سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سسئي پنهون

باب: -

صفحو :33

 

 

بيان پرڻي پنهونءَ ڄام جي جو ساڻ سسئي:

ٿئي ڳالهه مشهور ۾ خاص عام

رکيائون تاريخن سندا جي انجام

ڪري ڳالهه ظاهر ڪيائون شروع

ڳِيا ناچ، ماني، سنجهي ۽ صبوح

اَچي ڏينهن شادي سندا تان اُڀا

مِٺايون جُڙيون کاڄ قسمن رتا

ٿيون روز گلزار ۾ مجلسون

غاليچن سوا ٿي ڏٺي ڪين ڀؤن

راتيون روز سڀ هيڪ جهڙا هئا

قمر سِڄّ سڀ وير ڀيڙا هئا

هَنڊيون جهاز قنديل روشن ٿيا

سونهري جِٽن سين چٽيا جي هئا

لڳا ساز ۽ پڻ ٿيا راڳ روپ

کٿوري چندن عُود جا واس ڌؤپ

ٿيو ناچ پَرين مثل پدمڻين

ڏٺو شوق مان سو اچي ٿي سڀن

سڀئي ساهيڙيون خاص سرتيون اچي

ڪري هار سينگار ويٺيون اچي

ڪري ساٺ، اَکيو ٻڌائون زري

هئي پؤتِ سڀ جنھ سندي جوهري

پَريون  عشق سين پڻ مَري ٿي وهيون

حسن ساڻ حيرت اندر ٿي وهيون

ڳيا ڳاهه نازڪ وهاري وَنا

ميندي رات پڻ تنھ رکيائون حِنا

لنگهيون ٿي خوشيءَ سان سي راتيون

وڌيون عيش آرام ٿي جهاتيون

پيئي جهيَر پرڻي سندي رات رات

عجب ڳالهه ٿي سا سڀن وات وات

سينگاري منجهان جوڙ جيڏين سا

هُئي حُور سونهن ساڻ انسان جا

سندر مُشڪ عنبر اُٻارو ٿيو

عطر خاص رومي اُتي هاريو

سندو سونهن سينگار سارو بيان

ٿيو مَهند مذڪور وارو بينا

ڪئم ڪونه تنھ لئي هِتي ڪو تَوار

هُئي نازنين سا سدائين ڪنوار

سدا ساڻ سينگار نازڪ بدن

هئي گل پَرين جي اندر چمن

سوا جوڙ پهرين به صورت هئي

پَرينِ پدمڻينِ منجهه مورت هئي

هئي حڀر جو پڻ پهرائين ٻچو

جهَڪو زور جنھ پيش سوتي سچو

سدا نازنينن ۾ گل گل هئي

گهڻو مست تنھ ڪاڻ بلبل هئي

پهرائي وڳا سونُ خوشبو ڇنڊي

حسن جوڙ سينگار يڪجا ڳنڍي

ڇڏيائون نه اک ٺهر جو ڪو مڪان

ڏٺي جن سَمهُون سي ٿيا پاڻ ٻان

هيون سون ڳاڙهي منجهان ساهيون

جڙيون جي سڄيون ساڻ موتين هيرن

هيرا لعل پخراج تن ۾ هئا

فيروزن يا قوتن سنديائي جَڙا

ڇڏيائونس اَفشان ڳِلن تي زري

سسؤئي سينگاري ڪيائونس پري

ٻَڌي ساڄ بَديون دليرا ڦُلن

موتي ڦُلّ چوٽي ڳُتي پڻ چون

آندائون مٿي سيڄ سا نازنين

ڀِئي ڀيڄ محبوب حوران حَسين

سَسُوئي سينگاري بديع الجمال

زياده بَديعل ڪنان پڻ ڪمال

پيو سڏ پَرين ۾ سينگار جو

آيون سي پَسڻ مُونھ دلدار جو

پَسي سونهن سڀ سي ديوانيون ٿيون

پَريون پدمڻيون ڪُل حيراني رهيون

ڇٽو واءُ صَبا جو صبح جو لڳو

ٻڌو عشق بلبل سيني ۾ سَڳو

چيو ٿي سَڀن وصف سبحان کي

ڏنو جنهن حُسن بخش انسان کي

سراپا سڄي ڄام شاهي ڍڪي

سندي چنڊ سونهن ساڻ ساهي ڍڪي

ٻڌو ڄام سهرو سندو موتين

مٿان گهوٽ گهورون ٿيون ٿي لکَن

آيو ڄام پرمل مٿي سيڄ سيڄ

هنيو دم تنهين وير ٿي ڀيڄ ڀيڄ

ڏٺو جن حسن ڄام جو ۽ جمال

ڪنان هوش پنهنجي ٿيا سي زوال

ٻڌڻ ۾ آيا پڻ هوا کان توار

پيئي پرّ شهرن اندر سا پچار

ته وهوه پنهون ڄام جي جوڙ سونھ

ڪجن گهور پرين سندا ناز مؤنھ

ويٺيون ڪلّ همجنس سرتيون مڙي

ڳين ۽ سرودن سندي وير ٿي

سسئي ساڻ لانئون ڏنائون پنونھ

گڏيا جيڏين تن سندا سؤنهن مؤنھ

ڏيئي لانئون سيڙي، تني جا مٿا

ڪيائن گهورون سهسين ٿي موتي سچا

گهوري لعل پخراج هيرا آتور

ڪيائون عنبر مشڪ پڻ گهور گهور

پنهون ڄام سسئي مليا ساڻ سِڪّ

رهي ڪان تنھ وير پرهيز لِڪّ

پنهون ڄام پِرين گڏيو ۾ ڀنڀور

لکڻي لوح قلم جي ڇڪي، ساڻ زور

مليا پاڻ ۾ سي پيارا سِڪي

رهن روح دليون شَڪر شير ٿي

رکي ڳل ڳلن ۽ ڳرانٽي ڪري

ويئي رات تن ٿي هلي ۾ ڌري

جَٽي ڪين سا رات وهلو وڃي

اچي يار جنھ ۾ وڇورو ڀڃي

وڇوڙو وڃي رات راهي ٿي

وصل يار دلبر جڏهن ٿو پِيي

وصل وير دلبر سندي درد آههِ

سمهي ڪين سو جو اصل مرد آهه

سمهن ڪين سي جي سڄڻ سين مِلن

نڪي وير ڪا سي خوشيءَ سين کِلن

وصالا وڇوڙو وڇوڙا وصال

پئي ڪين پر ياد سا صاف ڳالهه

سبب تنھ صبح شام سي محو محو

ميڙائي سوا سڀ سندي سهو سهو

صبح مان ٿئڻ شام، شامان سحر

ڪري سي ڳجهيون جي هين دل اندر

ٻَڌي ٻول پَر ۾ ڪيائون پڪا

تني جي خبر ڪنھ ڏنائون نڪا.

بيان خط آريءَ ڄام جي جو، جو آيو طرف پنهون جي:

پنهون ڄام ڄامن سندر گهوٽ هو

ذرو ڪينڪي ياد تنھ ڳوٺ هو

سسئي سان جيءُ تنھ سندو هو رهيو

نه آيس نظر جنھ سوا ٿي ٻيو

سسئي پڻ ڏٺو ڄام ڄامن سندو

پنهون ري، اکين سين ڏٺائين نه ڪو

شبو روز سسئي پنهون ڪيچ ڄام

هئا هيڪ ٻئي جي پسڻَ سين تمام

پسن جي حسن سي نڪي ڪي ذرو

سنجهان سک سورن ملي ٿو ترو

سُکين سور سختي سِٽاڻي رسي

عاشورو ٿو عيدن پٺيان ئي اچي

ڀانيائون ته هوندو هميشھ وصال

پؤندو ڪين موٽي وري ڪو جنجال

رکيئون ڪَلّ ڪا ڪانه لوح جي لِکئي

جاڳي ۽ ستي جو وڇوڙو وجهي

ڇني گلّ پن ٿو تڏن مان سدا

خوشيءَ مان وجهي خلق ۾ سؤر دانھ

لنگهيا ڏينهن پرڻي ڪَنان ڪي جڏهن

جدائي نه ٿي ڪا تني ۾ تڏهن

آريو خط تان خان آريءَ وٽان

چڱي مرد سردار قاصد هٿان

حقيقت اندر تن جي ههڙي هئي

نِجي ڳالهه جا سور جهڙي هئي

ته اي ڄام ڄامن پنهون مون سندا

وڇوڙي وڌا تو سندي سؤ ڌنڌا

اکين ڍار پرمل پِرين جانِ تن

وساري ويٺين ڪيئن پنهنجي وطن

ساري ۽ سِڪي جيءُ هينون ٿو جهجھي

سوا تو اندر ڪيچ من ٿو منجهي

نه ڏينهن رات منهنجي هنين کي قرار

جگر جان آزار ۾ مون اَپار

سُڪا سِڪ سين لڱ ٿي زرد رو

اکين نو سبب سنڌ ڏي جستجو

سندي ديد تو زور ٿي سِڪ سڌّ

هنيون جانِ حُزنن ڪيا اڌّ اَڌّ

هينئون حبّ ۾ مون سندو ٿو ڏري

ساري تو نڪي ڪي جيي ۽ مَري

يوسف جيئن يعقوب ساري رُنون

رهئين روح ۾ تئن منهنجي پنهون

سُهڻي ۾ سُتي سور سهسين اچن

جاڳئي جوش جي جان تي ٿا ٻرن

هينئون حبّ ۾ تو سندي بيقرار

صبح شام نيڻن سندي هار جار

عاصم شڳ رُنو جيئن شهزاد لاءِ

ڇڏي تخت مصري ڏکن پير پاءِ

تيهَين حال هاڻي اسان جو ٿيو

ملڪ مال پڻ عيش دل مان ويو

ڪهڙي سانگ نيڻان وڃي ڏور ٿئين

مسافر اسان لئي پرين سور ٿئين

مسافر تنهنجي سور ماريو اسان

توکي نور چشمن جا ساريو اسان

سفر تو سندو سڀ اسان سور آهه

راتو ڏينھ دردن جو مذڪور آهه

سفر وئين پرين سانگ ڪهڙو

اسان کي وجهي ۾ ڏکن جي تري

موٽي ڄام آءُ مون سندا ئي سگهو

توري دل وندر مون سندو ئي نه ڪو

وندر دل جي آرام نيڻن سندا

سگهو ڪيچ ۾ آءُ ڀنڀوران اَڀا

توريءَ ڪيچ مڪران ويران مون

هينئون روح هر وير بَيران مون

سگهو آءُ پرين مون ڇڏي کي ڀنڀور

سو توا اچن دل مٿي هؤر دؤر

اچن تو سوا ٿا لکين سور ڏُک

لڳي مون ڦورائي سندي جان چُک

پرين تو نه گهرجي جدائي ڪرڻ

وئين جي ته لائق سگهو ئي ورڻ

اچي ڪانگ جي لات ڪا ٿو ڪري

هيين ۾ اسان جي تڏهن جو وري

ته هي مانَ آيو ڀنڀوران هجي

پنهون ڄام جي ڳالهه تنھ کان سُڄي

نه پانڌي نه اوٺي نڪو ڏي خبر

ڀنڀوران اچي ڪونه ڪو منجهه ڇپر

سبب تنھ چٺيءَ سان قاصد هلاءِ

ڇڏيوسين پنهنجو حال تنھ کي ٻڌاءِ

ڏيندو روبرو سو رسائي، چٺي

وهڻ ڪين لازم پڙهي جي ڏٺي.

وقت پڙهڻ چٺي آري خان جي پنهون ڄام عشق کي ٿي چيو:

مهندان ڄام جنھ دم چٺي جا رسي

رُنو روز تنھ وير تنھ کي پَسي

رنو ۽ ڪُڇيو سو نڪي ڀور ڀور

ٿيو ڄام غمگين بيحال زور

سندو ماٺ جنھ کي خزانو ملي

کُٽي سو نه جيسين لبن کي ٻَڌي

ٻڌي وات اکيون سدا جو ڪنن

مٺي يار تنھ کي سُتي ٿا چون

اکيون پؤر عيبن ڪنان تون ٻئن

جي نيڪي ڪڏهن ڪانه پنهنجي پَسن

کُلن مَرِ ڏسن جي سدائين سُواٽ

ڍڪيون خوب جن جو نظر ۾ ڪُواٽ

ڪنن ۾ ڪپهه پڻ سُيو تون وجهاءِ

سوا حق تِن ڪونه گفتو ٻڌاءِ

لَبن ٻنڌ نيڪي جي پنهنجي نه ڪن

ذڪر منجهه مولى سدا مَر کُلن

لفافو پسي خان آري سندو

پيو ڄام جي دل مٿيئي ڌنڌو

سبب تنھ ته هوندو لکيو ڇا منجهس

ڪيم ڪيچ مڪران کان مؤر بس

قاصد يار جو ڪو جڏهن ٿو اچي

تڏهن دل ۾ دردن جو ميڙو مچي

چئي ڪو ته دلبر دلاسو مُڪو

چئي ڪو ته ساڄن سندو تو رُٺو

جڏهن ڳالهه قاصد ڪنا ڪَن رسي

تهين وير آرام ٿو مَن رسي

تِهان بعد پڻ سا چمي ۽ پڙهي

رهيو ڄام خاموش هيڪي گهڙي

چيائين تڏهن تنھ اندر عشق کي

ته مون کي مسفار هتي جو ڪئي

ڇڏي ملُڪ مِلڪون مسافر ٿئي

تو سوا رکيو مون ذرو ڪينڪي

ڪٿي ڏيھ قبيلا ڪٿي مون وطن

ڪٿي ڪيچ مڪران جو مون چَمن

ڏهاڻي ڪٿي جا ڪٿي ٿو نيين

موٽي ڏک تن کي اجايا ڏيين

مثل نانگ واڇن منجهان زهر واهه

ڪيرايين لکين عاشقن هاءِ هاءِ

اچي اوچتو ٿو جني کي جهٽين

مٿي پٽّ مُنهن ڀر تني کي سَٽين

چنبي ۾ چَتؤن جانِ جو ٿو وٺين

جيڏانھ سوُڙ تو سو سِگهو ٿو وٺين

ريتي هوش جي واءُ مثل ٿو نيين

لکين سور سورن مٿي ٿو ڏيين

لکين شينهن تو جي ڀڄايا چنبي

جهنم تو جي سڀ هٽايا ڄڀي

بهشتن اندر تو سنو ئي هڳاءُ

چئي مؤر پلنگن مٿي تو جو نانءُ

هو خاڪ پڻ باد آتش ڪڪر

تنوارون تو جُون ڪن زمينون ڇپر

بَرن منجهه بحرن صحرا ۾ مِرؤ

پوکين منجهه پڻ تو پسندي گفتگو

عجب چال تو ۾ عجب تو سنگت

جِئي آشنا تون تِني هَنج رت.

پڄاڻا پڙهڻ چٺيءَ جي، رضا ڏني ڄام رفيقن کي، طرف ڪيچ جي:

پڙهي ڄام ڄامن چٺي سا جڏهن

ٻُڏو بحر حيرت ڏکن ۾ تڏهن

ويا سُک سؤرن وري ڪي وراڻ

ڇنِن جي سنگت ۽ ڇنِن جي رهاڻ

گهڻي دير هو ڄام حيران زور

ڪيو ڳالهه ڪاغذ  جي ويران زور

وري پڻ رفيقن سڀن کي سڏي

هنجون لال نيڻن ٻنهي ۾ ڀري

ڏنائين حڪم ڪيچ موٽڻ سندو

ٻُڌائي سڄي حال احوال جو

چيائين ٿئي موٽ مون مَسّ مَسّ

اچن ياد ٿا ڪينڪي ڪيچ گس

چئجان ٻڌي هٿ آريءَ سمهون

ڀنڀوران نه ايندو وري ڪي پنهون

پنهون ڄام پرڏيهه ڪيچان ويو

جُڪس قيد قسمت سنديئي نيو

پنهون ڄام ڄامن پنهون هوشمند

ڪيو عشق قابو جهلي قيد بند

رهيو سنڌ پرمل پنهون ۾ ڀنڀور

رهي جيئن بلبل پسي باغ ڦور

مئل گُل مخمور سسئي پنهون

شب و روز بلبل مثل هو سَمهون

نه ڏينھ رات محبوب ڌاران رهي

نه ري ديد دلدار جي ٿو سهي

وساري ڇڏي ڪيچ چَپّر وطن

ڪيائين وڃي سنڌ اندر وطن

چيا تنھ لکين ۽ ڪروڙين سلام

ٻڌي هٿ نوڙت نيازا تمام

وري پڻ چيو ڄام ڄامن هَري

ويو عشق قابو مُنهين کي ڪري

ويو ڄار دلبر ورائي مٿامَ

ويو وس تنھ لئي سڀئي هٿام

منهنجو روح پرين جي هٿ ۾ ٿيو

عقل هوش بلڪل نڪي ڪي رهيو

رهيو ڪونه وَس مون سندو ڪو ذرو

پيو سُور پرين سندو ئي پَرو

پکين جئن جيءُ مون سندو ئي ڦَٽو

هيين منجهه مَچ مون سنديئي مَتو

ڪري ڳالهه سا پُڻ ڪري موڪلاڻ

ڇِني ڄام سائين سندي سا رهاڻ

سُڻي ڳالهه سا صاف سائي ويا

پَسي چام بيوس روانا ٿيا

آيا ڪيچ ۾ موٽَ کائي وري

ڪَنان سِنڌ سي مرد راهي وري.

 

داخل ٿيڻ ساٿين جو ڪيچ ۾، ۽ بيحال ٿيڻ آريءَ خان جو، سواءِ پنهونءَ ڄام جي:

ڇڏي ڄام ڄامن سڀيئي رفيق

وريا ڪيچ مڪران ڏيئي رفيق

وريا ڪيچ سڀ ڄام ڄامن ڇڏي

نه آيا پنهون پاڻ سين سي گڏي

ڪڏهن ڪونه سسئي وٽان ڪو وراءِ

اصل مُور موٽڻ سندي سا نه جاءِ

ڇڏي ڄام سسئي اڳيان سي ورن

گهڙي وير هيڪي نڪي جي ڇڄن

ڇڄن ساڻ ڳل مُون تِني جا ڀِنا

هنجن سان ڳل مُون تِني ڀِنا

رسيا خان آري اڳيان سي جڏهن

پنهون ڄام تن ۾ نڪي هو تڏهن

ڏٺو حال سو خان خانن سندي

سب تنھ پيو درد جي ۾ ڌنڌي

ڏٺو خان جنھ دم پنهون ڄام ڪين

هيين روح نيڻن جو آرام ڪين

پڇيائين تڏهن تن ڪَنان ماجرا

پِسر ڄام پَرسل سنديائي ڪَرا

ته ڪٿي ڄام ڪيچي پنهون مون سندو

ڪٿي نُور نيڻن هيين جو، تندو

ڪٿي ڄام ڄامن پيارو پنهون

سوا جنھ خوشي عيش منهنجو پنهون

سوا تنھ سَري ڪين مون ڪو ذرو

سوا تنھ وٺان ڏک جو ٿو ترو

هو هَر وير نيڻن پنهون نؤر نؤر

پنهون ري جِيڻ مون سندو سوُر سوُر

پنهون ري جيئڻ مون سندو ئي جنجال

پنهون ري ٿيو جي سندو مون زوال

پنهون ڄام ري مون مٿيئي قيام

پنهون ڄام ري مون مٿيئي حمام

چيو شهر ديوان ٿي درد مان

ته اي خان خانن جا والي اسان

پنهون ڄام مون کان رهيو ۾ ڀنڀور

ڏٺائين اکين سين سسؤئي اَتور

ٿيي موٽ تنھ مَسّ جيئري وطن

ڏيئي ڄام ويٺو اُتيئي وچن

ورڻ ڄام جو ڪينڪي ڪيچ ڏي

ايندو تان نه اٽهين سسُوئي ڇڏي

سسئي جي وڃي مُنهن لڳو ڄام آهه

ورڻ تنھ سندو ڪيچ ڏانھ تان نه آهه

سڻي ڳالهه سا خان روئي رَتو

تهين وير ديوان کي ٿي اُتو

ته ديوان نا پار وعدو ڪري

نيو تو پنهون مون سندو مان ڳَري

چنبي باز بحري ڏني سو پِسَر

سوا جنھ سڙي ٿو هنيو ۽ جگر

هيين سُک ڪا وير مون کي نه آهه

اچي آگ جگري جُسو ٿي جلاءِ

سڻي ڳالهه جي سوز وارو ٿيو

ويو سُک سؤرن جو وارو ٿيو

سُڃو ملڪ سڀ مؤن سندو ڄام ري

وڻن ڪين ري ڄام سڀ ماڳ هي

ٿيا عيش ڪُل مون مٿيئي حرام

پنهون ري جسو جيءُ سڄو ئي تمام

هيين منجهه هر وير ٿي لوچ لوچ

ڏکن ڏِيل ۾ ڪي اچي سوچ سوچ

ساري ڄام سورن واڌارو ٿئي

پنهون ري جسو ڪيچ ڪنھ پر جِيي

جييي ڪين ساري، سڪي ۽ لڇي

مڇي جيئن ميدان ۾ ٿي ٽپي

پنهون ري هنيون مون سندو باهه ۾

پنهون ري هِنيون مون سندو واهه ۾

ڪري ڳالهه سورن سندي مون هنيون

پنهون ري گهڙيون سور سالن ٿيون

پنهون مانَ موٽي اکين سني پسان

ايندو ڄام يا مان وڃي ڪي وسان

ڪري ڳالهه سا خان ڪريو پيو

ڪڪر جي مثل هنج سين ٿي اُٿيو

سڃاتو نه ڪنهن ٿي لهي منهن ويس

هيين منجهه هردم پنهون ٿي رهيس

اَٺون پهر هو خان آري اُداس

رهيو رات ڏينھ تنھ اڳيان ٿي وماس.

 

بيان منجهه وڃڻ ڀائرن پنهون ڄام جي ڀنڀور ڏانهن، واسطي وٺڻ پنهونءَ ڄام جي ۽ نصيحت ڪرڻ پنهون ڄام کي:

 

جڏهن خان بيوس فراقا ٿيو

وڇوڙي پُنهونءَ جي نهوڙي نيو

تڏهن رات ڏينهن ٿي اکين سين رنون

ساري ڄام پرمل پيارو پنهون

رنو رات ڏينهن ٿي سنجهي ۽ سحُور

پنهنجي منهن پنهنجا وٺي سُور پؤر


تهين وير بلڪل نڪي ٿي ڪڇيو

لحظي منجهه سڀڪنهن ٿي لوچيو لُڇيو

ٿيو جان جيءَ کان گهڻو بيخبر

پيو ڏک ۾ تنھ سنديئي ڇپر

پسِي حال سو خان خانن سندو

پُٽن خان کي رسيو ٿي ڌنڌو

اُٿي تنھ سبب تن تياري ڪئي

دلاسا وڏا خان کي ٿي چئي

چيائون وڃون ٿا اُتيئي سِمؤنھ

جتي ڄام پرمل پيارو پنونھ

اينداسون سگهو سو وٺي ڪيچ ڏانهن

رضا ساڻ توڻي جهلي ساڻ ٻانهن

ڪري ڳالهه سا تِن سواري ڪئي

هليا ڪيچ کان سنڌ ڏانھ سي چڙهي

نيڻَ ڄام لئي سي سنڀوڙا هليا

قصد ساڻ ڪيچا پنهون جي چڙهيا

پنهون ڄام سسئي اڳيان ۾ سُکن

ذرو ياد تنھ کي نڪو هو وطن

نڪي ياد سي جي اُتان ئي هليا

وڇوڙو کڻي پاڻ سين ئي چڙهيا

هوتو، نوتو، چنرو نڪي ڪي سُتا

ميَن جا نه پڻ پير ڀؤن تي کُتا

ڪري ڪاهه شهباز وانگر هلي

مَيا تَن سندا سڀ لَڪن تان لَڀڙي

سگهائي اچي سڀ رسيا ڀنڀور

چُڙيا اُٺ ڪيچي ڪَسيا ۾ ڀنڀور

رهيا باغ سسئي سندي ۾ اچي

اِجازو پنهون ڄام ڄامن وٺي

لهي وير ڪا دير تن ڪانه ڪئي

آيا ماڳ بنگلي پنهون جي پئي

 

اچي حبّ سڪّ مان چيو تن سلام

چيو ڄام ڄامن عليڪم سلام

ويٺا ڄام پرمل پنهون جي حضور

ڪيائون پنهون ساڻ سڀ ڳالهه سور

چيائون ته آري اُداسي ٿيو

اکين ٺار تو لئي وسامي ٿيو

نه ڏينھ رات آرام ڪا وير اُهه

پُڇائي ڇپر منجهه ٿو پير پاءِ

سمهي ڪين آرام ڪا وير ٿو

سوا تو گهڙي خان ماتام ٿيو

ش و روز هاري هنجون لال لال

جتي خان سا خاص ڀؤن لال لال

صورت تو سندي سڀ هيين ۾ رهيس

تو ري ڳالهه دنيا سڀيئي وَهيس

ساري سونهن ساڄن سندي تو جڏهن

اچي ڇرڪ بيوس تَهين کي تڏهن

جڏهن خان ماڻهو پري ڪو پسي

تڏهن دل سندي تنھ سرهائي ڏسي

ته پرمل پنهون مون هجي مانَ هيي

سڪي روز جنھ ڪاڻ ٿو جان جيِ

پري ڳالهه پردي ڪنا جا ٻڌي

چئي مانَ هيءُ ڄام جي ڪي هجي

 

سڻي ڳالهه پَردي ۾ اُوسانب مان

ڀانئي ڄام تو جي ڪري سُور دانھ

هزارين ڀيرا ڳالهه ٻَهرين ٻڌي

وڃي منجهه اُوسانب تو جي ڌُٻي

پنهون خان آري رکي وحش ٿو

سوا تو ڪري ياد دل ۾ نڪو

ڪانگن ڪُرنشون ٿو ڪري ۽ پُڇي

سوا تو پنهون ڀاءُ پڇي ۽ لڇي

چئي ٿو فراقا ادا ڪانگ آءُ

اچي تو سنجهان مون سندو ڄام ساءُ

لئي لات ڪانگا اچي ڪَر اچڻ

کارايان سدا تو کنڊون ۽ مکڻ

اڱڻ ڪانگ آءُ ڳالهه ڪر ڪا پنونھ

جَهين ڪاڻ چشما سُڪن ڪين مؤنھ

اچي ڪانگ ٻولي پنهون جي ٻڌاءِ

سندي سور آتش هيين تان اُجهاءِ

اُجهائي، اَجهائي سندي مون ڏکن

اچيِ ڪانگ ڪر تون پچارون پرين

اچي ڪانگ اڄ ڪر پنهون جي چار

هيئون حبّ جنھ جي ڪو هي اڱار

اچي ڪانگ ڪر ڳالهه جنھ ڏيهه ڏور

سيني ۾ سوا جنھ سَٽون ڏيم سؤر

ڪانگل ڳالهه ڪر ڪا پنهونءَ جي اچي

رهيا نيڻ جنھ جي فراقا رَچي

ڪانگا اَڄ ڪر ڪا پنهون جي پچار

صبح شام جنھ لئي، رتو رئن نار

پنهون ڄام تو ڪي ڏٺو ۾ ڀنڀور

جهين ڪاڻ سؤرن رکيا واڌ زور

پنهون ڄام تو ڪي ڏٺو سو مون سندو

ڇڏي ويو وَتم سؤر جو ڌنڌو

ويو ڄام ڪيچي هئي مون فراق

ڪري دل جگر ۾ سندي مون چياڪ

ويو ڄام ڪيچي ادا ڪانگ ڪالهه

ورائي مٿان مون ڌنڌا سؤرَ جال

ويو ڄام ڪيچي جهڄي مون هنيون

اکيون نار پاڻي سندا مون ٿيون

خبر چار ڪانگل خوشيءَ جي ٻڌاءِ

اچي ٿو پنهون يا اچڻ ڪونه آهه

اچي مانَ سو جو مسافر ٿيو

قضا ساڻ ڪيچان اسان کان ويو

رهيو ڏيهه ڏوران اوتارا آڏي،

اسان کي ڏکن ۾ اجايو گڏي

آهين ڪانگ قاصد سچو تون سدا

ويلو وار وچ ۾ وجهين ڪو متان

اُڏر ڪانگ ويلو وچان ڪونه پاءِ

سڀئي سؤر منهنجا پنهون کي ٻڌاءِ

سڀئي سؤر روئي سڻائيج تون

رڱين رت سين مون سندي ڪيچ ڀؤن

ايڏو سُور بابو رکي ٿو ادا

پَسين جي  ٿئين هوند تنھ تان فدا

آياسون پسي حال تنھ جو غمي

پَسڻ خان جو پڻ ٿيو هو ڪمي

وڏو خوف ديوانگيءَ جو منجهس

گهڻو ڊپ مستانگيءَ جو منجهس

ڪري ڪيچ مڪران ٿو توکي ياد

ڇپر منجهه تو ري وري سوُر واڌ

سڀن جي ٿئي وات وائي اها

پنهون ڪيچ آڻئين اسان جا الله

سدا سڪ ٿا نيڻ جنھ جي رکن

وري شال سو ڄام سيئي پَسن

سبب تنھ اسين اسڀ آياسون هتي

قيامت اُبيٺي سوا تو اُتي

هاڻي ڀاءُ پنهون هَل اسان سين چڙهي

ڳڻيندا هوندا ڪيچ ۾ ڪُل گهڙي.

 

جواب پنهون ڄام جو ڀائرن کي ساڻ عذر

سُڻي ڳالهه سا ڄام خاموش ڪي

ذرو تنھ منجهان تان نڪا گوش ڪي

مگر ٿي چيئين تن سٻن کي وري

ته دل عشق منهنجي سڄيائي ڀَري

ذرو ڏوهه نڪو مون سندو اي ادا

مون کي عشق سؤ پيچ دل ۾ ٻڌا

وڌا عشق رنجير ڳٽيون ڪڙول

مٿي روح روڄن سندا هَور هول

ويو وسّ موٽڻ سندو مون سڄي

نِير نينهن ۾ پير منهنجا ٻئي

ڀنڀوران نڪي مون سندو من رهي

مٿي دام دردن جي دل تن رهي

وري ماٺ دل کان ويو ڪُل قرار

رهيو روح ۾ مون سندي ياد يار

مون مَحوَ صورت سسئي جي ڪيو

هِنيون باند هر وير ۾ مون ٿيو

جيڪا وير دنيا اندر ٿو رهان

جدائي نه تنھ ۾ ذرو ٿو سهان

اوهان کي لڳي ڪان عشقي چماٽ

نڪا سڪ جي ڪا اندر ۾ اُساٽ

پڇو جي عشاقن سندي خاڪ کان

ڪري ڪيئن ڏان سا سندي سور دانهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org