سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: عمر - مارئي

باب: -

صفحو :3

 

مارئي عمرڪوٽ ۾ ڪيترو وقت هئي؟

عمرڪوٽ ۾ مارئي جي رهڻ واري عرصي بابت جدا جدا رايا آهن؛ پر جيئن ته عمرڪوٽ ۾ مارئي جو پنهنجي وطن کي سارڻ ۽ وطن موٽي وڃڻ لاءِ عمر بادشاہه کي منٿن ڪرڻ وارو ڊگهو سلسلو هن قصي جو مکيه باب آهي، انهي ڪري اڪثر اهڙو گمان پيدا ٿئي ٿو ته ڄڻ مارئي ڪو تمام وڏو عرصو عمرڪوٽ ۾ بند هئي. تاريخ طاهري جي مصنف لکيو آهي ته: مارئي عمرڪوٽ ۾ هڪ سال بند رهي، جيتوڻيڪ ڪي گهٽ ته ڪي وڌ ٿا چون. پر موجودہ دؤر جي سگهڙن جي خيال ۾ اهو صحيح ناهي. ٺٽي طرف جي سگهڙ شير خان چانڊيي چيو ته: ڪي چون ٿا ته مارئي عمر بادشاهه جي بند ۾ ڇهه ست مهينا هئي، ڪي چون ٿا ته ٽي مهينا هئي، ۽ ڪي چون ٿا ته رڳو هڪ مهينو هئي، جي جو شاعرن ويهي مهيني جون ٽيهه راتيون ڳڻيون. سگهڙ دين محمد ٻگهئي (ويٺل ڪاڪ، تعلقو ميرپور خاص) ٻڌايو ته: مارئي عمرڪوٽ ۾ پورا ڇاهٺ ڏينهن رهي. ٻين گهڻن سگهڙن جي خيال ۾ عمر بادشاهه ڇهين ڏينهن مارئي کي ڇڏيو هو، جو چيو اٿن ته:

عمر مارئي کي هو ڇهين ڏينهن ڇڏيو

ملوڪن مذڪور کي ڪيو وڌائي وڏو(1).

ڪن سگهڙن جي خيال ۾ مارئي ٽي ڏينهن ڪوٽ ۾ رهي، بلڪ ٽئين ڏينهن تي عمر کيس مائٽن ڏانهن اماڻيو هو:

عمر مارئي ٽئين ڏينهن مارن رسائي

شاعرن وڌائي وڃي ٽيهن پڄائي.

ڳالهه جي مکيه اهڃاڻن مان پڻ عمرڪوٽ ۾ مارئي جي رهڻ وارو عرصو وڏو نه، پر ٿورو معلوم ٿئي ٿو. سنڌ جي عام مروج ۽ مقبول روايت مطابق، مارئي ۽ عمر جي ڀيڻ ڀاءُ واري رشتي جي تصديق بعد عمر بادشاهه يڪدم مارئي کي مائٽن ڏانهن موڪليو هو. ظاهر آهي ته اهڙي تصديق ٿوري ئي عرصي ۾ ٿي وئي هوندي.

عمر جو انصاف

سنڌ جي سماجي قدرن موجب ست سِيل عورت توڙي مرد لاءِ هڪ جهڙو آهي. انهيءَ لحاظ سان نه فقط مارئي توڙي عمر ٻنهي پنهنجو ست سيل رکيو، پر انصاف عمر جو چئبو، جو هتان قصد ڪري وڃي مارئي کڻي آيو، ۽ هوءَ ڪي ڏينهن سندس ماڙيءَ اندر سندس اختيار ۾ هئي، پر ڏانهس مَدي نظر نه ڪيائين: ”ڏس عمر جو انصاف، نه ته ڇا هو مقدار مارئي!“

مارئي نهايت ئي سوڀياوان هئي. عوامي شاعرن سندس حسن جي ڳالهه ايتري ڪانه ڪئي آهي، پر اعليٰ شاعري جي دائري ۾ ميين شاہه عنات پهريون ڀيرو مارئي جي حسن کي واکاڻيو ته:

کُڻيين ٻانهون ڏي، لوڪان ليکي وڄڙي

-----

سا وڄون پس وِماسيُون، جا پتنگ سڀڪو پوءِ

جڏ مارئي مٿو ڌوءِ، ته سورج جهڪو ٿئي.

ٻئي هڪ بيت ۾ آهي ته:

پکي منجهه پدمڻي، ڪر وراڪا ڏئي وڄ

جهڙي صورت سڄ، تهڙي مورت مارئي.

ڀٽائي صاحب خود مارئي جي زباني سندس ’سکر سونہ‘ جو اهڃاڻ ڏنو آهي ته:

سونہ وڃايم سومرا، سکر جهڙي سونہ

دل ۾ دکي دونہ، منهنجو مُنهن ميرو ڪئو.

اهڙي سونهن ڀري صورت- وند ڪي ڏينهن عمر بادشاهه جي ماڙي ۾ موجود هئي، مگر نڪي پنهنجو ته نڪي سندس سيل ڀڳائين.

ننگرپارڪر جي سُڄاڻ سگهڙ سَروپئي فقير ڍاڍي چيو ته: انصاف ته آهي ئي عمر بادشاہه جپ! مارئي جڏهن موٽي آئي ته چيائون ته: ”اڇي اڇي مارئي، جنهن لوئي ۾ وئي، تنهن ۾ موٽي آئي“. پوءِ وڌيڪ وٺي جڏهن ساراهيائون ته پاڻ چيائين ته: سومري کي ساراهيو:

مون کي مَ ساراهه، ساراهينس سومرو

مچ ٻرنديءَ باهه، هٿ نه تَيائين ڪڏهين!

ڀٽائي صاحب پڻ پنهنجن بيتن ۾ عمر بادشاهه جي انصاف جا اهڃاڻ ڏنا آهن ته:

عمر ڪيو انصاف، ڪوجو ٿورو ٿر تي!

سَت – پتيِلي سومري جيڏين وچ جهلياس

آڻي عمرڪوٽ ۾ ڪوٺيين قيد  ڪياس

ڳالهيون ڳوٺ ڪندياس، عمر جي انصاف جون.

- - -

عمر جي انصاف جو پيس ڪن پَڙاءُ

ويٺي چوءِ الله، مون تي مِٽ نه موٽيا.

- - -

پانڌي پرين پنهوار کي ساري ڏيج سلام

سِيل نه ڀڳو سومري مٿس ناهه ملام

سندي امت ڄام، رکيو پن پنهوار جو.

- - -

عمر اڇائي توکي، توڙان لکي توڙ کان

جئن تو سامائي، مامڦ نه ڀڳي ماروئين

- - -

جئن عمر اڇو تون، تئن آءٌ مرڪان منجهه مارئين

مُنهن نه ميرو مون، سيل تنهنجي سومرا

- - -

مطلب ته سنڌ جي هڪ عادل بادشاهه پنهنجي سيل ست ۽ ساک پت، احسان ۽ انصاف جو جيڪو مثال قائم ڪيو، سو دنيا ۾ بي مثال آهي.

ن – ب

 


 


(1)  اسان 1965ع ۾ ڪيل ڪچهرين ۾ سگهڙ صالح احمداڻي (ٽنڊوباگو) اهو بيت ائين ٻڌايو. خان محمد ٽالپر (جهڏو) چيو ته اسان ٻڌو آهي ته:

عمر مارئي کي هو ڇهين ڏينهن ڇڏيو

ماڻهن ان مذڪور کي ڪيو وڌائي وڏو

سگهڙ خير محمد لغاري هن طرح ٻڌايو ته:

عمر مارئي کي هو ڇهين ڏينهن ڇڏيو

سالڪن سلوڪ کي ڪيو وڌائي وڏو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org