سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون

ڪهاڻي؛37 38 39

صفحو :14

37- گنجي ليلي*

هڪڙي ڀيري هڪڙي گنجي ليلي، ناناڻن وڃڻ لاءِ سنڀري اٿي هلي. واٽ تي هڪڙو ميهار گڏيس، تنهن چيس ته: گنجي ليلي! ڪيڏانهن سنبت ڪئي اٿئي؟ چيائينس ته: وڃان ٿي ناناڻن ڪڻڪ کائڻ. تڏهن ميهار چيس ته: ڪڻڪ جيڪا کائين، سا مان توکي ڏيان، مون سان کڻي شادي ڪر! اهو ٻڌي ليليءَ چيس ته: شادي توسان ڪنديس، پر ناناڻن مان ڪڻڪ کائي اچان ته پوءِ، ائين چئي، اڳتي رواني ٿي.

هلندي وڃي، هلندي وڃي ته واٽ تي هڪڙو اوٺار مليس، جنهن پڇيس ته: گنجي ليلي! ڪيڏانهن پئي وڃين؟ جواب ڏنائينس ته: وڃان پئي ناناڻن ڪڻڪ کائڻ. تڏهن اوٺار چيس ته: ڪڻڪ ٻاجهر جيڪي گهرجئي، سا مون کان وٺ، مون کي کڻي پنهنجو مڙس ڪر! اهو ٻڌي، ليلي وراڻيس ته: شادي ڪيم ته توسان ئي ڪنديس، پر پهرين ناناڻن مان ڪڻڪ کائي اچان، پوءِ موٽندي توسان اچي شادي ڪنديس. اهو جواب ڏيئي، وري به اُٿي اڳتي هلڻ لڳي.

ڪجهه پنڌ ڪرڻ کان پوءِ، وري هڪڙو ٻڪرار مليس، جنهن به پڇيس ته: گنجي ليلي! ڪيڏانهن پئي وڃين؟ هن کي به ليليءَ ساڳي ورندي ڏني ته: ناناڻن ڪڻڪ کائڻ پيئي وڃان. تڏهن ٻڪرار به چيس ته: ڪڻڪ کائڻ لاءِ ناناڻن وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت اٿئي؟ مون کي کڻي مڙس ڪر، پوءِ جيڪا ڪڻڪ کائيندينءَ سا آءٌ توکي کارائيندس! ان تي ليليءَ چيس ته: توسان شادي ضرور ڪنديس، پر ناناڻن مان ڪڻڪ کائي موٽي اچان، ته پوءِ اها ورندي ٻڌي،ٻڪرار به کڻي دلاسي تي ماٺ ڪئي، ۽ ليلي هلندي اچي ناناڻن ۾ پهتي.

ليلي جڏهن ناناڻن پهتي، تڏهن نانيءَ کان کائڻ لاءِ ڪڻڪ گهريائين. نانيءَ کي به اها هڪڙي ئي  ڏوهٽي هئي، سو ڇا ڪيائين جو هڪڙي گـُندي، جا سٺيءَ ڪڻڪ سان ڀري رکي هئائين، تنهن ۾ کڻي هن کي ويهاريائين ته جيئن سڪيلڌي ليلي کائي ڍؤ ڪري. پوءِ ته گنجي ليلي به ٻارهن مهينا اُن گنديءَ ۾ ويٺي رهي، ۽ اتي ڪڻڪ کائي کائي، مچي بنڊ ٿي پئي. ٻارهن مهينن کان پوءِ، جڏهن گـُنديءَ مان ٻاهر نڪتي، تڏهن نانيءَ کي چيائين ته: ناني! آءٌ هاڻي ماءُ ڏي وينديس، جو هن کي ڏاڍو ٿي ساريان. آخر نانيءَ کيس ڳوٺ وڃڻ جي اجازت ڏني، تڏهن ليليءَ چيس ته: ناني! وقت آهي خراب، واٽ تي ڪئين دشمن سڄڻ پيا هلن، تنهنڪري مون کي هڪڙي مـَٽ ۾ بند ڪري روانو ڪر. اها ڳالهه ٻڌي، نانيس ڇا ڪيو جو ليليءَ کي هڪڙي مـَٽ ۾ وجهي، مـُٽ جو مـُنهن بند ڪري، کڻي روانو ڪيائينس.

هلندي هلندي، واٽ تي ٻڪرار گڏيس، جيڪو شاديءَ جي دلاسي ۾ ٻارهن مهينن کان گس جهليو ويٺو هو. تنهن جو مـُٽ کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏٺو، سو هڪل ڪري چيائينس ته:

مـَٽلا ڙي مـَٽلا! ڪا گنجي ليلي ڏٺئي؟

تڏهن ليليءَ مٽ اندران آواز ڪري چيو ته:

هل ميڏا مٽلا، مين مائي اَما ملان!

ائين چئي، مٽ هاڻ لڳو ته ٻڪرار به سندس پٺيان هلڻ لڳو. هلندي هلندي، ڳچ پنڌ ڪيائون ته واٽ تي ساڳيو اوٺار گڏين. مـَٽ کي هلندو ڏسي، اوٺار پڇيس ته:

مـَٽلا ڙي مـَٽلا! ڪا گنجي ليلي ڏٺئي؟

تڏهن ليليءَ مٽ اندران آواز ڪري چيو ته:

هل ميڏا مٽلا، مين مائي اَما ملان!

ائين چئي، مٽ وري به اڳتي هلڻ لڳو. تڏهن ٻڪرار سان گڏ اوٺار به گڏجي هنن جي پٺيان هلڻ لڳو. اڃا ٿورو پنڌ اڳتي هليا ته واٽ تي ميهار ملين، جيڪو پڻ شاديءَ جي دلاسي ۾ سال کن کان واٽ جهليو ويٺو هو. جڏهن مـَٽ ۽ ان جا ٻئي ساٿي ويجهو آيس، تڏهن پڇڻ لڳو ته:

مـَٽلا ڙي مـَٽلا! ڪا گنجي ليلي ڏٺئي؟

تڏهن ليليءَ مٽ اندران آواز ڪري چيو ته:

هل ميڏا مٽلا، مين مائي اَما ملان!

مٽ وري به دستور موجب اڳتي هلڻ لڳو ۽ اوٺار ۽ ٻڪرار به سندس پٺيان هلڻ لڳا. اهو حال ڏسي، ميهار به ساڻن گڏجي اڳتي هلڻ لڳو.

هلندي هلندي، جڏهن ليليءَ جي گهر وٽ پهتا، تڏهن هوءَ ته هڪدم گهر ۾ گهڙي ويئي، پر هي ويچارا شاديءَ جا اُميدوار در جي ٻاهران بيهي رهيا. گنجي ليلي گهر پهچي، مـَٽ مان ٻاهر نڪري آئي، ۽ شاديءَ واري سموري حقيقت پنهنجيءَ ماءُ سان ڪيائين. ماڻس جو ٻڌو ته ٻه-ٽي همراهه گهر جي ٻاهران در تي بيٺا آهن، سو ڇا ڪيائين جو ڏنڊو کڻي ڪاهي پئي انهن جي پٺيان. بس، پوءِ ته ڏنڊي ڏسڻ سان همراهن کان شاديءَ جو شوق ته ڇڏائي ويو، پر اچي سر سان لڳين-وٺي ڀڳا- ڪو ڪيڏانهن ڪو ڪيڏانهن. پوءِ ته ليلي خوش ٿي، پنهنجيءَ ماءُ سان گڏ رهڻ لڳي.  

 

vvv

vv

v
 

38- ڏيڏري ۽ اُٺ*

هڪڙي ڏينهن، هڪڙي ڏيڏري، هڪ هنڌ واٽ تي ويٺي هئي ته اُتان اُٺن جو قافلو اچي لانگهائو ٿيو. اتفاق سان هڪڙي اُٺ جو پير ان ڏيڏريءَ جي مٿان اچي ويو. ڏيڏريءَ رڙ ڪري چيس ته:

اُٺ لــــــــڙ لــــــــــڙ، چپ لــــــــــــــڙ لــــــــــــڙ!

هيٺ نهار، حور ويٺي آهي ڪين هنجهر!

ڏيڏريءَ جي واتان پنهنجي گلا ٻڌي، اُٺ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، سو چيائين ته:

پيٽ ته تنهنجو پنڊي، نـَڪ ته تنهنجو ننگهه،

اسين مـَيا موچارا، تن سان ٿي ٻارانگهون ڀرين!

اهو جواب ٻڌي، ڏيڏري ويچاريءَ کي ڏاڍو ارمان ٿيو، پر اُٺ سان پڄي نٿي سگهي، سو في الحال کڻي صبر ڪيائين. اُٺ جي وڃڻ کان پوءِ، بادشاهه کي دانهن ڏيڻ جي خيال سان ڏيڏري هڪڙي پاسي رراني ٿي.

هلندي هلندي، واٽ تي هڪڙي هنڌ سانڊو وڻ تي ويٺل ڏٺائين. هن سمجهيو ته اهوئي شايد بادشاهه آهي، سو ويجهو اچي چيائينس ته: بادشاهه سالامت! اُٺ مون کي چئي ٿو ته: پيٽ تنهنجو پنڊي، ۽ نـَڪ ته تنهنجو ننگهه! هـُن منهنجي گلا ڪري، مون کي ڏکوئيو آهي، تنهنڪري آءٌ اوهان وٽ دانهن کڻي آئي آهيان، منهنجو ڪو داد ڪريو.

اهو ٻڌي، سانڊي چيس ته:

منهنجي اَمي نـَڪـي، سون ورني، توکي ڄاڻي جڳ

هو ڄار چرندا، گوڙيون ڪندا، تن جي چئي نه لڳ!

اهو ٻڌي، ڏيڏري ڏاڍي خوش ٿي، ۽ پوءِ ٺينگ ٽپا ڏيندي، پنهنجي ماڳ موٽي آئي.

 

vvv

vv

v

 


 

 

39- ڍڪڻيءَ جي شادي*

هڪڙي دفعي، هڪڙي ڍڪڻي واٽ وٺيو پئي ويئي ته رستي تي هڪڙو ميهار گڏيس. ميهار  پڇيس ته: مائي ڍڪڻي! ڪيڏانهن پئي وڃين؟ تڏهن ڪاوڙ جي چيائين ته:

ڍڪڻي ماڻهين، ڍڪڻي ڀيڻهين،

مان اِيچ خاتون،مان ميچ خاتون،

ســائو ســڳو، صـــاحـــب خاتون!

ميهار چيس ته: مائي صاحب خاتون، معاف ڪر! ڀلا ٻڌاءِ ته ڪيڏانهن پئي وڃين؟ ڍڪڻي چيس ته: پيٽ پارڻ: مڙس ڪرڻ. اهو ٻڌي ميهار چيس ته: تڏهن مون کي ئي کڻي مڙس ڪر! جنهن تي ڍڪڻيءَ ڪاوڙجي چيس ته: هل ماريا، مون کي تنهنجي مينهن جا ڇيڻا کڻڻا ناهن، جو توکي مڙس ڪريان! اِئين چئي، هوءَ اڳتي رواني ٿي.

ڪجهه پنڌ ڪرڻ کان پوءِ، هڪڙو ٻڪرار گڏيس. تنهن به پڇيس ته: مائي ڍڪڻي! ڪيڏانهن پئي وڃين؟ ان کي ڪاوڙ مان جواب ڏنائين ته: هل ماريا!

ڍڪڻي ماڻهين، ڍڪڻي ڀيڻهين،

مان ايچ خاتون،مان ميچ خاتون،

ســــائــو ســـڳو، صاحــب خاتون!

اهو جواب ٻڌي، ٻڪرار چيس ته: ڀلا مائي صاحب خاتون! ڪر خبر ڪيڏانهن پئي وڃين؟ تڏهن ڍڪڻيءَ چيس ته: پيٽ پارڻ، مڙس ڪرڻ. ٻڪرار چيس ته: جي ائين آهي،ته پوءِ مون کي کڻي مڙس ڪر! اتي ڍڪڻيءَ کي لڳي مٺيان، سو چيائين ته: مون کي ڪو تنهنجي ٻڪرين جون ڦولهڙيون ميڙڻيون آهن ڇا؟ جو توسان شادي ڪريان! ائين چئي، وري اُٿي اڳتي رواني ٿي.

هلندي هلندي، واٽ تي وري هڪڙو گهوڙي سوار مليس. تنهن به چيس ته: ڪر خبر مائي ڍڪڻي! ڪيڏانهن پئي وڃين؟ ڍڪڻي نالو ٻڌي هن کي وري به باهه لڳي ويئي، سو هن تي اکيون ڦوٽاري چوڻ لڳي:

ڍڪـــڻــي مــــاڻهين، ڍڪڻي ڀيڻهين،

مـــــان اِيچ خــــــاتون، مان ميچ خاتون،

سـائـــــــو ســـــڳـــو، صـــاحــــب خاتون!

ڏيڏريءَ کي وِتان ٻاهر ڏسي، گهوڙي سوار چيس ته: چڱو مائي صاحب خاتون، چڙ نه... ڪر خبر، ڪيڏانهن ٿي وڃين؟ تڏهن ڍڪڻيءَ وراڻيس ته: وڃان ٿي پيٽ پارڻ، مڙس ڪرڻ. تڏهن گهوڙي سوار چيس ته: جي مڙس ڪرڻو اٿئي ته پوءِ مون کي کڻي ڪر- گهوڙي تي ڏاڍا شيل ڪرائيندوساءِ! پر اُن کي به ڍڪڻيءَ جواب ڏيئي ڇڏيو، چي: مون کي پاڻ کي گهوڙي جي لـِڏ ۾ گڏائڻو ڪونهي، جو توکي مڙس ڪريان. مان وڃان اڳتي، ائين چئي، وري اُٿي پنڌ پئي.

هلندي وڃي، هلندي وڃي، ته واٽ تي هڪ دايو گڏيس. اُن چيس ته: مائي ڍڪڻي! ڪيڏانهن پئي وڃين؟ ڍڪڻيءَ ورندي ڏنس ته:

ڍڪڻـــــي ماڻهين، ڍڪــڻي ڀيڻهين،

مــــــان اِيچ خاتون، مان ميچ خاتون،

ســـــــــــــائو سڳو، صـــاحب خاتون!

اهو جواب ٻڌي، دايي چيس ته: چڱو،مائي صاحب خاتون! ڏي خبر چار، ڪيڏانهن پئي وڃين؟ ڍڪڻيءَ چيس ته: وڃان پئي پيٽ پارڻ، مڙس ڪرڻ. تڏهن دايي چيس ته: پوءِ مون کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو مڙس ملندءِ! ڳوٺ ڳوٺ ڪري گهمائيندوسانءِ! تڏهن ڍڪڻيءَ چيس ته: هل ڙي هل! پاڻ نه پاري، ڪـُتا ڌاري! مون کي آهي پنهنجو سر وڃائڻو، سو توکي مڙس ڪريان! ائين چئي، وري به اڳتي هلڻ لڳي.

ڍڪڻي وري به ڳچ پنڌ ڪري اڳتي پهتي، ته هڪڙي هنڌ هڪڙو ڪـُئو مليس. ڪـُئي چيس ته: مائي ڍڪڻي! ڪيڏانهن پئي وڃين؟ اهو جواب ٻڌي ڍڪڻيءَ ناسون ڦوٽاري ورندي ڏنيس:

ڍڪڻي ماڻهين، ڍڪڻي ڀيڻهين،

مــــــان اِيچ خاتون،مان ميچ خاتون،

ســــــائــــــو ســڳو، صـــاحب خاتون!

اهو جواب ٻڌي، ڪـُئي چيس ته: معاف ڪجانءِ. مون کي خبر ڪانه هئي ته ڪو تنهنجو نالو صاحب خاتون آهي. خير، ڪر خبر- ڪيڏانهن پئي وڃين؟ تڏهن ڍڪڻيءَ چيس ته: وڃان پئي پيٽ پارڻ، مڙس ڪرڻ. اتي ڪـُئيءَ چيس ته: جڏهن مڙس ڪرڻو اٿئي، ته پوءِ مون کي ئي کڻي مڙس ڪر... آءٌ ڏونگهيون ۽ مصريون اُهي کارائيندوسانءِ، جو وڃي ٿيا خير! ڍڪڻيءَ جو مٺاڻ جو نالو ٻڌو، سا يڪدم هن سان شاديءَ ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويئي، ۽ چيائينس ته: چڱو، جيڪڏهن تنهنجي اها مرضي آهي ته پوءِ بسم الله! مون کي ڪوبه اعتراض ڪونهي. بس، پوءِ ته ٻنهي جي ڏاڍي ڌام ڌوم سان شادي ٿي.

ڳچ عرصو هي ٻئي پاڻ ۾ خوش رهندا آيا، ۽ ڪئو واعدي مطابق روزانو رات جو وڃي ڏونگهيون ۽ مصري کڻي ايندو هو ۽ اچي پنهنجي زال ڍڪڻيءَ کي کارائيندو هو. ٿوري عرصي ۾ هو ٻئي اولادي ٿيا ۽ کين ٻه ٻچا به ڄاوا. هڪڙيءَ رات جئين ڪئو ڏونگهيون ۽ مصري چورائڻ ويو، تيئن اُتي ڪئا-مار ۾ ڦاسي پيو. صبح جو حلوائيءَ جڏهن ڪئي کي ڦاٿل ڏٺو، سو هڻي پادر، پورو ڪري، ٻاهر گند جي ڍير تي اڇلائي ڇڏيائينس. هوڏانهن ڍڪڻيءَ جو ڏٺو ته ڪئو صبح تائين واپس ڪونه وريو، سو سوير ٻچن کي مڙس جي خبر چار لهڻ لاءِ موڪليائين. ٻئي ٻچا هيڏانهن هوڏانهن نهاريندا نهاريندا، جان اچي هڪ گهٽيءَ ۾ ڏسن ته سندن پيءُ گند جي ڍير تي مئو پيو آهي. پوءِ ته ڊوڙي وڃي ماءُ کي سڄي حقيقت ٻڌايائون. خبر ٻڌڻ سان ڍڪڻيءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو. آخر ويچاري روئي پٽي ماٺ ڪري ويهي رهي، ۽ ان ڏينهن کان ٻچن کي چئي ڇڏيائين ته: ڪڏهن به ڪنهن جي چوري نه ڪجو ۽ نڪي ڪنهن جي شيءِ کي بنان موڪل هٿ لائجو.

 

vvv

vv

v

 


 

* هيءَ آکاڻي اُتر (تعلقي واره) مان غلام رسول جتوئي کان ملي.

*  هيءَ آکاڻي وچولي (حيدرآباد شهر) مان ممتاز مرزا کان ملي.

* هن آکاڻيءَ جون ٽي روايتون اُتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئي، (تعلقي ڪڪڙ) مان علي انور کان، ۽ لاڙ (تعلقي بدين) مان محمد سومار شيخ کان مليون.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org