سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: ڳاهن سان ڳالهيون

ڪهاڻي؛ 23 24

صفحو ؛ 10

23-ڪارائڙيو سمون*

 

’ڪارائڙيو‘ سمون پينگهر ڄام جو پٽ هو ۽ ڪڇ ۾ گرڙيي ابڙاسيي جو رهاڪو هو. هو هڪ وڏو سورهيه شخص هو. گهڻو ڪري راجائن ۽ سردارن جي محلاتن مان موتين جي چوري ڪندو هو ۽ محلاتن جي راڻين ۽ ٻاين کي اوڍاڻيون پهرائي موتي ۽ زيور کڻي ويندو هو. چوريءَ تي هميشه اڪيلي سر ويندو هو ۽ ڪو به سنگتي ساٿي ساڻ نه کڻندو هو. آسپاس جي علائقن ۾ سندس چوريءَ جو ڌاڪو ويٺل هو. اڪثر سڀئي سردار کانئس ڪن هڻندا هئا.

Text Box: 147

 

هڪڙي ڀيري ڪارائـڙيو سمون پڇم واري ڪاري جبل ڏانهن ڪاهي ويو، جنهن جي اتر واري ڀت ۾ ’نير واري واءِ‘ مشهور آهي، جا ’ساري سنگهار‘ جي واءِ سڏجي ٿي. سارو سنگهار به انهن ڏينهن اتي ڊاٻو ڪيو ويٺو هو. هن کي ’مـچاچـُـل‘ ۽ ’ڪـَـپـَـورئين‘ ٻه ڌيون هيون. جي تمام سهڻيون هيون. ڪـَـپـُـورئين ننڍي هئي، جا وڏي پهلوان به هئي. اڪيلي سر واءِ مان ڪوس ڇڪي ويندي هئي، جو هوند سانهه به مشڪل سان ڇڪي. ڪارائڙيو به گهمندي ڦرندي اچي واءِ تي پهتو. انهيءَ مهل ڪپورئين، واءِ مان ڀريل ڪوس ڇڪي ٻاهر ڪڍيو. ڪارائڙيو هڪڙي خوبصورت نازنين جي سگهه ۽ سونهن ڏسي مٿس عاشق ٿي پيو. پوءِ ڪپورئين کان خبرچار وٺي، اچي ساري سنگهار جو مهمان ٿيو. ڪارائڙيو ملڪان ملڪ مشهور هو، سو ڪپورئين به مٿس عاشق ٿي پيئي. آخرڪار ساري سنگهار کان ڪپورئين جو سڱ گهريائين جو هن قبول ڪيو. ٿورن ئي ڏينهن ۾ سندس شادي ٿي ويئي ۽ ٻئي ڄڻا عيش آرام سان گذارڻ لڳا.

 

شاديءَ کان پوءِ به ڪارائڙيي چوريءَ جي عادت نه ڇڏي، جڏهن وجهه لڳندو هوس، رات جو هليو ويندو هو ۽ صبح جو موٽي ايندو هو. ڪپورئين تمام گهڻو سمجهايس ته پاڻ وٽ هيئنر سڀ ڪجهه آهي، جيڪڏهن سڄي عمر ويهي کائينداسين ته به ملڪيت پاڻ کائي کٽائي ڪانه ٿيندي، تنهنڪري هاڻي چوري ڪرڻ ڇڏي ڏي. پر ’هارهياڙي جي هير‘ وانگر ڪارائڙيي اها عادت نه ڇڏي.

هڪڙيءَ رات ڪارائڙيو، ڪڇ جي راجا جي محلات مان چوري ڪرڻ لاءِ سهي سنڀري نڪتو. راجا جي موتين جي ڏاڍي هاڪ ٻڌي هئائين، پر اتي رسڻ جو وجهه ڪڏهن به ڪونه لڳو هئس. راجا کي به هر وقت ڪارائڙيي مان ڊپ رهندو هو، تنهن پنهنجي وزير ’ڪامل‘ کان صلاح پڇي ته ڪهڙيءَ طرح ڪارائڙيي کان بچاءُ ڪجي. ڪامل تمام داناءُ وزير هو، تنهن راجا کي چيو ته: اي راجا! جيڪڏهن ڪارائڙيو محلات ۾ ٽپي آيو ته پوءِ اسان جا پهريدار ساڻس پڄي ڪين سگهندا، ڇاڪاڻ ته هو تمام بهادر شخص آهي. باقي هڪڙي اٽڪل سجهيم ٿي ته سڄي محلات جي چوڌاري کاهي کڻائي ان ۾ ڀالا کوڙائي ڇڏجن، پوءِ جڏهن ڪارائڙيو محلات ۾ ٽپي اچي، تڏهن يڪدم محلات جي چوڌاري ڇيڻن جو ڍڳ ڪري انهي کي کڻي باهه ڏجي. دونهين ۾ ساهه منجهي پوندس، پوءِ پاڻهي نڪري ٿيندو ٻاهر، ۽ پاڻ حملو ڪري کڻي جهلينداسينس.

راجا ۽ وزير ڪامل ڳجهه ڳوهه ۾ اهو سمورو بندوبست ڪري ڇڏيو، جنهن جي خبر ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪانه هئي. ڪارائڙيو به رات جي وڳڙي ۾ لڪي ڇپي اچي محلات وٽ پهتو، ۽ ڪمند رستي محلات تي چڙهي، هڪڙي دري ٽپي وڃي اندر رسيو، پهريدار جانچيو بيٺا هئا، تن ڊوڙي وڃي ڪامل وزير سان خبر ڪئي، جنهن حڪم ڏنو ته کاهي ڇيڻن سان ڀري باهه ڏيو. ڇيڻا اڳئي گڏ ٿيا رکيا هئا، جنهن پاسي کان هوا پئي لڳي، انهيءَ پاسي ڇيڻن جو ڍڳ ڪري وٺي باهه ڏنائون. گهڙيءَ کن ۾ سڄو محلات دونهين سان ڀرجي ويو. ڪارائڙيي جو ساهه اچي منجهڻ لڳو، ۽ دونهين ۾ ڏسجڻ ۾ ڪجهه به نٿي آيس. دونهين ۽ ماڻهن جي هلڙ مان سمجهي ورتائين ته پهريدارن ڏسي ورتو آهي، تنهن ڪري ڀڄڻ جي واهه ڳوليائين. محلات جي دروازي تي لشڪر اچي گڏ ٿيو هو، تنهن ڪري محلات جي هڪڙي دريءَ مان کڻي ٽپ ڏنائين. ڪارائڙيو هيٺ کاهي ۾ کتل ڀالن تي اچي ڪريو، ۽ اتيئي ساهه ڏنائين. سندس مرڻ تي ڪنهن شاعر چيو ته:

Text Box: 148

 

’ڪارائڙيي‘ ٺينڪ ڏنو، مٿان گڍلڙي،

 

’ڪامل‘ ڪير پـٿريـا، رهيـو اُت اَڙي،

آءُ ويـنجهارل وري، اسـان اچـڻ ايـتـرو.

ڪارائڙيي سمي جو اولاد ’ماريي وارا مياڻا‘ جي نالي سان سڏجن ٿا، جي ڪڇ جي رياست جي حد کان ٻاهر ’ماريي‘ ۾ رهن ٿا، جتي ڪڇ جي ڪونئر جي حڪمراني آهي.

______

 

 


 

24-راجا کـِـنئرو*

 

ڪنهن زماني ۾ جيسلمير رياست تي ”کنئرو“ نالي هڪڙو بهادر ۽ انصاف پسند راجا راڄ ڪندو هو. کيس ’ڪامل‘ نالي سهڻي ۽ سلڇڻي راڻي هئي. راجا جو پنهنجي راڻيءَ سان اهڙو ته پيار هوندو هو جوهڪ گهڙي به هن کان جدا نه ٿيندو هو ۽ سڄو ڏينهن محلات م هن سان گڏ ويٺو رهاڻيون ڪندو هو.

هڪڙي ڏينهن کنئري جا ڪي دنگئي راجا شڪار ڪرڻ لاءِ نڪتا. انهن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته ڪيترن ڏينهن کان کنئري سان رهاڻ ڪانه ڪئي اٿئون، سو اُن سان به ملاقات ڪندا هلون ۽ کيس شڪار تي به وٺي هلون. اها ڳالهه ڳڻي جيسلمير ڏانهن پنڌ پيا ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾ اچي کنئري جي راڄ ۾ رسيا. کنئري پنهنجي يارن جي آجيان ۾ وسؤن ڪين گهٽايو. ٻن چئن ڏينهن جي مهمانيءَ کان پوءِ، يارن هن کي شڪار تي هلڻ جي دعوت ڏني. کنئرو، جنهن پنهنجي راڻيءَ کان گهڙيءَ لاءِ به جدا ٿيڻ نٿي گهريو، سو پهرين ته نٽائڻ لڳو، پر جڏهن جـِـند نه ڇٽس، تڏهن اندر محلات ۾ وڃي راڻيءَ سان انهي جو ذڪر ڪيائين. راڻيءَ کلي چيس ته: راجا! تون ڀلي پنهنجن دوستن سان شڪار تي وڃ، انهيءَ ۾ ڇا آهي. تڏهن لاچار ٿي کنئرو سنگتين سان گڏجي شڪار تي روانو ٿيو.

هلندي هلندي، هڪڙي اهڙي جهنگ ۾ اچي پهتا، جتي سـَـها تمام گهڻا هئا. راجائن هڪدم شڪاري ڪتا کڻي انهن تي ڇڏيا، جن وڃي سها پڪڙيا، راجا کنئري کي سهن جي کل تمام نرم لڳي، سو دل ۾ خيال ڪيائين ته ڇو نه راڻيءَ لاءِ کڻي سهن جي کلن جو بسترو ٺهرايان، سو ڳچ جيترا سها ڦاسارائي، اڳتي شڪار تي وڃڻ جو خيال لاهي، پنهنجي ملڪ موٽي آيو.

Text Box: 150

 

راجائي حڪم ٿي ويو، هڪڙي ئي ڏينهن ۾ سهن جو کلون لٿيون، جن مان بسترو ٺهي تيار ٿيو ۽ راڻيءَ کي سوکڙي ٿي مليو، پر راڻيءَ اهو هنڌ ڏسي کنئري کي چيو ته: راجا! آءٌ هن بستري تي نه سمهنديس. راجا حيران ٿي ويو ۽ راڻيءَ کان ان جو سبب پڇيائين. راڻيءَ ٻڌايس ته: راجا! هتان کان مهيني پنڌ تي منهنجي ساهيڙي ’آڀل‘ رهندي آهي. هڪڙي ڀيري اتفاق سان ان جي بدن تي سهي جو وار لڳي ويو. کيس اهڙو زخم ٿيو، جو ڪيترا ڏينهن پئي علاج هليو، تڏهن مس مس وڃي زخم ڇٽو. سو مون کي هن بستري تي سمهڻ کان ڊپ ٿو ٿئي. راجا عجب ۾ پئجي ويو ۽ ويچارڻ لڳو ته، مار! اهڙو نازڪ بدن، جنهن کي سهي جي وار لڳڻ سان زخم ٿي پوي! اهڙي حور پري ته ضرور ڏسڻ گهرجي. مطلب ته راجا کنئرو بنان ڏٺي آڀل تي عاشق ٿي پيو. سو نه هئس رات جي ننڊ، نه ڏينهن جو آرام، سڄو وقت دل ئي دل ۾ آڀل جا خيال پيو پچائيندو هو. آخر ڪجهه ڏينهن رکي آڀل کي ڏسڻ جو پڪو پهه ڪري، راڻيءَ وٽ آيو ۽ هن کان شڪار جي بهاني سان موڪل وٺي، گهوڙن جي ڪـُـڙهه ۾ آيو ۽ خيال ڪرڻ لڳو ته ڪهڙي گهوڙي تي چڙهي وڃان. هرهڪ گهوڙي کي ڏسندو ڏسندو اچي هڪڙي نيري رنگ جي سامونڊي گهوڙي وٽ بيٺو ۽ گهوڙي کي چيائين ته:

 

نيلا! تـُـم ڍِيلو ڦـِـرين، پـَـڪا پهن ٿي ڏور،

آڀـل سـنـدي ڪـامـڻـي، مـَـنـا مـيـل ضـرور،

اوڀا! مـَـنا ميل ضرور!

Text Box: 151

 

(اي نيرا! تون آهستي نه هلجئين، ڇو جو پنڌ تمام پري آهي ۽ مون کي سـُـهڻي آڀل سان ملڻو آهي، تنهن ڪري جيترو جلد ٿي سگهي مون کي اتي رساءِ)

 

تنهن تي گهوڙي وراڻي ڏني ته:

مـَـنا تـو سردي لاڳي، کارڪ تي پـَـچوءِ،

آڀل سندي ڪامڻي، جهٽ پلڪ ۾ جوءِ.

او ڀئي! جهٽ پلڪ ۾ جوءِ

(اي راجا! مون کي سيءُ ٿو لڳي، پر جي بنان ککڙين کارڪون کارائين، ته پوءِ آڀل جي مـُـلڪ کـِـن پـَـلڪ ۾ پهچائين.)

اها ڳالهه ٻڌي راجا، سئيس کي حڪم ڏنو ته: هن گهوڙي کي بنان ککڙين کارڪون کارائي ۽ سنج وجهي آڻي حاضر ڪريو. هڪدم حڪم جي تعميل ٿي ويئي. ٿوريءَ دير کان پوءِ راجا کنئرو سامونڊي گهوڙي تي چڙهي اُٿي هليو.

گهوڙو راجا کي کڻي وٺي اُڏاڻو ۽ سج لٿي کان اڳ اچي آڀل جي ملڪ ۾ پهتو. راجا گهوڙي کي هڪ هنڌ بيهاري، پاڻ شهر ۾ چڪر هڻڻ لڳو. شهر ۾ هڪ ٻئي کان وڌيڪ سهڻا محلات هئا. هن آڀل جي محلات جي ڏاڍي ڳولا ڪئي پر پتو نه پيس ۽ نه وري ڪو ڏس مليس. تنهن ڪري ٻي ڪا صورت نه ڏسي، سڌو انهيءَ تلاءُ تي آيو، جتان شهر جا ماڻهو پاڻي ڀريندا هئا، اوڏيءَ مهل تلاءُ تان ڪن زالن پاڻي پئي ڀريو. ڇا ڏسي ته هڪجهڙي پوشاڪ ۾، هڪٻئي کان وڌيڪ سهڻيون ڇوڪريون پاڻي پيون ڀرين. سندن سونهن ۽ لوڏ ڏسي کنئري جو عقل چرخ ٿي ويو ۽ خيال ڪرڻ لڳو ته هي سهڻيون ڇوڪريون لاشڪ آڀل جون سهيليون آهن يا ٻانهيون. ٿي سگهي ٿو ته هنن ۾ آڀل به هجي. سو انهن کي چيائين ته:

گهاٽي گهاٽي جـَـل ڀـَـريو، آهيو به هڪي نهار،

ڪهڙي آڀل ڪي ٻانهي، ڪهڙي لعل ڪنوار؟

Text Box: 152

 

او ڀئي! ڪهڙي لعل ڪنوار؟

 

(اي ڇوڪريون! اوهين وڏي چاهه ۽ چوڄ مان پاڻي پيون ڀريو، ۽ آهيو به هڪجهڙيون سهڻيون، مون کي شڪ ٿو پوي ته اوهين آڀل جو ٻانهيون آهيو. تنهن ڪري ٻڌايو ته اوهان ۾ ڪهڙي سانئڻ آهي ۽ ڪهڙيون ٻانهيون؟)

اُهي ڇوڪريون هيون به آڀل جون ٻانهيون، سي اچي راجا تي ڪاوڙيون، چي: هي وري ڪير آهي جو آڀل جو نالو ٿو وٺي. ڪا چئي ته: هن کي ڪاٺ ۾ وجهايو. ته ڪا وري چوڻ لڳي ته: هن کي گهاڻي ۾ پيڙايو. پر انهن ما ڪا رحمدل به هئي، تنهن ٻين کي چيو ته: اديون! هي ويچارو ڪو آڀل جو عاشق ٿو ڏسجي، تنهن کي پورو ڏس ڏجي ته چڱو. پر ٻيون ٻانهيون چون ته: اسان کي پاڻ مارائڻو ڪونهي، باقي تون ڏس ڏينس ته ڀلي. اُتي اُن ٻانهيءَ به ڏس ڏيڻ کان نٽائي، کنئري کي چيو ته:

گـهـاٽي گـهـاٽـي جـَــل ڀـريـون، آهـيـون بـه هـڪ نـهـارَ،

اسين سڀ آڀل ڪيون ٻالڪيون، محلين لعل ڪنوار،

او ڀئي! محلين لعل ڪنوار.

(اي مسافر! تون سچ ٿو چئين، اسين سڀ آڀل جون نوڪرياڻيون آهيون، پر اُها ڳاڙهي ڪنوار، جنهن جي تون پڇا ٿو ڪرين، سا پنهنجي محل ۾ اٿئي.)

ائين چئي ٻانهيون دلا کڻي هليون ويون، اتي به راجا کي پورو ڏس ڪونه مليو، سو وري هڪ پاسي اُٿي هليو. اڃا ٿورو پنڌ ڪيائين ته هڪڙو رونقدار باغ نظر آيس. ساهي پٽڻ لاءِ باغ ۾ گهڙي ويو ۽ هڪ کوهه جي پڳهه تي ويهي رهيو. خيال ڪيائين ته هتي ڪنهن ماڻهو کان ڏس نٿو ملي، من کوهه کان پتو پئي، سو کوهه کي چوڻ لڳو ته:

کـُـوئا! تون سٻاجهيو، سٻاجهي توتي باٽ،

آڀـل گــهــڙا ڀـَـرنـــدِي، ڏي اگــهـــا ڳـــــــاٽ.

Text Box: 153

 

(اي کوهه! تون سٻاجهڙو ٿو ڏسجين، ۽ توتي پيل واڍ به ڏاڍي نفيس ۽ سهڻي ٿي ڏسجي، ڀانئجي ٿو ته آڀل تو مان پاڻي ڀريندي آهي، جي ائين آهي ته پوءِ ڀلائي ڪري مون کي سندس ڏس ڏي.)

 

اتفاق سان اهو کوهه ۽ باغ به ڪو آڀل جو هو، سو کوهه اهو ٻڌي ڊڄي ويو، خيال ڪيائين ته جي سچي ڳالهه ٻڌائيندس ۽ آڀل کي خبر پئجي وئي ته منهنجي سـِـر سـِـر ڪري پٿرائي ڇڏيندي. تنهن ڪري ماڳهين جواب ڏنائين ته:

هـُـون ڪي سٻاجهيون، سٻاجهيو ته چمن، سٻاجهي جنهن تي باٽ،

آڀـــــــــل گــــــهـــــــــــــڙا قـَـَــــــرنـــــــــــدي، ڏي اگــــهــــــــا ڳــــــــاٽ.

(آءٌ ڪهڙو سٻاجهو آهيان، سٻاجهو ته باغيچو آهي، جنهن ۾ سهڻي واٽ ٺهيل آهي. آڀل گهڙا ڀرڻ لاءِ انهيءَ تان هلندي آهي، تنهن ڪري ان کان وڃي پڇ.)

کنئري، کوهه جو اهو جواب ٻڌي دل ۾ چيو ته، هتان به خبر ڪانه پئي. هاڻي ڀلا باغ کان پڇان ته من اهو ڪا خبر ٻڌائي. سو سڌو باغ وٽ آيو ۽ چيائين ته:

چمن! تون سٻاجهيو، سٻاجهي توتي باٽ،

آڀــل گــهــڙا ڀـَــرنــدي، ڏي اگــهــا ڳــــاٽ.

(اي باغ! تون سٻاجهو ۽ سٻاجهي تنهنجي واٽڙي، جنهن تان آڀل گهڙو کڻي ناز سان هلندي آهي. تنهن ڪري هاڻي مون کي سندس ڏس ڏي.)

چمن کي اچي پنهنجي خوف ورايو ته جيڪڏهن آڀل کي خبر پئي ته مون کي اُجاڙ ڪرائي ڇڏيندي، تنهن ڪري ڇو نه آءٌ به نٽائي ڇڏيان. اهو خيال ڪري کنئري کي ٻڌايائين ته:

ڀـَـئي! هـُـون ڪي سٻاجهيو، سٻاجهيو ته گهـَـڙو،

هـٿ چـمي، لهريون ڏي، سر تي جنهـن ري باٽ.

Text Box: 154

 

(يار! آءٌ وري ڪهڙو چڱو آهيان، چڱو ته گهڙو آهي، جيڪو سندس هٿ ۾ لوڏا کائي ۽ سندس هٿن کي چمي.)

 

آخر اتان به نااميد ٿي، راجا گهوڙو هڪلي سڌو شهر ۾ آيو. هڪ هڪ گهٽيءَ جو چڪر هڻڻ لڳو ته من ڪٿان ڪو آڀل جو پتو پئي. نيٺ هلندي هلندي هڪ گهٽيءَ ۾ هن کي عاليشان محلات ڏسڻ ۾ آيو. کنئرو اُتي بيهي رهيو ۽ دل ۾ چوڻ لڳو ته، ههڙو سهڻو محلات ضرور ڪنهن وڏي ماڻهو جو هوندو، يا ٿي سگهي ٿو ته آڀل جو هجي! ائين ويچاري محلات جي هڪڙي دري، جا رستي واري پاسي کليل هئي، انهيءَ جي سامهون ماٺ ڪري بيهي رهيو ۽ خدا کان سوال ڪرڻ لڳو ته، محبوب جو ديدار ڪراءِ، جنهن جي سـِـڪ هت آندو اٿم.

Text Box: 155

 

قدرت جي خدا جي اهڙي ٿي جو ٿوريءَ دير کان پوءِ ڏکڻ کان مينهن ڀرجي آيو، ۽ ويرم ئي ڪانه گذري ته مينهن به وسڻ شروع ڪيو. اهڙو سخت مينهن پيو جو ٿوريءَ دير ۾ کنئري جي رڪيبن تائين پاڻي اچي ويو ۽ جتي کنئرو بيٺل هو، اُن جي بلڪل مٿان ڇـِـت ۾ ڪو نارو هو، جنهن جو پاڻي هن جي مٿان پئي ڪريو. هڪڙو سخت مينهن، ٻيو مٿان پاڻيءَ جو ڪـِـرڻ، اتي کنئرو منجهي پيو. ڇو ته جيڪڏهن دريءَ کان ٿو هٽي ته دل جي مراد نٿي پوري ٿئيس. نيٺ هڪڙي اٽڪل سجهي آيس، سو ڇا ڪيائين جو پنهنجي ڍال پٺيءَ تان ڇوڙي کڻي مٿي تي رکيائين. ناري جي پاڻيءَ جو ڍال تي زور سان ڪرڻ ڪري اهڙو ته آواز ٿيو جو ڄڻ ته آسمان ٿي ڦاٽو. اُهو محلات واقعي آڀل جو هو. تنهن جو هيڏو آواز ٻڌو، سو هڪدم هراسجي ويئي ۽ ٻانهيءَ کي سڏ ڪري چيائين ته: ڏس ته هيءُ آواز ڇا جو آهي؟ ٻانهيءَ دريءَ مان جو ٻاهر ليو پاتو ته سندس نظر وڃي کنئري راجا تي پئي. ٻانهي ان جي سونهن جي جهلڪ ڏسي هڪ دانهن ڪري ڪري پئي. دانهن تي آڀل شهزادي به ڊوڙندي آئي. اچي ڏٺائين ته ٻانهي بيهوش ٿي پئي آهي. دل ۾ خيال ڪيائين ته شايد ڪڪرن جي گجگوڙ جي آواز کان بيهوش ٿي ويئي آهي، سو گلاب جو پاڻي کڻي اچي ٻانهيءَ جي منهن تي ڇٽڪاريائين. ڪجهه مهل کان پوءِ ٻانهي سجاڳ ٿي، شهزاديءَ پڇيس ته: ٻڌاءِ خبر، بيهوش ڇو ٿي وئين؟ تڏهن ٻانهيءَ جواب ڏنو ته:

 

دري ڪنارو ڏور ڪري، جاري منجهان ته جوءِ.

آڀل شهزاديءَ جيئن اٿي دريءَ مان نهاريو ته سندس نظر وڃي کنئري راجا تي پيئي. راجا جي نظر ته اڳيئي دريءَ ۾ کتل هئي، تنهن شهزاديءَ کي ڏٺو. ڏسڻ شرط ٻئي ڄڻا هڪ ٻئي تي عاشق ٿي پيا. اتي کنئرو به ڏاڍو سرهو ٿيو. آڀل ههڙو سهڻو جوان ڏسي دل ۾ خيال ڪيو ته هي ضرور ڪو راجائي ٻار ٿو ڏسجي. پر وري به پڪ ڪرڻ لاءِ کائنس پڇيائين ته:

ڪـِـين راجا ڪو ٻيٽو، ڪـِـي هئي تارو نانءُ؟

(ڪهڙي راجا جو پٽ آهين ۽ تنهنجو نالو ڇا آهي؟) کنئري وراڻي ڏنيس ته:

’پرتمسنگ‘ رو ڏيڪرو، گر چوٽيلو گانءُ،

آڀـل ڏيــکــڻ آئـيـو، کـنـئرو هـون رو نانءُ.

او ڀئي! کنئرو هون رو نانءُ.

(آءٌ پرتمسنگ جو پٽ آهيان ۽ گر چوٽيلو منهنجو ڳوٺ آهي. هتي آڀل کي ڏسڻ آيو آهيان ۽ کنئرو منهنجو نالو آهي.)

اهو ٻڌي آڀل ڏاڍي خوش ٿي، ڇاڪاڻ جو هن خود کنئري جي سونهن ۽ بهادريءَ جي هاڪ ٻڌي هئي ۽ ڪيترن ڏينهن کان هن جي ڏسڻ جو شوق هئس، پر کنئري ته خود اچي ڳولي لڌو هئس. تنهن ڪري چيائينس ته:

ڀـلـيـن ڀـلـيـن آئـيـن، هـون قـّه نـهـاري تـاري ٻــاٽ،

ڪنواري ڪرشون ڳالهڙيون، پرڻي ڪرشون ٺاٺ.

ڀئي! پرڻي ڪرشون ٺاٺ.

Text Box: 156

 

(اي کنئرا! ڀلي ڀلي آئين، جو مون به تنهنجي واٽ ويٺي نهاري، ڪنواري هوندي ته رڳو ڳالهيون ڪنداسين ۽ شاديءَ کان پو ڏاڍا عيش ڪنداسين).

 

پوءِ اڌ رات تائين اتان بيٺي بيٺي هڪٻئي سان رهاڻ ڪيائون. کنئري به دل ۾ پڪو ارادو ڪيو ته ڪنهن به حيلي، آڀل سان شادي ضرور ڪندس، سو ساڻس اهڙو واعدو ڪري، واپس پنهنجي ملڪ تي موٽي آيو.

پنهنجي ملڪ موٽي اچڻ کان پوءِ کنئرو راجائي ڪمن ڪارين ۾ لڳي ويو، هن کي آڀل جي يادگيري دل تان لهي ويئي. هوڏانهن آڀل ويچاريءَ جو ته سمهڻ ئي وهه ٿي ويو. ڏينهن رات کنئري جي تات لڳي پئي هئس. هوءَ هر وقت محلات جي دريءَ مان ويٺي کنئري جي واٽ نهاريـندي هئي، پر هو نه اچڻو هـو سـو نه آيو. نـيٺ هـڪـڙي ڏينهن دل ۾ خيال ڪيائين ته کنئرو ته بيوفا ٿي ويو. پر آءٌ ته بيوفا ڪانه ٿينديس، هاڻي مون کي پاڻ کنئري جي پٺيان وڃڻ گهرجي. اهو خيال ڪيائين ته سهي، پر وري پيءُ جي ڊپ ۽ ماڻهن جي خواريءَ کان لاچار ٿي ماٺ ڪري ويهي رهي.

Text Box: 157

 

اهي پور پچائيندي آڀل وڃي کٽ داخل ٿي. گهڻئي ويڄ طبيب آيا پر ڪابه سـُـتي ڦڪي هن تي اثر نه پيئي ڪري. سندس هڪ جيڏين، سهيلين ڪيترو ئي کانئس پڇيو ته: ڪهڙي بيماري اٿئي جنهن کان ڳرندي نجهرندي وڃين؟ پر هيءَ پنهنجي اندر جو حال ڪنهن سان ئي ڪانه پئي اوري، چي: مون کي ته ڪجهه به ڪونه ٿيو آهي. نيٺ سندس حالت ڏينهون ڏينهن خراب ڏسي ’جوري‘ نالي سندس هڪڙي دل گهري سـَـرتي، جا تمام چالاڪ ۽ هوشيار هئي، تنهن آڀل کان سر جو قسم ڏئي سڄي حقيقت پڇي، جنهن تي هن سچي ڳالهه ڪري ٻڌايس. جوري، ڳالهه ٻڌي پهرين ته ٽٻيءَ ۾ پئجي ويئي، پر آخر ڪجهه دير کان پوءِ هڪڙي اٽڪل سجهي آيس، سو آڀل کي چيائين ته: پيءُ کي وڃي چئو ته فلاڻي شهر ۾ هڪڙو پهتل بزرگ آهي، جنهن ڪيترن مريضن کي مرض کان ڇٽايو آهي، مون کي به موڪل ڏيو ته وڃي ان کان علاج ڪرايان. آڀل کي به جوري جي اها صلاح وڻي. سو رات جو پيءَ کان مسافريءَ جي موڪل گهريائين. پهرين ته بادشاهه انڪار ڪيو، پر جڏهن ڏٺائين ته هوءَ ضد تان نٿي لهي، تڏهن لاچار موڪل ڏنائينس. بس پوءِ ته يڪدم سفر جون تياريون شروع ٿي ويون ۽ ٻئي ڏينهن هڪڙو قافلو تيار ڪرائي، آڀل پنهنجي سهيلي سميت، کنئري جي ڳولا ۾ نڪتي، جنهن وقت قافلو روانو ٿيو، تنهن وقت سندس ڀاڄاين - جي پاڻ ۾ صلاح ڪيو ويٺيون هيون - تن چيو ته متان آڀل سمجهي ته سندس عشق جي ڪنهن کي سڌ ڪانهي، تنهن ڪري هاڻي پڇاڙيءَ ۾ ڇو نه ٻڌائي ڇڏيونس. سو جنهن وقت آڀل سندن ڀرسان اچي لنگهي، تنهن وقت هڪڙي ڀاڄائي ٻيءَ کي چيو ته:

 

ڪنول سنگ ري ڏيڪري، لڳي کنئري بالوچاڻي ساٿ،

او ڀئي! لڳي کنئري بالوچاڻي ساٿ.

(ڪنول سنگ جي ڌيءَ جي پريت وڃي کنئري بالوچاڻي سان ٿي آهي.)

آڀل، ڀاڄاين کي جواب ڏنو ته:

ڀاڀي! هون لنگهڻ گهڻا ڪڍيا، لنگهڻ ڪڍيو نه جائي،

مــکــــــــڻ مـــــــاکـــي ڇـــوڙڪــــــــي، پــهـــــــڻ ڪـيـــر کـائـــــي؟

اوڀــــــــــــــئــــــي! لنــــــــگــــهــــــــڻ ڪــــــــــــڍيــــو نــــــه جــــــــــــــــائــــي.

(ڀاڄائي، مون عشق ۾ گهڻئي بکون ڪاٽيون. هاڻي کنئري جو عشق ويهڻ نٿو ڏئيم، نه ته هتي جا سـُـک ۽ مکڻ ماکيون ڇڏي ڪير وڃي جبل جا پنڌ ڪاٽي.)

خير، سڀني کان موڪلائي توڪلائي آڀل رواني ٿي. پڇا ڳاڇا ڪندي اچي کنئري جي شهر وٽ پهتي. شهر جي ٻاهران هڪڙو عاليشان باغ ڏسي، سڄي ساٿ کي اتي ترسايائين ۽ پوءِ پنهنجي سهيلي جوري کي ساڻ ڪري باغ ڏسڻ ويئي. باغ ۾ مالهي ويٺل هو، جنهن ٻڌاين ته: هيءُ باغ خاص راجا کنئري جو آهي. آڀل هئي تمام چالاڪ، تنهن جو اهو ٻڌو سو پنهنجي ماڻهن کي حڪم ڏنائين ته: هن مالهيءَ کي ٻڌي ڏاڍي مار ڪڍي ڇڏي ڏيوس، ۽ پوءِ باغ ۾ منزل ڪري جيڪي به ميويدار وڻ آهن، سي ڪپي پنهنجي اُٺن کي کارايو. حڪم ملڻ شرط قافلي جي ماڻهن مالهيءَ کي کڻي ٻڌو ۽ ڏاڍي مار ڪڍيائونس. پوءِ سڀ ميويدار وڻ ڪپي اُٺن کي کارائي ڇڏيائون. مالهي ويچارو روئندو پٽيندو سڌو راجا جي درٻار ڏي ويو ۽ وڃي کيس دانهن ڏنائين ته: اي راجا! اهڙو ڪو جبرو غنيم چڙهيو آيو آهي، جنهن تنهنجو باغ ناس ڪري ڇڏيو آهي ۽ مون کي به ڏاڍي مار ڪڍي اٿن. کنئري جو اها خبر ٻڌي، سو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ چيائين ته: اجهو ٿو سندس بندوبست ڪريان. ائين چئي پنهنجن ماڻهن کي تيار ٿيڻ جو حڪم ڏئي پاڻ زرهه پائڻ لاءِ محلات ڏانهن روانو ٿيو.

Text Box: 159

 

Text Box: 158

 

هن کي اهڙي تڪڙ ۽ جوش ۾ ڏسي راڻيءَ پڇيس ته: راجا! خير ته آهي جو اڄ اهڙي سنبت پيو ڪرين؟ تڏهن کنئري کيس مالهيءَ واري سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي. راڻيءَ اهو سڀڪجهه ٻڌي کيس چيو ته: راجا! سياڻن چيو آهي ته تڪڙ ڪم شيطان جو. پهرين پڪ ڪر ته اهو ڪير آهي، دشمن آهي ڪي دوست، فيصلو پوءِ ٿيندو. کنئري کي به اها ڳالهه دل سان لڳي، سو سڌ سماءُ وٺڻ لاءِ سپاهي ڊوڙايائين. جنهن اچي خبر ڏني ته: سائين! برابر هڪڙي شهزادي آهي، جا چئي ٿي ته اسين سير تي نڪتا آهيون، اسان کي خبر ڪانه هئي ته ڪو هي باغ راجا جو آهي. اسان جي ملڪ ۾ اهڙا جهنگ آهن. جي وڍي اُٺن کي کارائيندا آهيون. کنئرو اهو ٻڌي عجب ۾ پئجي ويو، تنهن تي راڻيءَ چيس ته: آءٌ ٿي ڏسي اچان ته اها ڪير آهي. اتي کنئري چيس ته مون کي به پاڻ سان وٺي هل ته اها شهزادي ڏسان. راڻيءَ چيس ته: ائين ڪين ٿي سگهندو، باقي جيڪڏهن تون زنانا ڪپڙا پائي هلين ته شايد تنهنجي من جي مراد پوري ٿئي. راجا ته انهيءَ ڇوڪريءَ جي همت تي پرپـُـٺ ئي عاشق ٿي پيو هو، تنهن ڪري هن ڪنهن به طرح سان اُن کي ڏسڻ ٿي گهريو، سو پنهنجيءَ ڀيڻ کان ڪپڙن جو هڪ وڳو وٺي آيو. زال کان انهيءَ ڪري ڪپڙا نٿي ورتائين ته متان ڪڏهن مهڻو نه ڏي.

 

قصو ڪوتاهه راجا ۽ راڻي ٻئي ڄڻا سنڀري باغ ڏانهن روانا ٿيا. اُتي پهچي ڏسن ته هڪڙو ڏٽو مـَـٽو ٻانهو طنبوءَ جي دروازي تي ستو پيو آهي. راڻي ته ٻانهي جي پيٽ تي لت رکي اندر گهڙي وئي، پر جڏهن راجا وڃڻ جي ڪئي ته ٻانهي هڪدم کڻي ٽنگ مان جهليس ۽ چيائينس ته: تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ راجا کي اچي سر سان لڳي ته اجها ٿي خواري ٿئي. سو يڪدم هٿ مان پنهنجو سونو وينڊو لاهي کڻي ٻانهيءَ کي ڏنائين. ٻانهيءَ کي جو لب مليو، تنهن يڪدم ٽنگ مان کڻي هٿ ڪڍيس ۽ هو به اندر گهڙي ويو. اندر طنبوءَ ۾ وڃي ڏسي ته، مار! آڀل ويٺي آهي. اِتي کنئري کي پنهنجيءَ ويسر تي ڏاڍو ڏک ٿيو. آخر هيءُ به ڪنڊ وٺي ويهي رهيو. کيس سڃاتو ڪنهن به ڪونه، جو زنانو ويس پهريل هئس. ٿوري دير رهڻ ڪرڻ کان پوءِ راڻي ڪامل کنئري سان گڏجي محلات ۾ موٽي آئي. راجا محلات ۾ آيو ته سهي پر آرام ڪٿي؟ آخر خدا خدا ڪري سج لٿو. ڀيڻ جا اهي ئي زنانا ڪپڙا پائي اچي آڀل جي طنبوءَ ۾ ٺڪاءُ ڪيائين ۽ کيس پنهنجا اهڃاڻ ڏنائين. اتي آڀل به کيس سڃاتو، بس پوءِ ته ٻئي وڇڙيل پاڻ ۾ ملي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ هڪٻئي ۾ ڳجهيون ڳالهيون ڪرڻ لڳا. تان جو اڌ رات اچي ٿي. انهيءَ مهل کنئري محلات ۾ وڃڻ جو ارادو لاهي اها رات اتي ئي ترسي پيو. جڏهن پلنگ تي ستا، تڏهن ڇا ڪيائين جو آڀل ۽ پنهنجي وچ ۾ ترار اگهاڙي ڪري رکي ڇڏيائين، ۽ چيائينس ته: مون ڪڏهن به ڪنهن عورت جو سواءِ حق جي انگ نه ڏٺو آهي.

صبح جو راجا آڀل کان موڪلائي پنهنجي محلات ۾ آيو ۽ ڪپڙا ڀيڻ کي واپس ڏنائين، جنهن ٿوري دير کان پوءِ اُهوئي وڳو کڻي پاتو. مـڄاڻ انهيءَ ڏينهن ڀيڻس جو مڙس به ڪو شڪار تان موٽيو هو سو محل ۾ پهچڻ سان وهنجي سهنجي ڪپڙا بدلائي جڏهن زال جي ڀر ۾ اچي ويٺو، تڏهن کيس زال جي ڪپڙن مان ڪنهن مرد جي پگهر جي بوءِ آئي، سو اچي شڪ جا ڳيس ته لاشڪ هيءَ ڪنهن ٻئي ماڻهو سان ڦٽل آهي. تڏهن زال کان پڇيائين ته: ڪر خبر، اڄ تنهنجي ڪپڙن مان غير مرد جي بوءِ پئي اچي؟ زال جواب ڏنس ته: سائين! محلات ۾ نر چڙي کي به حڪم نه آهي سو هتي اوهان کان سواءِ ٻيو ڪير ٿو اچي سگهي؟ پر مڙس کي انهيءَ ڳالهه تي اعتبار ڪونه آيو ۽ چيائين ته: ضرور ڪير آيو آهي. محلات ۾ ڪو آيو هجي ته زال به کڻي ٻڌائي. نيٺ قسم کڻي چيائين ته: ڪير به ڪونه آيو آهي. جڏهن مڙسس ڏٺو ته هيءَ سچي نٿي ڪري، تڏهن يڪدم کيس ٻڌي اگهاڙو ڪري پٽ تي سمهاري، سندس هٿن تي کٽ جا پاوا رکي، اُن تي چڙهي سمهي رهيو. محلات ۾ هڪڙو پيرسن فقير روز خيرات وٺڻ ايندو هو، سو به اُنهي مهل اچي اُتي سهڙيو، کنئري جي ڀيڻ جي اها حالت ڏسي کيس ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ يڪدم کنئري سان اچي حقيقت ڪيائين. اهو ٻڌي کنئرو ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويو، يڪدم ترار ڪڍي بيهي رهيو، چي:

Text Box: 160

 

فـقـيـر! تـم هـٽ جـائـو مـنـا، اچـي ٿـي ريـــس،

 

ڪڍي کنو چهڙپيس، سر ڌڙ کان ڌار ڪريس.

(فقير! تون پري ٿي وڃ. آءٌ هينئر ئي تلوار کڻي سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيندس.)

Text Box: 161

 

ائين چئي نه ڪيائين هم نه تم، تلوار ڪڍي سڌو اچي ڀيڻ جي محلات ۾ پهتو. پنهنجي اکين سان ڀيڻ جي اهڙي حالت ڏسي، هن کي اهڙو ته جوش آيو جو ڪڍنديئي تلوار، هڪڙي ڌڪ سان هڻي مڙسس جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيائين. پوءِ اکيون پوري ڀيڻ جي هٿن تان کٽ پري ڪري، کيس پنهنجي چادر اڇلائي ڏنائين. جنهن اها مٿان ڪئي. جڏهن ڀيڻ کي خبر پيئي ته کنئري سندس مڙس کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، تڏهن اچي ڀاءُ تي ڪاوڙي. چي: منهنجي مڙس تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو، جو تو ان کي ماري مون کي رنڙ ڪري ڇڏيو؟ هاڻي تون منهنجو وڏو دشمن آهين. کنئري جو پنهنجي ڀيڻ جا اهي لفظ ٻڌا، سو ڏاڍو ڏک ٿيس ۽ ماٺڙي ڪري محلات ڏانهن رخ رکيائين.

 

هيڏانهن وري ڀيڻس پنهنجي سهري کي، مڙس جي رت مان خط لکي موڪليو ته، کنئري تنهنجي پٽ کي قتل ڪري، مون کي رنڙ ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي جي توهين پلاند نه وٺندا ته آءٌ پاڻ پنهنجو سر وڍي ڇڏينديس. سندس سهري خط ڏسڻ شرط ڪاوڙجي کڻي جنگ جو اعلان ڪيو ۽ کنئري ڏانهن قاصد موڪليائين ته: تيار رهج، اٺين ڏينهن توسان لڙائي آهي. کنئري کي جڏهن لڙائي جو اطلاع مليو، تڏهن هن کي به ڏاڍو ڏک ٿيو، پر هاڻي ڇا ٿي ڪري سگهيو. نيٺ ڇا ڪيائين ته ڏوهه به مون ڪيو آهي سو منهن به آءٌ ڏيان، رعيت کي ڇو هروڀرو مصيبت ۾ وجهان. اهو فيصلو ڪري پاڻ پنهنجي سر لڙائي جي تياري ڪرڻ لڳو.

نيٺ اَٺ ڏينهن پورا ٿيا. سانجهيءَ جو دشمن جو لشڪر به اچي کنئري جي ملڪ جي ٻاهران لٿو. کنئرو به تلوار ٻڌي تيار ٿي پنهنجي سامونڊي گهوڙي تي سوار ٿي، سڌو دشمن جي لشڪر ۾ آيو ۽ انهن کي چيائين ته: اوهان کي مون سان جنگ ڪرڻي آهي، ۽ نه منهنجي رعيت سان، تنهن ڪري آءٌ آيو آهيان، هاڻي مون سان جنگ ڪريو. انهيءَ ٻڌڻ سان جنگ جو طبل وڄي ويو، گهڙيءَ کن ۾ سڄو لشڪر جنگ لاءِ صفون ٻڌي تيار ٿي ويو. کنئرو به دشمن جي لشڪر ۾ ڪاهي پيو ۽ جيڏانهن ٿي رخ رکيائين، تيڏانهن صفن جون صفون ٿي چٽ ڪيائين، ٿوري ئي وقت ۾ پنهنجي بهادريءَ سان دشمن جي لشڪر جا حواس خطا ڪري ڇڏيائين اها حالت ڏسي دشمن جي لشڪر ۾ اچي هراس پيو، سو وٺي پوئين پيرين ڀڳا ۽ ٿوريءَ دير ۾ ميدان خالي ٿي ويو. اهو ڏسي کنئرو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پڙ چونڊڻ لاءِ گهوڙي تان لهي پيو. ايتري ۾ ڏٺائين ته هڪڙو مڪنو هاٿي بيٺو آهي. خيال ڪيائين ته انهي کي به پورو ڪري، اڳو پوءِ پڙ چونڊيان. سو تلوار ڪڍي هاٿي ڏانهن وڌيو، ۽ جهڙو ئي مٿس وار ٿي ڪيائين، تهڙو هاٿي يڪدم سونڊ سندس ڳچيءَ ۾ کڻي وڌي ۽ اتي ئي گهٽو ڏيئي ماري ڇڏيائينس.

Text Box: 162

 

جڏهن ڪامل ۽ آڀل کي انهيءَ ڳالهه جي خبر پئي تڏهن ٻئي ڄڻيون منهن مٿو پٽينديون آيون. ڪامل روئي، آڀل کي چيو ته منهنجي مڙس کنئري کي توئي مارايو آهي، نه تون اچين ها ۽ نه ڪا جنگ ٿئي ها! پنهنجي ساهيڙي واتان اهڙا لفظ ٻڌي آڀل کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ روئندي روئندي چيائين ته: جيڪڏهن تنهنجو اهو خيال آهي ته آءٌ به پاڻ کي کنئري سان گڏ ماريان ٿي. ائين چئي يڪدم پنهنجي ماڻهن کي حڪم ڏنائين ته: آءٌ کنئري سان ستي ٿي ٿيان، تنهن ڪري مچ ٻاريو. ٿوريءَ دير ۾ سمورو بندوبست ٿي ويو. آڀل به سهي سنڀري ڪنوار ٿي اچي اتي پهتي. ستي ٿيڻ کان اڳ ڌڻي پاڪ کان دعا گهريائين ته: اي ٻاجهارا مالڪ! مون تي ٻاجهه ڪر ۽ کنئري کي نئين حياتي ڏي! قدرت خدا جي، آڀل جي اها دعا قبول پئي ۽ ٿوري دير ۾ کنئري کي ساهه پيو، اهو ڏسي سڀ ڏاڍا خوش ٿيا. پوءِ ته چؤطرف ڏاڍيون خوشيون ٿي ويون. راڻي ڪامل جي دل مان به اُها ڳالهه نڪري وئي. ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ آڀل، ڪامل راڻي کان موڪل وٺي کنئري سان شادي ڪئي، ۽ پوءِ سڄي عمر ٻئي ساهيڙيون پنهنجي گهوٽ سان، تمام پيار ۽ قرب سان گذارڻ لڳيون.

 

_____


 

* هن ڳالهه جي روايت خليفي صابر درس ويٺل’ابن جو تـڙ‘ (تعلقي مٺي) کان ملي.

* هيءَ ڳالهه اتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان محمد عالم ”شور“ خانپوري کان ملي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org