سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: عمر - مارئي

باب: -

صفحو :20

 

تعلقي سڪرنڊ جي شاعر شير محمد لغاري جا بيت*

1-

ساراهيان سچو ڌڻي، جو عالمن الله،

خالق، مالڪ ملڪ جو، شافع شهنشاهه،

اپائيندڙ عالم جو، باري بيپرواهه،

خالق ڪل مخلوق جو، آگو سوئِي آهه،

تنهن صاحب جي ساراهه، جنهن جوڙي جوڙ جهان جي.

 

جوڙي جوڙ جهان جي، صاحب ربّ سبحان،

خالق خلقيا خلق مان، آگي ڪئين انسان،

شاهي شرف شان ٿيو، ناهي حد بيان،

ڪجي ساراهه ڪيتري، ظاهر ساڻ زبان،

سو موليٰ مهربان، جنهن جوڙي جوڙ جهان جي.

 

3-

جوڙي جوڙ جهان جي، ڪيا صاحب سر زمين،

موليٰ ڪيو ملڪ ۾، احمد ڄام امين،

آڻي جنهن اسلام کي، دائم ڪيو دين،

جنهن مڃيو محمَّدؑ ڪارڻي، رکي صدق يقين،

ڪلمي وارو ڪين، مرسل ڇڏيندو ماڳهن.

4-

ڪين ڇڏيندو ڪڏهن، عاصي، عربي ڄام،

حامي هوندو حشر ۾، سو ڪامل ڏينهن قيام،

چارئي يار رسول جا، مڃيو صبح ۽ شام،

ٻي پڻ پياس پنجن جي، ٻيا ٻارهن پاڪ امام،

هردم حب حسنين جي، تهدل تن تمام،

پوءِ عملن ساڻ انعام، ملندو ڏينهن قيام جي.

5-

جيڪا پوکي پوک جنهن، سائِي تنهن لُئِي،

عمر ۽ مارئي جي، سڀڪنهن ڳالهه سئي،

قيد رهي جا ڪوٽ ۾، ٿي مارن ڪاڻ مئي،

آءٌ پڻ نُڪتو اُن جو، پڌرو ڪيان پوئي،

هُئي يا نه هُئي!؟ ڄاڻي عالم غيب ٿو.

6-

ڪن ڏينهن سومرو هو، عمر ڄام امير،

حاڪم عمرڪوٽ جو، ناميا ڪن نظير،

حڪم هلائي پانهنجا، وَرنهه سوئي وير،

تنهن سئي ڳالهه سومري، ماڻهن ڪنان ،ير،

ته عورت آهي هڪڙي، مارئي منجهه ملير،

صورتوند سهڻي، روشن قمر منير،

ڦِري روز ڦَرن سان، سانگياڻي سڌير،

سئي هاڪ حمير، رکيو ڪاڍو قرب جو.

7-

رکي ڪاڍو قرب جو، ڪامل ويو ڪاهي،

ويو اڪيلو سنڀري، ٺاهه منجهان ٺاهي،

ته ڏسان وڃي مارئي، ڳالهه ٻڌم جا هـٖـي،

مشهور ملڪن ۾، عورت هِي آهي،

عمر چڙهي ويو اُٺ تي، سهجئون سنباهي،

سا ڏٺئين ڏوٿياڻي وڃي، جو ڏس ٻڌو ڏاهي،

آئِي هيڪل کوهه تي، سا گهيٽا گهمائي،

پوءِ لڄ عمر لاهي، پاڻي گهريو پنهور کان.

8-

گهريو عمر عُذر سن، پنهور کان پاڻي،

پاڻي پاڻي عمر کي، ڏنو ڏوٿياڻي،

پهر نه هئي پنهوارن مان، ڪو جهانگي جهانگياڻي،

سهڻي صورت سومري، صحيح سڃاڻي،

کڻي رکي سا اُٺ تي، ناتر نماڻي،

ڪامل ڪَسي ڪار ڪئي، هُئي به ڄٽياڻي،

سومري سانگياڻي، آڻي چاڙهي اٺ تي.

9-

آڻي چاڙهي اٺ تي، باري تنهن بانڪا،

دانهون، ڪوڪون، ڪوڪريا، ڪيا ويچاري واڪا،

پهر نه هئي ويجهَڙ ۾، مارن منجهان ڪا،

ڪل نه هئي ڪنهن کي، ناتر جي ناڪا،

پئي پوءِ پنهوارن کي، ڪوڪ وڃي ڪن ڪا،

پر عمر چکايا اٺ کي، ڪي زور منجهان ذائقا،

پوءِ ڏونگر جا ڏاڪا، لنگهي ڏاگهو ڏور ٿيو.

10-

لنگهي ڏاگهو ڏور ويو، ٿيو مارن ۾  ماتم،

پڄي سگهيا نه پنهور سي، عمر کي ان دم،

ويئي ويچارن وسري، خوشي خواب خورم،

مارو سي ملير جا، گهايا گوندر غم،

زوري ساڻ ظلم، عمر آندي مارئي.

11-

عمر آندي مارئي، زال کڻي زوري،

وير وڙهيو ڪنهن وجهه سان، چورن جان چوري،

دانهون، ڪوڪون، ڪوڪريا، ڪيا ڇوهه منجهان ڇوري،

رئڻ رُسڪڻ، ماروئڙن، جهڄڻ ۽ جهوري،

عمر ڪاهي اُٺ کي، ٽور تکي ٽوري،

مير مَهار هٿ وري، چانگي جي چوري،

لُنءَ اندر لوري، لڳي لوئيارن کي.

12-

عمر آندي مارئي، زوري کڻي زال،

هڻي زوري اُٺ تي، ڇوهون ڏياريا ڇال،

ويا هئا پنهور پٽ تي، مارو ڇوڙي مال،

پيو نه پَرو تن کي، نه ڪا سرت سنڀال،

عمر وِڌُن اوچتو، ڪامل آڻي ڪال،

پنهنجي ساڻ خيال، عمر آندي مارئي.

 

13-

قابو هئي ڪوٽ ۾، قضا قيد ڪئي،

وس نڪري پانهنجي، سا ويچاري وئي،

هڪ زوري زنجيرن ۾، ٻي مٿس تاب تَئي،

رات ۽ ڏينهن روئڻ ۾، گذرن پيا ٻئي،

ڪانه ڪري ٿي ڳالهڙي، هنئين ساڻ چئي،

سا سيّد سام پئي، تان لهندا بند بلوچ چئي.

14-

محلين ماندي مارئي، ٿي روئـٖـي زارو زار،

ساريو سنگهارن کي، نيڻين وهائي نار،

راتيان ڏينهان روڄ ۾، پٽيو ڪڍي پئي پار،

ڪڏهن وساري ڪينڪي، ساعت ڪاڻ سنگهار،

مارئي مارن ڌار، ٿي بيوس بند بلوچ چئي.

15-

محلين ماندي مارئي، ٿي جر وهائي جال،

ڏسي ڪوٽ، ڪنبي گهڻو، هيڻو ٿيڙس حال،

ويا ويچاريءَ وسري، خوشي ۽ خيال،

حُب حياتي ناهه ڪا، جيئڻ ٿيس جنجال،

ٿي ساعت ڀانئي سال، بيوس بند ۾ مارئي.

16-

محلين ماندي مارئي، ٿي سانگيئڙا ساري،

دم نه لاهي دل تان، سا وير نه وساري،

ڇڏي خواب خوشين کي، غمن ۾ گهاري،

ڏکن سندا ڏينهڙا، پيڙس پناري،

ٿي گوندر ۾ گهاري، بيوس بند بلوچ چئي.

17-

محلين ماندي مارئي، ٿي درد ڪري دانهون،

اونائي ڪونه اُن جون، عمر ري آهون،

ٻاجهه ڪري ٻيو ڪونه ڏئي، ٻڏيءَ کي ٻانهون،

ساريو سنگهارن کي، ٿي روز تڪي راهون،

ويون ويچاريءَ واهون، ٿي بيوس بند بلوچ چئي.

18-

محلين ماندي مارئي، ٿي راتو ڏينهن رڙي،

ساري سنگهارن کي، سا سورن منجهه سڙي،

عمر جنهن کي قيد ڪيو، اندر ڪوٽ ڪڙي،

لکئي ڪونه اڙي، ٿي بيوس بند بلوچ چئي.

19-

محلين ماندي مارئي، سک نه ڪري سانت،

اچي ڪوٽ ڪڙن ۾، روئي ڏينهان رات،

مارئي کي مارن جي، تن اندر ۾ تات،

سمجهي مارئي موت کي، سورن ۾ سوغات،

اڄ منڌ رهي محلات، ٿي بيوس بند بلوچ چئي.

20-

محلين ماندي مارئي، سک نه سمجهي مور،

ساري تن سرتين کي، پلپل پونس پور،

قسمت آڻي قيد ڪئي، ڪنهن جو ڪونه قصور،

سڻي ڪونه سنگهارن جو، مارئي ڪو مذڪور،

چاڪ چڪندي چور، ٿي بيوس بند بلوچ چئي.

21-

محلين ماندي مارئي، ٿي رتو رت روءِ،

ڪين ويهي سا ڪوٽ ۾، پنهوارن کان پوءِ،

هيءَ جا جهانگياڻي جوءِ، ٿي بيوس بند بلوچ چئي.

22-

محلين ماندي مارئي، خوشيان ڪري نه خواب،

ساري سا ساڻيهه کي، اکين اوتي آب،

قادر ڏنس ڪوٽ ۾، ڪو عذر ساڻ عذاب،

هيءَ ڀي ڪنهن حساب، ٿي بيوس بند بلوچ چئي.

23-

محلين ماندي، ٿي ماڙئين ڳاري ماس،

ويا ويچاريءَ وسري، اهي لاکيڻا لباس،

مارئيءَ کي ملير جي، اندر منجهه اداس،

وسيلا سڀ وياس، ٿي بيوس بند بلوچ چئي.

24-

محلين ماندي مارئي، اندر ڳچ ڳري،

وَس نه ويچاريءَ جو، پنهور ٿياس پري،

ساريو سنگهارن کي، ٿي مارن ڪاڻ مري،

سا ڪامڻ ڪيئن ڪري، ٿي بيوس بند بلوچ چئي.

25-

محلين ماندي مارئي، سک جنهن کي ناهه،

سانگين ۽ ساڻيهه کي، ٿي ساري سَنجهه صُباح،

ويٺي ويڙهيچن جي، ٿي روز نهاري راهه،

امن ساڻ الله، ٿي بيوس بند بلوچ چئي.

26-

محلين ماندي مارئي، ساري ملڪ ملير،

قسمت جنهن کي قيد ڪيو، جثو منجهه زنجير،

ويُس ويس وسري، کاڄ کنڊون ۽ کير،

راتيان ڏينهان روڄ ۾، نيڻن وهائي نير،

لکئي منجهه تقدير، ٿي بيوس بند بلوچ چئي.

27-

محلين ماندي مارئي، ٿي جام وهائي جر،

ڪئين ويهن سي ڪوٽ ۾، ٿاڪ جنين جا ٿر،

هر هر اباڻي پار ڏي، ڌري نرت نظر،

شب روز شير محمد چئي، غمن ڪيڙس گهر،

زهر ڀانئي زال ٿي، زريون ۽ زيور،

آگي ساڻ امر، ڪئي بيوس بند بلوچ چئي.

28-

محلين ماندي مارئي، زور ڪري زاريون،

ساهيڙيون ۽ سرتيون، ٿي ساريون سنگهاريون،

دم نه لاهي دل تان، سي دانہ ڌناريون،

ڳل ڳچيءَ ڳاريون، ٿي بيوس بند بلوچ چئي.

29-

محلين ماندي مارئي، ٿي پنهور پڇائي،

روز اباڻي پار ڏي، ويٺي واجهائي،

پٽ، پٽولا، پارچا، سيم نه سيبائي،

سهجؤن سک وڃائيا، کاجھ نه ڪو کائي،

اُت امر اڙائي، ڪئي، ٿي بيوس بند بلوچ چئي.

30-

محلين ماندي مارئي، ڏک ڏسي ڪيئي،

ڪين چئي ٿي ڪنهن کي، ڏوراپا ڏيئي،

دم نه لاهي دل تان، سانگيئڙا سيئي،

قسمت وڌي اڄ ڪوٽ ۾، ناتر هي نيئي،

جا پاڻ وسان ويئي، ٿي بيوس بند بلوچ چئي.

31-

پهرين رات پنهور، عمر آندي ڪوٽ ۾،

ماتم ٿيو مارئي سان، عمر ڪاڻ شڪار،

بند رهي جا بند ۾، سا روئي زاروزار،

دايون، ٻايون، ٻانهيون، چؤقبلو چوڌار،

ڏين دلاسا دل سان، ويهي سي وينجهار،

ته: ڇڏ راڙو روڄ تون، گڏجي خوش گذار،

سنڀري ويهه تون سيج تي، سهسين ڪر سينگار،

ٿي ناتر وهائي نار، ڪنهن سان ڪڇي ڪينڪي.

32-

ڪنهن سان ڪڇي ڪينڪي، جال وهائي جر،

سڀ ملي مارئيءَ کي، ٿيون چون چڱيءَ پر،

ڪيئي راڻي راڄ جي، آڻي هت عمر،

جايون، ماڙيون، محلا، ٻيا بنگلا بيشتر،

پٽ پٽيهر، پارچا، زريون زر زيور،

پائي ويهه پنهور! تون، ڇڏي خام خطر،

گوليون، دايون، ٻانهيون، دانہ تنهنجي در،

هاڻي هيجان ڪر، تون عيش عمر سان مارئي!

 

33-

تڏهن موٽي ڏنو مارئيءَ، جُودان هيءُ جواب،

ڏکوئجي ڏيل ۾، آڻي اکين آب،

ته: ڪوهه چئو ٿيون ڪامڻيون! ڪريو ڪو ته حجاب،

عمر عزرائيل جان، ڏنم ڏک عذاب،

هوش ويو سڀ حوصلو، بلڪل ٿيس بيتاب،

ڪريو عيش عمر سان، اوهين شوق شتاب،

آهي اوهان تي عمر جو، مون ڪو ڏوهه ثواب،

هيءَ مارئي مهڻي هاب، ڪين ڪريو ڙي ڪامڻيون!

34-

ٻي رات ٻاجهه مان؛ عمر ڪيو احوال:

سڻ تون منهنجي مارئي؛ ڳجهه اندر جي ڳالهه،

صورت ڏسي سڦري، تنهنجي جوت جمال،

پيو عشق اندر ۾، ويئي سرت سنڀال،

کڻي آيس کوهه تان، ورنهه لاءِ وصال،

ڇڏي خام خيال، مرڪي ويهه تون ماڙئين.

35-

مرڪ نه منهنجو ماڙيون، اسين لوئياريون لال،

جهانگي ماڻهو جهنگ جا، مارو چاريون مال،

جٿي ڪٿي جهوپڙا، جهانگيئڙن جا جال،

ڪڍ عمر ڪوٽ مان، ڪري ڀلائي ڀال،

چئي شير محمد شال، موٽي مِلان مارئين!

36-

ٽيءَ رات ٽُري ويو، عمر ڄامَ امير،

چيو تنهين چاهه مان، ههڙيءَ پر همير،

ته: منٿ مڃ تون مارئي! نه دانهه ٿي دلگير،

ٿيءُ راڻي راڄ جي؛ تون روشن ماهه منير،

پائي پوشاڪون پٽ جون، مکي عطر عنبير،

کاءُ کنڊون ۽ کير، مُرڪي ويهه تون ماڙئين.

37-

چئي: آڇ نه عمر! اهڙي، تون اڻ وڻندي وائي،

تو جا رٿي روح ۾، پيٽ اندر پائي،

سا سمجهي رهه تون سومرا، عمر! اجائي،

لاهي غير گمان تون، ڪڍ من مان مدائي،

اي عمر! اُهائي، سام ڀانئِج سومرا.

38-

چيو عمر مارئيءَ کي، چوٿين رکي چاهه،

صاحبي ڪر سنگهار تون، ويٺي سنجهه صباح،

تو ۾ منهنجو مارئي! آهي ساهه پساهه،

هاڻي مونجهه مِٽن جي لاهه، مرڪي ويهه تون ماڙئين.

 

39-

چئي: عمر ادا! ايتري، ائين نه جڳائي توءِ،

ظلم ڪندڙ زالن تي، سو نه حاڪم هوءِ،

ڇڏي حياءُ همير تو، مٿان کوهه کنيوءِ،

ڊنين نه ڊاءُ رب جي، خاوند جنهن خلقيوءِ،

کڻندي جيڪر کوهه تان، ڏوٿين هوندي ڏٺوءِ،

ته سمجهين هوند سومرا! ڏيهن ڏس ڏنوءِ،

سُڌ تنهنجي سومرا! پئي پنهوارن پوءِ،

زوري ڪم ظالم جو، جيئن مُنج ملير ڏي.

40-

پهچي آيو پنهور وٽ، پنجين ڀري پير،

اچي عمر ات چيو، دانَهه پاڻ دلير،

ته: مارئي! پنهنجي ملڪ جو، ڪر صبحاڻي سير،

هتي پڻ مارن جا، ڏس ڌنارن ڍير،

چارين پيا چاهه مان، ڪاهيو مال مٿير،

اچن ويل اجهو جي، ساجهر وير سوير،

هتي هُتي هڪ جيها، ڪونهي منجهن ڦير،

لاهي گوندر غير، مرڪي ويهه تون ماڙئين.

41-

چئي: عمر! عقل اهڙو، ڇڏ ٻهڳڻ ٻاراڻو،

مال نه منهنجي ملڪ جو، نه ڏيهه به ڏاڏاڻو،

نه ماڻهو هت ملير جو، ڪو عمر اباڻو!

ڀلا مال ته مالن جيها، پر مٽجن ٿا ماڻهو،

سور ته توکي سومرا! ڪوئي سيباڻو،

خوف توکي خاوند جو، پوي نه پاڻئون،

ٿي سومرا! سياڻو، مون کي مُنج ملير ڏي.

42-

ڇهين رات ڇوهه ڇڏي، عمر ڪيس آزي

مڃ منٿ مارئي! رهه رضا ۾ راضي،

منهنجي هن انصاف جي، ڏس توري تارازي،

ڪريان زور نه ظاهري، نه ڪا بيهودي بازي،

اٿم شوق شاديءَ جو، نه محبت مجازي،

موڪل ڏي تون مارئي! ته ڪوٺايان قاضي،

تن اندر تازي، تو ڏي حب هنئين لڳي،

43-

چئي: ڳايان تنهنجو ڳوٺ ڏي، عمر هي انصاف،

ڪڏهن وساريان ڪينڪي، پنهنجا سانگيئڙا صاف،

موٽي مُنج ملير ڏي، ڪر مارئيءَ کي معاف،

ته عمر! تنهنجا الطاف، ٻيڙهئين مڃن پنهواريون.

44-

آيو عمر اوچتو، ستين رات سنڀري،

چئي: موٽي هاڻ ملير ڏي، ويندئين ڪانه وري،

ويندئين ويڙهيچن ري، ماڙين منجهه مري،

پنهور راڄ پري ٿيا، ڇڏ هي چاهه چري!

لُڏئين هت هندورئين، اُتي بار ڀري،

ڏکـٖـين ڏيل ڳري، ويندءِ ويڙهيچن سان.

45-

ڇڏي محل ماڙيون، ويندو هرڪوئي،

رهندو ڪونه جهان ۾، قادر ري ڪوئي،

جنهن جي نيڪي جڳ ۾، جيئرو آ سوئي،

ڊڄي ڊاءُ رب جي، جڳ اندر جوئي،

آءٌ پڻ سونهان تن سان، مٿي جن لوئي،

پائن هار گلن جا، پنهواريون پوئي،

ٿا سومرا! سڀيئي، سونهن پنهنجي سٿ ۾.

 46-

اچي اٺين رات جو، عمر ڪيو اظهار،

مارو مِٽ نه منهنجا، هو پٽن جا پنهوار،

ڪهڙو گذر تن جو، هو پٽن جا پنهوار،

هت پائي پوشاڪون پٽ جون، سهسين ڪر سينگار،

زر زيور تو ڏيان، حيرت جهڙا هار،

ويهي محلاتن ۾، تون راڻي ٿي ته گذار،

تون وڏي هوندين امير، توسان عمر جو اقرار،

سي ويڙهيچا وسار، جهنگ جنِين جا جهوپڙا.

47-

چئي: عمر! مارو مٽ نه تنهنجا، سي مَٽ نه تو سونهن،

جن جا جهوپا جهنگ ۾، سي ڪيئن ڪوٽ ويهن،

جي ڪاهيو ڌڻ ڌناريون، ٿيون پٽن ۾ پهرن،

ماڙيون مرڪ نه تن جو، جي پکن منجهه پسن،

جي تو جهڙا ڪينڪي، سي مِٽن سان مرڪن،

لقب لاءِ پاڻ کي، نڪي لويارن،

عمر! ڪر نه اهڙيون، جي ڳالهيون مون نه وڻن،

ڪڍي مدي منجهان من، موڪل ڏي ته ملير وڃان.

48-

نائين رات نوڙت سان، چيو سومري سڄاڻ:

مارئي! ويهه ماٺ ڪري، هوڏ ڇڏي تون هاڻ،

ماري مارئي! مونجهه کي، ريجهي راڻين ساڻ،

ور ور ويڙهيچن ڏي، تانگهه رکي نه تاڻ،

مارئي! مارن ڪاڻ، روئي روئنديئن ڪيترو.

49-

چئي: عمر توکي ناهه ڪي، مناسب هيئن،

جي ٿاريليون ٿر جون، سي وهارجن ڪيئن،

هاڃو ڪري هلئين، جهانگين مٿي جيئن،

اڄ ته اباڻن ڏي، اُٺا مصيبت مينهن،

ورهيه وچان ٿي ڀانئيان، ڏوٿين ڌاران ڏينهن،

مور مڃينديس ڪينڪي، مير مرندي سينئن،

جيئن وڻيئي تيئن، موڪل ڏي ته ملير وڃان.

50-

ڏهين رات ڏسي ڪري، چيو سومري سياڻي،

ته: ملير تنهنجو مارئي! آهي هت هاڻي،

ڪيئن موٽايان ملڪ ڏي، ماڙين ۾ آڻي،

ويندءِ نيٺ وسري، پنهور سي پاڻهي،

چوين ته مِٽ تنهنجا مارئي! گهرايان صبحاڻي،

پرچائي پنهوار سي، آءٌ نوازيان ناڻي،

نه ته وطن اماڻي، ڪڏهين ڇڏيندوسئين ڪينڪي.

51-

چئي: عمر! ايندا ڪينڪي، مارو منهنجا مير،

ڏنئي ڏک ڏوٿياڻي کي، هاڃو ڪري همير!

سي سڱ نه ڏيندءِ سومرا! سانگي مڇي کير،

هو پـٖـکي سونهن پانهنجي، مارو منجهه ملير،

مور نه ڏيندءِ مارئي، عمر ڄام امير!

لالچ لوڀ نه جن کي، وٺڻ جي ڪا وير،

گهر کٿيري کير، پيئن سي پنهواريون.

52-

يارهين رات يقين سان، ڄاتو عمر ڄام،

منٿ مڃيندي ڪينڪي، مارئي مور مدام،

تؤ رکي تڪڙو، ٿو ڪري تاب تمام،

آزيون ڪيون مون گهڻيون، سمجهي صبح شام،

منت مڃي ٿي ڪينڪي، ڇڏي هوڏ حرام،

زالون سمجهن زور سان، ائين چون عام،

آهيان حاڪم حڪومت جو، نڪي گولو ۽ غلام،

زوري زور زبر سان، ڪندس پورو ڪام،

مارئي! تو سان ماتا،، ڪندس اڄ ته ڪوٽ ۾.

53-

تڏهن ڊڄي ويئي ڊپ کان، دهلي ات داناءُ،

ڏسي اکيون عمر جون، سڪي ويڙس ساهه،

نيڻين نير ڇٽڪيا، ناتر کي ناگاهه،

دردي ڪري دانهه، پاڻ وڌائين پٽ تي.

54-

عمر موٽيو پوئتي، ڏسي هِهڙو حال،

ڊنو ڊاءُ ڌنيءَ جي، ڇڏي خام خيال،

ته منڌ ماريندي پاڻ کي، زبر ساڻ هي زال،

اتي حال في الحال، موٽيو ڇڏي مارئي.

55-

ٻانهِيون ٻارهيز رات، عمر اُت سڏائيون،

عمر چيو انهن کي، اوهين زالون زالن ذات،

وڃو گڏجي گوليون، مارئيءَ جي محلات،

مُنڌ مڃايو مارئي، طرح ٻڌي ڪا تات،

ته وري ويڙهيچن جي، وائي نه ڪري وات،

ته جيسين دم حيات، هوند هندورئين لوڏيان.

56-

تڏهن تيرهين ترسيون ڪينڪي، سنڀري سي آيون،

ڏيڻ لڳيون مارئيءَ کي، سي دلاسا دايون،

ڇو ڪرين هوڏ حاڪم سان، ڇڏ ڳالهيون اجايون،

عمر جهڙو آدمي، ڪونه ڪونه ڪٿي ڀانئيون،

خوش گذارين خير سان، دايون ۽ ٻايون،

محل، منارا، ماڙيون، ۽ جنساري جايون،

موڪل ڏي تون مارئي! ٻيون وساري وايون،

ميندي، مُشڪ، عطر سان، لعل لڱين لايون،

زر زيور ۽ زريون، ڳهه ڳچيءَ پايون،

پهر پوشاڪون پٽ جون، سونَ سرو پايون،

مارئي! مَر ڄايون، توسان ڀيڙو آهي ڀاڳ ٿيو.

57-

تنهن مهل اٿي مارئي، ٿي حال چئي رويون،

ماڙيون مرڪ نه تن جو، جي جهانگياڻيون جويون،

سي پٽ نه پهرن ڪينڪي، لڱن جن لويون،

پائن هار گلن جا، پنهواريون پويون،

مينهن وسندي ڪپڙا، سي ڌناريون ڌويون،

کاڄ جنين جو کنڀيون، ٻيو ڏونرن جون ڏويون،

اڄ پنهوارن سان پويون، هوندو ڏينهن قيام جو.


*  هيءَ روايت وچولي (تعلقي شهداپور) مان ظفر بلوچ کان ملي.

شير محمد لغاري، ڳوٺ غلام شاهه لغاري تعلقي سڪرنڊ ۾ سنه 1298 هه/ 1880ع ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ نقر تعلقي سڪرنڊ ۾ حاصل ڪرڻ بعد پراڻن هالن ۾ آخوند محمد موسيٰ پڃاري ۽ پوءِ قاضي خان محمد وٽ فارسي جي تعليم ورتائين. شاعري جو شوق ننڍي هوندي کان ئي هئس. سندس ڪلام گهڻو ڪري ڊگهن بيتن، مداحن ۽ ٽيهه اکرين تي مشتمل آهي. ڳوٺ ۾ لاڳيتين ٻوڏن اچڻ سبب اتان لڏي، ڳوٺ گل محمد لغاري تعلقي شهدادپور ۾ اچي رهيو. سندس گهڻو ئي ڪلام قلمي نسخن جي صورت ۾ هئو جو سندس پوين کان گم ٿي ويو. 65 ورهين جي ڄمار ۾ سنه 1945ع ۾ وفات ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org