سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: عمر - مارئي

باب: -

صفحو :22

 

تعلقي روهڙي جي شاعر علي شير جاگيراڻي جا بيت*

1-

رکي ريب لبيس، عمر آيو مارئي وٽ،

چالاڪيءَ سان چڙهي ڪري، اچي ٻڌائينس چٽ،

تون سڪ ڦٽي ڪر سانگين جي، رَهه اَميرن وٽ،

پچر ڦٽي ڪر پيڪن جي، تون مارُن ڏهُون مَٽ،

مان حاڪم آهيان ملڪ، ريجهي ويندينءَ جهٽ،

پارس سان پاسو لڳو ٿِي، گوءِ اها تون کٽ،

وَرُ نه لهندينءَ مون جهڙو، نٿي سمجهين ڄٽ،

خوشيءَ سان تون کاءُ پيءُ، خيال نِندور لٽ،

تون راڻي ٿي راڄڻ جي، غم غصي کي سٽ،

صابڻ لائي سرهي ٿي، لڱ پنهنجا مهٽ،

هُت واري اٿئي وٿاڻن تي، هت چڙهي ويهه کٽ،

ميرا ڦٽا ڪر مارئي! پهري ويهه تون پَٽ،

مردن سان مقابلا ڪري، وڌئي مارن کي ڦٽ،

تڪبر تنهنجو رهندو ڪٿي، جڏهن ورتامانءِ سڀ گهٽ،

توڙي مرد هيڻو هجي، ته به ناهي مهري اُن جي مَٽ،

مهري اڳيان مرد جي، سڀ کائي ٿي ڪٽ،

وڃي نه ته ملير ۾، ماريندس مارُو سڀ اُڦٽ،

وانگي نه بچندو هڪڙو، سڀ ڪندو سانءِ چٽ،

هاڻي پرچي ويهه پلنگ تي، هوڏانهن لاهج هٺ،

لاهه لوئي، ڪر ڪپڙا، من جو لاهه مرٽ،

ڇڏ پچر پوئتان جي، نه ته ڪندو سانءِ اُلٽ،

ته به ريجهي ڪين مارئي، توڙي عمر ڪيس نٽ پٽ،

علي شير کي، انهيءَ ڳالهه جي، آهي وڏي عبرت،

ويئي ٻڪري بچي بگهڙ کان، ڏسو قادر جي قدرت،

مٺ تڪڙي هجي مهري جي، ته مرد ڪهڙي طاقت،

آر ڏسي عورت جو، وڌي هيڻن جو ٿو هٺ،

نڪو زوري ظلم ڪن ٿا، نڪو زنجير وجهن ڳٽ،

ڏسو قادر جي قدرت، جو تاري حق هيڻن جا.

 

2-

مارئي چيو عمر کي: سڻ تون حقيقت،

انڌو ٿئين اکين کان، ڇڏيئي آب عزت،

منهنجو ست قائم آهي، باريءَ جي برڪت،

تون ته راڄن جو راڄ ڌڻي، ڪج ڪا عدالت،

توڙي سوين سک ڏئين، ته به روح ج ناهه رغبت،

جِسيَن سان هاڇا ڪجن، نه رک هيڻن تي هيبت،

ٿو شاهه سڏائين سومرا! ڪر مٿان عنايت،

شاهن جو ڪم اهو آهي، ته ڪن هيڻن حمايت،

تو دڙڪن سان دٻايو، ٻيو تاب رکين تهمت،

مان هيڻين آهيان هر حال ۾، ڪندو ماڙ مدت،

ڇو ڪوڙا عشق ڪمائي، ناس ڪيئي حشمت،

سامُن ڇو سوڙهه ڪيئي، پويئي ڪال قحط،

سامُن مٿان سِر ڏجن، رکجن مهر سندا ڪي هٿ،

تو ڪوٽن ۾ کڻي قيد ڪيو، مٿان ڳهلا وڌئي ھٽ،

ڏکيءَ کي نه ڏکاءِ تون، متان مٿان اچئي آفت،

سامون کي سختيون ڏئين، متان پوئي انهن جي شامت،

عمر! چکو جن لکيو، سي ڪيئن ڀوڳن بدبخت،

آهيان تو وهيڻي ڪانڪا، منهنجي چڱي آهي قسمت،

ٻانهي تي ٻاجهه ڪري، اچي حامي ٿيندو حضرت،

عمر! تنهنجي پرڻـٖـي کان، شل موت اچي ستت،

آهي حق جو هادي هيڪڙو، مون تي رحم ڪندو رحمت،

توڙي دکن ۾ دم ڏنم، ته بج جاءِ ٿيندم جنّ،

آهي قلم هٿ قهار جي، اها لکڻ واري ڪت،

تون ٻه هاويءَ ۾ هڄندين، ڪيئي ڏوهه سخت،

اُتي تورو تُري ٿو تڪڙو، سخت اٿئي ڪسرت،

ايندئي ملائڪ موت جا، تڏهن زاري ڪندين زحمت،

انهن اڳيان سڀ معلوم آهي، نٿا ڪڦرن غفلت،

اتي وايون ٿيندءِ ولهڙيون، ملندئي ڪين مهلت،

ڪر تون خوف خدا جو، گندا رکت غيرت،

اتي لوڙ لوڙيندين هڪڙي، مگر منهنجي نسبت،

تون برو ٿئين ڀيڻن جو، لُچا! پوئي لعنت،

ڇو سانگين سان ساڙي ڪيئي، ڪرين بيحرمت،

پوندئي ڪم ڪرين سان، ٿيندئي نه پارت،

ٻڌي هَل حشر جو، ٿا ميڻ ٿين پربت،

پٺي چيري پويون، توکي کولي ڏيندا خط،

واچڻ سان وائڙو ٿيندين، تون ظلم ڪرين ٿو هت،

اتي ڌرتي ٿيندي ٽامي جي، ناهي ڪنهن جي حاجت،

اتي سنگتي ساٿي ناهه ڪو، پيسي ڏوڪڙ نافت،

ايندو عربي اَڙين لاءِ، ڪندو شافي شفاعت،

هاڻي ڪڍي ڇڏ ڪوٽن مان، گرا ڇڏ غفلت،

اتي عرض اگهيو آهي مارئيءَ جو، ڪئي آگي عدالت،

هڪ دائي اچي در تي، دانهن ڪئي عورت:

مارئي تنهنجي ڀيڻ ٿئي، ڪجهه سک عمر اشرافت،

اتي عمر ڏڪي ويو ڏل ۾، روئڻ لڳو رت،

ڏوهه مون ڪيو، پر ڏاتر ڪيو ڏت،

شاباس آهي منهنجي ڀيڻ کي، جنهن ستيءَ جو رهيو ست،

پيرين اچي مرئيءَ جي، ۽ نر ڪئي نوڙت،

ته ڀُليو آهيان مارئي! مون ڪيو ڏوهه سخت،

پوءِ عمر ماڻهو موڪليو، مارن جي ولايت،

سانگين اچي ورتي، پنهنجي امانت،

مارئي ملي مارن سان، پرور رکيس پت،

کيت ۽ مارئي جي عمر ڪئي، شادي شناخت،

سرهيو ٿيو سڀڪو، ڏسي شاهه سندي شفقت،

مَرُ زالون ٻڏن هي قصو، ته مِهرين اچي مَت،

سڀڪا زال مارئي ٿئي، ڏسي ستيءَ جو ست،

علي شير، انصاف عمر جو، جنهن نه ڪيو زور زبردست،

جي نر سڌو ٿئي ها نار تي، ته ڪهڙي هئي طاقت،

مرد اُهي مرڪندا، جيڪي سکندا عمر جي اشرافت،

هوندا هنج حبيب جي، الله ڪندن حفاظت،

داخل ٿيندا جنت ۾، ساڻ مومنن جماعت،

ڏسو هاديءَ جي حڪمت، جو مٽيـٖـن ملي وڃي مارئي.

 


 

شاعر محمد عارف ڪلهوڙي جا بيت*

1-

ڪاريگر قدرت جو، آهي صاحب رب سبحان،

پٿريائين پاڻيءَ تي، زمين ۽ آسمان،

وچ زمين ۽ آسمان جي، جوڙيائين جڳ جهان،

خليفا خاوند خلقيا، هڪ آدم ٻيو جان،

هو ناري پيدا مار نام، هن جو مٽيءَ مڪان،

جان پٽيءَ جن پيدا ٿيا، آدم پٺيءَ انسان،

خاوند خاڪيءَ جو ڪيو، آهي شرف وڏو شان،

خلقيائين جنن ۽ ماڻهن کي، ٿين آگي ڏانهن احسان،

آهي ظاهر ذڪر ٻنهي جو، ڪڍي ڏسو قرآن،

مڃ امر آگي سندو، ڦٽو نه ڪر فرمان،

جو اهڙو مالڪ مهربان، سو ويهه وساري ڪينڪي.

2-

ويهه وساري ڪينڪي، صاحب رب ستار،

جنهن پيدا پنهنجي نُور مان، ڪيو نبي نروار،

منجهون نُور نبيءَ جي، ٿيو جهان جو جنسار،

اچي سڀڪو پوٽو آدم جو ٿيو، هن دولت جو دهدار،

ڪو ٿيو پيڙهيءَ پيغمبر اولياء، ڪو ٿيو محبت ۾ موچار،

ڪو ٿيو عابد، عالم، عقلوند، ڪنهن جاڳڻ سان جار،

ڪو ٿيو پڌرو پيڙهيءَ بادشاہ، ڪو ٿيو نوڪر خدمتدار،

ڪو دولت مند دنيا ۾، ڪو ٿيو پينو پنڻهار،

ڪو ٿيو امر تي الله جي، ڪو ٿيو نيڪ نيت نروار،

ڪو ٿيو حق سندي حڪم ۾، ڪو ٿيو حرام تي هوشيار،

ڪنهن کي خراب خاوند ٿو ڪري، ڪو ٿيو نيڪيءَ نامدار،

ڪو صابري ٿيو صبر ۾، ڪنهن ٿيو گويا ۽ گفتار،

ڪو ظالم ظلم ٿو ڪري، ڪو عدل ڪري آچار،

ڪو هارائي هتان هليو، ڪو وڻجي ويو واپار،

جنهن جي حق ۾ جيئن لکيو، تيئن ٿيندو تڪرار،

بشر نه سڀ برابر، ڏسو جيءَ ۾ ڪري جار،

خلق الانسان من تفاوت، چئي ڏينهن جو ڏاتار،

وڏائي واحد جيءَ جو، ڪري ڪير شمار،

سو اهڙو صاحب رب ستار، ويهه وساري ڪينڪي.

3-

ويهه وساري ڪينڪي، قادر رب قدير،

خالق ڪل خلق جو، آهي بينا ۽ بسير،

وڏائي واحد جيءَ جو، ناميا سڻو نظير،

ته عمر ڪوٽ اظهار هو، ملڪ ۾ مشر منير،

تنهن ۾ صاحب ڪئي ٿي صاحبي، مسند اُتي مير،

ساڃهه وڏي سومرو، هو دانهه ڌنڌاگير،

چڙهندو هو شير شڪار تي، هو اُڙدن سان امير،

تنهن ٿي ثابت رکيو سير، راجا رعيت راڄ جو.

4-

راجا پنهنجي رعيت کي، ٿو ڪين ايذائي،

قصو عمر مارئي جو، ٻُڌو دل لائي،

هجي جيئن جنهن جي حق ۾، تنهن کي تيئن لوڙائي،

هڪ ڏينهن ڪامل ويٺو هو ڪوٽ ۾، ڪچهري لائي،

سو ڪامن ۽ ڪمدارن کي، ٿو صاحب سمجهائي،

ته متان رنجايو راڄ کي، ٿو سڀ ڪنهن سڻائي،

ويٺو اِنهـٖـين انهن کي، ٿو پانَو پرجهائي،

ته ڪو مدئي هو مارن جو، سو آيو ڪچهريءَ ڪاهي،

تنہ دز اچي دانهن ڪئي، ٿو ائين الائي،

ته مخفي چوندس من ۾، عرض ڪو آهي،

پوءِ جاڳهه جي جاسوس کي، ورتو ڪامل ڪوٺائي،

سو ويٺو مورک مير کي، اتي هينئو حرصائي،

ته هڪ مُڌ ڏٺم ماڙ ۾، ٿي شمس شرمائي،

مَنئين قد سرو کان، افضل سا آهي،

جنهن جي ڪارائِي ڪيسن جي، ٿي ڀنور ڀلائي،

ڪري تاءُ تکو تلوار کان، جڏهن چشمان ٿي چائي،

جنهن جا نازڪ چپ چيراوان، ۽ اُجرو منهن آهي،

جي مشڪـٖـي تان موتِي ڪرن، ۽ جوهر جرڪائي،

تنهن جو نازڪ بت نرم گهڻو، اطلس کان آهي،

جنهن جي سچ سيني تي سهڻا، بيٺس بادل بڻائي،

تنهن گونٽن گلابين مٿان، ٿي سياهي سببائي،

اٿس ورن وڌو وساوڙي کان، ٿي ڇيهل ڇپائي،

تڏهن ڪوئل ٿي ڪرمش ڪري، جڏهن ڳالهه ڳالهائي،

جڏهن چالو چلڻ جو هلي، تڏهن گَنَير گنوائي،

ڇاهي مجال مرد جي، جو وري واجهائي،

ڪنهن کي قدرت ناهه ڪا، جو ڏسي منهن منهن ۾ پائي،

سا هٿيارن حسن جي ساڻ گهور ڪيو گهائي،

جي هوند سورنهائي سينگار ڪري، ته اڏامڪ اٽلائي،

سا هيڪل هُت جهنگل ۾، ٿي گهيٽا گهمائي،

اها ٻانهن هن ٻڪرارن جي، جوڙ نه جس آهي،

تن ۾ ڪري تپاس ڏس ورنہ ويساهي،

وهڻ واجب تنهن کي، تنهنجي محلن ۾ آهي،

مڻ محبت جا من ۾، وڌانس ڳالهيون ڳالهائي،

حمير کي هرشان ڪڍي، ڏنانس مصلحت منجهائي،

عقل ڪڍي عشق وءڌانس، اندر اڇلائي،

سو چڙهيو بوراق برهه جي تي، ٻي ڪنهن نه ٻڌائي،

صاحب ساڃهه بخشي، شال ڀلو نه ڀلائي،

سو راءِ ريجهائي، وٺي ويس لوڪون لڪائي،

اهو احمق ڪيائين اڳ ۾، سونهون سنڀائي،

سي ويا تنهن جاڳهه جُوءِ تي، ڪرهي کي ڪاهي،

هن ڀي ڏورئون ڏيکاري مارئي، چاريءَ چتائي،

هن ور ڏيئي کڻي ويسلي وڌي اٺ تي اڇلائي،

سو ٻڌي ٻيلهه ڪري هليو، ڀؤ کان ڀڄائي،

چوريءَ چورائي، آيو منڌ کڻي مهريءَ تي.

5-

منڌ کڻي مهريءَ تي، وٺيو آيو راهه،

هڪ ڪيائين ته ڪم قرب وٽان، هو پيڙهيءَ تي پادشاهه،

شال قادر ڪنهن کي نه ڪري، غفلت ۾ گمراهه،

رکي چورن سان چاهه، کڻي آندائين کوهه تان.

6-

کڻي آئي کوهه تان، تنهن گهوٽ وهاري گهر،

جا هاٿي هانگاريو ٿئي، ته پوءِ پلجي ڪهڙي پر،

تنهن جا وارث ڪن ڇا ور، جيڪا سوگهي ٿي سترن ۾.

7-

سوگهي ڪيائين ستر ۾، ايهو ڪوجهو ڪيائين ڪام،

پر موران هئس نه من ۾، هوس حرص حرام،

من رِيجهي ڪو راز ڏئي، ته ٿئي سجايو سر انجام،

پرڻي لئي پانوَ کڻي، آيس وير وريام،

اڳتي پلر ڪيو ڪلام، شعر پسر آندو اتهين

8-

پهرين رات پنهوار وٽ، آيو عمر ڄام،

محلي ماندي مارئي جنهن کي ناهه اندر آرام،

عمر چيو کي مارئي اچي ڪامل ايهو ڪام،

ته جهڄ نه جهانگيئڙن لئي نه ٿيء تار تمام،

پٽ پهر پوشاڪون، ٻيو کاءُ طرحين طرحين طعام،

تون سائڻ ٻيون ٻانهيون تو ساڻ اصل انجام،

ويڙهه نه واڳون وطن تي نڪي لاڙ لغام،

اهو خيال ڦٽ ڪر خام، اچي ويهه کلي چڙهه کٽ تي.

9-

چئي: عمر آڇ نه اهڙا تون ويڻ ميان مان کي،

وطن وساري پنهنجو مان ڇو ڇڏيان ڇاکي،

تون ڇا ڪندين زور ضعيف سان جي مان کي رکندڙ راکي،

توڪل ڪوٽ تنهين جو آهي اصل اسان کي،

نه آهن ڪي تهان کي، ڪنجون هٿ قهار جون.

10-

عمر ڪيس عاجزيون ات ٻهون ٻيجهي رات،

ته رئڻ ۽ رسڪڻ مارئي ڇڏ سڪ پيڪن جي سانت،

هت هوئي مٽ مائٽ جهنگلي تون ڇڏ طلب تن جي تات،

اڄ آهين وات وڪيل تون وينگس پنهنجي وات،

آءٌ ته آهيان راڄڌڻي جو، نڪي ڪمينو ڪم ذات،

هت ٿي ڪونڌر ڪڇن ۾ ڪئي پرهه ڦٽي پرڀات،

جي ڏاتر ڏئي ڏات، اچي ويهه کلي چڙهه کٽ تي.

11-

اڙي عمر! ڪونڌر ڪڇن ۾ وجهڻ اسان جو مرڪ وڏائي آءِ،

منهن ڪڍڻ ماڙي وهڻ تنهنجن جوڙ جڳاءِ،

جئن ري ڍڪ عيب اوهان جن تئن اسان ڍڪ ۾ آءِ،

جهڙي رسم جني جي تهڙي تن سيباءِ،

سڀڪو ڪوفي پنهنجي وڃي سهجان سڱ ڇڪاءِ،

اها ريت اوهان وٽ آءِ، جو ٿين وات وڪيليون پنهنجي.

12-

ٽيجهي رات ٽري اچي عمر ڪيس اظهار،

ته مانکي تنهنجو مارئي آهي وهم وڏو ويچار،

ته منڌ مڱيجو تنهنجو آهي اصل ايلپنهوار،

توکي تن  اندر تنهن کيت جو آهي جيءُ جُسي ۾ جار،

زر نه زيور جن کي تن هيري سندو هار،

هت سڀ سلامي تنهنجا ته به آڻي نه اختيار،

اهو طرح ڦٽو ڪر تا، اچي ويهه کلي چڙهه کٽ تي.

13-

عمر، تار تتر تن کي گهڻا جي نپنيون منجهه ماڙن،

جن جي جهوڪ جهنگل ۾ سي ڄاڻ نڪو ڄاڻن،

جئن هت چانور کائن چورمان، نئن هت پيٽ ڀريون پيرن،

جئن هت سونا هار ڳچن ۾ تئن هت ڳانيون منجهه ڳلن،

جئن هت سمهن سيجن تي تئن  هت واريءَ ۾ وهسن،

جئن هت ڇڄهري ڇڻڪار تي تيئن هت بوندان بس نه ڪن،

جئن هت پٽ پٽيهر بافتا تيئن هت لوئي ۾ ليٽن،

جئن هت دهل دماما نڪڻان تئن هت ٻڪرار ٿا ٻيڪن،

اُهي ڪيئن ور وسارجن، جن کي سمجهه نه سون پتل جي.

14

چوٿينءَ رات چڙهي مٿي عمر جان آيوس،

ته کٽ ڇڏي وڃي پٽ پئي جيهو رت رنوس،

ڪري منهن ملير ڏي اهو پرتيون پار ڪڍيوس،

ته ڇن نه مارو آءٌ ڇڏيان جيڪس لکڻهار لکيوس،

ڏسي حال حمير تنهن، فائق فرمايوس،

ته منڌ تو ماريندوس، نه ته اچي ويهه کلي چڙهه کٽ تي.

15-

چئي؛ مرڻ مون کي نه مهڻو آهي جيڻ گهڻو جنجال،

چش نه ڏين ٿا چورمان تنهنجا مڏيون ۽ مال،

منهنجا مٽ ملير ڏي هت نه ڀائي حال،

ريءَ پـٖـيڪـٖـن پرديس ۾ ٿي هڪ ساعت ڀانيان سال،

جيڪر وڃان اڏامي اوڏهين فائق آءٌ في الحال،

عمر، آءٌ مشڪل ڳالهه محال، جو اٿم جسو جنجيرن جو.

16-

عمر آيو وٽ ماروئي رات پنجينء پيهي،

تون مون ساڻ تان معلوم ڪر توکي جيءَ اندر جيهي،

مان ڀي رس مقابل راز جي توسان طرح ڪندس تيهي،

ڇو وڌو اٿئي جيءَ جنجال ۾ ڇو دکي ڪيئي ديهي،

ڌيءَ پـٖـڪن گهر مهمان آءِ وڃي ساهرن گهر صحي،

پر منهن گڏجاڻي جي موٽي اچي ڪنهن مهل ڪهي،

تون به اچجانءِ رات تِت رهي، اچي ويهه کلي چڙهه کٽ تي.

17-

آهن منهنجا ساهرا عر ڄام اُهي،

ڪين مٽينديس پانهنجا توڻي ڪاتين ساڻ ڪهي،

مهڻا سندا ماروئين ٿي اندر ساهه سهي،

ڪيئن سا ڪلهوڙو چئي هوءَ هت رضا منجهه رهي،

ڏس تون پرس پهي، جو کڻي آندءِ کوهه تان.

18-

ڇهينءَ رات ڇڳير عمر آيس پير ڀري،

تان من ماندي ٿي مارئي ٿي ڪوراهر ڪري،

آهي ڪيڏو جهل زال جو نه ٿي ڌيان ڌري،

جي مان به ڪريان ڪاوڙ اهڙي ته ويندينءَ تحت الثرا تري،

ٿيندينءَ ضايع منجهه ذري، نه ته اچي ويهه کلي چڙهه کٽ تي.

19-

عمر نڪي مالڪ تون ملڪ جو، ڇا وس تنهنجو آءِ،

تون به تهڙو آدمي جهڙي خلق خداءِ،

ريءَ رضا رحمان جي ٻيو واءُ نه ڪنهن کي واءِ،

ڪِبِر وڏائي سو ڪري، ڪبر جنهن جڳاءِ،

انهيءَ دڙڪي ڪين دٻاءِ، پوندءِ ڪم قهار سان.

20-

ستينءَ رات سنباهي عمر ميڙ مڪياس،

آءٌ به ڊڄان خوف خداءِ جي نه ته ڇاهي زن جي راس،

پر نَهڪر قرب ڄٽن جو جو مُنڍؤن آهي ميراث،

ڪپاهه باهه ڇا ڏجي، اها آکيو وڃي اڳيانس،

تون سمجهه صحيح ڪر مارئي اچي چڙهه پلنگ مون پاس،

هاڻي نه ڪر جيءُ اُداس، اچي ويهه کلي چڙهه کٽ تي.

21-

عمر آءٌ نه کٽن هيروي، اسين نپنيون سين جهنگ ۾،

ناهي مناسب مير تو، ڪا نر اها ننگ ۾.

آهي جاءِ جنت انهن جي جيڪي سرنديءَ ٿين سنگ ۾،

لکيو نه لوهه قلم ۾ منهنجو آهي توسان انگ ۾،

هاڻي راؤ انهيءَ رنگ ۾، مُنج موٽائي ماڙ ڏي.

22-

اٺينءَ رات اندوه ۾ عمر گذري رات،

هلي آيو وٽ ماروئي پرهه ڦٽي پرڀات،

ته ماري هوڏ حاڪمن سان نه ڪجي، ڇڏ بي عقلي جي بات،

هاڻي طرح ڦٽي ڪر تات، اچي ويهه کلي چڙهه کٽ تي.


* هيءَ روايت اُتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان محمد عالم ”شور“ خانپوري کان ملي.

علي شير پٽ سرهو ذات جاگيراڻي، اڳ ويٺل ڳوٺ دُبر تعلقو روهڙي ضلعو سکر، هاڻي ڪنڊڙي روحل فقير ۾ رهي ٿو. اندازاً سنه 1905ع ڌاري ڄائو. سندس پيءُ به ملوڪ سگهڙ هو. ڏور ۽ ڳجهارت جو چڱو ڄاڻو هو.

* هيءَ روايت،  قصو عمر مارئي، ٺاهيل محمد عارف ڪلهوڙي ۽ پٽس غلام محمد جو. جناب ڪمشنر صاحب بهادر سنڌ جي ڇاپخاني ۾ ڇپيل، سنه 1886ع ڇاپي پهرئين تان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org