سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: عمر - مارئي

باب: -

صفحو :10

 

تعلقي ساماري جي شاعر حاجي ابراهيم دل+ جي چيل مثنوي*

سخن جي شهر جو در لاهجي ٿو،

قصو مارئي عمر جو ٺاهجي ٿو،

هڪ هيو بادشاهه والي عمرڪوٽ،

ولايت سنڌ ۾ اظهر عمرڪوٽ،

ڪنا نُک سومرن اسم عمر ڄام،

بلند اقبال عالي نيڪ فر جام....

زماني تنهن عمر جي منجهه مليا ٿي،

ٻڪر ۽ شينهن هيڪاندا هليا ٿي،

عدالت سان ملڪ آباد ڪيائين،

ظلم زورو همہ برباد ڪيائين....

هئا منجهه ملڪ ٿر جي ذات مارو،

گهڻو خوشحال پنهنجي حال سارو،

مدامي مال ۾ سنگهار سانگي،

وٺيو ويٺا هئا ولهار سانگي،

انهن ۾ مرد نالي ’پالڻي‘ هو،

زياده شان وڏي گهر جو ڌڻي هو،

خدا ان کي ڏني خوش خلق عورت،

هئي منجهه حسن ويتر خوبصورت،

سندس دختر پياري نام مارئي،

صنوبر قد ۽ گل فام مارئي،

وڌي ويئي ته ان جي حسن جي هاڪ،

ڏٺي جنهن، تنهن اندر ۾ ٿي چڪيا چاڪ،

سندس پاڙي ۾ نالي ڦوڳ ڇوڪر،

ٿيو ننڍپڻ کان مارئي لاءِ مضطر،

جڏهن رسيو بلوغت کي جوانو،

مٿي ٿيو مارئي عاشق ديوانو،

ٿيو بيخود گهڻو مانند مجنون،

پريشان حال ڪئڙو عشق مفتون،

اڙِي بيوس پيو منجهه عاشق ڦاهي،

ڪيائين دمبدم ٿي ياد ماهي،

فنا ڪيو عشق بيحد ڦوڳ ماري،

ويو ڪم خواب ڪل وسري ويچاري،

ڏسي تان تال مارئي چُور ٿئڙو،

نشي منجهه نينهن جي مخمور ٿئڙو،

ڪيائين روز شب فرياد بيحد،

کلڻ ۽ کيڻ کان ناشاد بيحد،

لڳي بيوس ويچاري تار ڏاڍي،

ڪثر ڪل کان محبت مار ڏاڍي،

ڪيئين حيلا ملي من مونکي محبوب،

کي ٿيو ڪڻس ڪو محب مطلوب،

چيائين پالڻي ڏي سڱ مون کي،

وصالِ يار جو پڻ رڱ مون کي،

سدائين مارئي لئي آءٌ مران ٿو،

عشق جي بحر ۾ ڳرئو ڳران ٿو،

ڏيندو توکي اجر داور ڌڻي پڻ،

اندر هر دو جهان عزت گهڻي پڻ،

ڪئي هئي پالڻي سڱ جي سڳائي،

اصل تنهن کيت سان مارئي مڱائي،

تڏهن پالڻي اڳيان ان کي چيو تان،

گهڻي ڪاوڙ ڏمر ان تي ڪيو تان،

م ڪر اي خيال بلڪل روڳ دل ۾،

وڌو شيطان توکي روڳ دل ۾،

ڏنم سڱ مارئي جو کيت کي جو،

نه ڪريان دخل اڄ پڻ مور ٻي جو،

نڪي آهين اسان جي ذات اي ڦوڳ،

ڦٽي ڪر اي اجائي بات اي ڦوڳ،

فڪر منجهه ڦوڳ پيو افسوس بيحد،

ٿيو من ۾ تڏهن مايوس بيحس،

پچي کامي مثل بي جان ٿيڙو،

اپر اوندهه غم ارمان ٿيڙو،

پيالو فڪر جو پيتوس من ۾،

پيس هي مصلحت تدبير تن ۾،

مون کان بيوس ته ويئي مارئي سا،

پري توڙي اگر اوڏي هئي سا،

ڪڍايان مارئي کي پالڻي کان،

ڇڏايان کيت پنهنجي گهر ڌڻي کان،

وڃي ڏيهه جي وڻن کان ڏور ٿيئي،

پڻس ۽ کيت کي پڻ سور ٿيئي،

ٿيو جلدي روانو ڦوڳ اُتهين،

وڃي پهتو عمر جو ڪوٽ جتهين،

ڪيو حاجب رجوع سو در حضوري،

مقابل ميان عمر جي نزد نوري،

چيائين بادشاهه سڻ عرض منهنجو،

رکي دل ۾ جو آيس غرض منهنجو،

هجي دائم هميشہ تخت تنهنجو،

هجي قائم هميشہ بخت تنهنجو،

مثل گل غنچہ شہ کوليو زبان کي،

در عدني منجهان ڀريئين دهان کي،

چيائين بي شہ احوال چؤ تون،

ڪڍي دل مان سمورو خوف ڀؤ تون،

مَ ڪر تون دير ڪجهه و هلو شتابي،

ملي توکي وٽان مون ڪاميابي،

چيائين شاهه ڳجهڙو راز ناهي،

ٿيو پردي اندر گوشي نشين پڻ،

قصو ڪريان اڳيان تنهنجي مبين پڻ،

حڪم ڪيو شاهه ڪريو جاءِ واندي،

خالي ڪي نوڪرن سا جاءِ دم ۾،

عمر ۽ ڦوڳ ٿيا مشغول ڪم ۾،

اتي آغاز ڪيو عارض بيان کي،

اپٽيو ڦوڳ پڻ پنهنجي زبان کي،

ڪ اي شاهه جهان فرخنده آثار،

سڻج اي شاهه ڏيئي گوش گفتار،

مليري ملڪ ۾ سنڌ مارئي آهه،

پنهوارن ۾ پري آن ڪا سئي آهه،

منجهان گهر پالڻي جي آهه سائي،

مثل ان ماڙ ۾ سنڌ ناهي ڪائي،

سرخ چشما، لمع رنگ، مهرو،

صفا سهڻي صنم گلرار گلڙو،

مبارڪ منهن ڪري ٿو نور چمڪار،

مهه و خورشيد اڳيان ان شرمسار،

جهنگل ۾ هيڪلي گهيٽا گهمائي،

سهيلين جي سنگت پيرون پٽائي،

سدا خوشحال مارن ساڻ هردم،

سونهي منجهه سرتين سينگار بي غم،

نه لائق ٻانهن ڪنهن ٻڪرار جي آهه،

عمر هي ڳالهه مڃ تڪرار جي آهه،

نڪو تنهنجي سوا تنهن مٽ نه ثاني،

ٻيو ان جو جهان ۾ جوڙ جاني،

وهڻ واجب تهين کي ڳوٺ تنهنجي،

رهي دائم اها شل ڪوٽ تنهنجي،

عمر ڪيو پهه پسند جو ڦوڳ ڪيڙو،

عقل ۽ روح اٽڪي ڦوڳ ڪيڙو،

عمر اُٺ تي چڙهيو ٿيو ڦوڳ اڳ ۾،

نه ترسيا ساعت هڪڙي دير دڳ ۾،

عمر احمق کنيو سونهون سنڀائي،

حرامي ڏس ڪکن کي باهه لائي،

ويا منزل به منزل ملڪ ٿر ۾،

وڃي ويٺا لهن ڪنهن ويڙ ور ۾،

اول مارئي اٿي سعيي ڪرڻ لاءِ،

سهيلين سان هلي پاڻ ڀرڻ لاءِ،

جڏهن پهتيون اچي کوهه جي ڪناري،

سُهَن چوگرد تارا چنڊ ڌاري،

پڪاريو ڦوڳ سائين وجهه آهي،

عمر سمجهيو ته ڏاڍو سجهه آهي،

جڏهن سو کوهه کي نزديڪ ويڙو،

مٽي پوشاڪ ٻي اظهار ٿيڙو،

لڪي ات ڦوڳ ويٺو بي ڌيانو،

عمر اُٺ تي ٿيو ان ڏانهن روانو،

ڏسي مارئي چيو تان ڪير آهي،

ايهو اوٺي فقير ڪ پير آهي.

ڏٺم ساري عمر ۾ ڪونه اهڙو،

هتي آهِس خبر نه ته ڪم ڪهڙو.

انهي صورت سندس هينئڙو ڪنبايو،

رنو مارئي گهڻو ماٿم مچايو،

چيو سرتين ’ادي ڙي ڪِيمَ ڊڄ تون،

وڃي جو رهه وٺي تنهن کان نه ڀڄ تون‘.

ڌٻي وئي دهلجي ڏاگهو ڏسي اُت،

زمين تان پير ويا مارئي کِسي اُت.

ويچاري لاءِ ڪو عزرائيل آيو،

تمام اعضا ڏڪڻ ۾ ڏيل آيو،

اول پڇيو اُن ڪير جويون،

چيو مائِن ته مارو لوڪ آهيون.

ميان تون ڪير آهين سرتين پڇيو اُت.

چيئين آيو اڳيان بر سڃ مون کي.

اول نامِ خدا پاڻي پياريوم،

مئي دلڙي وري جيڪر جياريوم.

سڻايان پوءِ آن کي حال سارو،

حقيقت هوش ويلي قال سارو.

عمر کي مارئي پاڻي ڏنو ٿي،

سهيلين کان سنگت بيوس ڇنو ٿي.

عمر ٻانهون جهلي اٺ تي وڌي سا،

ورَ  ڪي ويسلِي ٻانهن ٻڌي سا.

چنبن ۾ باز ڪر جهرڪي جهٽي ويو،

شجر، طوفان ڪر پاڙون پٽي ويو.

کٿيري کاهڙون خوشيان کڻي ويو،

ڌتاري دمبدم ڌاڙو هڻي ويو....،

ڪيو ماتام مارن مارئي جو،

هئي جيئري ته پڻ جهڙو مُئي جو.

سنگهارن کي اندر ۾ سور ٿيڙو،

ڇڄي پيوند دلين جو دور ٿيڙو.

رنا مائٽ قبيلو خويش ڀائي،

پيئي قصيي ڪنا جڳ ۾ جدائي.

پچي کامي ويا سڀ ذات مارو،

نه پهتا ساڻ ڏاڍي وات مارو....،

جڏهن پهتو عمر منجهه شهر پنهنجي،

ڪڍيائين مارئي کان پهر پنهنجي.

وهاري محل ۾ آڻي عمر اُت.

ٻَڌي تنهن لاءِ پرڻي جي ڪمر اُت.

مندي نيت نه من ۾ مور ان کي،

نه هو حرص و هوا جو پور اُن کي،

طماعي پرڻجڻ جي هئي عمر کي،

سدا تابع شريعت جي امر کي.

عمر ڀانيو ٿي مون ساڻ راضي،

ڪريان پنهنجي مدعا جي ڪاساري....،

ڪيم حيلا هزارين هنر توکي.

نڪو ٿئي ٿو اندر ۾ اثر توکي.

ڪيم لک ميڙيون ٻيا عرض توکي،

وري ايندينءَ نه هي هٿ ويل توکي،

نڪي ملندو پروڪو هيل توکي،

اتي ويندينءَ اندر ڳڻتي ڳري تون،

فنا ٿيندينءَ انهين ماڳن مري تون....،

جهلي بند ۾ وهارين سال مونکي،

نڪو ان ڳالهه جو پڻ خيال مونکي.

ڪري ٿورو ڏيو جيڪر اجازت،

ٿئي درجو وڏو احسان عنايت.

وگر نت لڳ خدا هي سوال منهنجو،

سڻو سالم عمر پڻ حال منهنجو.

ٿئي منهنجي هتي پوري حياتي،

ته ڪريان جي کڻي ورنہ وقاتي.

ميت منهنجو روانو ملڪ مارن،

ڪجو جلدي طرف ان بلڪ مارن....،

عمر اهڙي ڪريان جيئري وصيت،

رکج سا ياد دل ۾ سڀ نصيحت.

هِتي رکندين ته ٿيندي هيڪلي پڻ،

هجان هُت ڳوٺ ڀيڙي منجهه ڳلي پڻ....

سڻج منهنجي سچي گفتار مارئي،

اول واري ڪريان اظّهار مارئي.

اوهان جو ڏيهه ماڻهو ڦوڳ نالي،

آيو مون لاءِ اتهين چوڳ ڊالي.

اچي دل جو سمورو حال ڪيائين،

سڄي تنهنجي حسن جي ڳالهه ڪيائين....

عدو جو منڌ سڻي احوال ان جاءِ،

ٿيس غم ۽ وهم جنجال جي جاءِ.

چيائين سڻ الله لڳ عرض سائين،

نڪو ڪنهن جو ڪڍيو تو غرض سائين....

جهٽي آئي جهنگل مان ڪوٽ پنهنجي،

امانت هي وهاري ڳوٺ پنهنجي.

نڪو آهي حرف تي حاڪمن تن،

سندو هيڻن ضعيفن پڻ پنهوارن.

هلين ٿو حال منهنجي تي سدا شاهه،

اڃان وٺتي نه تو ٻي طرح جي راههه...

تڏهن ڪي پاڻ ۾ مارن مصلحت،

سڻو سڀ ڀائرو هن پر حقيقت.

عمر اٺ تي کڻي مارئي ڳِني ويو،

ڪري زور و ظلم ڇوري ڇني ويو.

خبر ناهي ته ڪهڙي حال هوندي،

مئي جيئري ڪ خوش ڪِي جال روئندي.

لهڻ گهرجي تنهين جي سار سڀني،

ايهو ڪيو پاڻ ۾ آچار سڀني.

پسند ڪي ڳالهه سڀني، کيت سنڀريو،

چڙهي ڌاڙيل اٺ تي ٻهر نڪتو.

سڻي مارئي سندو من حال سمجهي،

پڇي ڳاڇي ڳجهيي ڳالهه سمجهي.

ڪيو محڪم ٻڌي پڻ کيت وئڙو،

عمر جي ڪوٽ ڏانهن سو پنڌ پيڙو.

وڃي پهتو عمر جي ڪوٽ کيتو،

ڪندو هو مارئي جي اوٽ کيتو.

مُڪي مارئي طرف ڌُوتي ڳجهان ڳجهه،

وٺي اچ تنهن سندو مائي پڇي منجهه.

گهڻو ڏيندس ڪِي انعام مائي،

اها ڪرئين الله لڳ جي ڀلائي.

ويئي وٽ مارئي مائي سنهاري،

چيائين مارئي ڇڏ بيقراري.

شُڪر ڪر رب جو اجھ کيت آيو،

سڻي مارئي تڏهن چت چيت آيو...

ڏنو مارئي گهڻو انعام مائي،

چيائين سڻ بيان و مام مائي.

وڃي ڏي کيت کي هن پر نياپا،

چئج سالم سجھڻ جيءَ جا جياپا.

مُڪو تو ڏانهن مارئي هي ته مذڪور،

مقامي سومرن جو آهه مشهور.

فلاڻي ڏينهن اٺ سوڌو انهين جاءِ،

وڃي بيهج متان ڪرئين فڪر ڊاءِ.

زيارت جي بهاني عورتن سان،

هلي اينديس اتي پڻ سومرين سان...

هلي مارئي وٽان مائي ويچاري،

سڻايئين کيت کي گفتار ساري.

سڻي اي ڳالهه ٿيڙو کيت خوش جان،

چيائين الحمد يا ربّ رحمان.

ٻڌو تنهن سان پڪو انجام مارئي،

تڏهن آيو اتي آرام مارئي.

سئو مون راوين کان هن امر کي،

ڪيو مارئي عرض اهڙو عمر کي.

اصل مڃتا مڃي مون شاهه سائين،

مٿي اُنهن جي مقام آهه سائين.

ڏيو موڪل وڃي ڪريان زيارت،

ملي مون کي سندي مطلب بشارت.

ڪنا تنهنجي قبيلي چار جويون،

هلن همراهه منهنجي ڌار جويون.

هلن پيرين پياديون پنڌ ڪري سي،

نه ٿينديون هڪ گهڙي مون کان پري سي.

عمر رخصت ڏني اچجو شتابي،

نه گهرجي ڪرڻ ڪنهن کي بي حجابي.

هليون چارئي جھڻيون همراهه مارئي،

ڪيو هوڏانهن هلڻ جو ٺاهه مارئي.

مقامي تي جڏهن سڀ پهتيون سي،

ڪري زيارت وڃي فارغ ٿيون سي.

سڃاتا مارئي اٺ کيت ٻيئي،

وقت نهن کيت کي پڻ سرت پيئي.

پلاڻي اٺ کي اظهار ٿيڙو،

هلڻ جي لاءِ سو هوشيار ٿيڙو.

طرف تنهن کيت جو خوشيان نظر ڪيڙو،

تڏهن ان کي ڏسي ات عجب ٿيڙو.

چيو جوين ادي ڙي مارئي تون.

اصل اٺ تي چڙهي آئي هئينءَ تون.

هُئـٖـي توکي خوشي ڪر اٺ سواري،

ڪريمون تولاءِ ڪم تنهنجي تياري.

مليو پيغام اڪنڊي کي اچڻ جو،

ڪنا پرور پني حيلو هلڻ جو.

چڙهي ٻيلاس اٺ تي کيت ور سان،

هلي پنهنجي وطن مارئي هنر سان.

ڪري قابو جثا مضبوط ويٺا،

ٻڌي سندرا صحي ثابوت ويٺا.

ڏئي مهميز اٺ کي کيت چوريو،

ڪري ڪڏڪار ڍاٽي ڍٽ ڊوڙيو.

وطن جي طرف ٿيو اٺ کي امارو،

سبق سمجهيو ميـٖـي مشڪي اشارو.

اڏاڻو ڪر پکي رهدار ڪرهو،

پُرئلو پنڌ تي نسنگ نروار ڪرهو.

ڇڪي قسمت عِنا ڪرهي لڳي ڪام،

پلڪ ۾ پنڌ ڪري پهتو گُنگو گام.

ڪيو ڪرهي اکين ساڻيهه پنهنجو،

وڍي منزل ڏٺائين ڏيهه پنهنجو.

ڏٺا ات ڏيهه جا وڻ واهه مارئي،

ٿيو تنهن وقت سرهو ساهه مارئي.

لٿس ڪٽ قلب تان دلشاد ٿيڙي،

ملڻ جي مينهن سان آباد ٿيڙي.

مليري ملڪ آئي مارئي اُت،

سڀن مارن خبر سرتين سُئي ات.

ملي مارئي، ٿيا خوشحال مارو،

پڇن تنهن کان عمر جي ڳالهه مارو.

شڪر شاديون ٿيون ساڻيهه آئي،

ڪڍي سا ڪوٽ کان الله ملائي.

مليري ملڪ ۾ مارئي ملي سا،

ڏسي سرتيون سڳر خوش ٿي کلي سا.

وڇوڙيل جي مليا محبوب سيئي،

سڄڻ سانگي ٿيا سرها سڀيئي...

جهليو مارئي جڏهن ايمان پنهنجو،

خدا ڪل ڪم ڪيو آسان تنهن جو.

سچائي جي سبب لڄ شرم ان جو،

رکيو منجهه ڪوٽ باري ڀرم ان جو...

- - -


+  مرحوم حافظ حاجي ابراهيم دل، ويٺل پروڙ، متصل ٻريجي، تعلقو سامارو هي قصو 8- ذوالقعد 13.7 هه تي جوڙي راس ڪيائين.

*  هي نظم ڇپيل ڪتابڙي ”عمر ۽ مارئي“، مطبوع رباني پريس حيدرآباد سنه 1953ع، ڇاپو ٽيون، تان ورتل آهي. مثنويءَ مان فقط قصي جي اهڃاڻن وارا شعر کنيا ويا آهن، باقي شعر ڇڏيا ويا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org