سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: عمر - مارئي

باب: -

صفحو :17

 

تعلقي ڪوٽڙي جي شاعر الهبچائي کوسي جا بيت*

1-

ساراهيان سچو ڌڻي، ساراهيان ستار

”وحده لاشريڪ لہ“ پرور پاڪدار،

جوڙيائين جڳهه جهان عربي جي آڌار،

پنجتن پاڪ لاءِ ٿيڙا باغ بهار،

حب رکي حضرت پير کي مليا چارئي يار،

ڦوڳ نالي فقير هو جنهن جي ننڊ ڦٽائي نار،

منهن ڏسي مارئيءَ جو، اچي ٿيس آزار،

اچي اڳيان عمر جي ڪيائين اظاهر،

مارئي نالي ملير ۾، ناز ڀري هڪ نار،

سوين تنهن جي صورت ۾، وتن شرمسار،

ڳهه پائي ڳچيءَ ۾، ٻانِهين پائي ٻار،

پير ڪڙيون پيرن ۾، بولو بينردار،

هڪڙا ڪنگڻ ٻيا ڪٺمال، ٽيان چوڙا چندن هار،

ٻهون پهرايو پٽن ۾، ڪري پئي ڇيلن کي ڇڇڪار،

مائٽ تنهن جا مارو آهن ڌڻ ڌنار،

سابه اچي ٿي کٿيرن سان کوهه تي، سرس ڪيو سينگار،

تون راجا هو راڻي، جوڙ انهيءَ جنسار،

سُڻي ڳالهه سومرو، سنڀري هليو سردار،

وجهي مهار ميـٖـي کي، ٿيا اُٺ سوار،

مير چڙهي مهريءَ تي، آيا منجهه اوڏار،

آيون مايون پاڻيءَ تي، ڏٺئون چوڙي وارن جي چار،

ڪيائون ڦند فقيري، پاڻيءَ لاءِ پڪار،

مايون! اسين مسافر اڃ ۾، اهو ڪيائون اظهار،

اتي مارئي گهڙو کڻي آئي عمر وٽ ڪري الله توهار

کڻي ويهاريائين اُٺ تي، جهٽي ويس جهونجهار،

وٺي راهه روانا ٿيا، ڪري ڪاهه قهار،

ڪيائين ايلاز عمر کي، حيلا لک هزار،

انهيءَ مهل، الهبچايو چئي، مٿان ڏٺو پئي ڏاتار،

پوءِ ڪامل آڻي ڪنوار، قيد ويهاري ڪوٽ ۾.

2-

قيد ويهاري ڪوٽ ۾، آيو عمر ڄام،

مهندان اچي مارئيءَ جي، چيو سومري سلطان مارئي تنهنجي ملڻ لاءِ، مچي ويو ماتام،

ڪري ميلاپو محبت جو، سڻائي ڪندئي سبحان،

دايون ڏيندوسانءِ ٻانهيون، گوليون ۽ غلام،

جايون جاڳهيون چوکيون تون چلي ڏس چوغان،

ست ماڙ سهاڳ جي، تون هلي گهم مڪان،

مارئي چوي ٿي، ادا عمر! سڻ هي بات بيان:

ميان وڃ مڙي، مڃ ڌڻيءَ جو نام،

مرونءَ کان به وڌ ٿئين، هاڻ تو ڀانيان حيوان،

نڪي دائي کپي، نڪي ٻانهي کپي، نڪان

 

گولي کپي غلام

 

نڪي جاءِ ڏسان، نڪي جاڳهه ڏسان،

 

نڪي چلي ڏسان چوغان،

 

نڪي ست ماڙ سهاڳ جي، آءٌ مير گهمان مڪان،

تو کان اُتم ڪئين امير گذريا، سومرا سلطان،

اهڙو ظلم ڪنهن نه ڪيو، جيئن تون ٿئين نادان،

پڇاڻو ڪندئي پاڪ ڌڻي، اتي ڪندين ارمان،

توبهه زاري ڪري اُت مچائيندين ماتام

رئندين رت اکين مان، جت ڪاري ٿيندئي قيام،

جنهن سان مائٽن مڱائي آهيان، سر کيت

 

منهنجو ٿئي خان

 

ثابت رهنديس سيل تي، نه ڪر غير گمان

آهيان اُمتياڻي رسول جي، وڃ گولي ٿيان غلام،

روضي پاڪ رسول جي، وڃي گولي ٿيان غلام،

اهو مهندان ڏينهن محشر جي، ٿيندو امت جو امام،

بار کڻندو باري مٺو محمَّد ڄام،

”الهبچايو“ عرض ڪري ٿو، سڻائي ڪندئي سبحان،

هي ماڙيون ۽ مڪان، آءٌ ڪڏهن گهمنديس ڪينڪي،

3-

ڇو نه گهمندينء ماڙيون اهو سبب تون سڻائي،

بنگلا ۽ بستان ڏيندوسانءِ، اُچا رنگ اڏائي،

گلم غاليچا ريشم  جا، ڏيندوسانءِ وهاڻا وڇائي،

ڪپڙا پٽ ريشم جا، ڏيندوسانءِ پوشاڪ پهرائي،

ڪاوا ڪوڏيون ڪنجري تي، ڏيندوسانءِ جاما جڙائي،

ناڻا ڏيئي نوڪرن کي بيهاريندس تو لاءِ،

اُٺ گهرائي اوٺيڙا، ڏيندوسانءِ گهوڙا گهرائي،

سامهون بيهي سورن جو، وئين پنو پڙهائي،

اٿي پنوهار ٻرچ مون سان، پير پلنگ تي پاءِ....

 

 

سڻ ڳالهه منهنجي، ڪامل ڏيئي ڪن،

عشق رکجي الله سان، جنهن جا پيارا ٿئي پنجتن،

ڪُنجي حوض ڪوثر جي حوالي هوتن،

مٺو محمد مصطفيٰ، امت جو ضامن،

گهوڙو پلاڻي گهوٽ لاءِ آندو هو ملڪن،

مصطفيٰ هليو معراج تي، هار ٻڌا حورن،

آيو چوٿين آسمان تي، مسلت پڙهي ملڪن،

محلي آيو مينڌرو، عربي سو عرشن،

فرزند علي شاهه جا، سورهيه ٿا به سجهن،

سي ڪناري ڪربلا جي، ڪُٺا هئا ڪوفين،

عرش مٿي انهن جو، ڏٺو پئي معجزو ملڪن،

هي اُمت تن جي آسري، سي ترهو تار سجهن،

تون مير ڪرين محفلون، تال مٿي تختن،

ڀلجي مون ڀيڻ تي، ظاهر ٿئين ظالم،

پڇاڻو ڪندئي پاڪ ڌڻي، قادر ڏيئي قسم،

توبهه زاري ڪري، ميان اُت مچائيندين ماتم،

محابي محي الدين جي، لاهه ڪڙا ڪوٽن،

وڇڙي آهيان وڳر کان، ساري آهيان سرتين،

اٺئي پهر انهن جا، مون کي پل پل پور پون،

عمر اباڻي سڪ ۾، منهنجا رويو نيڻ ٽمن،

صبح ويل سرتيون، پهريو پٽ وڃن،

ڦر ڦيرايون پنهنجا، اچيو تڙ مٿي ترسن،

مارو چارين مال ٿا، ڏيو ڀيرا پاس ڀٽن،

وچينءَ ويل وريو، اڱڻ تي به اچن،

کير ڏهن ٿيون کٿيريون، وجهيو ونگ وهڙين،

وريو وڃن وٿاڻن کان، ڪريو ڪينگر منجهه ڪڇن،

اُت کيت آهي کاهڙ ۾، جنهن سان مڱائي آهيان مائٽن،

وڃي لائون لهنديس لال سان، ڏيئي پڙهو پنهوارن،

هتي آيس ڇڄي ڇڳيرن کان، پيو وڇوڙو ورهن،

چاريندي هيس چوڙيلِن سان، گَهٽا پاس گهرن،

انهن لاءِ، الهبچايو چئي، ڳاري آهيان ڳڻتين،

ادا عمر! مارو شال ملن، آهيان جن جي آسري.

------


 

تعلقي روهڙي جي شاعر وريل جا بيت*

1-

ڪڙيون آندم ڪوڏ منجهارا، ڌنڌا اهي ڌار،

دهري آندم دل منجهارا، منهنجا واقف وڻجار،

پايو سونهين سرتين وچ ۾، تون مارئي مهندار،

ناحق ٿيءُ نه نڀاڳي، تنهنجا سڱر کائن سنگهار،

توبهه تنهنجي ڌار، مان ڪوڙ ڪيان ڪونه ڪو.

2-

ڪوڙ ڪيان ڪونه ڪو، تو وٽ ڪين وهان،

جيڪي پلنگ وڇايئي پالڪيون، سي مڃيون ڪين ميان،

منهنجا مٽ ملير ۾، تن کي جيءَ ۾ جاءِ ڏيان،

ڏٿ اباڻي ڏيهه جو، وڃي کاهڙ پاس کيان،

موڪل ملي مارئي کي، اتي پاڻي ڪين پيان،

عمر اسان جي ڏيهه ۾، وڃي ڪو جو دم جيان،

اتي وڃي چوان، ڪر آيم هٿ همير جا.

3-

آيا هٿ همير جا، تون ڀانيو نٿي ڀائين،

ڪڍيو ڪوڙ قلب مان، تون پٽ نٿي پائين،

ميندي هن ملير جي، تون لاڏي نٿي لائين،

ويڙهين ۾ وريل چئي، پنهنجون پيڙهيون ٿي پرچائين،

ڊڄ ڌڻي جي ڊاءُ کئون، تون باري ٿي بچائين.

4-

سوين آنديون سومري، لنڊيون منجهئون لوڪ،

ڏس عمر رنگ الله جا، مينهن لاتي موڪ،

ويندئي شهر الوٽ ٿي، تنهنجا گهوڙي سوڌا گهوٽ،

صفا تنهنجا ساڙيان، تو ڪارا اڏيا ڪوٽ،

پوءِ مانجهي ڏيئي موٽ، اهي گم ٿي ويا غار ۾.

5-

قابو ٿي مان ڪوٽن ۾، ماري هان مونجهاري،

کڻنديون مون کي کاهڙ واريون، سرتيون سينگاري،

مئيءَ جو مڙهه ملير ڏي، شل والي کڻي واري،

واري موڪل، ويرل چئي، پيئي هان تنهنجي پناري،

سام نه جهلج سومرا، ڇڏي آءٌ عمر اماڻي،

نڪريو ٿي نهاري، ڪي اُٺا مينهن ملير تي.

6-

اُٺا مينهن ملير ۾، ٿي هان ڪوٽن منجهه ڪرير،

ڪڙيون تنهنجون ڪاٽين ٿيون، زوراور زنجير،

آڇ ڪين مون کي اهي، ڏاڙهون انب انجير،

درس ڪيا ها دنيا ۾، فاني ڪيئي فقير،

ڪوڙ هلئي ڪونه ڪو، جهل تون وات وزير،

ڪالهه ڪربلا ڏي، اهي سٽي لنگهيا اسير،

مارو مٽ ملير، تنهنجا سڀ سڏايا سومري.

7-

سڀ سڏايا سومري، مارئي تنهنجا مٽ،

آندو مانءِ عمرڪوٽ ۾، ٻيلهه چاڙهيو ٻٽ،

روئين ٿي رتولن ۾، ڪهڙي پيئي پٽ،

پاڻي نٿي پٽن تي، تون ڀَئه نه ڀانءِ ڀٽ،

پوءِ آڻي مٿي اُٺ، ڪئي مانءِ نيت نڪاح جي.

8-

ڪيئي نيت نڪاح جي، سي سڀ ملان ڪي مڙن،

ٻڌيا ٽؤنر تندن ۾، قابو منجهه ڪلن،

ويڙهن منجهه، وريل چئي، منهنجي ساڙي دل صفن،

پوءِ وطن ڪاڻ وڄن، ڪلون منهنجي قلب جون.

  

- - -


*  هيءَ روايت ڪوهستان (تعلقي ڪوٽڙي) مان غلام حيدر کوسي کان ملي، الهبچايو ذات جو کوسو، ڦرياڻي کوسن مان آهي. سندس جنم 1925ع ڌاري ويره ٻنڌ تعلقي ڪوٽڙي ۾ ٿيو. سندس ڌنڌو کيتي آهي.

*  هيءَ روايت اتر (تعلقي روهڙي) مان عبدالرزاق کان ملي.

سوانح معلوم نه ٿي سگهي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org