سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سسئي پنهون

باب: -

صفحو :37

 

 

موٽڻ سسئي جو هاڙهي ۾ منجهه ڏور پنهونءَ جي سين صلاح هڱور نئي جي:

سڻي ڳالهه سا سڀ سَسُوئي وري

وٺي سور ويتر ويچاري چَري

ويچاري وٺي ڄام جا سور ساڻ

وري پار هاڙهي سسُوئي سُڄاڻ

رسي جيهر هاڙهي مٿي سا سَٽي

ڏيهاڙا وڇوڙي سندائي ڪَٽي

چيائين اچي تنھ مٿي اي ادا!

وڇوڙي ڏکوئي وَهيس تو وٽا

ڀانيم ٿي ته ڀائي ٿيندي ۾ ڏکن

ڏيندي ڏس تن جي ويا ڏيھ وطن

خبر تان تني تو ٻڌائي نه مون

سندي واٽ ويندن سڻائي نه مون

سندن سور سڀ وير ساٿي سندم

نني کان نڪي ڏس ڏيرن مليم

صبح شام سي سور سڀ ساڻ مون

ڏنائون ته پڻ ڪين اُهڃاڻ مون

جُڪس تون په تن سين صلاحي ٿيو

تڏهن ڏس ڏيرن نڪي تو ڪيو

ڏنئي ڏس ڏيرن سندو جي اڳي

ڏنو تان اکين مون پنهونءَ کي اڳي

وڻن ڪيچ ۾ مون ڏٺو سو پنهون

رنم رت جنھ لئي هزارين هَنجُون

رنم رت تنھ لئي ويو جو وٽانم

پنهون ڄام لئي سور سهسين مليام

پنهون ڄام ڄامن ويو مون سُتي

ڀُڻان هاڻ تنھ ڪاڻ تو ۾ سَٽي

پنهون ڄام ڄامن ادا جو ويو

تهين ڪاڻ جيءُ هي جڏو مون ٿيو

پنهون ڄام ڪيچي ڦري ٿو اکين

ويچاريون سِڪان سي رتو ٿيون ٽِمن

پنهون ڄام ڄامن ڪري ياد ياد

ٿئي جوش دردن سندو واڌ واڌ

پنهون ڄام مون ڪين وسري ذرو

جهين لئي ڏٺو سور جو مون تَرو

ويو ڄام ڄامن ڇِنائي رهاڻ

ڪري مانَ موٽي وري سو وراڻ

ڀانيو ڪين مون ڄام ويندو وطن

ڏيئي داغ دل ۾ جاڳائي ڦٽن

ڀانيو ڪين مون ڄام ويندو ولات

ڏيئي ڏک جي مون مٿي وات تات

ويو ڄام هئي هئي پنهون مون سندو

اوريو حال مون ڪين تنھ ساڻ ڪو

لُڇان ۽ مران پار پيئي ڪڍان

پنهون ڪاڻ پر ۾ ڪڙهان ۽ پچان

هاڙهي تيهر هئي هئي ڪري ٿي چيو

پنهون ڄام ڪيچي سندو تو ويو

سبب تنھ نِگي تون ڦوڙائو ڳنهي

مِٽن مائٽن ۽ ڀنڀورا ڇَني

چُلي ڪانه ري ڏک ۾ ڏونگرن

چڙهن سي سنگت جن سندا ٿا ڇڄن

ڪري سيڄ ساڄن سندي جنھ سڃي

ڀُڻي بحر بَر ۾ سدا سا اُڃي

ڀُڻي بحر بَر سا پياسي سا

پنهون ڄام لئي جا اُداسي سدا

اَدي مون سندي اي سَسُوئي ڏکي

مِلي شال ڪيچين ٿيين تون سُکي

ويين ٿي جڏهن مون وٽان تون لنگهي

تهين وير پڻ ٿي مُونهين کي پُڇي

مليو ڏس پر مون وٽان تو نڪي

سبب تنھ سندو سڻ سَسُوئي اَدي!

توکي مون ڏٺو زور ماندي ضَعيف

ڏکيتي ڏکن سين هيڪاندي ضعيف

اَڃي ۽ بکي عشق اندر غريق

سمر ڪين ساٿي نڪو ڪو رفيق

سبب تنھ سندي هوش سڀ مون ويو

تهين لئي نڪي مون تو هِي کي چيو.

ته پرمل پنهون ڄام پٺتي نهار

ٽَڪر منجهه مسڪين هي ڪين مار

هيڏانهن ڄام ڄامن جو آيو نڪي

هيڏانھ ڪينڪي واٽ ٿي ڪيچ جي

سڻي ڳالهه هاڙهي ڪنا سا وري

نه جيئري مئي سا پنهون لئي چَري

وري نَئي وندر ڏانھ ويچاري ضعيف

ڦوڙائي پنهون ڄام ماري ضعيف.

موٽِي رَسڻ سسئي جو نئي وندر ۾، منجهه ڏور پنهون جي:

 

وندر منجهه جنھ وير موٽي وري

ڪئي سور ڪيچين سندي ئِي چري

ڪئي سور ڪيچين سندي زاف زاف

چيائين وندر کي تڏهن صاف صاف

ته ڏس مون ڏنئي ڪينڪي ڄام جو

هيين روح نيڻن جي آرام جو

ڏنئي ڏس بلڪل نڪي ڪي اَدي!

ته ٻيءَ ڏانھ پنهون تون نڪي وان وڌي

پنهون ڄام هيڏانهن نه آيو ذرو

پڇين جنھ سندو ٿي هتي تون پَرو

توکي ڪين لائق اهو هو ادي!

هليئن ڪين جيئن تون مونهين سين وڌي

ڏوري ڪين مون سان ڏونگر هلي

ڇڏي مون کي ڇپّر اندر هيڪلي

ڪنَا ڏک ڏونگر ڏٺو مون اچي

رهيا پير پهڻن چِپُن ۾ رچي

ميين منجهه ڀؤنڻ لَڪن جي جفا

ڏيکاري مون کي ٿي پنهون جي وفا

ڪيون سڪّ سؤکيون لَڪيون ۽ جبل

هڏا ڀيڻ منهنجا جهليا ڪين جهَل

وڃان تو وٽان ٿي اَدي ڄام ڏي

پهچان شال پرين سندي ڪيچ کي.

موٽي رسڻ سسئي جو ڍوري مَهٻار ۾، منجهه ڏور پنهونءَ جي:

 

ڍوري ۾ جڏهن سا سَسُوئي رسي

رنو تيهر ڍورو تهين کي پسي

روئي رت پڻ تنھ چيو زار زار

ته آيين سَسُوئي اَدي بيقرار

پنهون ڄام ٻئي پار تنهنجو ويو

سندو ڪيچ رستو سنگر ۾ ٿيو

مون کي ڳالهه پڻ مهد ڪرڻي هئي

ويئي جيهر تون ٿي ماڻي مُئي

تَهين وير پَر مون جڏهن تو ڏٺو

عقل هوش سارو تڏهن مون ڦِٽو

سبب تنھ ڏنم ڪين ڏس تو اَدي!

رهيو هو نه مون منجهه وس ڪو اَدي!

هاڻي ڀيڻ سڀ تون وڃاءِ وماس

ڄاڻان ٿو ته آهيين پنهون لئي اُداس

سنگر منجهه سو ڄام ملندئي ڳَري

وڃج ڪين ڪو پير دانھ پري

ميڙائو ٿيندو تو سندو ساڻ ڄام

رهندا ٻئي هيڪاندا اُتي تا قيام

ڇڄڻ جي نه بلڪل گهڙي ڪا وري

توڻي مهند توڻي مليا جي مَري

سڄي ڳالهه سا سڀ اِها ٿو سَلان

هَل ته هاڻ توسين ادي ٿو هلان.

ٻڌي ڳالهه سا خوش ويچاري ٿئي

دلاسي پنهون ڄام جي سين جئي

دلاسو پنهون ڄام جو ٿي مليس

ڍورو پڻ ساٿي سو اُتاهين ٿيس

آيا سي سنگر ۾ سِگهائي وري

اُها وير هئي سا اُها ئي گهڙي.

 

موٽي رَسڻ سسئي جو سنگر ۾، غائب ٿيڻ تنهن ۾، ڪَنا نه وڻڻ دِلاسي، پنهوار جي:

 

موٽي سا سنگر ۾ سَسُوئي جڏهن

پنهونءَ ري ڪنا ڏک ڏاڍي تڏهن

چيائين سنگر ڀاءُ چوان ٿي سلام

سَسُوئي پنهونءَ لئي نماڻِ تمام

جهڙي مهند ئي تو وٽان ئي وَهي

تهان سڻ گهڻو سُور ۾ سا رهي

اڳي ڀيڻ مون سين نه پانڌي ڏٺئي

هينئون حُبّ ۾ منهنجو پانڌي ڏٺئي

تڏهن پڻ ڏنئي ڪين ڏس ڪي اُنهن

اهڙيون ڪينڪي ڀاءُ ڏکيءَ سين ڪجي

ڪجي رحم اي ڀاءُ مٿي هيڪلين

ڇڏي سُک ڏُک سين پنهون جي پُڇن

ڪجي رحم سرتين ڦٽيون جي فراق

وڇوڙي سندا سوُ چَکن ٿيون چِياڪَ

ڪجي رحم سرتين جني جو پنونھ

ڀنڀوران ويو رات ۾ ڪيچ ڏونھ

ڪجي رحم سرتين جني جو  جگر

اُٿي ٿو ڏکن ۾ فراقا آ پر

ڪجي رحم تن جو سفر سخت آهه

ڦوڙائي سندي دل اندر آهه باهه

ڪجي رحم اي ڀاءُ ويا جن وٽا

ڪري ڏينهن سُپرين مٺا ڪي جٽا

ڪجي رحم تن هيڪلين تي اَپر

ڏورين جي ڏُکان ٿيون ويچاريون ڇپّر

اوري سور سو سڀ سندوئي انهن

ڪنا سُک ۽ ڏک ڪيچائين

ڏنائين رضا ماڳ مَهبار کي

رهي پاڻ مسڪين تنها تتي

جڏهن هيڪ مسڪين ماندي رهي

رنيي ٿي سنگر کي تڏهن هي چئي

وري موٽ کائي ادا مان غريب

گڏيو ڪين ڪيچي مونهين کي قريب

ڏٺا ڏک مون زور ڏاڍا ادا!

جگر ۽ هينئن مون وڇوڙي وڌا

وڇوڙو ٻيو مون وڏو سُور هو

ته حاصل ڪئم وقت ڪو ڪونڪو

جيسين ڄام مهان هو  ۾ ڀنڀور

ڪيم ڪين تيسين جُو جان گور

وڏي وس ڪيچي پنهون هو وسم

وڃائي اُها وير ويسر سنديم

وڇوڙي ڪنا ئي وڏو سُور سُور

ڪيس ڏک ڪيچين سندي چُور چُور

جهڙا سور منهنجي مٿي تي پيا

تهڙا جي جبل ڪنھ وڏي تي پيا

ته تنھ وير پگهري ٿيو آب آب

مرون ۽ پھ اوڀڙ ٿيا تنھ ڪباب

زليخا نه سيفل نه مجنون هئو

مثل مون نه ڪوهڪن په محزون هئو

ديوانن مثل مان جبل ٿي گهمي

ڪيم ڪين آرام ڪنھ دم سمهي

کاڌو ڪين مون واٽ اندر اَدا

پيتم ڪينڪي خون پنهنجي سوا

کنيم وکّ ٿي تيز جنھ ماڳ تي

هلي ڪونه ڪو مرد تنھ ماڳ تي

ويو جي پنهون ڄام مون کان هلي

ته هُئي ڪينڪي مان ادا هيڪلي

هيڪو عشق آري پنهون ڄام جو

وڇوڙو  ٻيو مون سَمُهون ڄام جو

ٽِيو ڏک چوٿين قضا ساڻ مون

سمهڻ جي پنجين پڻ سزا ساڻ مون

هئاسون ادا اَي! سڀئي ڏور ۾

جگر جان دل پڻ سنديم جور ۾

پَرو نيٺ منجهه تو پنهونءَ جو پيو

ڀنڀوران مون غافل ڪنا جو ويو

سڻي ڳالهه سنگر چيو اي ادي!

ڪيئي ڳالهه جا سا سڄيائي سچي

آهي سور سنگت ڇني جو وڏو

ساري ڪين جو ۽ ڪري ٿو جَڏو

ڀلان ڀلّ سورن سندو موت تن

جتي جون رهاڻيون مِٺيون ٿيون ڇجھن

ادي ڄام ڪيچي سندا سور سانڍ

ڇَپر ۾ مِرُن سين ورهائي نه وانڍ

سَسُوئي اَدي اڄ لڪائي اُڪنڊ

متان ڄام سين تو پوي ڪيچ رَنڊ

سسئي سانڍ سورن سندا سَوَ هزار

ڪڏهن ڪر نه ڪنھ سين ذرو ڪا توار

سسئي سُور ڪيچين سندا سانڍ رک

سنجهان تن ڪهين سين ڪڇج ڪين ڪکّ

نه هت حال ڀائي سَسُوئي سندي

سُڻائي پُوندي تون اَجائي ڌنڌي

ڪٽي سور ڪو ڪونه پاڻان وڌاءِ

سسئي سور جن ڪونه تن کان لڪاءِ

جيڪي ڪيچ پاڙي پنهون جي رهن

ذرا سور جا ڪي تني سين ڪجن

باقي ڪُل ڀوري پنهونءَ لاءِ رکيج

روئي روبرو سي ڳُجهائي چئيج

ايندو ڄام ڄامن هتي تو سندو

ويندو سڀ وڇوڙي سندو ئي ڌنڌو

منهنجي پيٽ ۾ پڻ اوهان جو مقام

ٿيندو تا قيامت اَدي نيڪنام

اڃا ڳالهه تان سا نڪي ڪي پُني

سسئي رت نيڻن ڪنا ٿي رني

نِڱيو تان اچي سو پرانهون پنهوار

چاريندو جو ٻڪروين اوتي هو ڌنار

اچي اُو ٿيو جان اُتي ئي قريب

ڏٺئين تان نماڻي سَسُوئي غريب

ڇِنا لِڱ جنھ ۽ ڇِنو هو لباس

رهيو ڪين هڏين مٿي ماهه ماس

سُڪي کلّ ساري هڏين تي رهي

ڇنا پير ڦاٽا چپُن تي چڙهي

ڏسي جو ڏکي سو ڏکيءَ کان ڀڄي

سيني تند سورن سندي تنھ وڃي

هيڪي عشق حيران بَيران ڪي

ٻيو قوُت پورو مليس ٿي نڪي

ٿيا ڏک ڏيرن سندي ۾ سفر

چوٿين دل وڇوڙي وڌي ۾ ڇپر

اهڙي جا ڏٺي ڏک واري پنهوار

ٿيس رحم تنھ لئي هيين ۾ اَپار

چيائين تڏهن اي سَسُوهي اَدي!

وڃي ڏک کان ٿي ڪيڏانھ تون وڌي

ڏٺي ڪانه مون ڏک واري ڏکي

مثل تو نماڻي فراقي چُکي

پسي ڏک تو ڪُل مِروُن رونِ

جبل برّ هئي هئي گهڻو چُونِ چُونِ

هاڻي ڀيڻ سا مون ٻُڌاءِ خبر

ته ڪنھ ڏک ڏوري اچي هي ڇپر

هتي ڪونه ڪو مَرد هڪو اچي

اَچي جو مرِنُ کان نڪي سو بچي

تڏهن ڳالهه سا سڀ سڻائي اُتي

سَسُوئي رُني سين رنجائي اُتي

ته اي ڀاءُ ڀَلا مون سدائي پنهوار

ڏٺا ڏک مون  سور سهسين هزار

ڪري سڱ ٿورا ڏينهاڙا ٻه ٽي

کنيم ڏک ڏيهه مان سڀيئي جهٽي

مليم سور سڀ ڄام ڄامن ڪنا

جيان ڪيِن گهايل فنا ۽ فنا

فنا ڄام ۾ دل سندي مون ٿئي

رهيم ياد تنھ  ري ٻيو ئي نڪِي

رهايو قضا پڻ نيو سو قضا

پسان هاڻ تنھ لئي سُتي جي سزا

سُتي سيڄ غافل هيس ۾ ڀنڀور

نيو ڄام ڏيرن تڏهن ساڻ  زور

نيئي ڄام ڏيرن ڏنو مون فراق

ڪري جان جؤنري منهنجي ۾ چِياڪ

ڪري جان جؤنرو فنا مون ويا

وٺي سک ساڻيهه ڪنا مون ويا

ويا ڏير ڏيھ ڄام مون کان وٺي

هين روح آرام مون کان وٺي

ڊگهي ڳالهه پر ڀاءُ ٻُڌايان ذرو

ڏٺون ڏک دريا سندو مون ترو

ڏينهاڙا ڏکيا ۽ په راتيون رهي

پڇيو ڄام مون ٿي مِرُن کان صحي

مومل، هير، سوهڻي رهيون جي سِڪي

مثل مون نڪا ڳالهه تن جي لِکي

چوان ڏک جي ڀاءُ سندي مون سڄي

ته بيشڪ اُٿي هوند تو ۾ ڄڀِي

سڻي ڳالهه سورن سندي سو پنهوار

رنو رتّ نيڻن ڪنا زار زار

روئي رت سسئي نماڻي پَسي

پنهون لئي جوڳياڻي ويڳاڻي پَسي

چيائين ته مادر وڃائي فڪر

ڪرين جنھ پنهون ڄام جو ٿي ذڪر

سگهو ڄام سو تو گڏيندس اچي

توکي ڪين تنها ڇڏيندس اَدي!

ديوانن مثل تو ڏسان ٿو اکين

ڏکي ۽ ڏکي تو پَسان ٿو اکين

ويو سک ۽ ڏک وريو مٿانءِ

پيين ڄام ڪيچي سبب تون رنجاءِ

پنهون ڄام ڪيچي سندو ڪيچ ڄام

جني حبّ تنھ تن هيين ۾ حمام

چيائين تڏهن پاڻ ٿي پاڻ ساڻ

ته يوئي هلي مون هٿان جا رهاڻ

سِڪان ۽ مَران سَڌ ٿي لاءِ تنھ

سندا سَنڌ مان اَڌ ٿي لاءِ تنھ

ڪري ياد تن کي وڇوڙي تڳان

ڪٿي ڪيچين جي وري منهن لڳان

واجهائي وڃايا گهڻا مون اَيام

ڏسي ڏک ۽ سور سهسين تمام

هاڻي ڪئن ري ڄام آءٌ وهان

پنهون ري پکي ٻئي سندي ڪنھ پِهان

تهين ڪاڻ مولى ڪريان ٿي سوال

پنهون ڄام سين مون ڪراءِ وصال

جيين ڄام دلدار مون کي ملي

ڇپر منجهه آهيان جَهين جي بِلي

تيسين ربّ مون کي ڦاڙي ڏي زمين

پسان ڄام ري جنھ اندر ڪِين ڪِين

ڏٺم ڏک ڪيڏا ڏٺا جي نه ڪنھ

ڪيم پنڌ ڪيڏا ڪيا جي نه ڪنھ

ڪئي ڳالهه سا ربّ تنھ جي قبول

ٿيس آس جيءُ جان جي ڪُل حصول

تهين وير سا جاءِ ڦاٽي رهي

سسوئي نماڻي تهين ۾ وهي

جدائي نيائين رفيقي ڪري

ميڙائي سندي سڪّ دل ۾ ڌري

سسئي عشق جي ڪئي شهادت قبول

ڏکن کان نه ٿي سا نماڻي ملول

ڪفن ۽ قبر تنھ نه آرام آهه

پيتو شوُق محبوب جنھ جام آهه

سَنگر منجهه تنھ دم ٿئي غيب غيب

نياڻين دُني کان نه ڪو عيب عيب

پلوُ ٻَهر چادر سندوئي رهيس

سنگر منجهه سو ڪين غرقي ٿيس

ٿيو غار سسئي سندو نُور نُور

سُکي ٿي اڳي جا هئي دِل مَلُور

دَري ماڳ ۾ تنھ بهشتي ٿئي

فضل سان جا ربّ پنهنجي ڪِئي

حورون باغ فردوس مان آئيون

واڌايون سسئي کي جني ٿي ڏنئون

واڌايون چئي پڻ چيائون وري

سسئي ڳالهه سڻ تون اسان جي کري

ايندو ڄام ڄامن رهاڻي سندوءِ

حشر ۽ نَشر ۾ ڇڏيندءِ نه پوءِ

ڪجان تان سدائين اُتيئي رهاڻ

هميشھ هوندا اُت وصل وير ساڻ

پنهون ڄام پڻ لاءِ تو مست زور

وساري نه ۾ بَند ٿو توکي بور

ڪيو خان تو جو پنهون بند آهه

هينئون ڄام جو ڪينڪي هنڌ آهه

سِگهو ڄام ڄامن ڇُٽو ٿو اچي

تو جي عشق خنجر ڪُٺو ٿو اچي

تو جي عشق آرام سڀ تنھ نيو

گهڙي پَل سؤ سال تنھ تي ٿيو

گهڙي پل کي ڄام ماتام آهه

ايندو سو سگهو توکي آرام آهه

ڏني ڏک جي سي سڀيئي ويا

دلاسا وصل جا تو هِي کي مليا

دلاسا سڻي دل پنهنجي جاءِ ڪر

ايندو ڄام ڄامن پنهون تو جو ورَ

ويو وقت جيڪي لنگهي تو مٿا

ڪٿي ڀيڻ تنھ ڪين دائم جَٽا

سکيا ۽ ڏکيا ٿا ڏينهاڙا لنگهن

نڪي حال هيڪي مٿي ٿا رهن

چڱا سي پڇاڙي جِني نيڪ آهه

ڦوڙائي ميڙي سو ڌڻي هيڪ آهه

دلاسا چئي تن ڪيو موڪلاڻ

چيائون سَسُوئي ايندو ڄام پاڻ

دلاسا سڻي سي سَسُوئي وَهي

وڃي بحر بيوس تري ۽ رَهي

ڪنا ماڳ تنھ پڻ ڪرڻ انتقال

روحاني سَسُوئي وٺي ساڻ حال

هِلي ڪيچ روح سان ڪارڻ پنونھ

هيس رات ڏينھ جنھ سنديائي ورونھ

پهتي ڪين پيرن ڪري واٽ پنڌ

سبب تنھ سسوئي لڳي روح رند

ڪري پنڌ پيرن سين پنهنجي نڪو

هليو جو ڇَپر ۾ سگهو سو ٿڪو

رسي ڪيچ سو جو کڻي ساڻ روح

هلي وير سڀڪنھ سنجهي ۽ صبوح

ٿڪا پير ظاهر سندا ۾ ڇپر

لنگهڻ لَڪ اَؤکا ڪيچائي ڪَپر

هلي روح ٿو رمز رعدي وٺي

وڃي سو ورهيه پنڌ لحظي ڪڍي

رسن سي جني روح سائي ٿيو

مثل جنھ نه رهبر حمايتي پيو

مليا سي جنھ روح اڳوان آهه

سمر سُور ۽ ڏک سامان آهه

گهري جن توشو تن ڏکن جو

وڃن ٿا ٻيا سَهس سين هاءِ

 

ديدار سسئي جو پنهونءَ کي قيد، منجهه ڪيچ

پهرين رات سسئي رهي جا سنگر

پنهون ڪاڻ ڏوري لڪيون ۽ ڇپر

قضا ساڻ تنھ رات ۾ قيد ڄام

سسوئي ڏٺي خواب ۾ سين قيام

ته ٿي رت روئي کجائي گهڻو

ڏکي ڏک بيحد سَجهائي گهڻو

چئي ٿي پنهون ڄام منهنجا پرين

هيين جان آرام منهنجا پرين

هيين جان آرام اي دل گهريا

قضا ساڻ مون کان ڀنڀوران ويا

قضا سان مون کان ويا اي پنهون

رُئان روز جاري سبب تو هَنجوُن

رُئان رتُ ۽ مون جگر خون آهه

هيين منجهه هر دم ٻري آهه باهه

سوا تو سين سُور مون جي ڏٺا

رسي تو نه ڪو شال تن مان مِٺا

پئي ڏک جي مون سندو ۾ زمين

ته  اوڀَڙ اُڀاري ڪڏهن مُور ڪين

پئي ڏک جي مون سندو تي جبل

ٿين تان ڇَپن ۾ سندا سُور سَل

رسي ڪين بحرن مٿي سور شال

ٿئي نا ته گرمي تِني منجهه جال

سندو ڏک جي مان ڪريان ڪي بيان

پئي ڏک تان تو مٿي بي گمان

ڀنڀوران هلي مان نماڻي غريب

مِلي ماءُ نه مون سين نه جيڏي قريب

جيڏيون جوڙ سرتيون رهيون ۾ ڀنڀور

کنيم تو سبب ڏونگر ووڙ ڏور

جيڏيون جوڙ سرتيون رهيون ۾ سُکن

سبب تو پنهون مون کنيو کي ڏکن

نه ڀِت ڀروسو مون سندو ري الله

نه ري ربّ بَر ۾ سندم ڪو پناهه

نه هيڏي نه هوڏانھ سانگا تو سندم

بَرن جي مرُن سين ڏيهاڻي رنم

رهاڻيون رڃن ۾ مِرُن سين ٿِيوُن

چڙهيس ڄام تو لئي مٿايون لَڪيون

هيڪي سڃ چوٽيون مٿاهيون پهاڙ

وڇوڙي ڏنا پڻ سوين سوُر ساڙَ

نه ساٿي نه پانڌي نه ڀائي ڏکن

هلي مان هڻي پير سهسين سُکن

ويا ڪيچ ڪيچي پنهونءَ کي وٺي

ڪَڪا اُٺ ڪيچي ڪُڏائي ڪڍي

ويئي واٽ ڇپر ڪنا مون ڇناءِ

پييس پاڻ تنھ ڪاڻ ٿي ۾ رنجاءِ

هاڻي ماڳ سنگر اندر مون سندو

جو مشهور لَسَ جي ڇپر ۾ جهجهو

تهين منجهه پرمل پنهون مان غريق

سوا ربّ تنھ ۾ نڪو ڪو رفيق

طلب تو سندي مون اندر جانِ آهه

سسئي تو مٿان ڄام قربان آهه

اڃا قيد ۾ تون پنهون مون قرار

مٿي مون مجاور سنگر ۾ پنهوار

اچي پَس تون جي سنگر منجهه رول

اچي پار ڪوهيار مون ساڻ ٻول

تو جي سَڱ ڪيچي سَٺا سور مون

اچي پس پنهون ڄام مُون لوڙ تون

ايڏي دير ڪيچي ڪجي ڪينڪي

پنهنجي ڪيتري مهند ٿي جانَ جي

ڇڏڻ ڪين تو جي توهي کي جڳاءِ

ڇپر منجهه مسڪين سين هاءِ هاءِ

سگهو آءُ سَهان ڪين ڪا وير ٿي

پيئي لوڙَ ۾ تو پڇان پير ٿي

هلي وانچ پَرين مثل تون اچيج

اچي ڄام ڪيچي سگهوئي رسيج

هلي آءُ هلي آءُ هلي آءُ هلي

آهيان ڄام ڄامن هتي هيڪلي

ڪيم ياد تو ڄام ڪر ياد مون

پڇن تو تني کي ڇيڏين ڪين تون

چيو تو ذڪر مون ڪري جو جڏهن

ڪريان ياد تنھ وير تنھ کي تڏهن

آهي عام اِي قول تو جو پنهون

ڪري ياد سو وَر پَسي مون پنهون

پَرن قول تو ۽ نڪي ڪي ٽرن

ڇڏيين ڪين جي تو سچا ٿي پڇن.

سجاڳ ٿيڻ پنهونءَ ڄام جو ۽ روانو ٿيڻ طرف لوڙهه سسئي جي:

سسئي ڄام جنھ دم ڏٺي خواب ۾

آيو تيهر سُورن سندي تاب ۾

روئي رت هاري، هزارين هنجون

پنهون ڄام پرمل رنو ۽ رنون

روئي زار جان منهن کنيائين مٿي

ڏٺائين سَسُوئي نڪي تان تتي

سبب تنھ پيو ڀُون مٿي ئي ڪري

ويئي مَت ساري سندي تنھ ڦِري

هيين کي رسيا سُور ۽ سوز ساڙ

مثل مرغ بسمل پيو ۾ پڇاڙ

رسيا سُور ساڄن سندا سؤ هزار

رنو ڄام ڄامن ڪنا وارَ وارَ

رنو ڄام روئي نڪي عام جيئن

هينئون روح ۾ روڄ ماتام جيئن

صبح شام ماتام کي جام هو

سسئي ري نڪا وير آرام هو

نڪا وير آرام پرمل پنهون

سسئي ري صبح شام سورن سَمهُون

نڪي مئو نه جيئرو ٿيو درميان

ڀلا ڀلّ سورن سندو ئي نشان

جڏهن خان پرمل پنهون سو ڏٺو

پنهون ڄام ڪيچي پنهون مون مِٺو

ته کان عشق شمشير مقتول آهي

نه جيئرن مثل ڄام مقبول آهه

تڏهن خان تنھ دم چيو اي پنهون!

ٿئي ٻاجهه مون کي پسي تو رنون

سهان ڪينڪي سور تو جو اَبا!

ڏيان سنڌ جي تو تڏهن ٿو رضا

وڃي پس اکين سين سَسُوئي عجيب

وري ساڻ پنهنجي گڏي سا قريب

وٺي ڪيچ ڏي تون سگهوئي اچيج

ڀنڀوران سگهو ۽ سگهوئي وريج

متان ڄام ڪيچي رهين ۾ ڀنڀور

گهڙي وير واڌو سَهين ۾ ڀنڀور

ڪري ڳالهه سا خان آري وڏي

حڪم هي ڏنو کي اميرن سڏي

ته منزل به منزل رکو نيش اُٺ

ڪري سؤ ڪوهن پنڌ جو پيش اُٺ

حڪم ساڻ تان سي مَهاري ٿيا

ڪنا ڪيچ سِنڌ سينءَ تياري ٿيا

چڙهي ڄام ڄامن سواري ڪئي

ڪنا ڪيچ بلڪل بيزاري ڪئي

ڇڏيو ڄام ڄامن وطن ديس ڪيچ

پئس جيئن دل جان ۾ عشق پيچ

وڍي واٽ منزل ڪشالا ڪري

آيو ڄام سنگر سسئي آسري

لهي ماڳ تنھ اُٺ وهاري، وري

نهاري سسئي هنج هاري وري

چيائين ٿي ساڄن سندا مون پساءِ

هِتي هير ساڪن سندا ڀُون پساءِ

ساڪن ڀُون سندا مون سندائي حبيب

پسائي مون کي پاڻ پنهنجو قريب

پسائي مون کي ڀُون منجهارا اِتي

سوا تو اندر آڳ مُُن جي مٿي

سوا تو سَٺا سُورن مون سَوَ هزار

شب و روز تو جي هيين ۾ پچار

هينئون چِير چِيروُن ٿيو مون سندو

ٻيو قيد ڪيچي ڏنو مون ڌنڌو

ڪري ڄام سا ڳالهه ساري رُنون

نهاري سسئي سُور ۾ ٿي پنهون

ڏٺئين لوڙهه تان پڻ مٿي تنھ پنهوار

مجاور ويٺو هو ويچارو ڌڻار

چُني پاند سسئي سندو ٻَهر هو

پنهون ڄام سو پڻ اکين سين ڏٺو

ڏسي سو هنجون رتّ روئي کَجي

وڏي سور ساڄن سندي ۾ جهڄي

چيائون اچي تنھ مٿي السّلام

آيو تان سسئي کان عليڪم سلام

عليڪم پڄاڻان چيائين صفا

ته آئين ڀلي تون پنهون سين وفا

نهارا ڪيا نيڻ مون ٿي رنو

چيم ٿي پسان مانَ جيئري پنهون

نِهارا منهنجا نيڻِ ۾ واٽڙين

چيم ٿي پسان مانَ ڪيچائين

هاڻي ڄام ڄامن اندر لوڙهه آهه

سيني ۾ رهيم تو سواءِ سور ساهه

توکي تان سڻايان سڀئي سور ڏک

لڳيم تو ڪنا جا سندي سور جُک

رهي روح ۾ مون سندي جا ڳُجهي

ساڙي مون سندر ٿي پنهون سا ڳچي

مون کي ڳالهه هيڪي هيين منجهه آهه

ڳجها ڳجهه سا مون رکي تو جي لاءِ

ڪنا ڏک گفتي ڀَري مون تَڻي

ڪندي مان توسين سا ڇَپر جا ڌڻي

ڪنديس حال سڀ تو اڳيان روبرو

مون سين ڏک ڪِي جا وڏي هاءِ هُو

ٻڌي ڳالهه سسئي سندي زار زار

ٿيو ڄام پرمل پنهون بيقرار

رهيو ڪين ڪا وير هيڪِي جدا

ڪيائين جسو جيءُ سسئي تان فدا

ٿيو تيهر ڦاٽِي ڪشادو مڪان

جتي هيڪلي هئي سَسُوئي سُجان

هئي هيڪلي پر پنهون ياد هوس

نه وسري  پنهون ڄام دل سان ويوس

پنهون ڄام جنھ لئي سسئي ياد هو

وري ڄام ڪيچي تڏهن آئيو

اچي ۽ ويو ڄام تنھ لوڙهه ۾

ويچاري هئي مَهند جنھ لوڙهه ۾

صبر ڪا گهڙي پڻ ڪيائين نڪي

گهڙيو لوڙهه ۾ تنھ سسئي لاءِ ٿِي

تتي ڄام سسئي ڳِرانٺي ڪري

ٿيا مَحوَ اکيون هنجن سين ڀَري

سيني سين سينو پڻ جَڙيائون سِڪي

هُيَن گفتگو لئي اُڃائي هِڪِي

ڦوڙائو ويو ڪِي ميڙائي ورَاڻ

پنهون سي سسئي جي سدا ٿي رهاڻ.

وقت داخل ٿيڻ لوڙهه جي پنهون ڄام سلام آريءَ خان ڏانهن ٿي چيا:

گهڙيو لوڙهه پرمل پنهون ٿي جڏهن

چيائين لَلي جَت کي ٿي تڏهن

ته اي جت ساري سلامن هزار

نياز! چئج خان خانن هزار

چئج خان خانن پنهونءَ جو مقام

تتي ئي ٿيو جِت سسئي نيڪ نام

اچڻ تنھ سندو تان نه ٿيندو ڪڏهن

اچو جي ڇپر لَس جي ۾ ڪڏهن

ته تنھ ماڳ سسئي سندي لوڙهه وٽ

منهنجو پڻ پَسيجا اَچي خاڪ پَٽ

اچي خاڪ منهنجي پَسيجا اُتي

سَسُوئي سنگر ۾ ويچاري جتي

اچڻ ڪيچ ڏانھ مون نه ٿيندو وري

مون منزل سنگر ۾ سسئي سين ڌَري

سونهپ سُور سڄڻن سندي مون ڪئي

ڪنڌي ڪانه تنھ ري ملڻ جي هئي

ڪنڌي ڪانه ميڙي سندي ري ڏکن

سهن سور سي جي ويچار سِڪن

ڏيا ڀَر اندر مون پِرين سي پکا

رکان ڪيچ جي سڌّ دل ۾ نڪ

ڪئي ڪيچ مڪران جي مون وسار

رهيس هيڪلو بَر اندر ساڻ يار

راحت روح جي مون ميڙائو وڏي

ٻي سڀ سڌّ دل مان ڪڍي مون ڇڏي

ڪڍي مون ڇڏي دل منجهان سڌّ سڌّ

ٿيم يار دلدار سين هيڪ حدّ

ميڙائي سين ڀَر مون قبوليو هتي

سَسُوئي سنگر ۾ سندي مون تي

ٿيا مون ڏٺي جنھ هئا ڏينهن ڏينهن

وُٺا هاڻ ميڙي سندا مينهن مينهن

وٺا مينهن ميڙي مٿان مون اچي

گذري ڏينهاڙا ڦوڙتئي پَچي

سچو عشق جن ري سچا پاڻ پاڻ

ويچارا ويا سي هلي سور ساڻ

ويا ۽ ويا سي ويچارا هلي

وڏي درد دل جن سنديائي هلي

آهي درد دلبر سندو سين وفا

ميڙئي ٿو آخر ڏيکاري جفا

ڌاران دود دلبر نڪي ڪي وصال

ٿڌي ري ٿئي ڪين گُل بيمثال

قصو ڄام سسئي سندو اڄ پُنو

پنهون پڻ مليو تنھ ڏکان جنھ رنو

ويئي سِڪ سسئي پنهون پاڻ ٿي

سُکن سين نه بلڪل ڏکن ساڻ ٿي

ويا سُک سڀ ڏک ڏونگر هَلي

سيني ۾ سسئي ڄام ڄامن جهلي

طلب تات پڻ  پنڌ پَٽيِن ويا

ٻيائي رهي ڪانه هيڪا ٿيا

پنهنجو ڄام پس پاڻ تون پاڻ ۾

آهي هوش جي تو سندي ڄاڻ ۾

جني هوش سي پاڻ ۾ ٿيا پَسن

ملي ڪين ڏونگر سنديئي گَسن

پنهون پاڻ ٿي سونھ سسئي وڃاءِ

درياءَ ۾ ڦُڙي جي مثل جيءُ مِلاءِ

ڦُڙو بحر ۾ بحر سڀ سو ٿيو

رهيو ڪين تنھ وير ۾ ڪي ٻيو

نه ڪِي ڳالهه قَلمن ڄِڀُن سين عوم

مئل واصلن جي ڪري ٿو تمام

چئي خلق محور فلاڻو مِٺو

پوري ڳالهه تنھ جنھ سو کائي ڏٺو

رکي ڳالهه تمثيل ڪارڻ اِها

آهي رمز ڄاڻن ٿا واقف صفا

لکڻ ۽ پڙهڻ سين نه حاصل ٿِئي

گهُري جنھ سو لحظي ۾ واصل ٿئي

ڪري مهر من ٻاجهه مسڪين ٿي

فوزش سڀن ساڻ غمگين تي

اِلاهي توهِي ڏي رکان ٿو اُميد

پورو ڪر تون مطلب سندو اُميد.

ــــــ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org