سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: جنگناما

باب: 7

صفحو :24

 

باب ستون

ٽالپورن جي دؤر ۾ سنڌ جي لشڪر جون ٻاهرين حملي ڪندڙن سان جنگيون

1. مير فتح علي خان جي تيمور شاه جي ڪابلي لشڪر تي چڙهائي

        مير فتح علي خان، ميرن جي پهرين چؤياري جو مشهور حڪمران هو. هن سن 1812ع ۾ وفات ڪئي. سندس وقت ۾ افغانستان طرفان تيمور شاهه جي وقت ۾ سنڌ تي حملو ٿي ٿيو. مير صاحب فتح علي خان پاڻ مقابلي لاءِ لشڪر سنباهي چڙهيو. سندس حملي سان افغان ڀڳا ۽ ڪي سڌا ڪابل (افغانستان) ڏانهن ته ڪي  سڌا ڪابل (افغانستان) ڏانهن ته ڪي ”ناڙي“ (بلوچستان) واري گس سان ويا. جنهن جو احوال شاعر سهراب فقير  چارڻ(1) پنهنجن هيٺين بيتن ۾ ڏنو آهي.

ڌان ڌان منجهه دريا ِّ، جيئن ڪـُـن بيٺو ڪڙڪا ڪري
تئن فائق مير فتح علي چڙهيو، جنهن لس لپيٽيا لاه
سو پهرايو پيرن ني، سخي شاهنشاه
سچا هئا سهراب چوي تنهن جا اڪابر اُمراه
تنهن رڪ راوت ريلي هنيا سورهيه ساڻ سپاه
اڳيئون گهوڙا گهوڙن کؤن ڀڳا، ٽان ٽان ڪري ٽاه
ڪي پسي تؤ ترار جو رليا مٿي راه
ڪي ويا ڪهندا ڪابول ڏي، ڪن کي ناڙيءَ ڏانهن نگاه
اها خبر آگاه، وڃي ترت رسي تيمور کي.
---

گجي گاج گروڙ، جيئن ڪڙڪو ڪڪر ۾ ڪري
جيئن وڏ ڦڙو واڪا ڪري، جهان جهان جهور جهڪور
تيئن پيلي پٺاڻن کي ڪيائين ڪور ڪڪور
سي گاه ڇـِـنيـُـون ڪن وات ۾، جيئن کائن ڍڳا ڍور
اهـــــي زوراور جــــا زور، وڃـــي تـــــرت رسيا تيمور کــــي.

 

2. اُتمين واريون جنگيون

        ارڙهين صدي عيسوي جي آخر ۾ سنڌ جي ڪناري تي خصوصا= سونمياڻي، ماريپور ۽ ڪراچي بندر تي سامونڊي ڦورن حملا ڪيا، ماڻهو ماريا ۽ ڦريون ڪيون. اهي حملا اوچتا ٿيندا هئا ۽ انهن حملي ڪندڙن کي ”اُتومي“ يا ”اُتمي“ سڏيو ويو، يعني ته جيڪي اوچتو اچي مٿان ڪڙڪن. اهڙن ٽن حملن جون روايتون اسان چکري (ڪراچي)، وٽيجي ۽ ميرپور ساڪري طرف حاجي محمد سوڍي بگهياڙ (ڪرمتي بلوچ) جي ڳوٺ ڪيل ڪچهرين ۾ قلمبند ڪيون جيڪي هيٺ ڏجن ٿيون.

سون مياڻي تي اُتمين جو حملو

        ڄام مير خان اول جي اوائل عهد حڪومت (76 - 1784) ۾ مسقط جي علائقي راسل چشمه جي هنڌ جا رهندر اُتمي ٻيڙين ۾ سامونڊي رستي سان اچي، سونمياڻي تي حملو ڪري آيا. شهر کي لــُـٽ مار ڪري آخر ۾ باهه ڏيئي ساڙي، راتو رات ٻيڙين ۾ سوار ٿي هليا ويا. وقت جو نائب ٻوٽو ڄاموٽ شهر ڇڏي ڀڄي ويو. عمر رسيده ماڻهو هو، جنهن جي نسبت پارپيي رونجهي هيٺيون بيت چيو:

ٻوٽا هئوءِ ٻنگ، مرڻ جو مياڻي تي
هـَـنيوءِ ڪين هڻندڙن کي ڏمر منجهان ڏنگ
پڪو هو پار پيو چوي ثابت توجو سنگ
هاڻ نهاري اهڙو ننگ، ڪڏهن لهندين ڪونه ڪو.

        انهيءَ حملي وقت ڄام مير خان موصوف صغير هو. پر پوءِ خيلفي حاجي صوڀي ٻـُـري جي سرڪردگيءَ ۾ هتان ٻيڙين جو لشڪر ويو جيڪو وڃي بدلو وٺي آيو.

ماريپور لڳ اُتمين جو حملو(1)

        ڀـَـوا يا ڀئـُـوئا، هديه بلوچ آهن. اصل مڪران طرف جا ويٺل هئا، جتان سندن وڏو ”شالو“ ڀئوئو سنڌ ۾ آيو، جنهن منجهان ڀئوئن جو راڄ ٿيو، جيڪي داٻيچي ۽ وَٽيجي واري ڀيڻي تي رهيا. ”اُتمين“ ماريپور وٽان حملو ڪيو، جنهن ۾ ڦـُـر کان پوءِ مـَـلڪَ جـَـڙي ۽ ٻين کي جهلي ٻيڙين ۾ نظربند ڪيائون. پوءِ هتان ”جڙَ جولڻ“ ڀوئو لشڪر سان چڙهيو، جيڪو ٻن قبيلن ڀـَـئـُـوئن ۽ زنگياڻين جو گڏيل لشڪر هو، تنهن وڃي باقي بچيل ٻيڙين جا واجهه وڍيا، ۽ قيد ٿيل ماڻهو ڇڏايا.

”آيو جڙ جولڻ، ڍُري گهاءَ بازن“

        (”جڙ جولڻ“ بازن وانگر لـُـوهه ڏيئي مٿان آيو) پر جيڪي ٻيڙيون روانيون ٿي چڪيون هيون، مـَـلـَـڪَ جڙو انهن ۾ هو، جنهن کي کڻي ويا.

ڪراچي بندر تي اُتمين جو حملو(1)

        سن 1794ع کان وٺي ڪڇ ڪاٺياواڙ جي واگهر قوم آزار مچائي ڏنو هو. هي ڪيترا سال سمنڊ جي ڪناري تي، ڌاڙاهڻندا، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جي شهرن ۾ ڦرلٽ ڪندا رهيا. آخرڪار ٻيڙين ۾ چڙهي سامونڊي ٻيڙن ۽ جهازن تي به ڦرلٽ ڪرڻ لڳا. سمنڊ ۾ جيڪو ٿي جهاز هٿ لڳن سو ٿي ڦريائون.

        مير غلام علي خان جي ڏينهن 1217 - 1227هه (1802 - 1812ع) ۾ ڪراچي بندر تي حملو ڪيائون. سنڌ ۾ انهن ڌاڙيلن کي ”اُتمي“ يا ”اُتومي“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. اُتمين جي حملي جي خبر ڄام مهر علي جوکيي ۽ الهرکيي لوهار کي ملي، جيڪي ان وقت ڪراچي ۾ ميرن طرفان نواب ۽ محافظ مقرر ٿيل هئا، تن ماڻهو گڏ ڪري، ٻيڙين ۾ چاڙهي ”اُتمين“ سان مقابلي لاءِ تيار ٿيا.

        ساڳئي وقت ڪرمتين ۽ گبولن ڏانهن به حڪم آيو ته: وڃي ڪراچي بچايو. ڄام مهر علي جوکيي ۽ الهرکيي لوهار ٻه ٻيڙيون تيار ڪيون ۽ ڪرمتين ۽ گبولن هڪ ٻيڙي. هن طرف وارن وٽ ٽي ٻيڙيون هيون ۽ هن طرف وارن وٽ ٻارهن ٻيڙيون هيون. انهيءَ تي ڄام مهر علي، الهرکيي نواب واريون ٻه ٻيڙيون پوئتي موٽيون. باقي هڪ ٻيڙي جنهن ۾ مير نوتڪ، سمڙي ۽ ٻيا جملي سٺ مڙس هئا، سا مقابلي لاءِ هلي. هنن مڙسن واگهرين سان وڙهي سر ڏنا.

        ڪراچي کي ان وقت ”دَڙٻو“ چوندا هئا. رکيي لوهار اُتمين کي ڏسي چيو ته: ڊپ کان منهنجي ڏاڙهي جا وار به پيا ڏڪن، تنهنڪري آءٌ موٽي ٿو وڃان. نوتڪ ملڪن جي طرفان ۽ دريا خان جوکين جي طرفان هن جنگ ۾ شامل هئا. نوتڪ اهو ساڳيو جيڪو راڻي ارجن واري جنگ ۾ بجار جوکيي سان شامل هو. ٻيڙيون اڳتي وڌيون ته رکيي لوهار پوئتي موٽڻ لاءِ ٻيڙيءَ جو ساڳو ڪپيو. انهي ٻيڙيءَ ۾ سانيون گبول به چڙهيل هو. تنهن جڏهن ٻيڙي موٽندي ڏٺي، تڏهن ترار وات ۾ ڪري سمنڊ ۾ ٽپي پيو، پر نوتڪ واري ٻيڙي تي ڪونه پهتو ۽ وچ ۾ ئي ٻڏي ويو.

”ڪري ترار وات ۾ آيو تک مان تري جيئن
ته هوند ڪيائين ايئن، جيئن ڪن دودا ديمين وچ ۾“.
---

        سـَـمـُـڙي نوتڪ واري ٻيڙٽي ۾ هو سو وڙهيو. ڄام مهر عالي جي ماڻهن واري ٻيڙي پوئتي موٽي. ڄام انهن کي ڏٺو پر وڌي هنن کي جنگ ڏيڻ لاءِ ڪونه موٽايائين، تنهن تي مٿس ميار آئي ۽ ڪنهن چيو ته:

وڌي وٽ نه جهلي تو، مهمت مهر عالي
جڏو ٽون ٿي وراهيون، تڏ تون کس وئين خالي.
---

لکي خط لنگهائيو، ڪو ٽالپر ٽيليدار

ته هلي ويهه ڪراچي جي ڪوٽ ۾ مـَـلڪ مڻيادار(1)
ڪيهر! اوهان تي ڪوٽ جو مانجهيا آهه مدار
(2)
ڏيئي ڪاتي ڪيهر کي، ڪيائون نوابي نروار
(3)
وَلهي سيٺ گهرائيو آءُ تون پـُـرتوس تيڏي وار
(4)
مـُـنهندائي پـُـرتوس جا، ڪنهن ڀت پاٺيان پار
(5)
ڪـُـنجون ڪرف هٿ انهيءَ جي، وير ڏنا وينجهار(1)
دُوسي ويٺا درين تي، ڪيائون ٺـُـلهين تي ٺهڪار
ساهـُـو گهڻو سونهڻا، جن جي ڏاڙهين ڀنڀا وار
ڪمر ڪاتيون ورنـه پاتيون، آيا تيڳ کڻي تلوار
دولهه دنگين ۾ چڙهيا، ڌرئان ڌاروڌار
عهدي ”الڀيت“ سين، آهن منهن ڪارا مردار(2)
تن جي تاب تڙيين تي، ٿا چور ڦرن چوڌار.
---
سـَـمـُـڙي نوتڪ مير سين چڙهيا جنگ مٿي هي جوان
ڪيائون اُگهٽ ”کاري در“ سين، بيٺا سڱ اڙائي سان
تن جا ماڙي چڙهيو مشاهدا، ڏٺا جڳ جهان
اُتميين جي ”الهداد“ چئي وڃان قصي تان قربان(3)
---
ڇنا ڇيڙا ڀڳا ٻيڙا، لـُـچي ساڻ لوهار(4)
ڀـُـونڊا ڏين ڀڄندڙن کي، سيٺيون شاهوڪار
پائي پاند مٿي تان، آيو لشڪر ساڻ لوهار
ٻگهيو ٻجهي ڪينڪي، جنهن ۾ لک لغار(5)
ڌُوڻيا ڏَنوٽ دُکان تي، وڃي عادت ڪر اڱار(6)
موٽيو مهر عاليءَ تي ٿا ماڻهو ڪن ميار
عذر انهيءَ ڳالهه جو، آءٌ ڏيان ڪهڙو يار
مري مرندو سڀڪو، هوءِ ٿيا سرها منجهه سنسار.
---
راوت پٽ رحميداد جو، هو غلام علي گلدار
سو ڀڙ ڀيري ڇڏيو، تهدل تيڏي وار(1)
ته تون آهين وزير وڏيرن جو، اسان تي مانجهي ڪندا ميار
آءُ موڪلائي تون پنهنجي ڪنان سردار
سو عذور لاهي آئيو، تيڳ کڻي تلوار(2)
گڏيو ڀڙ ڀائرين کي، ٿو ڪري هٿ هٿيار.
---

الله جل جلاله، الله ئي توهار
ٻهڳڻ چڙهيا ٻيڙيءَ ۾ سامان کڻي سردار
نوتڪ وڏا ناڏ ڪيا ته اسان جي رهاڻ جا اُڀي پسج پار
رکيي چيو: آءٌ ڪيئن بيهان، منهنجا ڏڪن ڏارهي وار(3)
دريا خان جوکيو درماندو ٿيو، جنهن ٻيلي ساريا ٻار
هڪڙي هئي ڪڙڪڙ نارين جي، ٻي دمامين ڌڌڪار
هيڏانهن به ليکو هو ڪونه ڪو، هوڏانهن به هئا هزار
هڪڙا رکيائين درزي دڪانن جا، ٻيا سـُـوئين جا سگنهار
لعنت هوءِ لوهار، ڪهڙو مـُـنهن کڻيو موٽيو وڃين.
---
رکيا ڀڄ مَ رهاڻ مان جئن ٿي تڪبر ڪياءِ لوهار(4)
ڪڏهن مرندين ڪينڪي، جي هوندئي ڏينهن ڪنا ڏاتار.
---
لائق ڳالهه لڄ جي، نوتڪ خان نهاري
تنهن سينهن سونهري دست ڪري، هئي مڙد چڱي ماري
تنهن پنجاهيي پاري جا، هتان ڪري هليو.
---
خان کٽن جو هيرئون جڏهن دولهه ٿئڙو ڌَر
سنهون، سهڻو سـُـپتيو، هو نڪ ڪـُـنڍي سان نـَـر
ڦڙڪي فوجين مهند ۾ ٿو شير سندو شهپر
تنهن ارڏي، الهداد چئي، آ ڪيهر جيڏو ڪر
ناڀون پايو نر، بيٺو هڻي دست دماڪ سين.
---

هڻي دست دماڪ سين، ڪاوڙ ساڻ ڪنڌير
محمد پوٽي مير کي ڀڙ جو ڏاڍو ڀير
ارڏي الهداد چئي جڏ پڙ ۾ کوڙيو پير
جر تي جيشمـَـيـنِ جا ڍونڍ ڪيائين ڍير
مر سڻي جيسرمير، ته ڪرمتين ڪيڏي ڪي.
---
نوتڪ ٿيو نروار، بيٺو سيف سٽي
اتمين جا الهداد چئي بيٺو ڪنڌ ڪٽي
ورنهه ونگ وٽي، هوننگ ڀريو ناموسيو.
---
اهڙي ڪنهن نه ڪي، جهڙي نوتڪ مير ڪئي
جيئن سانوڻ دريا سڙڪا ڪري، رکي ڀٽن تي ڀڙڪي
(1)
تيئن ميرل مٿير آئيو، سمونڊ تان سڙڪي
(2)
اتمين ۾ الهداد چئي، تنهن شير وڌي سٽڪي
لهرين ۾ لٽڪي، هولال لهو وچ لال ٿيو.
---
محمد پوٽي مرد جي هئي سڀت ڳالهه سچي
جوان ته ويلي جنگ جي، بيٺو مرد مچي
تنهن جو رُخ اڳي هو رڪ تي، ٻي تان پيس پوک پچي.
---
سائيننو مصري ڪري وات ۾ تک مان تري آيو تيئن
جنهن ڪيو اچڻ سان انصاف ائين، سو ڪر پيو دودو ديمين ۾.
---

        مٿين ٽن جنگين کان سواءِ شايد ڪي ٻيا معرڪا ۽ مقابلا پڻ ٿيا جن ۾ لاشاري وڙهيا. گهوڙا ٻاري طرف به شايد ڪو ”اتمين“ جو حملو ٿيو جنهن جي ياد هيٺيون بيت آهي، جيڪو هن پوئين ويجهي دور جي سگهڙ جمال خان منڌير لاشاري چيو(1)  منڌير لاشارين جو آڳاٽو ڳوٺ ”ٻن“ آهي جيڪو تعلقي گهوڙاٻاري جي ”ٻيلي“ ۾ آهي.

گــَـجي آيون گـِـياليون جن ۾ هئا هزار
دارون وڏو دونهون ڪيو، سـَـٽيا سيهي يار
ڪيا پيالا پڌرا عارب اَجهيدار
ڪوڀي قادرني کي آيو نه اختيار
شاهي وڏا شـِـتـَــم ڪيا، جنهن جي پاٿاريين پچار
جنت ۾ جمال خان چئي جايون تنهن جهونجهار
ست ماري آيو سيج تي مانجهي هو منٺار

 

        ”گياليون“ يعني ٻيڙيون (واحد. گيالي) حملو ڪري آيون. حملي ڪندڙن وٽ بندوقون هيون، جن جي (سيهي جي) گولين گهڻا مڙس گهايا ۽ ماريا. عارب خان لاشاري هتان جو اڳواڻ هو. ”شاهي“ به ان جنگ ۾ وڏي همت ڪئي ۽ دشمن جا ست ڄڻا ماري پوءِ پاڻ مئو. قادرڏنو وڏو بهادر هو، پر ان کي ڪو مونجهارو ٿيو يا وقت سر جنگ ۾ پهچي نه سگهيو.

اتمين جو درياءَ ۾ اچڻ

        هڪ ڀيري اُتمي ٻاهران سمنڊ مان اندر درياهن ۾ آيا، ۽ بگهياڙ درياءَ جي ڇـَـڇ، يعني ”ڇڇ عاقيل“ ۾ پهتا. پوءِ ڪرمتين انهن تي حملو ڪيو ۽ هو ٻيڙيون هاڪاري پوئتي ڀڄي روانا ٿيا.

---------


(1)  سهراب فقير چارڻ، ڦلجي (دادو) وارن چارڻن مان وڏو سڄاڻ هو. مير فتح علي خان ٽالپر واري وقت ۾ جيئرو هو. ميان دين محمد چارڻ (شهر دادو) سان ڪيل ڪچهريءَ دوران هي بيت مليا.

(1) راوي مرحوم حاجي ڪـَـرمي ويٺل وٽيجي. حاجي ڪرميءَ چيو ته اسان جو وڏو ڏاڏو ڪنڊو پٽ سوڃو پٽ شالو هو.

(1)  هن جنگ جي خبر هيٺين سگهڙن کان ملي: (1) روايت ڀرئو خان گبول ويٺل چکرو، ڪراچي (2) سگهڙ کيئا خان (3) حاجي ڪرمي ڀئوئو (4) سگهڙ حمزو جوکيو ۽ (5) سگهڙ هاشم گڊرو.

(1)  ملڪ ابراهيم ڪرمتي.

(2) ڪيهر = اي ڪيهر شينهن.

(3)  گبولن ڪيهر ماري نوابي ورتي هئي.

(4)  وَلهو = ڪراچي جو وڏو سکيو سيٺ.

(5)  پرتوس = بلوچ، چيائين ته: ڪراچي جي نوابي توهان جي آهي.

(1)  پاٺڻ (پاٺيان) = ڳائڻ.

(2)  ”الڀيت اتمين جو اڳواڻ هو جنهن سان ٻيا وڏا پهلوان (عهدي) شامل هئا.

(3)  اتميين = ڪاه ڪندڙ اتمي.

(4)  لوهار = الهرکيو لوهار.

(5)  لوهار سان گڏ ٻيو ٻگهيو هو.

(6)  ڌوڻي = کل - ڌمڻ يا ڌَوَڻَ.

(1)  ڀيري ڇڏڻ = ورائي ڇڏڻ.

(2)  عذور لاهي آيو = موڪلائي آيو. راوي ڀرئي خان چيو ته اهي بيت گهڻا هئا پر مون کي وسري ويا.

(3)  رکيو لوهار

(4)  مردن جي جنگ لڳندي هڪلن واري رهاڻ.

(1)  درياهه = سمنڊ.

(2)  ميرل = ساهيون گبول. سڙڪي = تري.

(1)  جمال خان مـُـنڌير لاشارين جي مورياڻي پاڙي مان هو. گذريل صدي (19-صدي عيسوي) ۾ ٿي گذريو ۽ سن 1900ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس ڀائٽيي سگهڙ طاهر محمد مورياڻي هي بيت اسان کي الله بچائي خان جلباڻي جي ڳوٺ (تعلقو گهوڙا ٻاري) ۾ 13 - 14 آگسٽ 1962ع تي ڪيل ڪچهرين ۾ ٻڌايو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org