سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سسئي پنهون

باب: -

صفحو :13

 

 

(1) خ: ۾ هيءَ سٽ ناهي.

موريي فقير جا چيل بيت*

1- ساراهه ڪريان صحب جي، جو خالق خلقڻهار
جنهن پيدا ڪيو زمين آسمان، اِلهي اسرار
بيان تنهن باريءَ جو، ڪير لکي نروار
پيدا پيغمبر ڪيائين عالم جو آڌار
سرور سونهن ڀريو ڪيائين سڀني جو سردار
رازق روزي رزق ڏئي، سڀني کي ستار
سڀني جي سار لهي ٿو، ڏيهه ڌڻي ڏاتار
نڌو نماڻن جو، آهي باريءَ مٿي بار
ڪُهنو قصو ٿو ڪريان، عشق جو اظهار
سچ ڪوڙ سچائيءَ جو، ٿو ڄاڻي ڄاڻڻهار
”نائون“ نالي ٻانڀڻ هو، ڪنهن ملڪ ۾ مختار
تنهن کي دنيا دولت جو، هو اسباب اپار
هيرو، موتي، لعل هئس بيحد بيشمار
جڻئي منجهه جَڙيو هو، تنهن جوسِيءَ کي جهنوار
گهوڙي مٿي گُر جي، هو سونو سڀ سينگار
هندو تنهن کي هٿ ٻڌي ڪن نمي نمسڪار
سوين ساميءَ کي اچي، جوڳي ڪن جُهار
پُٽ اولاد جو پيٽ ۾، هو ساميءَ کي ساڙ
هڪ ڏينهن زال سندس ڪيو، ويهي هي ويچار
جي فرزند هوند فتاح ڏئي، ڪرم ڪري ڪرتا
آگو پنهنجي احسان سان، ڏئي ٻاجهه ڪري ڪو ٻار
دنيا دولت پُٽ ريءَ، آهي اوندهه انڌوڪار
هاڻي ايندو مؤت مٿي تي، ڪري ڪاهه قهار
لُٽي لوڪ کڻي ويندو، هيري جو انبار
تــن ۾ ڪــري تــڪــرار، پُڇــون پنــهنجــي پــٽ جو.

 

 

2- پُڇون پنهنجي پُٽ لاءِ، هلي پير فقير
ٻانڀڻ ٻُڌي ٻانڀڻيءَ کان، دانھ ٿيو دلگير
يوناني جوڳي پُڇون ڪو هلي ڪامل پير
اها ڳڻتي ڳڻي ڳالهه جي، سامي ٿيو سڌير
زر کڻي زود هليا، ثابت رکي سير
علم وارو اچي ڏٺو، تن بيحد بي نظير
ٻــــڌي هــٿ حــميــر، پــيــريــن پــــيو پِــــير کـــي.

 

3- پيرين پئي پِير کي، سائل ڪيو سوال
پني پرور کان پٽ ڏي، ڪري ڀلائي ڀال
پُٽ ري پيريءَ ۾ مون کي آهي جيئڻ جنجال
ڪَرتار پنهنجي قدر سان، ڏئي ٻاجهه ڪري ڪوٻال
تڏهن دانَھ پنهنجي دل ۾ ڪيو خوض خيال
ڍارو اُڇلائي درويش چيو، فهميدي في الحال
سو نجومي پنهنجي علم مان، هو رمل جو رمال
جــيــڪي جــوڙي ذوالجــلال، اينــدو ســو انسـان کي.

 

4- ايندو سو انسان کي، چئي ڍارو ڍاريائين
ايندو سو انسان کي، چئي ڍارو ڍاريائين
ڏسي رمز رمل جي، ورق واريائين
مشتري گڏ مريخ سان، ڏورئون ڏٺائين
زحل شاهد تنهن جو، چوٿون چيائين
ڌڻي توکي ٿو ڌيءَ ڏئي، سٻاجهو سائين
اصل تنهن جي انگ جو، لوح ۾ لکيائين
تنهن جو ميلو مسلمان سان، قسمت ڪيائين
ٻــانــــڀڻ ٻــُــڌڻ ســــان ئــــي، آنــــدو آب اکــــين ۾.

 

5- آڻي آب اکين ۾، آيو جوسِي پنهنجي جاءِ
ڪيائين عرض الله کي، ههڙو لقب نه مون لاءِ
قلم ههڙو قسمت ۾، والي ڪين وهاءِ
ٻار ٻانڀڻ کي پيٽ ۾، ڏنو حمل خداءِ
نوين مهني نروار ٿي، صورت ڄائي ساهه
دائي دست ٻڌي وڃي، ٻانڀڻ کي ٻڌاءِ
ته سچي ڳالهه فقير جي، ڪونهي ريب رياءِ
ٻانڀڻ ٻڌي جوش ڪيو، هينئڙي اندر هاءِ
ته: دائي! انهيءَ دختر کي، کاڻي تون کپاءِ
جيئريءَ کي جنڊ ڏي، يا ڪاتيءَ سان ڪهاءِ
منهنجي ذات نيات کي، ڪارو ٽڪو نه لاءِ
بـــرهــــمڻ لڳــــــــي بــــــاهه، اُٿـــي سا آهون ڪري.

 

6- اُٿي سا آهون ڪري، ٻانڀڻ ٻاڪاري
تنهن کي لڳي باهه ڀڙڪا ڪري، چوطرف چوڌاري
ڏٺو اولاد اکين سان، مُٺي ماءُ ڪيئن ماري
تنهن کان جيئري وجهون زنده پير ۾، صندوق سينگاري
ٻَڌي ٻاروتي ٻانڀڻي، وڌي ڇوڪر سمهاري
تنهن جا ڏيئي ڪرف قابو ڪري، ويا ڪامل ڪناري
”نائون“ وڌو نينگر کي، الله آڌاري
تنهن کي لهرين جي لوڏ ٿي، وييون ڇوليلان ڇلڪاري
قادر پنهنجي قدرت سان، آندي تار منجهان تاري
هاڻي ٿو ڏاتر ڏيکاري، کٽيءَ کي خوش ڪري.

 

7-  کٽيءَ کي خوش ڪري، ٿو هاديءَ سان حڪمت
ڌوبيءَ ڀر درياءَ جي، ڪامل ڏٺي قدرت
صحيح سڃاتائين صندوق کي، آيو منجهه عبرت
ڪڙيل ڏسي ڪرف سان، هن کي لڳي حيرت
ڪڍي ڪيائين ڪناري تي، غم ڇڏي غيرت
هاڻــي ڪــري هــمت، ٿو لاهي ڪرف صندوق جو.

 

8-  لاهي ڪرف صندوق جو، ٿو نرتئون ڪري نظر
ته سُتي پئي آهي سهڻي، دانَھ ڪا دختر
کٽي گهڻو خوش ٿيو، ڏسي سونهن سندر
ڪيائين عرض الله کي، هٿ ٻڌي هيڪر
ڪنهن آدم کان پيدا ڪيئي، پري روُءِ پيڪر
پوءِ وجهايئي پاڻيءَ ۾، ڪري ڪم قهر
سا هادي بچايئي هٿ ڏيئي، نياڻي نڌر
والــيءَ ڪــــيو وڙ، گــــــــازر گــــــــهر کــــــڻي هليـو.

 

9-  گازر گهر کڻي هليو، ٺاهه منجهان ٺاهي
اڳيان پنهنجي عورت جي، ٿو لاڏ منجهان لاهي
کِلي کٽياڻيءَ چيس، هن صندوق ۾ ڇا هي
ڪامل آندي تو ڪٿان، چوريءَ جي ناهي!
ڏس ڏنــس ڏاهـــي، صــحيــــح حــــال صـندوق جو.

 

10- صحيح حال صندوق جو، ٿو عورت سان اوري
پرٽ ڏٺيم پاڻيءَ ۾، لهرين آندي لوڙهي
تنهن جي آهي ڪل قادر کي، ڪنهن بهڳڻ وڌي ٻوڙي
لکيو لوح قلم جو، هر ڪو ٿو لوڙي
کٽياڻي ٻڌي خوش ٿي، گهورون ٿي گهوري
هنڌ وڇائي هيج مان، جايون ٿي جوڙي
ســــويـــن پــــــير ســوري، پــرَت لاتــي پســتان تــي.

 

11- پرٽ لاتي پستان تي، خوشيءَ ساڻ کڻي
پيس کير کَلُن ۾، واحد کي وڻي
ڌوٻڻ ڄاتو دل ۾، آهي مون ڄڻي
ڏاتـار ڏيهه ڌڻي، ٿــو ڪُلنــي جــا ڪاڄ ڪـري.

 

12- ڪُلني جا ڪاڄ ڪري، ٿا کٽي خوشيون ڪن
ماڻهو تن کي مبارڪون، اچو ڏيهه ڏين
صورت ڏسي سهڻي، گهورون ٿا گهورين
حيرت ۾ حيران ٿيا، جيڪي منهن ڏسن
مِڙي مِٽ مائٽ سڀيئي ڌوٻيءَ گهر اچن
دهل تنهن جي در تي، واڄٽ ڪيو وڄن
زالون هڻيو جهمريون، ڳيچ ٿيون ڳائين
نچڻ تن جي ناز کي، اچيو ڏيهه ڏسن
طعام رڌائون تعظيم سان، ڌوئي منجهه ديگين
ونڊي ورهائي سڀيئي، ڇٺيءَ سعيو ڪن
نالو پنهنجي نينگر جو سسئي ڪري سڏين
پرٽ پينگهي ۾ وجهيو، ناز سان لوڏين
کنڊون کير پياريو، ٿا نازئون نپائين
واحد پاڻ وڏي ڪئي، تنهن کي ڳهه ڳٺا پائين
صورت ڏسيو سهڻي، سوين ٿا سڪن
سڱ سسئيءَ جو اچيو گازو کان گهرن
سوين سودائي ٿيا گهٽيون ٿا گهمن
سوداگر سُڃا ٿيا، پنج ڪڻي پنن
پرٽ پنهنجي ڌيءَ جو، نڪي سڱ ڏين
سسئي جي سونهن ڏسيو، هلندي ٿا هرکن
ڌوٻيءَ جوڙايو ڌيءَ لاءِ بنگلو سان ماڙين
هڪ جيڏيون هميشھ اچيو ڪپاهه ڪَتن
اُجاريو آتڻ کي، سرتين ساهيڙين
کُلي باغ بهار ٿيو، گُل ڦل سان گلن
ٻلبليون بستان ۾، مٺي لات لَنونَ
قمريون تنهن ۾ ڪيتريون، چتون ڀي چئجن
ويتر ويس واڌو ڪري، گلزاري گهمن
اهڙي پار عجيب ٿا کليو نيڻ کڻن
نهاريو نازن سان ٿا قرب سان ڪُهن
مٺي ٻولي ”موريو“ چوي، هيءَ وائي وات سندين
هاڻــي قــصــو ٿــا ڪــن، آريءَ تنــهـــن اڳــواڻ جـو.

 

13- آري سو اڳواڻ آهي، ڪيچي ڪُستاني
اُٺيون مال انهن کي، هو پرور خزاني
دنيا، مال، ڳئون، هُئس بيحد بياني
هئو هوت بلوچ جو آڌر آرياڻي
تنهن کي مِڙي پڳ سڀني ڏني، ٿيو صاحب سلطاني
آري اوتارن ۾، ڏي مرڪيو مهماني
ٻروچن ۾ ٻيو ڪونه هو، سندس ڪو ثاني
تنهن ماري مڃائي ڪيا، ڏيھ سڀئي ڏاني
چَنو، هوتو، نوتو، نقڙو، هئس فرزند فرزاني
پنهون تن ۾ پيارو هئس عاقل ارڪاني
صورت سونهن ڀريو هو ڪامل ڪنعاني
پيءُ صدقي پُٽ تان، ڪري ڪوڙئين قرباني
پڳ ٻڌايائين پنهونءَ کي، ٿيو عادل اخواني
سڀڪو اچي سلامي ٿيو ظاهر زباني
تنهن گهوڙا مال ٻَهُون ڪيا ترنگ توراني
نوڪر سندس نامور، داناء دوراني
خـان رکـي خــانــي، تهـــدل ويٺـــو تــخـــت تــــي.

 

14- تهدل ويٺو تخت تي، ٿو حڪم هلائي
واڻيا واپاري ڪري ٿو سودا سڏائي
پري کان پرديس مان ٿو اسباب آڻائي
معافي محصول تن مٿان ٿو ڪامل ڪرائي
هاڻي هليو شهر ڀنڀور ڏي، ساٿ هندو جائي
ٻاٻيهو هٿ ٻڌي ٿو مهتو موڪلائي
پنهونءَ کي پيرين پئي ٿو پاند ڳچيءَ پائي
پري وڃان پرديس ٿو چاڪر چتائي
سنڀري هليو سعيو ڪري بغدي ڀرائي
پنهون تنهن کي پريت سان ٿو فائق فرمائي
وکر وڪڻندين تون اُتي، گهٽيون گهمائي
جيڪا صورت ڏسين سهڻي، لکج لوڪئون لڪائي
تڏهن قاصد منجج ڪيچ ڏي، گهرو سان ساعي
(1)
هــاڻــي قــطــار ڪــاهـــي، ســـاڌو ســـنڀــري هــليـو.

 

 

15- ساڌو سنڀري هليو، ڀري بودا بار
کلي خوشيءَ سان هليو، ڪري الله توهار
بچائج بَدُن کان، سٻاجها ستار
جڙي سڀئي جت هليا، ڪاهيائون قطار
ڪيچي قدآور هليا، ڪارا جن ڪپار
توڏا هلن تيز  مان، راهه قدم رهدار
بانڪا آيا ڀنڀور ۾، حڪم سان هيڪار
واپـــاري وٺــــي وکـــار، ســــاٿ لاٿــــائــين سيگهه ۾.

 

16- ساٿ لاهي سيگهه ۾، ويهي رهيو وير
ٻاٻيهو ٻَهُون هو صورت وند سُڌير
سو جُڙي ويٺو جاءِ وٺي، ڪڍي هٿ حمير
نئين سوداگر جو نالو ٻڌي، اچي صغير ڪبير
ساراهيان سچي ڌڻي، قدرت جو قدير
هڪڙي ڏينهن هندو آيو، ماڙيءَ وٽ مهمير
اُٿي سهيلي سسئيءَ سان، ٿي ڪيو ناز نظير
دانَــــھ ٿـــــي دلـــــگير، پَســـــي مــــنهن مــــلوڪ جــو.

 

17- پَسي منهن ملوڪ جو، ٿي دانَھ ديواني
هندو ڏسي هوش ويس، ٿي هئي هئي حيراني
سڏ ڪري سکيءَ کي، ٿي ٻولائي ٻانهي
وٺي واپاري آءُ اهو، ويو جَڙ هڻي جاني
پُڇائي وڃ پيرا ڀري، ڪيچي ڪُستاني
ڊوڙي دائي اچي چيو ظاهر زباني
ته هل هندو مون سان، کڻي شيون شاهاني
ڪُلهي کڻي ڪيچي هليو، چيزون لاثاني
پَــــســـي پيشــــانـــي، ســــسئيءَ هــــي سـوال ڪـــيو:

 

18- سسئيءَ هيءُ سوال ڪيو، سڻ واڻيا واپاري!
 جاني هنيئي جيءَ ۾، ڪا ڪُنڍي ڪاپاري
هئي هئي هِنيو هوت ويو، ٿيس ورنھ ويچاري
عاقل، هوش عشق نيو، هيس دانَهه دِه داري
سُتي مون کي سيج تي، برهه لائي باري
بَڇيئي باڻ برهه جا، ڪامل قهاري
وِهڻ مون کي وِهه ٿي، تو محبت ري ماڙي
ملڻ جي، موريو چوي: ڏي دانَھ دلداري
هــــهڙو هيــــڪـــــاري، قهــــر نه ڪـــــر ڪٺيءَ سان.

 

19- تڏهن پنهنجيءَ دل ۾، مَهتي ڪئي مصلحت
ته آهي پرٽ پنهونءَ جي، لائق هيءَ صورت
اها آرياڻي جي، آهي اصلئون امانت
پنهون لائق پرٽ جو، آهي ماهه پري مورت
خــــوب نه خــــيانـــت، ڀلــــي مــــلي بـــــــلوچ کــــــي.

 

20- ڀلي ملي بلوچ کي، آهي کٽياڻي خاصي
پرٽ! رک پنهونءَ ڏانهن، اندر جي آسي
اُهــــو عاشــــق اداســي، آهـــي مَـــٽ تو محــبوب جـو.

 

21- آهي مَٽ تو محبوب جو، جيڪر ڏسين جُوان
سو باري بلوچن ۾، آهي پنهون پهلوان
سلامي تنهن سلطان جو، آهي ڪيچ سڄو ڪُستان

 

سوين سپاهي مون جهڙا، آءءٌ دَر مٿي دربان،
بانڪي تنهن بلوچ جو، شير وڏو ئي شان
ڀانئج وڏو بخت تون، جي خالق ڏيارئي خان
لنگهن لورن کي ڏيئي، داتا ويٺو دان
شُتر، گهوڙا ڪيترا، ڪوڙين ڏئي قربان
مَنڊو محتاج سڀڪو، پيو کائي پَڪوان
مال خزانو هي تنهن جو طنبو ۽ طولان
آءٌ پڻ آريءَ جو آهيان در سندو ديوان
لکين نوڪر مون جيها، ڪريان ڪهڙي بات بيان
پسِي پنهون ڄام کي، هوند ٿِئين حيران
ســــو ساراهيــــان سبـحان، جو جوڙي ڪم جهان جا.

 

22- جوڙي ڪم جهان جا، ٿي ڪري سسئي سوال:
ٻڌايو ٻاٻيها ڪري تو آريءَ جو اقبال
پنهون ٻُڌي پاتشاهه، خان ٿيس خوشحال
اکئين آريءَ جو ڏسان، جِئري شال جمال
ملنديس تنهن محبوب سان، ڀَلو ڪندو ڀال
هـــاڻي فرحـــــت ڇــڏي في الحال، آڻاءِ آري ڄام کي.

 

23- هاڻي آڻاءِ آريءَ ڄام کي، سگهو ڪري سعيو
سسئي کان ساڌوءَ اُتي مهتي موڪلايو
تنهن قاصد ڪيچ وڃڻ جو، پرتئون پڇايو
خوشخبريءَ جي خط لاءِ، تنهن ڪاتب ڪوٺايو
سارو قصو سسئي جو، تنهن لالن لِکايو
صورت لکي سهڻي، تنهن سالڪ سارهايو
آهي گهر گازر جي تنهن ٻهڳڻ ٻُڌايو
دانَــــھ دؤڙايــــــو، قـــاصــــــد ڪـــيــچ مڪـــــران ڏي.

 

24- قاصد مُڪائين ڪيچ ڏي، لکي حقيقت هيءَ
صورت ڀَري سسئي، آهي گارز ڌيءَ

صورت تنهن کي سڦري، ڏني رب غنيءَ،
منهنجي برابر ماهه جي، آهي ثاني شمس جيئن،
ساراهه تنهن صورت جي، قلم لکندو ڪيئن
ســــگهو لــــڳ ســـــميع، پنـــــهون آءُ پيــــرا ڀـــــــري.

 

25- پنهون! آءُ پيرا ڀري، کڻي کٿوريءَ بار
عطر عنبير آءُ وٺي، وهلھ سڀ واپار
ڀنڀور ۾ بلوچ اچي، دوست دلدار
پَرٽ جو پنهون اچي گلشن ڏس گلزار
لائق مون کي لکڻ هو، اڳتي ته اختيار
اڳيان آري ڄام جي ائين ڪج اظهار
ته محصول ۾ مهتو جهليو آهي خاطو خبردار
پـــنهون ٿــــي ســــوار، اچـــي بانــــدي موکـي بند مان.

 

26- باندي موکي بند مان، پنهون اچي پاڻ
قاصد ڪيچ روانو ٿيو، الله جي اماڻ
سو تڪڙو هليو تيز مان، ڇڏي مرٽ ساڻ
قــــاصــــد قرب ســـــاڻ، آيــــو پيــــش پنهـــونءَ جــي.

 

27- آيو پيش پنهونءَ جي، ڏنائين سنيها ساري
وٺيو خط خوشيءَ سان، پنهون ٿو پاڙهي
مبارڪ تنهن معلوم ڪئي، ورنَھ وِيچاري
قرب ڏئي قاصد کي، ٿو خُلقئون کينڪاري
اچي آريءَ کي چيو، پنهونءَ پاڳاري
ته مهتو منهنجو محصول ۾ وڌئون ورنَھ وهاري
آريءَ اڳيان اڳواڻ چيو: چَنو مُنج چاڙهي
واڻيو اچي پنهنجو وٺي، مدعيءَ کي ماري
تڏهن عرض ڪيو آريءَ کي، دانھ دهداري
اها فتح ڪريان فضل سان، جي ڏاتر ڏيواري
ڏســـو ٿـــو ڏيکــــــاري، اهــــمال آريءَ ڄـــــــام کـــــي.

 

28- اهمال آريءَ ڄام سان، ٿو ڪيچي هيءَ ڪري
ته کڻي کٿوريءَ جو، وڃان ساڳو ساٿ ڀري
تو مڃايو مواسن کي، نهڪر ڪير ڪري
چاڙهيان ڪيئن چَني کي، ڏس تون ڌيان ڌري
توکي موڪل تان ڏيان، جي وهلو وير ورين
محبوب تنهنجو منهن ڏسيو، ٿو هنيو هوت ٺري
ٿــــو لکــــــــيو انگ پَـــــري، اَمـــــر جـــــو انسـان سان.

 

29- اَمر جو انسان کي، لکيو منجهه نراڙ
ايندو سو آدم کي، توڙي حيلا ڪري هزار
آريءَ کي عرض ڪري، ٿو گويا هيءَ گفتار
ته کٿوري جي خريد لاءِ، ماڻهو مُنج چوڌاري
عطر، عنبير، ارڳچا، آڻين تازا طرحدار
ڪامي لڳا ڪم کي، اُٿي عملدار
ڪيچيءَ اچي قاصد سان، پرتئون ڪئي پچار
تيسين توڻي تون وڃي چئو محب جي مهندار
اجهو اچان ٿو اکين سان، جاني جيءُ جيار
ڳچيءَ پائي ڪپڙو، حيلا ڪج هزار
سوين چئج سنيهڙا، قاصد قربدار
دوســــــت دلـــــبر يـــــــــار، اجـــــهو ٿــــو آري اچـــــي.

 

30- اجهو ٿو آري اچي، ڪونهي ديم درم
مِلان ٿو محبوب سان، قادر ڪري ڪرم
کــــــــڻي خـــــط خُـــــرم، ٿــــــيو روانــــــو رات کـــــي.
31- ٿيو روانو رات کي، هي پنڌ پچارون ڪن
آڻي اسباب عطر جو، مهيا ڪيا مردن
صراحيون، دنگ، صندوقچا واس ڏيو واسن
کڻيو کٿوريءَ سان، دٻلا خوب ڀرن
بي پايان بَر جو، ٿا سمر سعيو ڪن
آڻي وهاريا اوطاق تي بغدي بلوچن
پَلڻ، پاکڙا، ٿڙيون، ٿا سڀيئي ساز سببن
تنگ، مهارون، ٽليون، جودئون هت جوڙن
گوربند، ڳانيون، نُختا، موتين ساڻ مڙهن
زير گاديون گُل پوش سان، چڱيون ساڻ چَٽن
نَطوُن نباتن جون، جهرمر سان جهوڙن
جَت هليا جاما پائي، ٻهڳڻ پاڳ ٻڌن
پايو پيچ پٽڪي کي، ول ول ور وجهن
پٽون، ارمڪ، لونگيون، ڪلهي مٿي ڪن
سٿڻون سايون، اڇيون گريبون ساڻ گلن
ڪلهي لونگي ڪيچيءَ ڪئي، زرِي زَر پاندن
شمشير سونهري ٻڌي هليو ڪري سان ڪانن
سنڀرايائون ساٿ کي، دليؤن دلاورن
هــاڻي موڪــل گهـــوٽ گــهرن، هــلڻ جي هوت کان.

 

32- هلڻ مهل هوت کي، پنهون پيرين پيو
تڏهن آريءَ آڻائي  ُاتي چني کي چيو
ته رهج پيش پنهونءَ جي، اٿئي ابو اهو
هر وقت منهنجي هوت کي، جُتي جوڙي ڏيو
تڏهن چَني چيو پيءُ کي، آهي سڌر سِهو
پنهون منهنجو پاتشاهه، هلي ڏيهه ڏيئو
هميشھ منهنجي هوت جي پختا پاس ٿيو
خان خبرداريءَ سان، منهنجو نازڪ پٽ نيو
جــــــــاني شــــــال چيــــــو فـــــرزند آءُفتـــح ڪــري.

 

33- وري شال وسائين اچي اوتارا
فتح توکي فقير ڏئي، چڙهه سدا سوڀارا
بانڪا چڙهه ڀنڀور تي، هڻي نوري نغارا
موڪلائي مرد هليا، چڙهي چوڌارا
بغدي بلوچن جا، هليا هلڪارا
ڪُڏائي ڪيچي هليا، چانگا وٺي چارا
ڪاهي هليا ڪيچ مان، نر هڻي نعرا
ماسافر موريو چوي، هليا الله آڌارا
مــــــاءُ پـــــــيءُ ويچـــــارا، روئنـــــــدا رت رهــــــي ويا.

 

34- روئندا رت رهي ويا، هي ڪرها ويا ڪاهي
قسمت هٿ قادر جي، ٻئي هٿ ڪنهن جي ناهي
ڪَلونت ڪامل ڪيترا، ڏوم کنيا ڏاهي
ويجهائيندا ويا راڳ سان، راتيون وچ راهي
سهجان جي شهر ۾، اچي اُٺ پنهون لاهي
هــاڻي سهجان سڱ ساهي، ٿي ملڻ جو ملـوڪ سان.

 

35- ملوڪ جي ملڻ جي، ٿي سوناريءَ کي سِڪ
تنهن دائي ڊوڙائي مُڪي، هُتي ٻانهن هِڪ
ته منهنجو من ماندو ڪيو، تنهنجي جوڙ جهلڪ
کاءُ ماني نانءٌ خدا جي لالڻ ڪر نه لڪ
مڏيون مال خزانا، هي ميان! تو مِلڪ
بانڪا لهه باغ ۾، پنهون هڪ پَلڪ
ميان! تنهنجا ميندين کي، ڀلي چانگا هڻن چَڪ
مـــجتــــي مــــــشفق، مـــــــاني مـــــــرد قــــبول ڪئي.

 

36- ماني مرد قبول ڪئي، تڏهن هليو تڪرار
ڪير آهين ڪاڏي وڃين، رکين خان خمار
چئي: پنهون نالو منهنجو، ڪريان کٿوريءَ واپار
آهيان پٽ آريءَ جو، جو ڪيچ وسي سردار
خان توکي کٿوريءَ جو، ڏيان هيرو ۽ جنهوار
وٺ ماڻڪ موتي ڳڻي، نالي جا نروار
کٿوري تنهنجي خريد ڪريان، بانڪا سڀيئي بار
سوناريءَ سڏايو بورچي، خاطو خبردار
تنهن ديڳيون رڌي دم ڪيون، ترتئون طعام تيار
ٻوڙ پلاهون ٿيا، ٻيو آمي جو آچار
ڍڪي ڍاڪئون کڻي آيا، جوڙي جَڙادار
کائي ماني خوش ٿيو پيٽ ڪيو پُرڪار
سڀڪو کائي خوش ٿيو، سپاهي ڪوٽار
سنجهو گذاري ساٿ ڪيو هلڻ جو هلڪار
ڪشي اُٺ ڪيچ هليا، ڇيرن ڪيو ڇمڪار
وڻ واسيا وڻڪار جا، جتان بودن لنگهيو بار
اهڙيءَ طرح آيو هلي، ساٿ کڻي سردار
دوســـــت آيــــــو دلــــــدار، ويجهــــو شــــهر ڀنڀور کي.

 

37- ويجهو شهر ڀنڀور کي، تنهن دانَھ ڊوڙايو
ورنَھ اچي واڻئي کي، تنهن چاڪر چتايو
هٿ ٻڌي هندوءَ اچي پاند ڳچيءَ پايو
مليو تنهن کي محبت سان، سورهيه سوايو
سامان لاهڻ ساٿ جو، پنهونءَ پڇايو
تڏهن هندوءَ ٻڌي هٿڙا، اڳيئون الايو
ته ڏکڻ پاسي ڏيرا ڪري، مال مڏيون لاهيو
طنبو قناتن سان، اُتي آريءَ اڏايو
گلم گياليون اُتي، ويٺو ورنَھ وڇايو
کٿريءَ واس خلق ۾، عطر اُٺايو
بُڇڙيءَ بيحد بوءِ کان، بلوچ بچايو
سپاهين سڄي شهر ۾، در در ٻڌايو
ته سوداگر ڌڻي ساٿ جو اهو آهي آيو
عطر عنبير عالم ۾، وتي ڀاڄي ورهايو
ســـسئي کــــي ســــڻايو، آيــــو خــــان خــــــير ســــان.


* هي روايت ڇپيل ڪتابڙو ”قصو سسئي پنهون“ ڇپيل: موريو فقير، مطبوع ”سنڌ پرٽنگ پريس، شڪارپور“ سال 1931ع تان ورتل آهي.

*موريو فقير پٽ پرسومل، ٽنڊو آدم جو ويٺل هو. اصل جناب مير حاجي شير محمد خان جو نوڪر هو، جنهن سان گڏ قنڌار جي سفر تي پڻ ويو هو. اتان موٽي اچڻ کان پوءِ سنه 1261 هجري ۾ ان جي نوڪري ڇڏي، اچي خدا جي بندگيءَ ۾ رهيو، ۽ پڇاڙيءَ جو وقت ٽنڊي آدم ۾ رهيو. هي قصو سسئي جو اصل سندس سرائڪي ٻولي ۾ پڙهيل هو، جنهن تان 1190 هه ۾ سنڌي ۾ ترجمون ڪري ٺاهي تيار ڪيائين.

(1) ساعي= سعيي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org