سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سسئي پنهون

باب: -

صفحو :27

 

الاهي ڪر ڪرم تون پان مالڪ ملائڪ محب مونکي هاڻ خالق

اُتي پورهيت هلي سا پيش آئي

حقيقت ساڻ ادبن جي الائي

ته ڏس مون  کي حقيقت تون پياري

ٿيو ڇا آهه توکي هوش واري

نه ڄاڻان نينهن نيزا هاڻ کوڙيا

شرم جا هاڻ ٻيڙا صاف ٻوڙيا

اُمالڪ دل سنديءَ پرواز ڪيڙو

پکي منجهه دست ڪنهن شهباز پئڙو

حقيقت حال جي سل هاڻ ساٿي

هجي جيڪا اندر دل جي سڀائي

 

چيو سسئي سڻج احوال منهنجو

ڳجهو توکان نه آهي احوال منهنجو

اُمالڪ عشق ڪئي مون تي سواري

جنهين جند جان منهنجي آهه ڳاري

هلي ڪيچئون پنهون سردار آيو

انهيءَ جي گهُور مونکي آهه گهايو

ڪريان ڪيئن هان ڪنهن کي دانهن ڏيان مان

پنهنجو احوال اهڙو ڪنهن کي چوان مان

اُٿي ڪر هاڻ دردم جو تون دارون

ڪري دم دم سدا دل ٿي پڪارون

چيو پورهيت اڃان ڪر ماٺ پياري

ڪريان ٿي واٽ جاري وصل واري

اُٿي پورهيت اڳيون ڌوٻڻ جي آئي

اچي ساري حقيقت تنهن سڻائي

ٻڌوسون ڪيچ کان آيو سوداگر

سهانگو ٿو ڏئي سو مشڪ عنبر

وٺي ٿو مشڪ اُن کان لوڪ سارو

وريو ماڻهن سندو آهه خوب وارو

اسان بي پاڻ ۾ گڏجي هليون سين

هلي سڀ مشڪ بازارين ويون سين

اڦتي هڪڙو ڏٺو سي مرد نوري

هيو ڪوئي ملائڪ سو حضوري

بدن جنهن جو هيو ڄڻ گل گلابي

سندس صورت مثال هئي ماهتابي

پڇيو ڇا ذات ۽ نالو رکائي

پنهون نالو سندس ڌوٻي سڏائي

ٻڌي سا ذات نالو ٿي خوش مون

ڪريان ٿي عرض سو منهنجو ٻڌج تون

اوهان جي آهه نياڻي امل ماڻڪ

ڏني صورت انهيءَ کي صاف خالق

اوهان جي آهه نينگر سا سامائي

شريعت جي مڃج مائي ڪهاڻي

وهارڻ ناهي توکي هاڻ لائق

ٿئي ٿو رنج ان تي پاڻ خالق

هجي لائق جنهين جي ڏيو انهيءَ کي

نه ڏيو بڇڙي بدوءَ بدشڪل کي

آهي سردار ڪيچي مرد سوئي

نه آهه مٽ ساڻ ان جي مرد ڪوئي

چيو ڌوٻڻ تڪڙ ڇڏ هاڻ مائي

چوان ٿي ڪانڌ کي حالت سڀائي

ڏسان مرضي انهيءَ جي هاڻ ڇاهي

ڏئي ورندي اڳيون ڇا ٿو ورائي

هلي ڌوٻڻ اڳيون گاذر جتي آئي

اچي سڀ حال گاذر کي ٻڌائي

 

چيو ڌوٻيءَ ورائي گهر ڌياڻي

وڌيڪ ناهي اسان کي هيءَ نياڻي

هوندي جنهن کي طلب ايندو هلي سو

اچي اڳتئون اسان آزي ڪندو سو

ٻڌي ورندي وري ڌوٻڻ ويچاري

اچي ظاهر ڪئي تنهن ڳالهه ساري

ٻڌي بانهي سسئيءَ وٽ جلد آئي

اچي ساري حقيقت اُن ٻڌائي.

سسئي سان احوال ڪرڻ ٻانهيءَ جو ۽ طلب ڪرڻ واسطي صال جي:

ٻڌي پورهيت اڳيون سسئي جي آئي

سموري ڳالهه آڻي تنهن سڻائي

چيو ٻانهي نه ڪر دل ۾ ڪو ڏک تون

سدا پئي ماڻ سائڻ هاڻ سک تون

ڪندو سولي کڻي قادر سڀائي

سسئي ڳڻتي ڪرڻ آهي اجائي

چيو سسئي ڊڪي وڃ پار پرين

وڃي چئو حال هاڻي ساڻ ڪيچن

ڀڄي پورهيت اڳيون ڪيچن جي آئي

اچي اُن ڳالهه ڪئي ساڻن سڀائي

مبارڪ مير توکي آهه سدائي

سڀئي آگي ڪئي سولي سڻائي

 

نرالو عشق جو رستو آ اعلى

ملي ساجن تنهي جن بخت بالا

پنهون جن ساڻ آ تو نينهن لايو

تنين جي مائٽن جو آهي آرايو

هجي هم ذات جو ڌوٻي سڏائي

اسان کان سڱ اچي سوئي پڇائي

اُتي سمجهج سياڻا مرد ڪيچي

جنهين ڪارڻ اچي تو مشڪ ويچي

ڇڏي ڏي سڀ وڏائي شان شيڪو

کنجھ سر تي سڇائيءَ جو تون ٺيڪو

پنهون وٺ عشق جو رستو سدائي

ڇڏي سڀ ٽيڪ آڪڙ ۽ وڏائي

پيالو پرت جو جڏهن تون پيئندين

وڃي محبوب کي تڏهن تون ملندين

ڪيو ميتي کي گاذر ڏي روانو

رکي اُن ساڻ دوستيءَ داستانو

لائي ياري ڪري ڳالهيون انهيءَ سان

ڪري مجلس اُتي ويهي انهيءَ سان

وٺي موڪل پنهونءَ کان پوءِ آئي

سسئي کي ڳالهه ساري اُن ٻڌائي.

وهڻ ميتي جو ڌوٻيءَ وٽ ۽ اُن سان ياراڻي رکڻ:

اُٿي آيو پنهون ميتي هندوءَ ڏي

ٻڌايو حال سارو اُن هندوءَ کي

وڃي رک يار ياري ساڻ گاذر

اٿو ميتو ڪري الله توآهر

اُٿيو ميتو ٻڌي احوال سارو

اچي ورتو کٽيءَ جو اُن ڪنارو

گهڻي کيڪار ڪئي گاذر انهيءَ کي

چڙهي ويٺو واپاري اُت منجيءَ تي

چيو ڌوٻيءَ ڏيو احوال سارو

ڪيو ڪم هاڻ ڪهڙو ڪٿ گذارو

چي گذاريون ٿا شهر ۾ هت سياڻا

اصل آهن اسان جا ڪيچ ٿاڻا

چيو ڌوٻيءَ ڏيو ٿا سڀ اُڌارو

نه ڪيو تو يار سودو سود وارو

چيو ميتي نه ڪر تون ٽرڪبازي

پنهل آهي اصل کان مرد غازي

نفي نقصان جي ڪل آهه ڪهڙي

اصل آهي پنهل جي چال اهڙي

سخي سردار آهي ڪيچ والي

انهيءَ جي چال آهه اصلي نرالي

 

ڪيو ميتي جڏهن احوال سارو

ٻڌي منجهه مات ٿيو ڌوٻي ويچارو

رکي تنهن ساڻ ميتي جي ته ياري

ٿيا ٻئي دوست ڌوٻي ۽ واپاري

چيو رنگريز مون کي ڏي خبر چار

سڏائي ذات ڇا تنهنجو ٿو سردار

ڏني ورندي اڳيون ميتي ورائي

پنهون نالو سندن ڌوٻي سڏائي

پنهون مشهور ڌوٻي منجهه بلوچن

مٽائي ذات هت ٿا مشڪ ويچن

اُٿيو ميتو ڪري ڳالهيون کٽيءَ سان

اچي ساري حقيقت ڪئي پنهونءَ سان

چيو ميتي هجي توکي مبارڪ

ڪيو توتي ڪرم حق پاڪ مالڪ

ڪري جهڙو ٿياسون پاڻ ۾ يارو

ڌتاريم هاڻ ڌوٻي ساڻ گفتار

وري ميتو پنهونءَ پوئتي ورايو

وڃي رنگريز جو ڏس يار رايو

چئو رنگريز کي ظاهر زباني

اها ميتا ڪيو مون مهرباني

ويو پوئتي وري ميتو ويچارو

وڃي ورتو ڪنيزڪ جو ڪنارو.

موڪلڻ ٻانهيءَ جو واسطي وٺڻ بازو سسئيءَ جي طرف ڌوٻيءَ جي:

اُٿي ميتو طرف ٻانهيءَ جو آيو

ڪري زاري ڳچيءَ ۾ پاند پايو

چيائين سڻ ڪنيزڪ ڳالهه هڪڙي

وڃن ڪاهي تون ڌوٻيءَ ڏانهن تڪڙي

ڏيان توکي گهرين جيڪي دنيا تون

جواهر مشڪ موتي تو ڏيان مون

وڃي چئو صاف ڌوٻيءَ کي تون سڱ جو

وري توکي اڳيون اُو ڇا چوي ٿو

هلي پورهيت ٻڌي هيءَ ڳالهه ساري

وئي سا طرف گاذر جي ويچاري

وڃي گاذر کي هيءُ احوال ڪيائين

سموري ڳالهه کولي سڀ چيائين

پنهون سردار آيو ڪاڻ سڱ جي

ڏيو سڱ خان سسئيءَ جو پنهونءَ کي

آهي شهزادو شاهي ناموارو

هلي آيو اڳيون تنهنجي ويچارو

ناهي لائق ڏيڻ تو ٻئي ڪنهين کي

سسئي جو سڱ ڏيڻ لائق انهيءَ جو

چيو ڌوٻيءَ اڳيون واتئون ورائي

وٺي سڱ جو اچي سو هت ڪمائي

ڇڏي املاڪ ۽ اسباب سارو

ڪمائي تان لڳي مون کي پيارو

ٻڌي ورندي وري پورهيت ويچاري

ڪئي هيءَ ڳالهه ميتي ساڻ ساري

هلي ميتو پنهونءَ وٽ جلد آيو

اچي اُن کي سڀئي مضمون ٻڌايو

ٻڌي ورندي پنهون منجهه جوش آيو

ڇڏي شاهي آري منجهه عشق آيو

ڇڏي اسباب شاهي ۽ اٽالو

ڪري پُر پاڻ پيتو عشق پيالو

لاهي لباس ڍڪي ويس خاڪي

ٿيو سردار ڌوٻيءَ جي اوطاقي

ڪڏي سڀ ڪار جي منجهه عشق آيا

سڀئي سوٺا اُنهن سر تي سُٺايا

الـــٰهي عرض منهنجو تون اگهائج

مٺو محبوب مون کي تون ملائج

ڀري ساقي پيارج جام محبت

ٿين دک درد مون کون سڀ شفقت

گهڻن ڏينهن ڪنان آهيان سڪايل

سندو محبت مٺي محبوب مائل

ڀري ساقي پيارج جام جم جم

ٿين دک دور مون کؤن سڀ الم غم

ڪيم جي ڏوهه خداءِ بخش مونکي

سدا سڪ تون عليءَ جي بخش مونکي.

وڃڻ سنگتين جو پنهونءَ وٽ نصيحت ڪرڻ اُن کي:

پنهونءَ کي ٿي جڏهن هيءَ گوش گفتار

ڪيو هئي هئي رئي پيو  زارو زار

ٻڌي حالت اها بيهوش ٿيئڙو

وڃي يڪدم پنهل جي پيش پيئڙو

ڪئي شاهي اسان جي شان شوڪت

ڪٿي ٿيو ڪيچ مڪران مال دولت

ڪٿي ٿيو ڄام آري ۽ اسان ڪٿ

ڪٿي ڀائر سڀئي دلبر اسان هٿ

هَنيون ڌوٻن ادا ڪو منڊ توکي

ڪيو منجهه منڊ جي مابند توکي

ڪٿي شاهي اتان جي شان ۽ مان

پوي ٿي خان توکي ڪا خبر ڪان

وڏو جادو کٽياڻيءَ ڪو هلايو

جنهين برپٽ ۾ توکي رلايو

ڇڏي شاهي قبولي تو گدائي

کٽياڻيءَ ڪاڻ دلبر جند رلائي

نگهه ڪر نر ڇڏي هٺ ٿيءُ سياڻو

نه ٿي داناءُ هت هاڻي اباڻو

نه ڪر صحبت سندي زالن سياڻا

ڪنڊا زالن سندي صحبت اياڻا

انهيءَ کان وڌ چڱيون ٻانهيون سنديون تو

نه ٿي بيعقل رک هوش تون ڪو

اُتي تون بادشاهي مفت ماڻين

هتي ڪيئن تو مٺا تون دل رنجائين

اُٿي هل ڪيچ ڏي ڪيچي ڪوهيارا

ڇڏي هٺ هل مٺا دلبر پيارا

پنهونءَ ٻوليو نه گهرجن مون خزانا

ڇڏي ڏي تون چنون هي ٽوڪ طعنا

ڪريان قربان دلبر تان سڀيئي

خزانا ملڪ موتي سڀ مڙيئي

ڪيم بخشيش توکي بادشاهي

ڦٽي ڪرهاڻ تون جهٽ پٽ اجائي

سڏي جي يار مون کي هت سپاهي

ڪيان قربان لشڪر بادشاهي

ڪري گولو غلامن جو مون جيڪر

ڪريان قربان ناڻو مشڪ عنبر

هليو آزيون ڪري ويو ساٿ سارو

ڇڏيو اُن ڪينڪي ڌوٻڻ جو لاڙو

ڇڏي سڀ  ٽيڪ آڪڙ محب ماڻهو

وڃي ڌوٻيءَ سندي در تي وڪاڻو

وڃڻ پنهونءَ جو ڌوٻي وٽ ۽ دلاسو ڏيڻ ڌوٻيءَ جو پنهل کي:

هلي سردار ويو ڌوٻيءَ اوتاري

کليون ٿو خان کي ڌوٻي کيڪاري

ڀلي آئين هلي تون مرد غازي

عجب تنهنجي ڏٺي مون عشقبازي

هجي صد آفرين توکي پيارا

کنيئي اسباب سر تي عشق وارا

مڃيون تو رب سنديون سڀئي قضائون

مڃينداسون سڀئي تنهنجون رضائون

سڻي سرهي سسئي ٿي حال سارو

ڀلي آيو اڱڻ منهنجي پيارو

سندس ٻانهي اصل کان ٿي سڏايان

اڳيون اُن جي اُٿي تهدل ڪمايان

وڇوڙو ويو واصل جو واءُ آيو

پنهونءَ پياري جڏهن پيرو گهمايو

چيو ڌوٻيءَ ڏيو پٽ جا دشالا

پون سڀ ساب دلبر تو ڪشالا.

پنهونءَ جو ڪپڙا ڌوئڻ ۽ پرزا پرزا ڪرڻ اُنهن کي:

پنهون ننڊ مان اٿيو ساجهر سويلو

هليو ڪپڙا کڻي دلبر اڪليو

اچي پهتو پنهون درياء ڪناري

اُتي لاٿا لٽا عاشق ويچاري

پُسايا خان پاڻيءَ ۾ دلاشا

ڪري پيو محب لئه هي سڀ ڪشالا

اُتي ڦرهي مٿي ڪپرا سٽيا تنهن

ڪيا اُت خان ليڙون سڀ لٽا تنهن

 

پيو افسوس ۾ سو مرد غازي

ڪڏهن ٿيندو مٿم محبوب راضي

ڪنان دردن ڪري سردار آهون

وري ٻاريون نيون برهن ڪي باهيون

چڙهي سسئي مٿي ماڙي نهاري

ڪيا ليڙون لتا عاشق ويچاري

سڏائي جلد ٻانهي ترت تنهن دم

ڊڪي وڃ تون اڳيون دلبر جي يڪم

وڃي ڏي تون بشارت اُن کي يڪدم

لٿا دک درد ۽ سردار سڀ غم

پئي سڀ ساب تو دلبر ڪمائي

وڇوڙي کان خدا دلڙي ڇڏائي

ڊڪي پورهيت اڳيون ڪيچن جي آئي

اچي ماهيت مڙئي اُن کي ٻڌائي

ٿيو خوشحال پنهل مرد غازي

ٿيو مشڪل ڪشا اڄ آهه راضي

کڻي ڪپڙا هلي آيو ويچارو

اندر ۾ جوش دردن ڪيو غبارو

سسئي آزيون ڪري ٿي چئي نماڻي

اصل آهيان اوهان جي درد وڪاڻي

ڪيو بخشيش مون کي سڀ خطائون

خدا پوريون ڪيون سڀ مدعائون

 

هلي آيا کڻڻ ڪپرا سڀيئي

ويا اُت شهر جا ماڻهو مڙيئي

سسئي ڪيو حال ساڻن سڀ حقيقت

وٺو مون کون لٽن جي هاڻ قيمت

وٺي ويا زر اُهي ماڻهو مڙيئي

ٿيا خوش دل ڪرڻ  دعائون سڀيئي

سڏائي خوب سسئيءَ ترت ٻانهي

ڪيو دردن سندي دلدار قاني

اُٿي ڪر هاڻ پورهيت جلد چارو

ٿئي مطلب مڙئي دل جو سارو

هلي پورهيت اڳيون ڌوٻڻ جي آئي

سموري ڳالهه ڌوٻڻ کي سڻائي

سڻي پورهيت سندي ڪيفيت سموري

وڃي اُن ڪانڌ سان سڀ ڳالهه چوري

ميان ٻڌ هاڻ منهنجي ڳالهه ساري

اُٿي ڪر هاڻ تهدل تون تياري

آهي شهزاد شاهي ناموارو

ڇڏي سڀ ڪڙم آيو هت ويچارو

ڪمي ٿي تو اڳيان ٿو اُو ڪمائي

رويون نت نيڻ ڳوڙها ڳل وهائي

اُٿي ڪر اُن جو مطلب هاڻ پورو

سڻايم حال توکي سڀ سمورو

 

جڏهن ڌوٻڻ ڪئي اُن سان آزي

ٿيو آخر کڻي اُن سان راضي.

راضي ٿيڻ کٽيءَ جو ۽ شادي ڪرڻ پنهونءَ جي:

لنگهي سا رات وئي ٿيو صبح ويلو

سڏيو زرگر کٽيءَ ساجهر سويلو

هلي آيو سونهارو پاڻ ساجهر

کٽيءَ ُان سان ڪئي هي ڳالهه ظاهر

اسان کي آهه شاديءَ جي تياري

جوڙي اچ ڳهه صفا سونا هزاري

رپو ۽ سون وٺ موتي جواهر

گهڙي اچ خوب خاصا خان زيور

سڳيون ۽ سينڌ- ڦل، نسبيون ۽ جهمٽيون

هجن پنڙا ۽ جهومڪ خوب دستيون

چڱي سنگهر ڪنڍي لڪڙي وڍولو

هجن واليون ۽ نٿ هس خوب بولو

دهري تعويذ چندن هار ڪنگڻيون

ڇلا ڪنگڻ ڪڙيون ۽ خوب منگليون

چڱا ڪي ويڙهه بازو بند خاصا

چڱيون منڊيون ۽ جهاٻا ڪن خلاصا

ڏئي زرگز کي قيمت سڀ هلايو

وري واڻيو واپاري اُن سڏايو

 

گهرايا خوب ڪپرا جلد اُن کان

آڻي ڏي تون واپاري جلد ملهه سان

چڱا ماهوت ڏوريا ۽  ڪا مخمل

ڌماچو عرق گيگم ۽ ڪا ململ

وٺج ڪيمخاب اطلس ۽ قناوريز

هجي ٻي چيڪ الپاڪ دل آويز

چڱو سو گلبدن ڇيٽون بهاري

ڌميٽي زين ڦلڪاري هزاري

گَوَن ۽ بافتو بڪ خوب خاصو

ڏسي خلقت ادا  اُن جو تماشو

چڱو سو ٽوٽڪو جلوار عمدي

اُٿي ڪر ساڻ آڻڻ جي تون جلدي

اچي سڀڪجهه ڪيو گڏ مال ماڻهن

ڪئي گفتار آوازن جي راڳن

ڪماچو چنگ سر منڊل دوتارو

ربابن بين پڪوازن پڪاريو

ڌڪڙ ۽ بئنسري طائوس ٺاهيو

کڻي تن دائرو دل سان وڄايو

اُتي طنبورو قرنائن پڪاريو

اُنهن جو راڳ وارن سر ملايو

سري ديپڪ ۽ ڀيرم مينگهه ملهار

ڪسوري بنس پيلو ٿيو ته اظهار

 

چيو هنڊول ۽ مالڪونس گجري

ڀڀاسي ۽ بلاول خوب ٽوڙي

ڪئي آ سا ۽ ڌناسري پڪاري

ڪني پورب ڪئي رانو پهاڙي

گهنوري چئي ڪن خوب کنڀات

ڪاريهر اُت مچايو ظلم ظلمات

وهاڳي ڪانرو ڪن خوب ڪليان

چيو ڪن جوڳ بروو  شان سان مان

چئي سورٺ ۽ سهڻي تلنگ يفحي

ٻڌڻ سان يار جنهن جي دل ٿي بسهي

چيو جهنگلو ۽ سارنگ تن ڪوهياري

ڪيڏارو خوب ڪنهن هاتڪ هزاري

کٿوري سڀ ختن جي مشڪ عنبير

عجب ٿيو چهچٽو اُت ماهه منور

رسايو رنگ راڳن خوب دل کان

لهن غم ۽ الم يڪدم سي دل تان

کٽولا گلم غاليچا وڇائن

پلنگ صندل سڀئي موجود آهن

اچي سامان سڀ موجود ڪيائون

آڻي گڏ مشڪ عنبر خوب ڪيائون

وڄڻ سي دهل ڌڪڙ ڌم ڌما ڌم

هليو پيالو پرت جو جام جم جم

 

اچي پئي رات شادي جي انهن تي

سکن آڻي ڏني موڪل ڏکن کي

ڪري سڀ ساٺ پورا سڀ ڪيائون

سسئي پنهل کي لائون ات ڏنائون

عجب بنگلو بنايو ڪاڻ اُن جي

آيو وارو نصيبن بار جن جي

ڏئي لائون وهاريائون پلنگ تي

ڏئي در هليا ويا ڄاڃي سڀئي سي

پُنيون سي مدعائون سڀ عشاقن

سدا سي موج محبت ساڻ ماڻن

الهه پوريون ڪيون دل جون مرادون

ٿين گهر گهر سدا سڀ ڪنهن جون شاديون

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org