سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: رهاڻ هيرن کاڻ

باب: -

صفحو :2

 

 

ويا سي وينجهار

وڌيو ديدڙ

ميرپور ماٿيلي ۽ اوٻاوڙي طرف جو، 19- صدي جي آخر ۾ ٿي گذريو.

1. سچ لڳو ڪين ڪـري، ڪوڙ لـڳو ڪورو
چغل  ۽  چائُــــونَ  جو  تــکو  ٿيو  تورو
جن سان ڀلائي ڀورو، سي ويا وينجهار وڌو چئي.
2. سچ لڳو ڪِين ڪري، ڪوڙ لـڳو هيهات
زمانو  زبــــون  ٿـيو،  برهه  مـٽائي  بات
وارِي  سي  وڌيو چوي، چـوڻ کان چپات
هاڻ ڪَچن سان ئي ڪاٽ، ڪي دم ديدڙ چوي.

(ڪين (ن غنو) ڪري= ڇا ڪري. 2. واري سي= اسان اختيار ڪئي.)

ولي محمد بڪيرو

ميرپور ساڪري جو، 20- صدي جي پهرين ڏهاڪن ۾ ٿي گذريو، حاجي طاهر گراڻي جو ساٿياري هو.

لڙڪ لکڻ نه ڏين، ڪريو پون قلم تي
وهيو ولي محمد چئي پنا پُـسائيـن
اهڙائي  آهين،  آلا  ڦٽ  فراق  جا.

 

بچو رجيرو

بچو رجيرو ڪلمتي ميرپورساڪري جو. 20- صدي جي شروع ۾ ٿي گذريو.

ڪجل ڪڪورين ۾ ٿورو  ٿورو  پاءِ
ماڻهو مڙيا آهن ملڪ جا تنهنجي ڏسڻ لاءِ
پيرن ۾ پدمڻي تون هلين هنـجهين گهاءِ
بيحد سهڻو بچو چئي تنهنجو ڳڻن ڀريو ڳالهاءِ
ماڻهو مارينداءِ، نازڪ  پرين  نظر ۾.

 

حسين

هي بيت تعلقي سنجهوري جي سگهڙ لونگ فقير جوکيي ٻڌايو. معنيٰ وارو بيت آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته وڏي شاعر حسين ديدڙ جو هجي.

سَڌون ٿي ڪيئي ساهه، ته ڪندس عرض عجيب کـي
سو دوست آيو اٿئي دام ۾، چئه چست چلي مان چاهه
پرچ پرين ڪر ڳالهڙيون، اٿئي وهم انهيءَ جــو  واهه
موٽــــي  پوءِ  ارواح،  هــڻنـدون  هــٿ  حســين  چــئي.

 

حاجي محمد علي ٻٻر

ٺٽي ضلعي جو، ارباب عمر جي ڳوٺ جو هو. 1955ع ڌاري اسي ورهيه جي عمر ۾ گذاري ويو، سگهڙ سالڪ هو.

واڳيون  ڏٺم  ور  سان،  سدا مــنجهه سکن
جي نيئي نينهن نهوڙيون ته به قطر ڪـين ڪڇن
عشق پيچ عجيب کان ٿــيون گهورن  ساڻ گهرن
انهن اکڙين،  مونکي  سوين  سور  چکائيا.

 

الله داد ڀنڀرو

الله داد ڀنڀرو مَياڻي، ويٺل ڳوٺ پياري جو ٽوڙ (تعلقو روهڙي؟)، ڪوڏر کڻي ڀٽون پيو ڀڃندو هو ته ماڻهن لاءِ واٽ ٿئي. ماڻهو چونس چريو. تڏهن چيائين ته:

ماڻهو چون چريو چريو، ۽ چريا سڀ چڱا
اوکي واٽ الله داد چئي، آءٌ ڀٽون سڀ ڀڃان
انهيءَ وَڍ وڃان، جت ميڙو محمد ڄام جو.

 

(وڍ= رستو)

امين مڱريو

شايد اصل جيسلمير جو 19- صدي جي آخر ۾ ٿي گذريو.

آشنائي  اصيل  جـــي  مٺـــي  مــيوا   تــاءِ
پويس اوگڻ  امين  چوي  ته  به  سائو  مٽي  نه  ساءِ
هاٿي جي هيڻو  ٿئي  ته  به  ٻئي  زناور  زوراءِ
ڳَمي  ڏيندو  ڳــڙهه  کي  مٿـــوئي  مــاڳاءِ
ڀير سکجي ڀونءِ کان  جنهن کي سرس صبر جو ساءِ
لتڙ سهي لوڪ  جي  ڪڇي  ڪين  مُهاءِ
انڌي  اڳيان  آئينو  ڪارو  ڪڻـڇيءَ  کاءِ
سيهي  ۽  سون  جو  ڳار مــڙيئي هڪ آءِ
پر هو پئسي وڪامي پاء، هن جون رُپئين وڃن رتيون.

 

صابر درس

ڪڇ جو سالڪ شاعر هو.

سڪ سڪي ٿي سڪ کي، سڪ جو ناهي سياءِ
توريءَ منهنجا سپرين وسريو سڀ وياءِ
هاڻ نبيريو نياء، دلاسي جو درس چئي.

 

نصير رند

نصير رند، ويٺل ڳوٺ اميد علي رند، تعلقو ڇاڇرو، مير بجار خان جي وقت ۾ (18- صدي جي آخر ۾) هو.

ڪالهه وڃين ها ڪونجڙي تنهنجا وڳر پئي ويا
چُڻيو ڦڻيو چنهبن ۾ توکي  مٺا  لوڙهه لڳا
ننڊر نه ڪرين ها نصير چئي، ڏين ها اکين اوجاڳا
تنهنجا  تــو  وٽاء،  ولــر  ڪالهه  وهـــي  ويا.

ساهو (شاهو)

ساهو جو هيٺيون بيت مخدوم محمد هاشم رحه جي ڪتاب  راحة المومنين (قلمي لکيل 1276هه) جي مٿئين ورق تي لکيل هو جو مون سنه 1970ع ۾ اتاريو. اندازو ٿيو ته ساهو تيرهين سنه هجري جي آخر ۾ ٿي گذريو.

جنبڻ جاءِ مَ جت، تون ڏس  پنهنجي ڏيل ڏي
سالڪ سخن صريح جا تان جــي  چيا  تو  تت
اڳيون مورک مڃي ٿو ڪينڪي  موڳو مـــــوڙهيءَ مت
تون چوندين تفسيرن جو  آڻي  آيـتون  البت
ڪا نه  پوندي  پليت  کي  پوزي جـــيڏي پت
ولهو وعظ کي  ڪيو  ٿو  ڀانئي  ڄاڻ  ڀڳت
تنهن ڪميڻي کي ڪين  ڏبي  ڪا  ساهو چئي سِکت
نور نه  ريجهي  راڳ  تي،  ڪا  ڪانوَ اڳيون ڪيرت!
ڳوهن  اڳيون  ڳت،  تان  نه  جڳائي جوڳيين.

 

اَنَس

ميرپور ماٿيلي ۽ اوٻاوڙي طرف جو، 19- صدي جي آخر ۾ ٿي گذريو.

1. محبت ڀانءِ مَ مشـڪري، محبت مارِي من
ٽانڊا ڪانڊا ڪوئلا انــدر جهڙڳا جهڙڳيون ڪن
ٻاهر  ٻاڦ  نه  نڪـري،  اندر دود دکن
اندر  ۾  اَنَس  چــئي،  ٻاريا  ٻــهــڳڻن
رب اجهاڻي اجهمن، نه ته ڪير اجهاڻي آڳ کي.

 

2. محبت ڀانء مَ مشـڪري، اڃان عشق اڳي
عشق جي انس چئــي جنهن کي لنئون لڳي
هوس اڪابر اڳي، پـر متيون عشق منجهائيون.

 

احمد لغاري

احمد پٽ سونو خان لغاري، ڳوٺ محمود خان لغاري تعلقو ماتلي، 1975ع ڌاري گذاري ويو. سندس پيءُ سونو خان وڏو سگهڙ شاعر هو جنهن جا قصن بابت ڇپيل ڪلام مشهور آهن.

جي هيري گهورا هنجهڙا، سي ٿر بحر ٿورا
موتين جا مستان  چئي،  ميڙيندڙ  مورا
راجا ويا، راڳ ويو، ويا  سمجهو سڳورا
جي گفتي جا گهورا، سي گوهر گذاري ويا.

 

حيات لغاري

ڳوٺ پليو خان لغاري، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ 19- صدي جي آخر ۾ ٿي گذريو.

مڃ  محتاجي  تن  جي،  روح  غريبي رهـه
ورچ نه تن جي ويڻ مئون، سامڻهان ئي سـهه
رات اتي وڃي رهه، هنئڙا گهار حيات چئي.

 

نصرالله راشدي

پير راشدي نصرالله، هُلين جو (تعلقو قنبر) تنهن هيٺيون بيت چيو پر نالو پنهنجي پٽ عين الدين شاهه (عينل) جو وڌائين.

وحدت لڳو واء، وڻ ٽڻ همہ هيڪ ٿيو
نڪو  دور  درياء  ۾، نڪو  بحر ڀَراءِ
نڪو تاء تنور ۾، نڪو شمس  شعاع
نڪو ماضي مستقبل، نڪو سمجهه صباح
عَينل هڪ الله، جان  جمال جهان جي.

 

نٿالو رند

نٿالو رند ويٺل ڪڪرانڊ  تعلقو ميرپورساڪرو، 1890ع ڌاري ٿي گذريو.

بت  مڙيئي  بت  منهن   مـوچارا  گهڻا
لڳي نينهن نـٿالو  چئي،  جتي  روح  بڻا
درسن پيو دوست  جو،  اتـي  پاڻ  هڻان
پنبڻيون جي پريت جون،  ٿو  خماريون  کڻان
موتي ماڻڪ تن کي هئا لائق لال  گهڻا
آن تنهن کي ٿو وڻان، جنهن کي حال حـــوال جي.

 

سائينداد

سالڪ سائينداد، دادو طرف جو هو. 19- صدي ۾ ٿي گذريو.

ٿَر  وٺي،  ٿانهر  تون  ناحق ڏار  مَ ڏور
لڙهه لڳي لامن جي تون ڀورا من مَ ڀور
سوئي صاحب سور، جو سڀني جو سائينداد چئي.

 

قاسم

هي بيت، دادو طرف ڪچهريءَ ۾ سگهڙ پڙهيو، ڀانئجي ٿو ته قاسم ان طرف جو هو. 20- صدي جي شروعات ۾ ٿي گذريو.

هن  بت  بانور  ڇڏيو،  ويو  ڪَــئُه  ڪَنن
عضوا  سڀ  اکڙي  پيا،  هيڻا  هٿ ڏڪن
ٽنگون  انهيءَ  ٽاهه  ۾،  ٿاٻن  ۾  ٿڙڪن
نچنديون  هيون  چوقبليون، تِڏون  پيون  تِرڪـــن
جهڙ جئن اڳئيون جهانورا، نٿيون  اکيون ڏيل ڏسن
ڪل  نه  پئي  قاسم  چوي،  ويو ڪري جاڙ جوڀن
لکيو منجهه ڪرمن، ڀوڳـي سڀ ڀُري ويا.

 

خيرمحمد

خيرمحمد فقير مڱڻهار جوهي جو، 20 صدي جي پهرئين اڌ ۾ ٿي گذريو.

وڻ مون پن ڪري پوي، سو ڳنڍجڻ ڳوري ڳالهه
شيشو  شڪستو  ٿئي  سو  ثابت  اچي  نه سـال
دل تئون دلبر لهي وڃي توڙي  گڏيو گهمي نال
پرجهي پريت پال، متان خم پوئي خيرمحمد چوي.

 

طالب

طالب 1950ع ڌاري ضلعي دادو ۾ (ڳوٺ حاجي خان لغاري ۾ استاد هو.

پچي پچي ٿيءُ پاه، جئن لهس نه اچئي لڱن کي
ساڙي  ڇڏ  سڪ  مئون  رت  رڳـون ۽ ماه
طلب  انهيءَ  طالب چـئي، محب  ملندءِ ماه
اکيون  ۽  ارواح،  ڪر  حوالي  هوت جي.

 

صادق ڀنڀرو

ويٺل ڳوٺ پنهنجو، تعلقو کپرو، راضي فقير لاشاري جو ٻالڪو، 1953ع ۾ راضي فقير سان گڏجي مونکي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ملڻ آيو. سمجهه ۽ سلوڪ وارو، گهڻو ڪلام چيو اٿس. 25 فيبروري 1995ع تي سندس ڳوٺ وڃي ساڻس مليس. رات جو ڪچهري ٿي ۽ پنهنجا بيت ٻڌايائين. سندس چيل هيٺيون بيت شاهه ۽ سچل جي ڀران:

ڀينر   بر   چڙهي  وئا  بيراهي  بانڪا
ڪاهلندي ڪڇ ڏي، ڪري هلڻ جي هاڪا
منزل  دور،  آف  ني، ٿا  فنا  ڪن  فاقا
رندان   روان گِندان ڇمان نوڻين جا ناڪا
ڌوٻڻ کي ڌاڪا،  صادق  سامهان سرتي.

 

غوثي طريقي جا چار مٿير مهندار

 

اهي هئا جَرڪَس ڏِناڻي، راڄسِين سومراڻي، ابراهيم ناگوراڻي ۽ ڳاڙهو صدر. انهن جي هاڪ ۽ همت جون ڳالهيون جيتوڻيڪ سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ مشهور آهن، پر روحاني راهه جي انهن مانجهي مڙسن جي گهڻن کي پوري خبر ڪانهي. هن رهاڻ ۾، لاڙ واري ڀاڱي مان، غوثي جماعتن جو راهه جي پنڌ سان ملتان ڀيٽڻ ۽ ڪشالا ڪڍڻ، هڪ وڏي حادثي سببان راهه واري واٽ جو جهلجڻ ۽ انهن مٿير مهندارن جي همت سان راهه ڇڏائڻ جو بيان ٿيندو.

اي سڄڻ! ڄاڻ ته هجري ستين سَن ۾ سُهروردي طريقي جي عالم ۽ عارف غوث بهاو الدين زڪريا، ملتان ۾ اسلامي تبليغ جو چراغ روشن ڪيو ۽ سندس طريقي جي تلقين جو فيض سنڌ ۾ به عام ٿيو. پاڻ سنڌ ۾ آيو ۽ پوءِ خاص طرح سندس پوٽي شاهه رڪن الدين جو سنڌ ۾ وڏو مان مرتبو ٿيو جو سندس ڪوشش ۽ سفارش سان (سومرن کانپوءِ) سمن کي ٺٽي جو تاج تخت مليو. اهڙي عنايت ۽ اهڙي وڏي احسان جي ڪري، ٺٽي جي سمن سلطانن ۽ سندن تعلق وارن قبيلن کي غوثي درگاهه جي سجاده نشينن لاءِ وڏي محبت پيدا ٿي. غوث صاحب جا سجاده نشين به وڏي فيض وارا هئا ۽ سندن فيض سان سنڌ ۾ سندن خليفا ۽ مريد به وڏي فيض وارا ٿيا. اتر سنڌ ۾، اهي خليفا ’مشائخ‘ جي لقب سان مشهور ٿيا، يعني ته مقامي طور، غوثي طريقي ۾، انهن کي ’شيخ ۽ مرشد‘ وارو مرتبو عطا ٿيو.

لاڙ واري ڀاڱي ۾، غوثي طريقي جا اهڙا ڀلارا فقير ’درس‘ جي لقب سان مشهور ٿيا. انهن کي ملتان ۾ مرشدن روحاني فيض جا ’درس‘ ڏنا، يعني سبق سمجهايا، ۽ انهيءَ امانت جي ڪري اهي ’درس‘ سڏجڻ لڳا. ’رهاڻ هيرن کاڻ-6‘ ۾ ’درسن‘ جو تفصيلي ذڪر ٿي چڪو آهي جنهن ۾ اها ڳالهه سمجهايل آهي، ته ”جن غوثي طريقي جا سبق ورتا ۽ نيڪ ۽ صالح ٿيا تن کي ’درس‘ سڏيائون، يعني مڻياوارا يا الله وارا درويش. گهڻو پوءِ، علم جي گهٽجڻ ڪري، عام ماڻهن ۾ اهو خام خيال پيدا ٿيو ته ’درس‘ اهو آهي جيڪو ڪاني ڪرامت وارو هجي ۽ جيڪو دعا ۽ پٽ پڙيءَ تي ڪري ڏيکاري.

سنڌ ۾ غوث صاحب جي تبليغ ۽ تلقين سان وڏا عابد زاهد پيدا ٿيا جن سنڌ ۾ ۽ ڪڇ ۾ اسلام جي عملي ۽ روحاني فيض کي عام ڪيو. خاص طرح هيٺئين لاڙ ۾ غوث صاحب جي حياتي واري وقت جو وڏو خليفو پير پٺو سلطان هو جيڪو پاڻ جماعت ڪري ملتان ويو ۽ جنهن جو ڀانڊاري ڪڙيو يا ڪرهيو هو جنهن جي درگاهه ’ڪرهيي ڀانڊاري‘ جي نالي سان بدين کان ڏکڻ طرف موجود آهي. اتر ۾ به وڏا خليفا ٿيا، جهڙوڪ جهنڊو مشائخ، شيخ مَهائي (وفات 878هه) ۽ ٻيا. لاڙ ۾ درس راڄپال وجهه دين (جيڪو نئين ڪوٽ لڳ مدفون آهي)، ۽ درس سَومو (جيڪو حسن باغبان جي مقام ۾ مدفون آهي). ’مشائخ هوٿي‘، شيخ ڀرڪيو آچاري. ”ملوحسڻ درساڻي، پهرئين سڏ سان ساڻي“ (کورو واهه لڳ)، ميون شيخ موسو ۽ ٻيا. گهڻن درويشن جو ذڪر ميين شاهه ڪريم جي ملفوظات بيان العارفين ۾ آهي، جن ۾ جَرڪس ڏناڻي ۽ راڄيسين سومراڻي جو به ذڪر آهي. انهن جا ٻه ٻيا ساٿي هئا ابراهيم ناگوراڻي ۽ ڳاڙهو صدر. بيان العارفين جي حوالن مان لڳي ٿو ته اهي فقير جن راهه جو پنڌ ڇڏايو، سي نائين- ڏهين صدي هجري ۾ هئا.

ٽالپورن جي دور ۾، شيخ عيسيٰ وڏي مڻيا وارو خليفو ٿيو. هو لواري جي بزرگن جي وڏي ميان عبداللطيف واري ڳوٺ جو هو (جيڪو بدين کان نو ميل ڏکڻ- اولهه ۽ لواري کان اڍائي ميل اولهه ڏکڻ ڏي آهي). اهو اصل ۾ هوٿي نهڙيي جو ڳوٺ هو ۽ اڃان تائين ڳوٺ وارو دڙو هوٿي نهڙيي جو دڙو سڏجي. عيسيٰ پهريائين ڏاڍو مڙس هو پر پير سائين سيد محمد راشد رحه روضي ڌڻي کان فيض مليس. هو پوءِ ملتان ويو ۽ اتان وري به پير سائين محمد راشد رحه وٽ آيو ۽ فيض پرايائين، پر غوثي طريقي ۾ ئي رهيو. (1)

اوائلي دور ۾، راهه جي پنڌ سان سنڌ مان ملتان وڃڻ ۾ گهڻي تڪليف هئي. هڪ ڀيري ملتان مان سجاده نشين جڏهن ٺٽي ۾ آيــل هو تڏهن سچي سڪ ۽ محبت جي گهٽتائي سببان يا گهڻائي ۽ غلبي سببان، ٺٽي ۾ ڪن مريدن صلاح ڪئي ته: سائين غوث صاحب هينئر پاڻ وٽ آيل آهي. ان کي شهيد ڪري هتي ئي دفن ڪريون ۽ درگاهه بنايون ته گهر ويٺي پيا زيارتون ڪريون ۽ ملتان وڃڻ واري ڏکيي پنڌ کان ڇٽي پئون. هڪ سچي مريد جيئي حجام نالي سندن ڳالهه ٻڌي ورتي سو ان رات مرشد کي مڃائي ٻي جاءِ تي سمهاريائين ۽ پاڻ سندس کٽ تي سمهي رهيو ۽ سازش ڪندڙن اچي کيس شهيد ڪيو. پوءِ مڪلي جي مقام ۾ کيس رکيائون، جتي هو ’جيئو مڪلي جو ڏيئو‘ جي برڪت ڀريي نالي سان مشهور ٿيو.

غوثي طريقي جي جماعت جي روايت موجب جن مريدن پير کي ڪهڻ جو ارادو ڪيو هو سي ’نورسيا‘ ۽ ’لاکاٽيا‘ هئا. مرشد سان محبت ۽ سندس مان مرتبي موجب، سوني ڳن سان ڇري ٺهرايائون ته جيئن ادب ۽ احترام جو حق ادا ٿئي، پر تمام تکي ٺهرايائون ته متان اڌ- ڪُٺو پير ڳالهائي وجهي ۽ پاراتو ڏئي. هن روايت موجب  ملتان مان ٺٽي ۾ آيل پير ’بهاوالدين‘ هو (پوئين دور جو، پر سندس نالو وڏي غوث صاحب جي نالي سان رکيل). غوثي جماعت ۾ هلندڙ ان قضيي جو يادگار مشهور بيت ته:

نورَسيا نه رسيا،  لَٿو  لٽو  لاکاٽِن

دغا رکي  دل ۾،  جيئو ڪـٺو جن

تڏهن لڳو تن، ڀونڊو بهاودين جو.

هن قضيي جي ڪري، سجاده نشين مرشد اعلان ڪيو ۽ بندش وڌي ته اڳتي لاءِ لاڙ مان ڪابه جماعت ملتان نه اچي، ۽ جي ڪا اچي ته واٽ وارا ٻيا خليفا ان کي روڪين ۽ اچڻ نه ڏين. ان اعـلان کان پـوءِ، لاڙ مان ويندڙ جماعتن کي آڏو راهه ۾ ويٺل ٻين مريدن منع ڪئي ته نه وڃن ۽ پوئتي موٽن، پر جيڪي نٿي مڙيا ۽ اڳتي ٿي ويا تن کي اتان جي ڪاني ڪرامتن وارن پنهنجون خوفناڪ شڪليون ڏيکاري پئي ڊيڄاريو ۽ پوئتي ورايو.

انهن خوفناڪ ڏيکارن ۽ ڊيڄارن سببان، ملتان وڃڻ لاءِ راهه جي پنڌ واريون واٽون بند ٿي ويون، ۽ ويچارا فقير مرشدن جي سڪ ۾ رئندي رهجي ويا.

اها حالت ڏسي، لاڙ جي چئن ڪاني ڪرامتن وارن مٿير مڙسن جرڪس ڏناڻي، راڄسين سومراڻي، ابراهيم ناگوراڻي ۽ ڳاڙهي صدر، صلاح ڪئي ته هو مقابلو ڪري به راهه جو پنڌ ڇڏائيندا ته جئن لاڙ جون جماعتون ملتان وڃي سگهن.

راڄيسين سومراڻي: راڄيسين پٽ سومري جو، ذات جو دَل، پاڙو لنجا، ڳوٺ ڀرنڊيارو، ملڪ ڪڇ. راڄسِين جو پيءُ سومرو، لنجي جو پڙ پوٽو هو. راڄيسين، غوثي طريقي جي عوام ۾ ”راڄيسين سومراڻي، شينهن جو سوار“ جي لقب سان مشهور ٿيو. ملتان ڏانهن ويندڙ غوثي جماعتن جو اڳواڻ هو. سندس مقبرو ڪاڪ مڪان، نِدي جي شهر کان ٻه ميل اتر- اوڀر آهي. راڄسِينءَ جو اولاد موجود آهي (1)

جرڪس ڏناڻي(2) جرڪس پٽ ڏني جو، ذات جو راٺوڙ، پاڙو سرڪي، نُهٽي جو هو ۽ نهٽو اصل راٺوڙن جو شهر هو (هاڻي تعلقو عمرڪوٽ آهي).

ڏنو ۽ ايسر ڀاءُ هئا، غوث صاحب جي برڪت سان ڏنو اسلام تي آيو. ايسر هندو رهيو سندس اولاد پوءِ اسلام قبوليو. جرڪس نالي درويش ڏني کي دعا ڪئي ته: توکي پٽ ٿيندو پر تنهنجي پٽ تي نالو اسان جو ۽ اسان جي مڪان تي نالو تنهنجي پٽ جو. پوءِ جرڪس انهيءَ ماڳ تي ڄائو جيڪو پوءِ ’ڏيئي جرڪس‘ سڏجڻ لڳو. پنگريي کان ٽي ميل ڏکڻ طرف آهي. ديهه جو نالو به ’ڏيئي جرڪس‘ آهي. درويش جي مزار ۽ درگاهه به اتي آهي، جرڪس جو اولاد موجود آهي. (1)

هڪ روايت موجب اوليا جرڪس ترڪيار (تعلقو ڏيپلو) ۾ رهيو ۽ اولاد وارو ٿيو؛ سندس اولاد جا ڳوٺ ڏيپلي ۽ مٺي تعلقن ۾ آهن. اتان پوءِ ڏيئي (تعلقو ٽنڊوباگو) ۾ آيو ۽ ”جرڪس ڏناڻي، ڏيئي جو ڏاتار“ جي لقب سان مشهور ٿيو. سندس اولاد مان، خليفي باجيد کان (جنهن سان 15- آڪٽوبر 1972ع تي نئون ڪوٽ ۾ راقم جي رهاڻ ٿي). معلوم ٿيو ته مٿس غوث جي به ڦڙڪي هئي ۽ ميين ڪريم جي به ڦڙڪي هئي. جنهن جي معنيٰ ته ميين  شاهه ڪريم جي وقت ۾ هو.  بيان العارفين ۾ سندس ذڪر موجود آهي.

ابراهيم ناگوراڻي: چون ٿا ته اصل ۾ ناگور شهر (مارواڙ) جو شهزادو هو. سنڌ ۾ ٿيٻن نپايو ۽ انهيءَ ڪري مشهور ٿيو ٿيٻو. سندس درگاهه تعلقي ڊگهڙي ۾، دونهائي کان ٽي ميل اوڀر- ڏکڻ، پُراڻ جي اوڀر واري ڪنڌي، ڍنڍ سَڪرياڙي واري اراضي ۾ آهي.

ڳاڙهو صدر (يا ڳاڙهو سڌر): يعني ڳاڙهو پٽ صدر جو اوٺو، فقير قاسم ’ڪيٽي‘ وارو تنهن جو وڏو ڏاڏو هو. ’ڪيٽي وارو‘ يعني بڪيرن ۾ قريشي پيرن وٽ هلندڙ ’بٺي‘ وارو. سندس مزارٽنڊي الهيار کان ڏهه يارهن ميل اوڀر کدر (خضر) اوٺي جي ڳوٺ ۾ آهي.

انهن چئن درويشن ’راهه ڇڏايو‘ يعني آزاد ڪرايو. جڏهن ٺٽي ۾ خليفن مرشد کي ٿي ڪٺو، تڏهن ان وقت گادي واري پير لاڙ وارن مريدن جي ملتان اچڻ لاءِ راهه بند ڪري ڇڏيو هو. راهه ۾ ٻيا ڪاني ڪرامت وارا فقير شڪليون بدلائي وڙهندا هئا. گهوٽاڻو هالن وٽ وڙهندو هو؛ هڪ ڀان فقير پاڙو جکيو، گهٽو ٿي وڙهندو هو؛ ۽ يونس پٽ اسمٰعيل جو سنجرپور وٽ گڏهه کُرو تي وڙهندو هو. جڏهن مقابلي لاءِ سنڀريا ته ابراهيم ناگوراڻي کي پويان راکو ڪري، سنڀال لاءِ ڇڏيائون ته متان سنڌ کي نقصان پهچي. فقير چيو ته: ”مون کان ڪاڄر به ضايع ٿئي ته ساري وٺجو“. هن وعدو پورو ڪيو جو جڏهن فقير واپس آيا ته ڏٺائون ته ڄرون سڀ وڻن تي ٽنگيون پيون آهن. چيائين ته: ”مون کان ڪا هڪ ڄر به ڪتو يا گدڙ کائي ڪونه ويو آهي.“

راڄيسين انهيءَ شرط تي هليو ته سڀني جي خدمت هو پاڻ ڪندو. هالن واري منزل تي هئا جو گهوٽاڻي فقير مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي گودڙي اڇليائين ته سڀ بي وس ٿي ويا. پوءِ راڄيسين ڪاني هنيس. گهوٽاڻو به وڏي ڪرامت وارو هو ڄڻ سمنڊ هو، پر راڄيسِين ايٿ تارو ٿي اڀريو جو هن کي پورو ڪري ڇڏيائين:

ايـــــــٿُ   تارو   اڀــــريو،    لقاپــور    مـــٿاءَ
سهسين گز سمونڊ جا، ٿو سـوسيو ڪڍي ساه
گهوٽاڻي کي گهاءُ، پهرئين سان پورو ٿيو.

اڳتي ڪنهن منزل تي ويا ته ڀان فقير گهٽو بنجي گهيرو ڪيو. راڄيسين ان وقت ننگر لاءِ ڪاٺيون ڪرڻ ويو هو. جرڪس مقابلو ڪيو پر گهٽي جو گهيرو

 

مضبوط ٿي ويو. جرڪس تڏهن راڄيسين کي سڏ ڪيا ته:

ور ڪاٺيارا، ور پاڻيارا، ور منهنجا ڀاءَ
گهٽي گهيرا لائيا، ڪانهي جرڪس جاءِ

راڄيسين پهچي ويو ۽ پهچڻ ساڻ ڪاني (پٽ) هنيائين جنهن سان گهٽو پورو ٿي ويو. جڏهن ڏهرڪي ٽپي سنجرپور وٽ پهتا ته پريان اسماعيل جو پٽ يونس راهه جهلي بيٺو هو، جيڪو گڏهه کُرو ٿي وڙهندو هو. هن کي پير پاڻ اتي بيهاريو هو. هن پيغام موڪليو ته مقابلو ڪرڻو آهي ته تيار رهو. اها خبر رات جو پهتي ۽ فقيرن چوڪي رکي؛ راڄيسِين ٿي ستو ته جرڪس ٿي جاڳيو، ۽ جرڪس ستو ته راڄيسِين جاڳي ويٺو. پرهه ڦٽي ته جرڪس کي سجاڳ ڪيائين:

”جرڪس اٿي جاڳ، ڏناڻي ڏينهن ٿيو!

تو  جيڏا   تو   يار،  آرڻ   ٻڌي   آئيا“

يونس فقير ’گڏهه کرو‘ ٿي آيو ته جرڪس ڪاني هنيس جو اتي جو اتي ڪريو ۽ ڇڙيون هڻڻ لڳو.

هاڻي ٻيو ڪو مقابلي لاءِ آڏو ڪونه آيو ۽ هي چارئي اڳواڻ جماعت سان اچي ملتان کي ويجها ٿيا ۽ مرشد جي ديدار لاءِ ماندا ٿيا. ٻئي طرف پير کي به خبر پهتي ۽ پاڻ دري کان اچي بيٺو ته جماعت کي ايندو ڏسي.  آخر کيس ٻڌايائون ته هاڻي ته بنگلي کي ٻاهران ويجهو اچي پهتا آهن! تڏهن پير دريءَ مان منهن ٻاهر ڪڍيو ته فقيرن جون نظرون سندس ديدار ۾ کپي ويون. سائين اڃان پوئتي ٿيڻ لڳو ته سندس مٿي تي وڏا سونا سڱ اڀري ويا ۽ پوئتي هٽي نه سگهيو، ۽ فقيرن جي ديدار کيس اتي  بيهاري ڇڏيو. تڏهن چيائين ته ”هڻ بس!“ فقيرن به چيو ته: ”سائين بس ته هڻ بس!“ (1)

هاڻي جڏهن مرشد مڃيو ته پوءِ اڳتي لاءِ سنڌ جي جماعتن لاءِ راهه جو پنڌ کلي ويو.ان وقت عوام ۾ مٿيون روايتون مشهور ٿيون ته فقيرن ڪيئن مقابلا ڪري راهه جو پنڌ کولايو. ان وقت کان وٺي ’راهه جي پنڌ‘ جي اهميت ٻيهر قائم ٿي ۽ غوثي طريقي جون جماعتون ملتان وڃڻ لڳيون. هن وقت تائين غوثي طريقي جا فقير ملتان وڃن ٿا ۽ اڳين روايت کي قائم رکڻ لاءِ ٿورو گهڻو راهه جو پنڌ ڪن ٿا پر گهڻي ڀاڱي ريل ۾ سفر ڪن ٿا.

هن پوئين ويجهي دور تائين، جماعتون ڪهڙي طرح تيار ٿي، ڪهڙين واٽن سان وينديون هيون، ان کي سمجهڻ لاءِ ڪافي پڇا بعد هيٺيون احوال معلوم ٿيو جيڪو گهڻي ڀاڱي خليفي محمود نوحاڻي مرحوم جي روايت مطابق آهي.

غوثي جماعتن جو راهه جي پنڌ سان ملتان وڃڻ

غوثي جماعتون، سنڌ جي مختلف ڀاڱن مان، جتي به غوثي طريقي جي مريدن جي گهڻائي هئي، اتان هلنديون هيون. اڀرندان ٿر ۽ مهراڻي مان جيڪي جماعتون هلنديون سي اڇڙي ٿر مان، مير جي رياست جي اڀرندين پاسي کان، پوءِ نُور ڀٽون، پوءِ ڀاڳ نئن ۽ پوءِ گهلو درياهه. وٽان وڃي وچ سنڌ جي جماعتن واري واٽ وٺنديون.

ٻي راوَلي واري واٽ يا راوَرو گس هو: نبي سر، عمرڪوٽ، کپرو، کوڙي، فرش، ٽنڊو مٺا خان، بڪار، اَوُڍ، توڳاچو، مَيد جي ڌڪن تي، پاڊي، ڪڪڙي ڪوٺي، هيکل جو ٽوڙ، تجل، جهڙيارو، سائدو، لئي واري، مُرادي تي، ڦلو، مامڙو، مهرن وارو ڏيرڙو، وس، ٺڪراٺو جتي وڃي وچ سنڌ واري واٽ سان گڏبا هئا.

لاڙ مان ٽنڊي باگي ۽ بدين تعلقن جون جماعتون بدين کان 9- ميل ڏکڻ- اولهه شيخ عيسيٰ جي زيارت ڪري اتان هلنديون هيون. اڳ مهيني جي ستين تاريخ مقرر هئي، جنهن تي جماعت وارا اچي، مقرر ماڳ تي گڏ ٿيندا هئا.

لاڙ وارا فقير جدا جدا ماڳن تان هلندا هئا ته به آخر وچ سنڌ ڌاري پهچڻ کان پوءِ ٻن راهن مان ڪابه هڪ راهه وٺي هلندا هئا. هڪ ’مَنڊي منزل‘ واري راهه ۽ ٻي ’سِري واري راهه‘ (ڏسو هيٺ).

فقير جماعت ڪري هلندا ته جماعت ۾ ٽي فقير مک هوندا: هڪ خليفو جو مڙني جو اڳواڻ، ٻيو ڀانڊاري جو کاڌي پيتي ۽ جماعت جي پرگهور ۽ سنڀار ڪري، ۽ ٽيون ذاڪر جو ذڪر جي اڳواڻي ڪري. هر فقير سان اڪثر پنج ٽول هوندا: ڪُندري، ڪاري کٿي، ڪَندِيل، ڪِشتي ۽ ڪَرِي. ڪندري لوهه واري يا بانس جي لٺ هوندي، ڪنديل ٻڪريءَ جي چم جي سڄي کل مان ٺهيل ڳوٿري جنهن ۾ اٽو، بَدَر (کاڌي جون شيون) ۽ ٻيو ثمر هوندو.

قطار ڪري هلندا. هرڪو پوتيءَ سان گهُنڊ هڻي قطار ۾ هلندو ۽ سڄي سفر ۾ شروع کان جتي بيٺو ان مقرر جاءِ تي هلندو.

ذڪر ڪندا جيڪو ٻه قسم: هڪ تحليل جو ذڪر ۽ ٻيو ڏهر جو ذڪر. تحليل جي ذڪر جون ڇهه تسبيحون. 1. لا الہ الاالله 2. الاالله، 3. الله الله، 4. لله  لله، 5. لہُ لہُ، 6. هُو هُو (هر هڪ يارهن ڀيرا). ڏهر جو ذڪر ٽي تسبيحون: 1. لا  الہ الا الله، 2. الله الله، 3. هُو هُو. ان ۾ لا الہ الا الله جي تسبيح پڙهي وايون پڙهندا (اڪثر ميين شاهه عنايت ۽ شاهه عبداللطيف جون). اهي ’ڇوٽ وايون‘ يا ’لسيون وايون‘ (ٿوري الحان سان)، مثلاً هڪ وائي ته:

اٿي چرخو چور، سُتين سور پرائيا

ائين وائي چئي وري تسبيح پڙهندا ۽ وري وائي چوندا. ٻي تسبيح پوري ڪري ڌناسري جا بيت ڏيندا. بيت ڏيئي وري تسبيح ۽ وري بيت. دستور اهو ته فقير اڪيلو هجي ته تحليل جو ذڪر ڪري ۽ جماعت ۾ هجي ته ڏهر جو ذڪر ڪري.

بدر پچائڻ ۽ بدر وراهڻ: يعني مانيون پچائڻ (آڏو منزل جي ثمر طور)، بدر ڀڃڻ يعني مانين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ (اڳ مانيون چانورن يا ٻاجهريءَ جي اٽي جون هونديون هيون) ۽ بدر وراهڻ يعني اهي ڀڳل ٽڪرا ورهائڻ. ورهائيندو ڀانڊاري. اڳ وارا فقير (ٽالپورن جي دور تائين). اٺين پهر بدر ورهائيندا هئا ۽ هڪ هڪ مٺ ٽڪرن جي هر فقير کي ڏيندا هئا. ڏينهن جو پنڌ ۽ رات جو ائين سمهي رهندا هئا ۽ صبوح جو بدر ورهائيندا هئا. اندازا انگريزن واري دور کان وٺي ورڇ وڌايائون ۽ سانجهي توڙي صبوح چئن چئن ڄڻن کي مُني ڪشتي ڪري ڏنائون. اڳيان فقير جيڪا مٺ ملندي هئي تنهن مان پهريون ٽڪر ڀانڊاري کي ڏيندا هئا. ڪو ڀانڊاري به ايڏي صبر وارو هوندو هو جو اهو ٽڪر وري ڪَنديل ۾ وجهي ڇڏيندو هو ۽ کائيندو ڪونه هو. پڇيائونس ته چيائين: ادا اوهان ٽڪر ڏنو پر ائين ڪونه چيو ته کاءُ، تڏهن مون امانت سمجهي رکي ڇڏيو. فقيرن جو ’ٿاري ٻڌڻ‘ يعني ٽولي ٻڌي ويهڻ پر ان ۾ عدد مقرر ڪونهي، پر چئن فقيرن جي گڏجي ويهڻ کي ’رومال‘ چوندا.  بدر ورهائڻ وقت چوندا ته ’رومال ٺاهيو‘، يعني چار چار ڄڻا گڏجي ويهو. ساڳئي راهه واري پنڌ ۾ جيڪي پهرين ڏينهن رومال ۾ گڏيا سيئي پوءِ هميشه رومال ٺاهيندا.

راهه جي پنڌ ۾ جتي ٽڪندا اتي ٻه فقير گڏ فقر (گدائي) لاءِ نڪرندا. چوندا: ”ٻه فقير ٽي دعا.“ ڪستي ۾ ڪَنَ وٺندا، يعني هر جاءِ تان ماني وٺندا، (اصطلاح ڪن اڳاڙڻ معنيٰ ته هر گهر مان ٽڪر وٺڻ). فقر ڪري موٽندا ۽ سلام واريندا ته چوندا ”ننگر صلات!“. ويٺل چوندا: ”نعمت عشق الله“.

راهه جو پنڌ: راهه ۾ تکو تڪڙو، صبر ۽ سنگت سان هلڻ اها ڪِري (رک)، ۽ انهيءَ ۾ ئي امانت. فقيرن جي روايت ته غوث صاحب چيو ته امانت مون ڪئي ٽي پتيون. هڪ جهليم پاڻ وٽ، ٻي ڇڏيم پونيرن (اولاد) وٽ، ۽ ٽري ڇڏيم راهه تي. جيڪو راه ۾ هلندو سو رڱبو. چوندا ته: جي سون جي سِر بيٺ تي ٻڌل هجيوَ ته به ڀڄو ۽ هلو، راهه تي بيهو نه، ترسو نه. راهه هلندن جي آهي، ويٺلن جي ڪانهي. انهيءَ معنيٰ ۾ ڀٽائي صاحب جي بيت جي سٽ ته:

توڙي لهين نه پير، ته به راحت آهي رڙهڻ ۾

راهه ۾ جيڪو فقير گذاري ويو، تنهن کي راهه جي سڄي پاسي دفن ڪندا. پيشاب ٽورو راهه جي کٻي پاسي ڪندا.

’منڊي منزل، واري راهه‘

’منڊي منزل‘ يا ’منڊي واري منزل‘ (هاڻوڪن شهدادپور ۽ سنجهوري تعلقن جي حدن ۾) ڊُٺڙي، ٻرهون، ڀاڄي ۽ کڏڙي کان شروع ٿي واهوند تي پهچندي هئي. فقير ’منڊي واري‘ کان وٺي ’واهوند جي منزل ڀريندا‘، يعني منڊي واري کان وٺي واهوند جون منزلون ڪندا. واهوند (تائين پهچڻ) جون جملي چار منزلون. 1. ڊٺڙي، ٻرهون، ڀاڄي ۽ کڏڙي کان وٺي ’گڏهه کُري‘ تائين؛ نالو ان جو منڊي منزل يا منڊي. واري منزل. 2. گڏه کري کان وٺي گينڊڙائو يا لئي واري يا ٻير واري تائين ٻي منزل. 3. اتان کان وٺي فقير جو ڍورو يا سائدو ٽري منزل.4. اتان کان ’وس جو ڪوٽ‘ يا ٺڪرياٺي جو اوڪار (يعني ٿر جي آخري حد). منڊي کان وٺي ٺڪرياٺي تائين اهو لاڙائي فقيرن جو راهه، اها واهوند جي مسافت يا مسافري.

ٻيو ’سري وارو راهه‘، جنهن جو نالو شاهه جي نالي سان چيل هيٺين بيت ۾ آيو آهي ته:

واهوند  ۾  وس  ٿي،  سِري  پيو سُڪار
لاٿائين  لطيف  چئي،  مـٿان  ڏيهه  ڏڪار
وحدت جو واپار، روضي شاهه رڪن جي.

’سِري واري راهه‘، يعني سنڌ جي سِري يا مٿئين پاسي واري واٽ جيڪا ٽنڊي آدم، هالا، سڪرنڊ، موري کانپوءِ اتر ڏانهن روهڙي ۽ اتان پني عاقل، گهوٽڪي ۽ ماٿيلي کان اچي ڏهرڪي ۾ ’واهوند‘ واري واٽ سان گڏبي هئي. هالن ۾ ڀَٽي بزرگ ۽ سڪرنڊ طرف ونجهيري وارا پير غوثي طريقي جا خليفا هئا. ونجهيرين وارا پير جماعت جا اڳواڻ ٿي هلندا هئا ۽ لاڙ مان ڪنگوري وارا نوحاڻي فقير سندن جماعت سان هلندا هئا.

ٺِڪرياٺي تائين چوٿين منزل کان اڳتي اٺ منزلون ’پنجاب جون‘ ڪري ساريندا جيتوڻيڪ ٺڪرياٺو ۽ ڏهرڪي سنڌ جي حد اندر آهن. 5. ٺڪرياٺي کان جروار، 6. جروار کان خيرپور ڏهرڪي، ريتي يا ڍنڍي. خيرپور ڏهرڪي کي سڏيندا ’آڌي واري‘ يعني اڌ پنڌ واري منزل. چوندا ’خيرپور آڌي واري‘ 7. اتان ’روڙي جو کوهه‘ سنجرپور جي پريان، 8. اتان خان ٻيلو، 9. اتان اچ شريف جي آسپاس، 10. اتان اڳتي گهَلُو (درياء جو پيٽ) مٽي ويندا جلالپور پير واري، 11. اتان شجاع آباد (جي اوريان يا پريان ٽڪندا)، 12. اتان کان ملتان. *

ملتان ۾ زيارتون ڪندا ۽ خاص طرح چهَٻچي ۾ وهجندا. چهٻچو (يعني چاهه جو ٻچو يا کوهه جو ٻچو). هڪ هودي آهي جيڪا ملتان ۾ اسٽيشن لڳ. پاڪن جو تڙ (باغ ۽ کوهه) وٽ آهي. ان ۾ وهنجڻ هڪ وڏو درجو آهي. جن ملتان ڀيٽيو سي فخر مان چوندا ”اسان جو چهٻچي ۾ تڙ ٿيل آهي.“

راهه جي انهن منزلن بابت فقيرن جا چيل ڏهر جا بيت ته:

پري   پنڌ   پنجاب       جو،    آڏو    اُٻاڙو
ڪڪوريو   قاسم  چئي  گهلوءَ جو  گهارو
پيراڻو    پاڙو،   مئي   سين   نه    مـٽيان.

 

ـــــــــــــــــ

روضو شـاهه   رڪن  جو،   جڙي  ڏٺو  جن
قرض مرض جي قاسم  چئي تنگي لٿي تن
ڪوٺيو  پير  پڇن،  درد  تني  جي  دل  جا.

 

ـــــــــــــــــ

3. درد   دلاسي   ڪاٽيا    ويا    ڏک    لهي
پسنداسين  پيرن  کي  قاسم چئي  ڪهي
روهن  رات رهي،  مون بهاوَ الدين ڀيٽيو.

 

ـــــــــــــــــ

واهـند ۾   وَسون   ٿيون، نسوري  نيهان
اچان  شال  اڪنڊيو   جيسين   ٿو   جيان
هلي   هٿ   ڏيان،  ڀلي  ڀاون  شاهه  کي.

 

ـــــــــــــــــ

گهلو گهوٽ لنگهيا، گهڙيا منـجهه گهاري
وٽون پير  وراهيون  شاهه  رڪن  ساري
پانڌي  پهرائي،  واريا   پير   وطن   تي.

 

ـــــــــــــــــ

گهلو گهوٽ لنگهيا،  پتڻ  پهرئين   پور
بادشاهه بهاو الدين ڏي، ماٺو هل مَ  مور
........................................................

ـــــــــــــــــ

جُنبي جلال پـــور  کان  پانڌي  کڻ  پيرو
بادشاهه  بهاوالدين  جو  ديک  هلي  ديرو
غوث   گڏبئه   گس   ۾   ساٿي   سويرو
مدعي سو ميرو، جو مڃهه ڪري ملتان کان.

 

ـــــــــــــــــ

جُنبي  جلالپور  کان،  پانڌي  کڻج  پڳ،
اٿي رڙهه راول  چئي،  دولهه  مٿي  دڳ،
جاٽون ڪن جڳ،  روضي  شاهه  رڪن  جي.

 

ـــــــــــــــــ


 

 

سنڌي نظم جي صنف ’منظوم بند‘

سنڌيءَ ۾ ’علمي ادبي شاعري‘ جي شروعات، عربي قصيدي وانگر، منظوم سٽن سان ٿي، ۽ ڪن جي آخري لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ ’الف‘ آڻي، قافيي جي صورت قائم ڪئي وئي. اهي ’الف اِشباع‘ وارا قافيا هئا جن سان هم- آواز سِٽن جوڙڻ ۾ سولائي ٿي ۽ نظم واري صورت پيدا ٿي. ’الف اشباع‘ جي قافين وارين سٽن جي بندش سان ”منظوم بند“ جوڙيا ويا، جن ۾ شروعاتي ننڍا رسالا ۽ ڪتابڙا ۽ پوءِ وڌيڪ وڏا ڪتاب منظوم ٿيا. جئن پوءِ تئن، ’الف اشباع‘ بدران لفظن جي آخر ۾ ’و‘، ’ي‘ يا ’ن‘ جي حرفن وارا قافيا آڻي ’منظوم بندن‘ ۾ ڪنهن حد تائين شعريت پيدا ڪئي وئي. ٻوليءَ ۾مهارت سان، جيڪي فڪر جا صاحب هئا تن جي منظوم بندن جو معيار ويتر وڌيڪ بلند ٿيو. گرهوڙي صاحب ٻوليءَ ۾ سلاست، لفظن ۾ ڪفايت، ۽ پنهنجي فڪري قوت سان منظوم بندن کي اعليٰ معيار تي پهچايو.

تاريخي لحاظ سان، ٽالپورن جي دور جي پڄاڻي کانپوءِ به 13- صدي هجري جي آخر تائين ’منظوم بندن‘ جي صنف مقبول رهي. 14- صدي ۾ ان جا ڪي ٿورا معياري مثال ملن ٿا. مخدوم محمد نورنگ زادي جو هيٺيون ’منظوم بند‘ جيڪو هن پاڻ پنهنجي هٿ اکرين تاريخ 27- شوال مَڪرم سنه 1368هه تي لکيو سو هن صنف جي آخري جهلڪ جو يادگار آهي. مخدوم محمد ميرپور بٺوري ۽ کورواهه جي نورنگ زادن مخدومن جي گهراڻي جو آخري روشن ڏيئو هو. هو وڏي عالم فاضل علي محمد مهيري جو شاگرد هو، جنهن جي سوانح پڻ لکيائين.

اظهار محبت محمدي در نظم ازدل و زبان مخدوم صاحب

مولانا مولوي محمد نورنگ زاده کورواهي

بسم الله الرحمان الرحيم

غالب   غنـي   موڪليو   غيثا   مُغيثا
مِينهن وٺا ملـڪ ۾ ٿيا سانوڻ  سڪارا
رحــمتئون رحمان  جي  وڻ  ٽڻ  واسيا
لٿــي ڏُرت  ڏيهه  تان  ٿيا  عالم  آسودا
وَٺا مينهن من المعصرات گهڻا ۽ گهاٽا
ٿڌا  ٿربر  ٿيا  ساوڪ  منجهــــه  صحرا
سونهن ساوڪ وچ ۾ پکا  پنهوارن جا
متارا ڏسجن  ملڪ  ۾  ڌڻ  ڌراڙن  جا
پهري   پـــيا   پٽن   تي  گوڙ   گولاڙا
وچين  ويل  وڻي  ٿي  چـڙن  چونگارا
ڪن کي محبت مال جي ڪن ٻنيون ۽ ٻارا
ڪي زمينداري ذوق ۾ ڪي هاري هوشيارا
پسيو پوکون  پانهنجيون ٿين خورم خوشنودا
ڪِن ڪيا شوق  شـڪار جا پوٺن تي پهريا.
مون  کي  اچي  اندر  ۾ پرين پور پيا
سدا  ساريان  سپرين  ساقي  سُلــم  جا
هجر حضرت حبيب ڪريم جي ڪيو هنيون حـيرانا
اُڪنڊ عـربي  ڄام  ۾  اڌمــــــــن  اوڙاها
”العشق نار يحرق ماسوي الله“ اندر آڙاها
مديني  جي  مير  لئي  وجهلي  وجودا
کجيو  کامــيو  کنڀ  ٿيان  آٽان  اداسا
جـي  جلـــي  جدائـــي  ۾  ڦاٽــي  فِـــراقا
هِتي   قـيد   الماءِ   جا   زبر   زنجيرا
عمر انهــيءَ انتظار ۾  گهاريم گوندرا
ته مِلان ڪيئن محبوب سان جو منور مصطفيٰ
تکي سير سمونڊ جي ۽ لهريـن جا لوڏا
ڪنڌي   ناه   ڪاڪ   جـي  اپر  عميقا
موجن مٿو ناهه ڪو ڇولين  ڇوهه ڪيا
ساهـــڙ  رســـج  سير  ۾  اهکيءَ  احمدا
رسينهم  رسول  رب  جا  ورنہ وريامــا
 آســـر    ڀريو    آهــيان    اپـــر   امـــــيدا
واحد آنجي وجہ جي ڪي والضحي ۾ وصفا
منهن مُبارڪ آنهه جا والليل  اذا  سجي
تاريڪيءَ ۾ طلوع ٿيو سـندو شمس شعاع
چوڏس م چمڪاٽ  ٿيو  عالـم  ۾ اهاءُ
آئي احمد ﷺ ڄام جي ڪلي قـحط لٿا
معمور ٿيا محـبت  ۾  ملڪ  ملڪو تا
آيو وارث دين جو رهبر رســــول الله ﷺ
حسن حضرت حبيب جي ملڪ مڙ موهـيا
عالم   ۾    اسلام    جا    پيا   پرتوا
شرڪ ويو، شر  لٿو،  ٿيا  خير  خيراتا.
حاجـــــي هوت حبيب کي ڪج عرض احوالا
ته گولو گڏيو گوندرين احمد ﷺ عجيبا
ساريو سدا سڄڻن کي ڏي اندر اُڇــنگارا
ور   وسيلا   ولهن   جا   شافع  شِتابا
اکين  سُرما  سڪ  جا  پلپل  مون پاتا
دائم  دُکن  دل  مٿـي دونهان درد سندا
وِسرن  نٿا  ويل  ڪنہ  پـرين   پاڙيچا
ديد   پسايو   دادلا   مشفق   محــــبوبا
ڏڏ ڏُهاري آهيان ڪرت  نه  ڄاڻان  ڪا
عمر ساري مون ڪيا نــــت عيب عصيانا
’شفاعتي لڪبائر اهل امُتي‘ وعدا ڪِجا وفا
’ولسوف يُعطيــڪ ربڪ فترضيٰ‘ قادر ڪلاما
اسان اڀـرن  عاصين کي اهي ئي آسرا
ڏاتار  مون  ڏيکاريين  روضو رَسـولا
پيرانديءَ پرين رسول جي ڪريان جــان فدا
جسم   جان   جندڙو   ڪريان  قـُربانا
جي ديد پسن دلبر جو بخت  تني  بالا
’مَن زارني ڪان في جِواري يوم القيمة‘ دلبر دلاسا
مون نماڻي  نصيب  ٿئي دولت ديدارا
ناقص هن نورنگ تي مولا مهر ڪـجا
چوان صلوات سرور اتي  دائم  درودا
وينداسي  ايمان سان ڪلمون جي  پڙهندا

 

لاالہ الاالله محمد رسول الله صلي الله عليہ وسلم

بقلم کان الله لہ محمد نورنگ زاده

تاريخ 27 شوال المڪرم 1368سنة هجريہ

ـــــــــــــــــــــــــــ


(1)  روايت ڪندڙ وڏو غوثي خليفو مرحوم محمود نوحاڻي، ترائي، تعلقو بدين.

(1)  راڄيسين کي ٻه پٽ مبارڪ ۽ پکريو. مبارڪ جا چار پٽ صالح، سرماڻ، امي ۽ ابن. مبارڪ جي اولاد مان ڪامل شخص ٿيا جيئن ٻَني ۾ خليفو عبداللطيف ۽ ٻيا. پکريي کي چار پٽ ٿيا: آرادين، سپڙ، سومار ۽ الله ڏنو. انهن جي اولاد مان به ڪامل درويش ٿيا، آرادين جي اولاد مان، خليفو عامر ميرن جي صاحبيءَ ۾ لڏي وڃي ڪڇ ۾ تڙ ڀينڊيارو (تعلقو لکيت) تي ويٺو. سندس اولاد مان خليفو صابر  ننڍو، پاڪستان کان پوءِ سنڌ ۾ آيو ۽ ساڻس راقم ڪچهريون ڪيون.

(1)   کيس چار پٽ ٿيا: 1. محمد رجب (بنا اولاد گذاري ويو) 2. حاسد، 3. قادر بخش (اولاد قادواڻي)، ۽ عاقل (بنا اولاد). هي بيان خليفي باجيد جو، حامد جي اولاد مان.

(1)  (1) روايت سائين شهاب غوث (غوث صاحب جي اولاد مان)

*   راهه جي پنڌ‘ جو تفصيلي بيان 1965ع ۾، ملتان جي خليفي محمود نوحاڻي عمر 75 سال (ولد خليفو سائين ڏنو ولد خليفو محمود ولد خليفو الله رکيو جيڪو 1843ع ۾ انگريزن سان وڙهندي شهيد ٿيو). کان معلوم ٿيو، فقير وڏو سڄاڻ ۽ عابد هو. ’شاهه جي رسالي‘ جو به ڄاڻو هو. پاڻ ’راهه جي پنڌ‘ سان ملتان ويل هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org