سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: جنگناما

باب: 10

صفحو :43

 

باب ڏهون

انگريزن جي دور جا جهيڙا ۽ مقابلا

1. نومڙين ۽ جوکين جي جنگ

        نومڙين ۽ ”آري پوٽن“ جوکين جي هيءَ جنگ اندازاَ 65-1870ع ڌاري لڳي. نومڙين جو ”آري پوٽن“ جوکين تي ڪو وير بيٺل هو، سو وير وٺڻ لاءِ حملو ڪيائون. جوکين جو ”ڀنڊ“ پاڙو، آري پوٽن سان انهيءَ حملي ۾ نه بيٺو. ”بنديچا“ جوکيا، آري پوٽن سان ڀيڙا ٿيا. مقابلي ۾ تراريون هليون ته جوکيا اُٺين جي هيٺان ۽ پويان وڃي لڪا. پوءِ حمزائي جوکيو جيڪو همت وارو مڙس هو سو هڪل ڪري ميدان ۾ آيو، تڏهن ٻيا جوکيا به اچي وڙهيا. پنهورن جو ڌرار سچيڏنو زنگياڻي ٻروچ اتي آيو ته ڪنهن بنديچي جوکيي هن کي ناحق ماري وڌو. اُن کي اُتي ئي ڍڪيائون. جوکين جو مرشد ڪڙيو شيخ، تنهن کي جنگ جي خبر پئي ته اهو بنان سنجن گهوڙي تي سوار ٿي، سج لٿي مدد لاءِ اچي پهتو.

        هن جنگ جو احوال براهم منڊي حمراڻي براهماڻي ڪرمتي بلوچ پنهنجي هيٺئين بيت ۾ بيان ڪيو آهي.

الله جل جلاله، الله توهارو
جيئن جنهين کي لکيو، صحيح پاڙيندا سو
پاٿاري ”آري پوٽي“ جي، هُئين ڀنڊ ڀيڙو(1)
کڻي کُر کِسِي وتين، پيراڻا پيرو(2)
بادل جو، براهم چئي، ڪئڙوءِ منهن ميرو
(3)
اوباهي پنهنجي اُٺين تان، جهليو ڍٻ ڍيرو
هڪڙا پيهي ٿيا پُٺئين هيٺ، ٻين کي ٿيو وڳ ويرو
لاکو پنهنجي لـڄ تان، ڏئي ٿو پانهون نه پيرو(1)
”آري“ تو نه اُجاريو، ڪري دل ديرو(2)
واگهه واڍوڙي هليا، ڪري مٿي ڀِڙَ ڀيڙو
هڪل ڪري حمزائي اُٿيو، ڪو اڳيئون اربيلو(3)
هڪل ڪري حمزائي اُٿيو، ڪو سورهيه سويلو
چئي: ”ڪؤڙ هُئڙان ڪاڏي وَيسي“ جي آئيون اويلو(4)
لڄون لوٽيون جن جون، تن کي سور جاڳي ويو سو
ڪاڇائيءَ گبول سين، وڃي حاجي هٿين پيو
تنهن کي مٿي تان، منڊو چئي، ڪو بَنِي بانٺو ويو
سرواهين شُتم سين، ان کي ڇَڙهي ڇُوتا ڪيو(5)
سو ناحق ماريو ننگ تي، نيائين گنج شهيدي گو
ڪن جون بٺيون وڃن بود ٿي، ڪن جو پاڻي اگهيو پوءِ
بنديچا، براهم چئي، ڪنانءِ قضيو ٿيو(6)
زنگياڻي جي زهر جو پيتوءِ پيالو
سچيڏنو شُتم سين، جيسين وير ورائي نه ويو(7)
تانسين آڌيءَ کيندين اُڊڪا، صبوح سويلو
جئن چاڪر رکي چت ۾، عارب وير ورائي ويو(8)
تان ڪو اُدُر (عذر) اني کي، تون ڪهڙو پلئه ڇڪيندين پوءِ
”باگي“ برحال ڳالهڙي، ته مڙهه نه منزل ڪو(1)
”سومي“ سَرهي ڳالهڙي، ته هي مَر امانت هوءِ(2)
جيڪي هوندس جيئرا، سي پاڻهي ڪڍندس پوءِ
هڪ پاڏا پنهوارن جا، ٿين جهڻ جهلوءِ
---
”ڌَنا“ ڌوتي ڏيهه ۾، چؤڪس بيٺي چوءِ:
ته پت نه رهندي پارپيا، ٿو احمد ائين چوءِ
وير پاڻ تي پرائو آهي، لاڄو لَنبين جو(3)
اَجهو آسڻ اوهان جو، مٿان تڏو تپي پوءِ
چو وَٽ ۾ چاڪر جي، اڳي گانڊو گودڙ هو(4)
ڏاڙهي جا ڏيوَڙي تنهنجي، سُکيي سمجهه پوءِ
هيڪڙا آهن مـَٿِـئه بِـلا باراڻين جا، ٻيو آهين قرضي ڪَـرمت جو
آڪڙ رک مَ ان سين، تون هل گذر غاريبو
تان ڪو تڳين ڏينهڙو، تون ڪڍي وچان ڪو
وجهين جوڳ جبل ۾، ڳاڱين ڳاري ڪو
ڪِيڙين کائي ڪارڙين، توتي آهي آهُر اڏوهي ڪيو(5)
جيئن ماه پچي مِـيئَه، تيئن تنهنجو سيخين سڙي ساهه پيو(6)
اوءِ تان ولن ساريون، ڪڻڪن ڪاريون، ان جون ڀليون ڀڻڪن ڀوءِ(7)
مِيران جي مَنهَن سين، کَر کنهَي سو(1)
اُلٿي جو اولاڻيءَ تي، ڪڙيو ڪاهي پيو
ملاڻي مجليس سين، اهي دعاگي دنگن جو
ڪلمو جو چوندو، هوندو سو ايمان سين.

------

2. گبولن ۽ ٻـُـرن جو مقابلو(1)

        انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ته ماڻهن ۾ ڀاڄ پئي. ملير جا خوجا ۽ ميمڻ، گبولن جي راڄ سان گڏجي، حب ندي جي پراڙ لاکيڻي لڪ تي وڃي ويٺا. آخر جڏهن ملڪ ۾ اَمن ٿيو تڏهن ميمڻن، گبولن کي چيو ته هاڻي اسان کي پنهنجي مـُـلڪ پهچايو. پوءِ انهن جو قافلو نڪتو ۽ گبول ساڻن ساٿي ٿي نڪتا، جن مان بچو وڏو ۽ بچو ننڍو (ٻئي پاڙو نوتاڻي، پاڻ ۾ ماسات هئا) وڏا پهلوان هئا. واٽ تي ٻـُـرا ساٿ ڦرڻ لاءِ سامهان ٿيا، تڏهن ميمڻن مان ڪنهن چيو ته اسين سيد آهيون، انهي تي ٻـُـرا مـُـڙي ويا. پر ٻرن چيو ته بکيا آهيون ماني هجيوَ ته ڏيو. هنن ماني ڏني جا ٻـُـرا وٺي پنڌ پيا. ان وقت بچو وڏو جو شڪار سانگي نڪري ويو هو سو به اچي سهڙيو. حقيقت معلوم ڪري چيائين ته: مري پوءِ آڻ مڃينداسون. چوندا ته مڙس سڄي ساٿ مان مانيون ڦري ويا، سو مانيون ٻُرن کان کسي کڻي ٻڌائين. ٻُرا روانا ٿيا پر اڳتي هلي اُٿلي پيا، جو چيائون ته: مڙسن کان آندل مانيون ڦري ورتائون. هڪ ٻُرو جوان مڙس اڳتي وڌي آيو، هتان بچي وڏي بندوق سَڃي. پر هو مڙس ڪڏندو، ور ڪندو، وڌندو آيو. نيٺ بچي وڏي بندوق هنيس ته وڃي ڪريو. اتي وري جو ٻُرن بندوقون ڇوڙيون سو بچو به وڃي ڪريو. اتي ننڍي بچي جُلهه ڪئي پر ماين ورائي کڻي جهليس، تنهن جي هڪل پئي پوي ته ”هڻ ڙي بچا هڻ“. ننڍي بچي کي مايون جهليو بيٺيون هيون جو هڪ ٻُري وڌي اچي ترار هنيس، جنهن چيلهه وٽان کڻي ڇڏيس. ٻُرا پوءِ پنهنجو مڙس کڻي هليا ويا.

        گهڻي وقت بعد ٻُرا گڏجي ميڙ ڪري پپريءَ ۾ ملوڪ خان گبول وٽ خون بخشائڻ آيا. تنهن چين ته: اوهين ڌراڙ آيا آهيو ۽ اوهان جو وڏو ڪونه آيو آهي. پر اوهين وري به وڃو ملڪ ابراهيم وٽ. هو اُتي ويا ته ملڪ به ساڳيو جواب ڏنو ۽ چيائين ته: انگريزن جي وقت تائين اسين ڪونه ٿا ڪُڇون، باقي خون اوهان تي آهي، جنهن جو پاڻهين حساب وٺنداسون.

        شاعر جعفر گبول پاڙو نوتاڻي ويٺل لياري ۽ حب ندي جي وچ تي، هن مقابلي جو بيان پنهنجن بيتن ۾ ڪيو، جن مان ڪن جا ٽاڻا هن طرح آهن.

1.      ڪياسون ڀيڙا ڪراچي تي خوجا ميمڻ واپاري
تن کي ڏناسين لاکيڻا لانچائي، ٻئي شير شڪاري(1)
قضا ڪلتاري، جو اچي ماريا مڙس مياڇ ۾(2).

 

2.      ماريا مڙس مياڇ ۾ نرمل نوتاڻي
جُڙي جنگ، جعفر چئي، ڪو سنگتي نه هئن ساڻي
نه ته ٻُرين ۾، ٻروچ چوءِ، هوند گهوٽين وڌي گهاڻي
اها هُينِ اُهڃاڻي، ”هڻ هڻ“ وائي وات ۾.

 

3.      لاکيڻي لَڪ تان اچي بچي ڀريو بار
سو مَيا مُهاري هليو، توڏا ڪري تيار
سر ڏيڻ، سرڻيون جهلڻ، اهي پنجاهيين جا پار
ڏيئي سر ڏاتار، تون ملڪ ۾ مشهور ٿئين.

 

4.      ملڪ ۾ مشهور ٿئين، آڙٻنگ آنگيرا
ٻُرين جا ٻروچ چوءِ، تو ٿي دٻايا ديرا
هو جا واهه چون ويرا، سا نر توکي نصيب ٿي.

------

3. گبولن ۽ گڊرن جو مقابلو(1)

        ملير طرف مباڪاڻي (هاڻي) علياڻي گبول، جن جو وڏو حاجي نالي هو. انهن جو گڊرو ”ملير“ نالي سو به ڏاڍو مڙس ساماڻو. سندس پٽ نِدو به همت وارو هو. انهيءَ ڪري ملير گڊري، گبولن جي غرض ڪانه ٿي ڪڍي. گبولن جي پاڏي گڊرن جي مينهن ڦِري، جنهن تي ”ملير“ مينهن کي ونگ وجهائي مُٽ سورائي ڇڏيو(2) . گبولن ڏٺو ته مڙس جي مٿي ۾ واءَ آهي، سو حاجي ۽ ٻيا جملي ست همت ڀريا مڙس نڪتا ۽ ملير جون مينهون ڪڍي ڪاهي هليا.

        صبح جو نِدي پيءُ کي چيو ته: زالن جي پيرن جهڙا ننڍڙا پير مڙسن جا، تن اچي مينهيون ڪڍيون آهن. اتي ملير چيس ته: ڀُل مَ! هنن جو هڪڙو پير رڪيب ۾ ته ٻيو کٽ تي آهي. اهي ملير جا مور آهن ۽ گڏيي خبرون پونديون.

        پوءِ ملير گڊرو ۽ ٻيا ست مڙس چونڊ واهر لاءِ پويان نڪتا. وٽيجي ۽ پپري جي ڍوري جي وچ ڌاري شاهه حسڻ جي سامهون کاري جو ڍورو، اُتي مڙسن کي وڃي گڏيا. ڏٺائون ته عيدو گڊرو مينهن سان بيٺو هو ۽ گبول ستا پيا هئا. عيدو کان پڇيائون، تڏهن چيائين ته: اول مون سين وڙهي پوءِ اڳتي وڌو. پوءِ ان کي ماريائون. پوءِ ٻنهين طرفان ست ئي مڙس، هڪ ٻئي کي مَٽ مَٽين کي سامهان ٿيا ۽ ٻولائي وڙهيا.

وڃيو مير ملير مان، حاجي مينهون ڪاهي
جن مينهن مان منگهيون ڏڌُيون، تن ساريون ٿي سعيي
پيئن پرهه جو پير تي چـُـريا گڊرا رَند رمائي
(3)
پُٽ نِـدو پيءُ ملير، مليو ڳائوٺي ڳالهائي:
”ابا! متان وڃن مينهيون ڪنڍيون ڪُرکي ڪچولائي
سر ڏينداسين سوڀ ٿيندي، جيئڻ جان ڪي آهي،
اچي پهتا پنهنجين کي حيلا هٺ هلائي
اول گڏين اڳ ۾ عيدو شير اٺائي
عيدو اورانگهي هليا موٽي مردن ڏي
اڳيان گهِانج، سَهـَتڪ، براهم، پُرتوس، ميرل، حاجي آهي
ڪڍياَ کڳ کـِـپن مان تن ڇڳيرن ڇڻڪائي
سورهيه ٿئڙاَ سمهين ٻروچ مصريون مرڪائي
براهم نِدو گڏ ٿئا ٻئي تَراڙيِن تاکي
بهرين پيل پُچنڊي اچي ندي ناڏ ڪري
سا خان جهلي هئي کيڙي ۾ خانيري کُـهٽي
نهنگ ندو ماريو سو ڪونئر وڌائون ڪيري
حسين گڊرو هلي چُريو ٿيو لنڊين جي ليکي
(1)
لڪي جئن ڪانگ لين ۾ ٿو ڪليلُ ڪوڪائي
(2)
وجهو ٻانهين ٻروچ کي هاڻي چؤرنگ چيرائي
گهگهو وجهوس گوجرو ٻي چني چٽرائي
”ملير“ ميهي سانهه جئن آيو هاٿِنگُ حاجيءَ ڏي
سانهن سڱ اڙائيا، وڙهن واري تي
مانجهي ”ملير“ مهٽيو وڌئين گڊرو راهه ڪري.

------

4. سڪڻ نئن لڳ لٺين واري لڙائي(1)

        انگريزن جو دور هو. وَسوُن ٿيون ته ڀَوا ٻروچ ويٺل گهگهر جا، سي سانگ سان لڏي اچي سڪڻ نئن(2)  تي ويٺا، جتي ٻئي مال سان گڏ سندن گهوڙيون به ڇيڪ پيون چرنديون هيون. جوکين مان ڪي ڏنگا مڙس هئا، سي گهوڙيون ڪاهي ويا. ڀوَن جو چڱو مڙس ڪرڦل ڀوَو هو، سو ٻارهن مڙس ساڻ ڪري گهوڙيون ورائڻ نڪتو. ساڻس قادو گبول، ملهوغ، موليڏنو، حاجي درياهي، سکيو منداڻي، شيرخان، جلاب، حمر، ڀنڀو، عمر، عالي ۽ ڪَرڦل جماڻي (ڪاڻو) گڏ هئا. رَند (پيرو) کڻي ملير جي نئن ڏانهن روانا ٿيا. هڪ هنڌ جبل جي بُـٺي تي چڙهي ڏٺائون ته گهوڙين تي وڃي نطر پين. ان وقت گهوڙين سان رڳو ٻه مڙس چاري هئا. واهر ڏسي هڪڙو وڻن جي آڏ ڏيئي نڪري ويو، باقي ٻئي کي جهلي وڌائون. اتي جوکين جي ”مهمت“ پاڙي مان عيسو وڏيرو لنگهي آيو ۽ ٻروچن کي چيائين ته: اها ميار مون تي، باقي هي ننڍو آهي، هن کان ٿي، هن کي ڇڏيو. اتي ڪَرڦل راڄداري ڪري عيسي کي مانُ ڏنو ۽ مڙس کي ڇڏيائون. ان ڏينهن ڄامائي جوکين ۾ شادي هئي. راڄوڻي صلح بعد ڪرڦل ۽ سندس سڄي واهر کي دعوت ڏنائون ته ماني کائي پوءِ وڃو. مڙس وڃي ويٺا ۽ جيستائين هنن ماني کاڌي تيسين پانڌي نالي ٽيڀرن جي پاڙي مان، تنهن ڪرڦل ۽ عيسي جيڪا راڄوڻي ڪئي، تنهن کي ڦٽايو ۽ فتور وڌو، ۽ اها ڳالهه بيهاري ته هنن ٻارهن مڙسن کي سَٽي سولو ڪنداسون ۽ گهوڙيون به نه ڏينداسون. سو وڃي مقابلي لاءِ جهجها مڙس تيار ڪيائون. ٻروچن مان حاجي درياهي کي سُڻس پئجي وئي، تنهن همراهن کي هڪل ڪئي ته مڙس جهيڙي لاءِ گڏ پيا ٿين، اوهين به اٿي سنڀرو. پوءِ هي مڙس به اُٿي پيا. پڙ وارن وڻن جون لٺيون وڍيائون. جيستائين هو مڙس سنڀري آيا تيسين ڪـَرڦل پنهنجي همراهن کي همٿايو ته: مڙس ٿي بيهو، اڄ مرڻ جو ڏينهن آهي. ڏيسر ۽ نور محمد حملاڻي جوکيو گهوڙين تي چڙهي ٻاهران اچي پهتا، تن هنن مڙسن کي ڏسي چيو ته: هنن سان پڄڻ ڀيڻي ڪانهي. پانڌي جن کي جهيڙي لاءِ تيار ڪيو هو، تن کي سمجهايائون پر هو مِڙي مُچ ٿيا، نه مُـڙيا ۽ جُلهه ڪيائون.

        ٻنهين طرفن سڀني مڙسن وٽ لٺيون هيون ۽ هن مقابلي ۾ رڳي لٺبازي ٿي. جوکين جو تڏو هو ۽ جيڪي چڱا هئا سي جهيڙي ۾ نه پيا، باقي چاليهن مڙسن، هنن ٻارهن تيرهن مهمانن تي حملو ڪيو. ملهوغ ۽ ڪرڦل ڀائر هئا. ملهوغ سامهون هڪڙي مڙس کي ٻک وجهي ٿوري وقت لاءِ ڍال ڪري جهليو، ائين جو جيڪا لٺ اچي سا ان کي پئي لڳي. ٻين سڀني مڙسن لٺيون هنيون ۽ ميدان ڪري بيٺا، باقي ٻه ڄڻا ڪرڦل ڪاڻو ۽ عالي جُماڻي لٺين جو تاءُ نه جهلي سگهيا ۽ ڀڳا. پانڌي جي چوريل طرف ٻه ڀيرا جهُلون ڪيون، پر هنن چوويهه مڙس ڪيرائي انهن کي هٽايو ۽ سوڀارا ٿي، گهوڙيون ڪاهي آيا. قائم سُپاڙ هيٺين بيتن ۾ هن مقابلي کي بيان ڪيو آهي. ڏهن مڙسن جي همت کي ساراهيو آهي ۽ ٻه جيڪي ڀڳا تن کي ننديو آهي.

الله جل جلاله، الله ئي توهار
مينهن وٺا، مند ٿي، آيا سانگ لڳي سنگهار
پٽَ سڃاڻيو پانهنجا، هو چارين ٿا چوڌار
ڇوڙي اُني ڇڏيون، گهوڙيون مٿي ڍار
ڪن چنڊن کي چوريءَ جي هئي لب لغار
اچي هِريائون هوتين جون، گهوڙيون منجهان ڍار(1)
صبح جو سونچو ٿيو، ڪي پَوَنگين اِيءَ پچار(1)
سينهن سائينداداڻي سنڀوڙا، ڪري گهوڙيين جي گفتار(2)
ماڻهو تني موڪليو، آءُ تون ڪراڦل قلعيدار(3)
تن سين گڏ جي گبول آئيو، قادو ڪنگڻهار(4)
گبولين جي گهُٽَ جي، هئي پاٿارين پچار(5)
اڳي ”مٺو“ چڙهندو هو ”مل“ تي، کڻيو ڇيل ڇڳار(6)

 

هي پڻ ڪيرائيندا ڪوٽن کي، وجهي ڏوکين ڏار
هن نيئي رند، روانو ڪيو، ملير سامهين مهاڙ(7)
سي خان چڙهيا ”کَر کَري“ تان جان درس ڪيائون ديدار(8)
تان گهوٽين جو گهوڙين تي، وڃي نظر نميو نروار
آڏو اُني چڪاسيو ته آهي ڪٽڪ ڪارونڀار
تڏ هڪ لسو ٿيو لَيُن ڏي، وجهي وڻ وچار
هڪرو مڙس هٿين جهلي، وريا تيڏيءَ وار
اچي پهتا پانهنجين کي، وٺي دُرس دئار(9)
---
عيسو مهمت آئيو، تنهن گويا ڪِي گفتار:
ته هي ريت آهي راڄويَن جي، ناهه صلاح سرڪار(1)
ڇڏيو اوهين ڇوڪر کي، رکو مون تي ميار
تڏ مانُ ڏنائون مهمت کي، ڇڏيائون پرس پچار(2)
تنهن مانيون کارايون مردن کي، کل ڪري کينڪار(3)
پاروئڙو ”پانڌي“ هو، ”ٽيڀر“ ات ٽئونٽيار(4)
تنهن چوري مڙس چڙهايا، حملي لاءِ هيڪار
هڪڙا ويٺا هُني وٽ، ٻين ٿي جنگ جوڙي جنسار
سي سينهن چڙهي سيچاڻين تي، نڪري ٿيا نروار(5)
”سُڪڻ“ اُڪري سنوان ٿيا، ڪي ”بيگائي“ بڇڪار(6)
ڏسندي تنهن ڏيسر کي، پيو دل منجهه ڌڌڪار(7)
”حملاڻي! هوتن ڏانهن تون ”نور محمد“ نهار(8)
واگهه وڏوڙا، سينهن سنڀوڙا، اچن ڪرمتي ڪُر اُجا“(9)
ٺيَپرَندي ٺڪاءَ ٿيو، ڪِي وانجهيڻن وارو وارَ(10)
ڪرڦل ڪسونبو ڪڍيو، ٿي پيالين پچار
پڪون تن پيتيون، هئي مٿي جن مدار
سونو نڪ سڀني منجهه هو ڪرڦل ڪُر اُجار
ڪرڦل تنهن ڪڙهي جي هئي اڙدن منجهه اُپڪار
شيرو جلاب ساريان، هئا جنگ جا جهونجار
هنيو ٽوڙو، لايو جهيڙو، جلاب اوڏي وار
مرڪڻ مٺاڻي، سدا ساڻي، آيو اَيڌ وڏي اُپڪار
سکيي سانگو نه ڪيو ساهه جو، مر ڪورا ٿيئي ڪپار
ڏينهن ڏاڏي جو آهيسين اڄوڪو،مرڻ گهاءُ مزار
قائم چئي، ڪرمتين جا، آءٌ ڪهڙا ڏيان پار
ملوغ ماريون، خوب کاريون، جنهن جو جيءُ نه آيوجار
حمر هنيون چِٽيون چيون جوکيا جاد ڪندا جهونجهار
درياهي هنيون ديمِيَن ۾ جيئن هڻي دودو دعويدار
عمر وڏيون اُڇلون ڪيون، جيئن کرڪي لوڏي لار
موليڏنا، تو جي ڇنا، تن جو جيءُ پيو منجهه جار
گجي گبول آئيو، ڪري گوڙ گرنار
قادو ٿيو واڌو، جنهن ڏنا ور وينجهار
پيءُ ڏاڏي پڌرا، اڳين جا اوجار
تن چوويهه مڙس چڪي ڪيا، هاڻ مٿن ناهه ميار
عالي ويو خالي، جنهن هٿ نه سـَـڃيو هيڪار
جَسُ جُماڻي وڃائي، ٿيو ڪانئرين جي قطار
ڪرڦل ڪاڻو، ٿُڪن هاڻو، ناهي ڀون سندو يار.
---

 

5. رندن ۽ هديهه قبيلي وارن جي لٺين سان لڙائي(1)

        انگريزن واري وقت ۾ رند ۽ هديهه قبيلن جو ڪَڪَرانڊ جي ڍوري جي اُڀرندي ۽ ماکي جي اُلهندي تعلقي ميرپور ساڪري ۾ زمين تان تڪرار ٿيو. تڏهن ترار ڪانه هئي رڳي لٺ هئي. رندن زوري زمين تي نار چاڙهيا، جيڪي هديهن پٽي پئي وِتايا (اُڇلايا). الهڏنو ۽ عيسب هديهه ٻئي همت ڀريا مڙس هئا. راڄواڻين جي پاڙي مان حسڻ، مُهند، سومار ۽ مبارڪ ساڻن گڏ آيا. جاڙو گڊرو هديهن جو طرف وڙهيو. رندن مان همت ڀريو ”سُمهڻ“ هو، جنهن زوري نار چاڙهيا. ٻيو ساڻس قادر بخش هو.

الله جل جلاله ڪري الله ئي توهار
سُمهڻ سنبهي نڪتو، هو منجهن قادر بخش قرار
هٿ وجهي هدَين وڃي ڪڍيا نانڀو کوڙي نار
جهڙي هئي روح ۾ رندن کي، تهڙي ڪيائون خاشيءَ پر کينڪار
پر ڪڙهو ليکيان ڪرمتي، تنهن ٿي ماريا بهادر بي ميار
الله ڏنو احدي هو، منجهن عيسب اجهي دار
راڄواڻي راڄ مان آيا پورا چار
(2)
تن ۾ حسڻ رڳا هوڪارا ڪيا، اچي درياڻي دڌڪار
مهند مڙيوئي ڪينڪي، سٺيون ٿي سومار
مڙدن ۾ مبارڪ چمڪيو ٿي چوڌار
گڊري جي گهمر ۾ هئي ”جاڙي“ جي جڀڪار.
                        ---
واگهه پٽ وليداد جو سُمهڻ ساماڻو
ڪاهي پيو ڪٽڪ ۾، جئن گهُمي ٿو گهاڻو
لڳيس لٺ ڪپار ۾، ڇڏيائين پولهو پُراڻو.
---


(1)  آري پوٽا = جوکين جو پارو.

(2)  پيراڻو جوکيو.

(3)  بادل جوکيو شايد پيراڻي جو پيءُ هو.

(1)  لاکو نومڙيو.

(2)  آري جوکيو.

(3)  حمزائي جوکيو، جو وڏي همت وارو هو.

(4)  ڪؤڙ هئڙان ڪاڏي ويسي جوکين جي ڪوهستاني ٻولي جا الفاظ.

(5)  سرواهين = ترارين. شتم = جلدي.

(6)  اي بنديچا، توکان گناه ٿيو (بنديچو پاڙو جوکين جو).

(7)  سچيڏنو زنگياڻي پنهنجي پٽ يا ڀاءُ جو وير وٺندو.

(8)  عارب برفت جو چاڪر کان وير وٺڻ ڏانهن اشارو.

(1)  باگي پنهور چيو ته هي مڙه مائٽين ڀيڙو نه ٿي سگهندو سو هتي ٿا ڍڪيونس.

(2)  سومو پنهور.

(3)  لنبين جو = ڊگهن زوراورن (نومڙين) جو.

(4)  متان اوهان جو تڏو پوءِ تپي.

(5)  اهي الفاظ ۽ ٻيا هيٺيان گفتا شاعر ڌنا نالي وڏ - واتي مائي جي زباني چوايا آهن، جيڪا چوي ٿي ته: اوهان ۾ به ڪي ائين آهن جيئن چاڪر جوکيي جي سٿ ۾ گودڙ هو جو کيس جنگ ۾ ڇڏي ويو.

(6)  ميئه = ٽانڊن جي ڄر.

(7)  ڀوءِ = واهه واهه.

(1) ميران ڪڙيو شيخ.

(1)  هي روايت ڀريي خان گبول جي زباني تاريخ 20- اپريل 1951ع تي چکري (ڪراچي) ۾ ڪيل ڪچهري ۾ قلمبند ڪئي.

(1)  لانچائي = جانچي. ٻئي = وڏو ۽ ننڍو بچو ٻئي ڄنا.

(2)  مياڇ = ڪراچي جي اُلهندي هڪ جوءِ.

(1)  راوي هاشم گڊري جي زباني ڳوٺ محمد صديق ۽ علي بخش هديهه (تعلقو ميرپور ساڪرو) واري ڪچهري ۾ تاريخ 2 جنوري سنه 1962ع تي قلمبند ڪيل.

(2)  مٽ سورائي ڇڏڻ = ڦر وارو ٻج ڪڍائي ڇڏڻ.

(3)  رند رمائي = پيرا کڻي.

(1)  هلي چريو = ڀڳو.

(2)  ڪليل گبول سو به لين ۾ وڃي لڪو.

(1)  سگهڙ حاميد خان رند، هاشم گڊري ۽ حاجي پير محمد جي روايتن کي ڀيٽي ترتيب ڏنل.

(2)  سڪڻ جي نئن، ملير جي نئن کان اوڀر طرف آهي.

(1)  هريائون = ٻڌائون ۽ (ڪاهيائون). ڍار = جهنگ.

(1)  پونگين = ملوڪ مڙسن.

(2)  سائينداداڻي = ڀون جو پارو جنهن مان ڪي اتي هئا.

(3)  ڪرڦل جيڪو ڏاڍو مڙس هو.ان سان ٻيو ڪرڦل جماڻي (ڪاڻو) به واهر سان گڏ آيو پر پوءِ اهو ڀڳو.

(4)  ڪنگڻهار = ڳورو ۽ سهڻو. قادو گبول همت وارو ۽ ملوڪ مڙس هو.

(5) گهٽ جي = حملي ۽ همت جي.

(6)  مٺو گبول اڳ ٿي گذريو، جنهن جي گهوڙي جو نالو مل هو. (ڏسو مٿي ڀنڀور وارو مقابلو).

(7) گهوڙين جي پيرن وارو رند، ملير جي نئن طرف لڳو جيڪو هو وٺي هليا.

(8) کر کرو = پپري جي اسٽيشن کان اتر طرف چئن پنجن ميلن تي مڪان.

(9)  پانهنجين کي = پنهنجين گهوڙين کي.

(1)  ريت آهي راجوين = راڄداري رسم موجب راڄوڻي ڪنداسون، باقي (انگريز) سرڪار وٽ فرياد جي ضرورت ناهي.

(2)  جنهن مڙس کي جهليو هئائون تنهن جي پچر ڇڏيائون.

(3)  عيسي مهمت پوءِ هنن جي ماني ڪئي.

(4)  پاروئڙو = ٻه ويڙهائو، فتني باز، پانڌي نالي ٽيڀرن جي پاڙي مان. ٽئونٽيار = جهيرو مچائيندڙ.

(5)  سيچاڻين تي = گهوڙين تي.

(6) سڪڻ جي نئن. بيگائي = جوکين جي بيگ پاڙي جو. اُن اُت ويٺل ٻروچن مهمانن تي بڇ ڪئي.

(7) حملي ڪندڙن ۾ ڏيسر نالي هو، جنهن جڏهن ٻروچن کي سامهون ٿيندي ڏٺو ته دهلجي ويو، ڇو جو هو به وڏي نالي ۽ همت وارا هئا.

(8)  ڏيسر، تنهن پنهنجن همراهن مان نورمحمد حملاڻي جوکيي کي چيو ته: مڙسن ڏي ڏس ته ڪرمتي شينهن واري ڏک پيا ڏين.

(9)  وڏوڙا = وڏوڻا، غصي ۽ ڪاوڙ واري حالت ۾. اچن = سامهون هو به مقابلي لاءِ پيا اچن.

(10) ٺيپرندي = گڏجندي، ٻنهين طرفن جي مڙسن جو مقابلي ۾ هڪ ٻئي سان ٽڪرندي.

(1)  هي بيان سگهڙ هاشم گڊري جي زباني، هديهن جي ڳوٺ واري ڪچهريءَ ۾ تاريخ 2- جنوري 1963ع تي قلمبند ڪيو ويو.

(2)  راڄواڻي، ڪرمتين جو پاڙو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org