ڪيئن ڪري هت پهتو آهين؟ اڃا نه تنهنجي عمر به ايتري ڪانهي!“

مڪاٽو وراڻيو، ”آءٌ سوکوٿائيءَ جي براروانگ کي ڏسڻ گهران ٿو. ماڻهو چون ٿا ته هو وڏو رحمدل بادشاهه آهي.“

پوڙهي مائيءَ چيو، ”تون وڏيءَ همت وارو ۽ پڪي ارادي وارو ٿو ڏسجين، مون سان اچ. ڪنهن کي ڪهڙي خبر، ٿي سگهي ٿو ته تون پرار وانگ کي ڏسين.“

اهو ٻڌي مڪاٽو پوڙهي مائيءَ سان گڏ هليو ويو. هن دل ۾ ويچاريو ته آءٌ جيڪڏهن هن رحمدل پوڙهي مائيءَ جو ڪم ڪار ڪندس ته گهٽ ۾ گهٽ سمهڻ لاءِ ڪا جاءِ ۽ کائڻ لاءِ ماني ڀور ته ملي ويندو، ۽ جيڪڏهن قسمت ساٿ ڏنو ته بادشاهه کي ڏسڻ به نصيب ٿي ويندو.

انهيءَ پوڙهي مائيءَ جو مڙس پرار وانگ بادشاهه جو هڪڙو فيلبان هو. هو بادشاهه جي ٻين فيلبانن سان گڏجي سـَون هاٿين جي سنڀال ڪندو هو. مڪاٽو انهيءَ ڪم ۾ هن جي مدد ڪرڻ لڳو. هو ڏاڍي محنت سان ۽ دل لائي ڪم ڪندو هو، تنهنڪري فيلبان ۽ هن جي زال هن کي تمام گهڻو ڀائڻ لڳا.

هڪڙي ڏينهن آسمان تي سج پئي چمڪيو ۽ موسم ڏاڍي سٺي هئي. خبر نه آهي ته ڇو مڪاٽو کي ائين لڳو ته اڄوڪو ڏينهن نيڪ آهي. جڏهن هن هاٿين جي وٿاڻن جي صفائي پئي ڪئي ته هڪ ڊگهي قد وارو ماڻهو اندر آيو. هن کي تمام سٺا ڪپڙا پيا هئا، ۽ هن سان ڪيترائي نوڪر چاڪر گڏ هئا. اهو ماڻهو پاڻ پرار وانگ هو. مڪاٽو هڪدم هٿ ٻڌي ادب سان هن کي سلام ڪيو. ان وقت هن جي دل زور زور سان پئي ڏڪي.

پوڙهي مائيءَ جو مڙس به ان وقت موجود هو، بادشاهه هن کان پڇيو، ”هيءُ ڇوڪرو ڪٿان آيوآهي؟“

فيلبان ادب سان جهڪي جواب ڏنو. ”بادشاهه سلامت! هيءُ ڇوڪرو ”مـُون“ شهر مان آيو آهي. هن اوهان جي واکاڻ ٻڌي هئي، تنهنڪري اوهان کي ڏسڻ جي لاءِ ايترو پري کان پنڌ هلي هت آيو آهي.“

”هن جي ڄمار ڪيتري ٿيندي؟“

”بادشاهه سلامت! هن جي ڄمار ٻارهن سال کن ٿيندي.“

بادشاهه خوش ٿيندي چيو، ”هيءُ تمام سٺو ۽ محنتي ڇوڪرو ڏسجي ٿو. تون هن جو چڱيءَ طرح خيال ڪجانءِ.“

پوءِ جيئن ئي بادشاهه اتان هليو ويو، ته مڪاٽو زمين تي هڪ پئسو پيل ڏٺو. هن هڪدم پئسو کينو ۽ ڊوڙي وڃي بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ڪيو. پر بادشاهه مـُرڪندي چيو ته ”اهو تون پاڻ وٽ رک.“

مڪاٽو سوچڻ لڳو، ”واهه، واهه. مزو ٿي ويو. بادشاهه مون کي هڪ پئسو ڏنو آهي.“

ان زماني ۾ سوکوٿائيءَ ملڪ جو سِڪو پئسو هوندو هو. جيتوڻيڪ هڪ پئسي جي ڪا به قيمت نه هئي، ان هوندي به مڪاٽو ان مان گهڻو فائدو حاصل ڪرڻ گهريو ٿي، جو  اهو پئسو بادشاهه کي سوکڙي ڪري ڏنو هو. ڪيترن ڏينهن تائين هن کي سمجهه ۾ ڪي به نه آيو ته ان ننڍڙي پئسي مان ڪهڙيءَ طرح فائدو حاصل ڪجي.

پوءِ هڪڙي ڏينهن بازار مان لنگهندي مڪاٽو ٻوٽن جي ٻجن جي دڪان وٽ پهتو. دڪان کي ڏسي هو مٿي چڙهيو ۽ هن کي هڪ ٽوڪري ڏسڻ ۾ آئي، جنهن ۾ سلاد جا ٻج رکيا هئا. هن سوچيو ته، ”سلاد! اهڙا ننڍا ننڍا ٻوٽا ته آءٌ به پوکي سگهان ٿو.“ پوءِ هن دڪان تي ويٺل هڪ کلمل مائيءَ کان پڇيو، ”ڇا آءُ سلاد جا ٻج خريد ڪري سگهان ٿو؟“

ان مائيءَ چيو، ”ڇو نه پٽ! توکي ڪيترا ٻج گهرجن؟“

مڪاٽو وراڻيو، ”مون وٽ ته رڳو هڪ پئسو آهي.“

مائيءَ کلندي چيو، ”بس، رڳو هڪ پئسو! ان سان ڪي به نٿو خريد ڪري سگهجي. آءٌ ته ايترا ٿورا ٻج توري به نٿي سگهان!“

مڪاٽو ڏاڍي شوق سان چيو، ”آءٌ پنهنجي آڱر ٻجن جي ڍير ۾ وجهان ٿو، پوءِ جيترا ٻج آڱر کي چهٽي پيا، اهي مون کي ان پئسي ۾ ڏي.“

مڪاٽو جي اها ڳالهه ٻڌي مائي ڏاڍو کلي ۽ چوڻ لڳي، ”چڱو، جيڪا تنهنجي مرضي. پنهنجي آڱر ٻجن ۾ وجهه“

انهيءَ تي مڪاٽو هڪ پئسو مائيءَ کي ڏنو ۽ پنهنجي آڱر وات ۾ وجهي پـُسائي ٻجن جي ڍير ۾ وڌي. جڏهن هن پنهنجي آڱر ٻجن جي ڍير مان ٻاهر ڪڍي ته سڄيءَ آڱر تي ٻج چنبڙيل هئا.

مڪاٽو آڱر تان ٻج سنڀالي لاٿا ۽ پنهنجي تريءَ تي رکي مـُٺ تي مضبوطيءَ سان بند ڪري کِلندو خوش ٿيندو اتان هليو.

هن کي جو ٻج مليا سو هن هڪدم زمين کوٽي ان ۾ ٻج  پوکي ڇڏيا. هو هر روز انهن کي پاڻي ڏيندو هو. ٿورن ئي ڏينهن ۾ زمين مان ننڍا ننڍا گونچ ڦٽي آيا. پوءِ مڪاٽو ٿوري ٻي زمين صفا ڪري، کوٽي اتي ٻيا ٻج پوکيا. اهڙيءَ طرح ٿورن ئي ڏينهن ۾ هڪ ننڍڙو باغ ٺهي پيو. مڪاٽو پنهنجي ان  ننڍڙي سائي باغ کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هو.

مڪاٽو سوچيو ته، ”جيڪڏهن هن خوبصورت سلاد جا ڪي ڇڳا بادشاهه جي خذمت ۾ پيش ڪري سگهان ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي!“

هڪڙي ڏينهن بادشاهه وري هاٿين جي وٿاڻ وٽان لنگهيو. مڪاٽو ته موقعي جي انتظار ۾ هو. سو هڪدم گوڏن ڀر جهڪي تازي سلاد جا وڏا وڏا ڇـُڳا هن بادشاهه جي خذمت ۾ پيش ڪيا.

بادشاهه حيران ٿي هن کان پڇيو، ”اهي توکي ڪٿان مليا؟“

مڪاٽو خوشيءَ وچان مرڪندي چيو، ”بادشاهه سلامت! جيڪو پئسو اوهان مون کي بخشيو هو، انهيءَ مان مون ٻج خريد ڪيا ۽ هيءُ سلاد پوکيو.“

 

بادشاهه وري حيران ٿي پڇيو، ”پر ڪيئن؟ هڪ پئسي مان ائين ڪيئن ٿي سگهيو؟“

مڪاٽو بادشاهه کي سڄي ڳالهه ٻڌائي. بادشاهه کي هن ننڍي ڇوڪري جي سياڻپ ۽ محنت ڏاڍي وڻي ۽ هن کي پنهنجي محل ۾ نوڪر ڪري رکيائينس.

مڪاٽو ڪيترن ورهين تائين محل ۾ نوڪري ڪندو رهيو. هاڻي هو هڪ تندرست، سهڻو ۽ هڪ ڊگهو جوان ماڻهو ٿي پيو هو. بادشاهه هن جي حوالي جيڪو به ڪم ڪندو هو، سو هو ڏاڍيءَ محنت ۽ سليقي سان ڪندو هو. بادشاهه هن تي ڀروسو ڪرڻ لڳو ۽ هن کي وڏي ۾ وڏو عهدو ملندو ويو. نيٺ هن کي ”کن وانگ“ جو لقب مليو، جنهن جو مطلب هيءُ هو ته هو بادشاهه جي درٻار ۾ وڏي اثر وارو ماڻهو آهي. بادشاهه هن مان ايترو خوش هو جو هن سان پنهنجي سهڻي ڌيءَ جي شادي به ڪيائين. پوءِ بادشاهه هن کي مون  شهر جو حاڪم به مقرر ڪيو.

مون شهر جو اهوئي يتيم ٻار، جنهن جو دنيا ۾ ڪو به ڪو نه هو، سو پنهنجيءَ محنت ۽ قابليت جي ڪري اتي جو حاڪم ٿي ويو.

_________

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org