سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: عمر - مارئي

باب: -

صفحو :32

 

 

تعلقي حيدرآباد مان فقير موليٰ بخش ميراثي جي زباني قلمبند ڪيل ڳالهه*

همير سومري وٽ، هڪڙو ڪاريگر واڍو، پنهنجي هنر ۽ قابليت سان هڪڙو عمدو گاڏو ٺاهي، انهيءَ ۾ ڏاند جوٽي، تحفو ڪري ڪاهي آيو، ۽ بادشاهه کي چيائين ته: سائين، اوهان جي لاءِ هيءَ سوکڙي تحفو ڪري آندي آٿم. همير بادشاهه گاڏو ڏسي حيران ٿي ويو. واڍي کان پڇيائين ته: هن گاڏي تي تنهنجو خرچ ڇا لڳو آهي؟ واڍي ڳالهايو ته: سائين، سوا لک رپيا خرچ آهي. تنهن کان پوءِ پنهنجو پورهيو ڪيو اٿم. همير سومري ڏسي ۽ پڪ ڪئي ته سچو آهي، جو گاڏيءَ ۾ هيري ۽ جواهرات جي جڙاءُ هئي. اندر طبقين طبقين گاڏيءَ ۾ هيٺ مٿي ڪمرا ٺهيل هئا، تنهن کان پوءِ سچا ڪاوا ۽ بلور ۽ رنگداري ڏنل هئي. اندر پلنگ کٽون، هندورا ۽ باشاهي ڪوچ، ڪاريگر پنهنجيءَ کڏي سان تيار ڪيا هئا. همير سومري دل ۾ ويچار ڪيو ته جيترو انعام هن کي ڏيندس، اهو سمورو خرچ ڪري، وري ٻيو اهڙو گاڏو تيار ڪندو جو هن کان به وڌيڪ هوندو؛ سو وري وڃي ڪنهن ٻيءَ بادشاهيءَ ۾ تحفي طور ڏيندو. پوءِ سڀڪو چوندو ته: حمير بادشاهه! تنهنجي گاڏي کان هُن بادشاهه جو گاڏو وڌيڪ ملوڪ ۽ سهڻو آهي. سو پنهنجي وزيرن کي سُر ڏنائين ته انهيءَ واڍي جا ٻئي بازو ڪٽايا وڃن. نڪي هٿ هوندس نڪي وري اهڙو ٻيو گاڏو تيار ڪندو. اها ڳالهه ٻُڌي ڪنهن ماڻهوءَ کي قياس پيو؛ تنهن واڍي کي سُر ڏنو ته: انعام جي بدران تنهنجا بازو ڪپايا ويندا. ڪا مهل هٿ اچئي ته ڀڄ! واڍي کي پڪ ٿي ته سومرا قهار آهن، برابر منهنجا بازو ڪپائي ڇڏيندا، تنهن کي ڳڻتي وٺي وئي.

گاڏي جي اها حقيقت محلي ۾ به وڃي پهتي. تڏهن شهزادين، همير کي چيو ته: گاڏو لکي دروازي تي اچي ته اسين به ڏسون. همير بادشاهه پڙهو ڏياريو ته: سڀڪو جاءِ بجاءِ رهي، جو شهزاديون گاڏو ٿيون ڏسن. گاڏي واري کي حڪم ڪيائين ته: ڏاند جوٽي، گاڏو ڪاهي، لکي دروازي جي اڳيان هل. واڍو گاڏو ڪاهي آيو لکي دروازي تي. پاڻ لڪي پاسو ڏيئي بيٺو، شهزاديون گاڏو ڏسڻ آيون. حمير بادشاهه جي گهر عمر ڄاول هو. عمر جي ماءُ ’راڻي وَڳَسَ‘ پنهنجي ٻانهيءَ کي چيو ته: عمر جي پارت اٿئي، جيسين آءٌ گاڏو ڏسي اچان. پاڻ ۾ ڏهه – پندرنهن ڄڻيون گڏجي گاڏي ۾ چڙهي آيون ۽ هيٺ مٿي طبقا ڏسڻ لڳيون. گاڏي ۾ بادشاهي پلنگ، ڪوچ، کٽون ۽ هندورا رکيل هئا. راڻي وڳس دل ۾ ويچار ڪيو ته هي گاڏو سوکڙي اسان جو آهي، سا ماٺڙي ڪري هندوري ۾ سمهي رهي.

راڻيءَ کي تقدير جي ننڊ کڻي وئي. همير جي خوف کان سڀڪا عورت تڙ تڪڙ مان ڏسندي لهندي وئي، پر راڻي وڳس گاڏي اندر هندوري ۾ ستي پئي هئي. واڍي کي اڳئي خيال هو ته ڪو وجهه ملي، تنهن خيال ڪيو ته شهزاديون محلي اندر ويون، هاڻي لک خرچ ڪندس ته به اهڙو موقعو هٿ نه ايندو. تنهن کڻي ڏاندن کي ڏوئڻا ڏنا. ڏاند هن جا ڇڪڙا هئا، سي واءُ – مينهن ڪري اُڏامي ويا.

رات جو پهر اڌ گذريو ته عمر روئڻ لڳو. راڻيءَ جي پڇا ٿي ته ڪيڏانهن وئي؟ محلات ۾ جاچ ڪيائون، پر خبر ڪانه پئي، اتي يادگيري پين ته ٻيون شهزاديون ۽ راڻيون گاڏو ڏسي وري آيون، پر راڻي وڳس پينگهي ۾ وڃي ستي هئي، سا ڪانه آئي. وري جاچ لڌائون ته گاڏي وارو به ڪونهي. همير بادشاهه گهوڙي سوار روانا ڪيا ته جتي به ڏسو، گاڏو، ڏاند، واڍو ۽ راڻي زمين داخل ڪري ڇڏجو. ڀلا جي پنهنجي حد اُڪري ٻيءَ بادشاهيءَ جي سرحد مٽي ويو هجي ته اڳتي پڇا نه ڪجو. گهوڙن جا سوار گهڻو ئي ڀڳا پر گاڏي وارو اڳي نڪري ملير جي ملڪ ۾ وڃي پهتو، جتي ’پڳل پنهور‘ نالي بادشاهه بادشاهي ڪندو هو. اُتي سج اُڀريو ۽ شهزادي سجاڳ ٿي. دل ۾ ويچار ڪيائين ته شايد منهنجو مغز ٿو ڦري، پر پڪ ٿيس ته گاڏو ڀڳو ٿو وڃي. سو دروازو کولي دانهن ڪيائين. گاڏي واري گاڏي کي روڪيو. ڏسي کڻي ته راڻي، چنڊ جهڙو حسن اٿس، گاڏي ۾ ويٺي آهي. ڪاريگر واڍي کي پڪ ٿي ته هُونءَ بچي وڃان ها، پر هاڻي نه بچندس. جن جي ههڙي ٻانهن کڻي آيو آهيان، سي هاڻي مون کي ڳولي ماريندا. سالڪ چوندا آهن ته ”چور آهي سڳ سان“. تنهنڪري ڇو نه اِها راڻي اتي کڻي ڦٽي ڪريان، پويان ميـٖـڙُو ڀاڳيا ايندا، پنهنجو سڳ اچي هٿ ڪندا. آءٌ سرزمين تي حاضر نه هوندس. پوءِ الله ڪندو ته منهنجي به جند ڇُٽي ويندي. سو راڻيءَ کي ٻانهن کان جهلي هيٺ لاٿائين ۽ مٿي تي هٿ رکي چيائينس ته: منهنجي جيجل ماءُ آهين. مهرباني ڪري پنهنجي واهرن کي منهنجي پٺيان نه اماڻجانءِ! هِتي ڏاندن کي ڪجهه دم کارايان ها، پر هاڻي جيڏانهن منهن آيو تيڏانهن ڀڄي ٿو وڃان. اها ڳالهه ڪري پنهنجي گس سان ويندو رهيو.

راڻي وائڙي ٿي ماٺ ڪري ويهي رهي. جلاوطن ٿي پئي. الله کان سواءِ نڪو ڄاڻو نڪو سڃاڻو. ٻيو ته ٿر جو ملڪ، واري ۽ ڀٽون. نه گس ڏسڻ ۾ اچي، نڪو پنڌ پيچرو. سو هڪڙيءَ ڀٽ جي مٿان چڙهي، هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳي. هڪڙي طرف کان ڏٺائين ته مال آهي، جيڪو ڇوڪرا پيا چارين. راڻي اچي پاسو ورتو ۽ پڇا ڪرڻ لڳي ته: ڇوڪرا! ڪير آهيو، ڪٿي ويٺا آهيو؟ ڇوڪرا خوف ڪرڻ لڳا، ۽ راڻيءَ کان پڇيائون ته: ڏائڻ آهين يا عورت؟ جواب ۾ پڇيائين ته: ڇو؟ ڌنار چوڻ لڳا ته: اسان سان مائٽ خبرون ڪندا آهن ته جهنگ ۾ اڪيلي عورت ڏائڻ کان سواءِ نه رهندي. راڻيءَ چيو ته: آءٌ ڏائڻ نه آهيان. مون کي هڪڙو انسان ويساهه گهاتي ڪري پنهنجي ملڪ مان کڻي، هتي ڀٽن ۾ ڦٽو ڪري ويو آهي. وَسئن پئي نهاريم ته من ڪو ماڻهو ملي، اوهان کي ڏٺو اٿم، تڏهن ٿي پڇان. ڇوڪرا چوڻ لڳا ته: هي ملڪ ملير جو آهي ۽ هن ملڪ جو بادشاهه پُڳل پنهور آهي. شهزادي چوڻ لڳي ته: مون کي اوهين پنهنجي بادشاهه وٽ وٺي هلو. هڪڙو ڇوڪرو هن کي پنهنجي بادشاهه وٽ وٺي آيو. بادشاهه کي چيائين ته: هيءَ عورت اسان جهنگ مان لڌي آهي. بادشاهه راڻيءَ کان پڇا ڪئي ته: تون ڪير آهين؟ راڻيءَ پنهنجي احوال جي سڄي حقيقت ٻڌائي. تڏهن بادشاهه وٺي آڻي پنهنجي ڪوٽ ۾ ويهاريس. ڪي ٻه – ٽي سال سومرن جي خوف کان راڻيءَ سان نڪاح نه ڪيائين ته متان راڻيءَ جي عيوض مون کان بادشاهي کسي وڃن. آخر راڻي وڳس سان شادي ڪيائين.

هڪڙيءَ رات بادشاهه ستو پيو هو ته خواب ۾ آواز ٿيس ته: اي پڳل پنهور! توتي الله جي ذات جو ڏمر ٿيو آهي. بادشاهه چوڻ لڳ وته: ڪهڙو ڏمر آهي؟ آواز ٿيو ته: يا ٻارنهن سال اڻ وس قبول ڪر، يا ٻارنهن مهينا مينهن قبول ڪر. بادشاهه چوڻ لڳو ته: انهيءَ ۾ ڪا معافي ملندي؟ آواز ٿيس ته: اڄ رات معافي اٿئي. ٻيءَ رات تي هڪڙي ڳالهه منظور ڪرڻي پوندئي. سڄي رات بادشاهه کي خوف ۾ ننڊ نه آئي. تارا تڪيندي سج اُڀاريائين. صبح جو پنهنجي تخت تي اچي ويٺو ته سندس رعيت جا ماڻهو دربار ۾ فرياد ۽ دانهون کڻي آيا. پنهنجيءَ رعيت کي چيائين ته: ايترا ڏينهن اوهان جون دانهون ٻڌيون اٿم ۽ فيصلا ڪيا اٿم. اڄ وري منهنجي دانهن آهي اوهان کي. رعيت چوڻ لڳي ته: سائين! نَوَ لک پکـٖـي جو مالڪ آهين. توتي ڪهڙي تهمت ٿيندي، جو اُها، دانهن اسين ورنايون؟ بادشاهه چوڻ لڳو ته: وڏي تهمت اٿم. امير ۽ وزير چوڻ لڳا ته؛ ائين! ذڪر ٻڌايو ته ڇا آهي؟ بادشاهه چوڻ لڳو ته: الله جي طرفان رات هي الهام ٿيو اٿم ته ٻارنهن سال اڻ وَس قبول ڪر يا ٻارنهن مهينا مينهن قبول ڪر. هاڻي جيڪا اوهان جي مرضي، انهيءَ سان آءٌ به ٻڌل آهيان. ڪچهريءَ ۾ جيڪي سالڪ ۽ داناءُ هئا، اُهي چوڻ لڳا ته: سائين! اَڻَ وس قبول ڪجانءِ. مينهن هڪ گهڙيءَ جو به ماري وجهي. سجُ لٿو رات پئي. وري قدرت جي طرفان آواز ٿيس ته: اي بادشاهه ڪهڙي ورندي ٿو ڏين؟ وَس قبول ڪندين يا اڻ وس؟ پڳل پنهوار چوڻ لڳو ته: اڻ وس قبول اٿم. وري آواز ٿيس ته: سج اُڀرڻ کان اڳي پاڻي ڀري هٿ وسِيڪ ڪري رکندين ته اهو ڪم ايندئي. سج اُڀرڻ کان پوءِ تلاءُ ۽ کوهه سُڪي ويندا. اِها ڳالهه ٻڌي بادشاهه ڀير تي ڏونڪو هنيو. نَوَ لک گهوڙا، پنجيتاليهه هزار پيادل، ستر خان، ٻاهتر اُمراء گڏ ٿيو. بادشاهه کان پڇا ڪيئون ته: ڇا آهي جو بيگاهه وقت نغارو وڄايو اٿوَ؟ بادشاهه چوڻ لڳو ته: ڪالهوڪي بيان جو جواب مليو اٿم. اڻ وس قبول ڪئي اٿم. سج اُڀرئي کان پوءِ ڍنڍون، ڍورا ۽ تلاءَ سُڪي ويندا. رات جي پيٽ ۾ سڀڪو وڃي پاڻي ڀري هٿ ڪري. پوءِ جيڪي سمجهو هئا، انهن پاڻي ڀري هٿ ڪيو، باقي جي اڌ مغزانن جو وڻاء، اُهي چوڻ لڳا ته: بادشاهه ٿو کائي ٻوڙ پلاءُ، ماليا خولي ٿي اٿس. اسان جا تلاء اهڙا آهن، جو پنج سال مينهن نه وسي ته به سُڪڻ جا نه آهن. ماٺ ڪري هلي سمهو. پوئين رات جي ننڊ ڪير ٿو ڦٽائي! پوءِ جن پاڻي ڀريو سي بچي پيا. باقي جيڪي اَڌ پاڻيءَ جا وڻاء هئا، سي سج اُڀرئي جو ساندارا کڻي تڙن ۽ تلائن تي آيا، اچي ڏسن ته پاڻي ڪونهي، واري پئي اڏامي. پوءِ ڏاڍا جوان ڪوڏاريون کڻي لٽا لاهي، ڏاٻون ٻڌي تڙن ۾ لهي پيا، چئيِ: کاٽي کڻو، پاڻهي پاڻي لهي پوندو. جيئن ڪوڏر هيٺ هڻن تيئن سڪي واري نڪري. اُڃ جي سختي اچي وراينِ. مڇيءَ وارو ڪلي پئي لڳين. مجبور ٿي پيا. سمجهيائون ته مري وينداسون. جيئن بادشاهه چيو تيئن نه ڪيوسون. هاڻي ٻي واهه ڪانهي، وري به بادشاهه وٽ هلي ڪو مُنهن مٿو ڪريون. پوءِ بادشاهه کي اچي چيائون ته: تو اسان کي مت ڏني، پر اسان کان مهل وئي. هاڻي اُڃ ٿا مرون. تون بادشاهه  آهين، تو وٽ موتين جو ڪال نه آهي. تون هيري جواهرات جو وٽو ڀري ڏيندين ۽ پاڻيءَ جو وٽو وٺي پي سگهندين. اسان وٽ پوري توَڻ انّ جي به ناهي. هاڻي پاڻي ڪٿان پيئنداسون. اها ڳالهه ٻڌي بادشاهه کين چوڻ لڳو: اُها مهل اوهان کان وئي، هاڻي فڪر نه ڪريو، جيڪو روز نصيب هوندو، گڏجي کائينداسون. هاڻي تياري ڪريو ته هيءُ ملڪ ڇڏي وري ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هلي سانگ سفر پورو ڪريون. اها ڳالهه ڳڻي، تيار ٿيڻ لڳا ۽ پنهنجو وطن ڇڏي ٻئي ملڪ روانا ٿيا.

هڪڙي واڻئي وٽ هڪڙو گڏهه هو، جنهن جي پٺن ۾ چٽا گهڻا پئجي ويا هئا. ٿڪل هو ۽ هلڻ کان وڏو هو. سندس مالڪ آسرو لاهي گڏهه کي اتي ئي کڻي ڦٽو ڪيو. ٻيو راڄ نَوَ لک پکو پنهنجي ديس مان لڏي بادشاهه سان گڏجي هليو. پڳل پنهوار هڪڙو خط لکي پنهنجي ماڻهو کي ڏنو ته هي خط کڻي گڍڙي جي راجا نرهر کي وڃي ڏي. سواري ڀلي ڏنائينس. قاصد خط آڻي راجا نرهر کي وڃي ڏنو. راجا خط کولي پڙهڻ لڳو. خط ۾ احوال لکيل هو ته مون تي قدرتي ڏمر ٿيو آهي. اَڻ وس جي ڪري ملڪ ڦٽي پيو اٿم. آسرو ۽ اميد رکي تو وٽ ٿو اچان. ڌر جهلي سگهين ته مون کي ورندو جواب ڏي ته ايڏانهين اچان، نه ته به جتي روز ۽ نصيب هوندو، اوڏانهين هليو ويندس. اهو احوال پڙهي راجا نرهر دل ۾ ويچار ڪيو ته چڱا چوندا آهن ته ”ڪڏهن ڇٽ پٽن تي، ڪڏهن پٽ ڇٽن تي.“ بيوس ٿي عرض لکيو اٿس. سالڪ چيو آهي ته ”ڪو لڏي اچي، لڏي نه وڃي.“ الله اهو هڪڙو ئي آهي متان ڪڏهن مون تي به ڏمرجي پوي. اها ڳالهه ڳڻي جواب لکي قاصد کي ڏنائين ته راجا کي وڃي چئو ته: آيل جي جاءِ اکين ۽ جيءَ ۾ ٺاهيندو آهيان. ڀلي هليو آءُ. پڳل پنهوار پنهنجو وطن ڇڏي راجا نرهر ڏي روانو ٿيو.

راجا پڳل چَليو ري ڇوڙ لاکيڻو ديس،

سَپَت هووي گهر ڀلا، نه ته ڀلا پرديس.

منزل بمنزل هلندي گڍڙي جي ملڪ ۾ وڃي پهتو. پنهنجو سپاهه، مال ۽ رعيت گڍڙي کان ڏهه ڪوهه پنڌ جا پري ڦٽو ڪري، راجا نرهر سان مليو ۽ چيائينس ته: اسين ماڻهو ڀاڳيا ۽ مالوندا آهيون. نَوَ لک پکو مون کي سلام ڪندو آهي. تنهنجي ملڪ ۾ مُدي جا ٻارنهن سال رهندس. مون کي پنهنجي ملڪ مان ڪا ڪنڊ ڏي ته منهنجو مال آسودو ٿي چري ۽ گذارو ڪري. آءٌ پنهنجو شهر ڏهه ڪوهه پري خلاصو ڪري ويهندس. جيءُ هوندي ڪانه ويندي. اها ڳالهه ٻڌي راجا نرهر چيو ته ”آيل آهي مريض، ويٺل آهي طبيب“، مرض سڃاڻي ان جي دوا دل سان ڪندو ته بيمار چڱو ڀلو ٿي ويندو. تون خيال نه ڪر، ملڪ موليٰ جو آهي. منهنجي بادشاهيءَ جو مالڪ تون آهين. ڪچي پڪي پيو کاءُ. ڪير به توکي رنڊڪ نه ڪندو. ائين چئي راجا نرهر پنهنجي شهر ۾ موٽي آيو ۽ حڪومت جا ماڻهو گهرائي انهن کي چيائين ته: هي آيل ماڻهو، مالوندا ۽ ڀاڳيا آهن. متان ڪو هُنن جي مال کي ڪنهن سائي ٻني تان تڙي ڪڍي. ڀَلِ انّ جي راهه کائـٖـي ته به ورائجو نه. رعيت چوڻ لڳي ته: نَوَ لک پَکـٖـي جو بي انت مال آهي. فصل اسان جو کاڄي ويندو، پوءِ اسان جو گذارو ڪيئن ٿيندو؟ راجا نرهر چوڻ لڳو ته: ڍلون معاف اَٿوَ. گذاري لاءِ مون وٽان انّ جي بدران سچا موتي، هيرا ۽ خزانو کڻي وڃي پنهنجي گذر ڪريو.

راجا پڳل پنهوار اَمن جو وقت گذارڻ ويٺو. هنن بادشاهن جي پاڻ ۾ چنڊ ۽ چڪور واري محبت لڳي. راجا نرهر ڏهه ڪوهه منزل ڪري پڳل پنهوار وٽ ويندو هو، ڪچهري ڪري وارُو ٿيندو هو ته وري پڳل پنهوار هن سان گڏجي ويندو هو. ڏهه ڪوهه منزل ڪري سندس شهر ۾ قرب جي ڪچهري ڪرڻ ويندو هو. وري راجا ورندو هو ته ديس وارو راجا وري هن سان گڏ ايندو هو. هر روز هڪٻئي وٽ ايندي ويندي منزل ۾ ڏينهن جا چار پهر گذرن. گذاريندي سال پورو ٿيو. سندن نوڪر ۽ وزير دانهون ڪرڻ لڳا ته ٻارنهن مهينا منزل ۾ اسان جا گذري ويا آهن. هر روز ويهن ڪوهن جي سواري، سائينجن وچ تي منزل گاهه کڻي ٺهرائين. ٻئي ڌريون هڪٻئي وٽ وچ تي ڪچهري واري محلات ۾ پنج ڪوهه ڪري اچن ۽ پنج ڪوهه ڪري وڃن. اهڙيءَ طرح منزل جو اڌ بار لهي پوندو، ۽ سڀڪو پنهنجي گهر به سک آرام سان گذاريندو رهندو. ٻنهي راجائن کي اها صلاح وڻي. وچ پنڌ تي ڪچهريءَ لاءِ منزل گاهه تيار ڪرايئون، جتي سندن روح رهاڻ روزانو پئي ٿيندي هئي.

چڱا چون ٿا ته ”سُڌون سونهان ڏين، ديواني درياء جون.“

هُن گڏهه کي واڻئي نااميد ٿي کڻي ڦٽو ڪيو هو. گڏهه کي رڻ ۾ رات پئجي ويئي. وسنءُ سڀ ويئي هلي. پاڻي سُڪي ويو، ماڻهو سڀ ڀڄي ويا. هڪ جانِ ۾ درد، ٻيو اڃ اچي ورايس. اها سورن جي رات گذاريئين. سج اُڀري سنئون ٿيو. پکي ويچارا، جهڙوڪ: ڪانءُ، ڪٻر، جهرڪي، ڪيترا ٻيا به پکي، جن جو گذر ماڻهن سان آهي، تن به جڏهن اڻ وسندي ڏٺي، ۽ پاڻي ڏسڻ ۾ ڪونه آين، سي به اُڃ ۾ اچي پريشان ٿيا. سڀڪنهن کي ڀڄندي اُڏامندي ڏينهن تپي ويو. سڀڪو پکي پنهنجا ٽولا ڪري چارئي طرف ڊوڙي ڊُڪي، پر ڏٺائون ته ڪا وسندي يا پهر ڪانهي. باقي گڏهه ڏسڻ ۾ پيو اچي. ڪانءُ لُچي ذات، تن اچي گڏهه تي گهيرو ڪيو. گڏهن ڀڄڻ لڳو پر هُو اڏامڻ واري شيءِ، انهيءَ کان ڀڄي ڪيڏانهن ڀڄي! گڏهه ڊهي پيو، ڪانگ مٿان ويهي ويس. جيئري ساهه کي پنهنجن تکين چهنبن سان ٺونگا هڻي پٽڻ کائڻ لڳا. گڏهه بيوس ٿي الله کي ٻاڏائڻ لڳو ته؛ اي رب! مدد ڪر، جو تنهنجي جوڙ مون سان ظلم ٿي ڪري. گڏهه جو فرياد الله پاڪ کي منظور ٿيو، سو رحم جي نظر ڪري، ميڪائيل کي چوڻ لڳو ته: وساءِ مينهن، اهڙو وساءِ، جو نه اڳ وٺو هجي، نڪو وري پوءِ اهڙو ملير ۾ وسـٖـي. هوڏانهن الله جي ذات ٻارهن سالن جو انجام ڪيو هو، هيڏانهن پنهنجي مخلوق جي ٻاڏائڻ تي ٻاجهه اچي ويس. مينهن پيو، ڪانگ ڀڄي ويا. گڏهه بچي پيو، ۽ پاڻي پي بود ۾ آيو. تنهن کان پوءِ قسمين قسمين جا گاهه تيار ٿي ويا. ملڪ اڳي ملير هو. وري قدرت جي وس به اُتي ٿي. سڄي ٿر ملير ۾ انهي هڪڙي گڏهه پئي موجون ڪيون. اِها وس جي خبر هلندي راجا جي ڪنن تي پئي. پڳل پنهوار کي پنهنجي رعيت چوڻ لڳي ته: اها اوهان جي ڳالهه سچي آهي، پر الله جي فرمان کي آڏو نه ڦربو. متان ڪو وڌيڪ ڏمر ڪري. سندس ماڻهو چوڻ لڳا ته: الله توسان ٻارهن سالن جو قول ڪري، ٻئي ڏينهن تي مينهن وسايو. راجا پڳل پنهوار چوڻ لڳو ته: اها به ڪنهن تي پاڻ ڀلائي ڪئي اٿس. سانگ پورو ڪري پوءِ هلنداسون.

هڪڙي ڏهاڙي راجا نرهر ويهي دل ۾ ويچار ڪيو ته اسان جي محبت اسان کان پوءِ هلندي يا نه؟ ڇو ته اولاد ٻنهي کي ڪونهي. اها ڳالهه روح ۾ رٿي راجا پڳل پنهوار کي چوڻ لڳو ته: راجا! جي توکي پٽ هجي ۽ مون کي ڌيءُ هجي ته آءٌ تنهنجي پٽ کي پرڻايان. جي توکي ڌيءُ هجي، مون وٽ پٽ هجي ته توکان سڱ وٺي، پنهنجي پٽ کي پرڻايان. جيئن پاڻ ٻنهي جي مئي کان پوءِ اِها پنهنجي محبت تَرندي ۽ هلندي اچي. راجا پڳل پنهوار چوڻ لڳو ته: جيڪا تو نبيري، سا منظور اٿم. پر الله جي ذات کي ائين وڻي ته: راجا نرهر چيو ته: اميدن جا در خالي نه آهن. اميد جو ڀاڱو ڪري ٻئي ڄڻا گڏجي هلي ٿا ڏاڏي آدم جي تڪيي تي سوال ڪريون، من ڪا ڀلائي ٿئي. اها صلاح ڪري ٻئي راجا تيار ٿي اميرن وزيرن ۽ مال مڏي سان اچي ڏاڏي آدم جي تڪيي تي خيرات جي بٺي هلايائون. ٽي ڏينهن ٽي راتيون خيرات هلي. ٻئي ڄڻا اولاد جو سوال ڪري سُتا. رات جو ٻنهي کي اهڙو آواز ٿيو ته راجا نرهر کي پٽ ڄمندو، نالو ”ڍول“ رکجو ۽ راجا پڳل پنهوار کي ڌيءَ ڄمندي نالو ”مارو“ رکجو. ٻئي سجاڳ ٿيا. هڪٻئي کي مبارڪون ڏنائون ته الله راضي ٿيو. عاشقن جي تڪيـٖـي مان ونڊ ملي، جهولي سائي ٿي، الله ڏي خزانو ڪير ئي ڪونه ٿو اماڻي. ڌيئرون ۽ پٽ الله جي وس آهن. غريبن ۾ شڪراني جون خيراتون ونڊي وراهي راضي ٿيا. مڏي کڻي منزل ڪيائون. منزل بمنزل ”گڍڙي“ جي بادشاهيءَ ۾ پهچي ويا. الله مهربان ٿيو، پهرين رات ٻنهي جي گهر ۾ اميدواري ٿي. ڏهين مهيني راجا نرهر جي گهر پٽ ڄائو، نالو ڍول رکيائون، ۽ راجا پڳل پنهوار جي گهر نياڻي ڄائي، جنهن جو نالو مارو رکيائون، بادشاهي ٻار پيدا ٿيا. جيسين کير پيئڻ وارا هئا، تيسين پئي کير پيتائون. انّ کائڻ جهڙا ٿيا ته بادشاهي کاڌا ۽ خوراڪون تيار ٿيون. اڄ ننڍا سڀاڻي وڏا، جڏهن جوان ٿيا تڏهن راجا نرهر، پڳل پنهوار کان سڱ جي گهر ڪئي. زبان ٿيل هئي. راجا پڳل پنهوار پنهنجي نياڻي مچائي ڏني. مڱڻي جا ويس وڳا کُهنبا، سُوها، کير منڊيون ۽ ويڙهه ۽ ٻيا بادشاهي سينگار مليا. مڱڻو ٿي ويو.

هڪڙي ڏهاڙي شهزادي مارو باغيچي ۾ پنهنجي ساهيڙين سان گهمندي آئي ته ڍول به گز ڪمان سان شڪار ڪندو باغ ۾ لنگهي آيو. شهزادي مارو ساهيڙين کان پڇا ڪئي ته: ڪير ماڻهو آهي؟ ساهيڙين چيو ته: اهو تنهنجو مڱيندو ڍول آهي. مارئي ساهيڙين کي چيو ته: اوهين وڻ منهن ۾ ڏيئي لڪي بيهو ته آءٌ ڍول کي ڀوڳ ڪرايان. ساهيڙيون وڻ منهن ۾ ڏئي لڪي بيٺيون. شهزادي مارو ڪَهُو جو تلهڙ هٿ ۾ کڻي، جاءِ جي گل جو پاسو ڏيئي بيهي رهي. جڏهن ڍول اچي مٽيو ته شهزادي مارو ٺڪاءُ ڪرايس تلهڙ، جيڪا ڍول جي سڄي جسم کي ڦري آئي. شهزادي مارو پهلوان هئي، تنهنڪري ڍول کي تلهڙ اهڙو زور سان لڳو جو ڊهي پيو ۽ ايذاءَ کان دانهون ڪرڻ لڳو. شهزادي مارو مٿانئس کلي چوڻ لڳي ته: مردن کي ترارن جا گهاوَ ٿي پوندا آهن، ته به دانهن ڪونه ڪن، هن کي ڪا منهنجي تلهڙ لڳي آهي ته دانهون ڪري، ڪِري پيو آهي. ڪهڙي عورت هن کي چوندي ته تون منهنجو مڙس آهين! اها ڳالهه ٻڌي ڍول کي ڪاوڙ لڳي ته هڪ ته مون کي تلهڙ جو ڌڪ هنيائين، تنهن کان پوءِ وري طعنو هنيائين. هاڻي جڏهن مارو پنهنجي وات سان چوندي ته تون منهنجو مڙس آهين، تڏهن شادي ڪندس، نه ته ڀلي ساري ڄمار ويهي گذاري.

پڳل پنهوار کي سندس بادشاهي ڇڏڻ جا سال اچي پورا ٿيا هئا، سو پنهنجي وطن وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. راجا نرهر چيس ته: پنهنجي وطن ڀلي وڃ، پر مون کي مارو شادي ڪري ڏي. پڳل پنهوار جواب ڏنو ته: اميدن جا در خالي نه آهن، آءٌ توکي شادي ڪري ڏيان، پر ’لوڪ آهي منهن موڪ‘، ماڻهو چوندا ته راجا پنهنجي ڌيءُ ’پن – چري‘ ۾ ڏيئي آيو، تنهنڪري هتي معافي ڏينم. آءٌ پنهنجي وطن وڃان، پوءِ ڄڃ ڪري آءٌ، پنهنجو پٽ پرڻائي وڃ. اها ڳالهه ڪري راجا تيار ٿيو. پنهنجي رعيت، صوبا ۽ سردار، مڏيون ۽ مال، سڀ ساڻ کڻي، وطن تي ڪاهه ڪيائين. منزل بمنزل پنهنجي وطن ملير ۾ اچي ويٺو. سالڪن چيو آهي ته ’قدرت جا شيءِ اُپائي، سا کپائي‘. پڳل پنهوار پنهنجي وطن ۾ بيمار ٿي ويو. راجا گذاري ويو. راجا جي موت جو احوال خط ۾ لکي قاصد کي ڏنائون، جنهن اچي راجا نرهر کي پهچايو. راجا خط کولي پڙهڻ لڳو، ۽ پنهنجي دوست جي موت جو مذڪور پڙهي، ڏک کان اُتي جو اُتي دم ڏنائين.

راجا نرهر جي موت جو بيان وري ساڳيو قاصد کڻي موٽي آيو. هڪٻئي جون اميدون رهجي ويون.

پڳل پنهوار کي پٽ ڪونه هو، نياڻي هئي. راجا نرهر کي پٽ هو، سو به مارو جي طعني کان تڏو ملهائڻ نه ويو. دل ۾ ويچار ڪيائين ته ٻنهي پاسي آهي موت جو تڏو، نڪا هُن جي ميار، نڪا منهنجي ميار. سو ماٺ ڪري پنهنجي ملڪ ۾ ويهي رهيو. هوڏانهن رڳيون عورتون هيون، انهن جو وڃڻ به ڪونه ٿيو. تنهنڪري ’راڻي وڳس‘ هر روز ڏسندي هئي ته من ڍول اچي، پر هو ڪونه آيو. تنهن ڍول ڏي خط لکيو ته: اسين آهيون عورتون، اسان جو وارث ناهي. تون مرد ماڻهو آهين، تنهنجو اچڻ ٺهي ٿو. هاڻي چڱي پهچئي ته شادي ڪري وڃ. اهو خط ڍول کي مليو. خط پڙهي ورندو جواب هائو نه، ڪونه ڏنائين. راڻي وري ٻيو خط لکيو. مهيني سر مهيني خط اماڻيندي رهي، پر ڍول پڙهندو رکندو ويو، انهيءَ خيال ڪري ته جڏهن مارو پاڻ لکي موڪليندي تڏهن وڃي شادي ڪندس. ’راڻي وڳس‘ ٻارنهن مهينا پئي خط لکيا پر نه شهزادو ڍول پاڻ آيو ۽ نڪو وري جواب ئي ڏنائين. راڻي وڳس ۽ شهزادي مارو کي ڏاڍي ڳڻتي ٿي ته الائي ڪهڙي سبب شهزادو ڍول نٿو اچي. هڪڙيءَ رات شهزادي مارو پنهنجي پلنگ تي ستي پئي هئي. اها رات چوڏهين جي هئي، چنڊ جي سهائي ۾ شهزاديءَ جي منهن تي جهمڪار هئي، ۽ مٿان ڪونجن جي ولر جو آواز ٿيو، ته شهزادي خواب ڏٺو ته ڍول مون وٽ آيو آهي ۽ منهنجي جهولي ۾ ويهي، ڪاوڙجي اُٿي وڃي ٿو، سا ڇرڪ ڀري ڀڙڪو کائي کٽ تان اُٿِي ٿـٖـي، ته مٿان ٿي وري اچي کٽ تي ڊٺي، کٽ جي ايس ڀڄي پيئي. اک پٽيائين ته چنڊ جون راسيون سندس منهن تي پوڻ لڳيون ته وري ڀلجي چوڻ لڳي ته: مون وٽ چنڊ مهمان ٿيو، موٽيو پوئتي وڃي، ڪي الاجي ڍول ڏسڻ ۾ آيو. شهزادي مارو جيئن ڪونجن جا ڪرڪا پنهنجي ڪنن سان پئي ٻڌا، تيئن ڍولي جي فراق ۾ ڪونج وانگي ڪرلائڻ لڳي. سندس ماءُ پڇا ڪئي ته: مارو! ڇا آهي؟ تڏهن شهزادي پنهنجي ماءُ کي چوڻ لڳي:

ڪُونجنيان وت ٻوليا، ٽولي ٽولي ٽِيس ويٖ،

مَين ڀُلي، مارو ڍوليا، مُڙوَت ڀڳي اِيس ويٖ.

شهزادي مارو روئي چوڻ لڳي: خواب لڌو اٿم ته ڍول مون وٽ اچي، منهنجي جهولي ۾ ويهي، ڪاوڙجي اٿيو آهي، تنهن کي ننڊ جي خمار ۾ جهلڻ لاءِ اٿيس ته کٽ جي ايس ڀڄي پيئي، هاڻي ڳڻتي ٿي پئي اٿم ته آيل ڍول ڪاوڙيو ڇو؟ ڍول ڏي ٻارهن مهينا خط لکيا اٿئون، هائو، نه جي ورندي ۽ سندس اچڻ جي ڪا خبر ڪانه ٿي پوي. ڍول ڏي خدا خير ڪري. انهيءَ ڪري بي آرامي ٿي پيئي اٿم. مارو جي واتان اها خبر ٻڌي راڻي سڄي رات ڳڻتيءَ ۾ ويهي گذاري.


* هيءَ ڳالهه موليٰ بخش پٽ فضل محمد ميراثي، عمر 45 ورهيه. ويٺل ڳوٺ جمعو ميراڻي، لڳ مسو ڀرڳڙي تعلقو حيدرآباد جي زباني تاريخ 19 – فيبروري 1965ع تي قلمبند ڪئي ويئي. موليٰ بخش هيءَ ڳالهه پنهنجي وڏن کان ٻڌي، ۽ هر وقت پنهنجي ٻين ساٿين سان گڏجي سازن تي کڻندو آهي .

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org