سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: ڳاهن سان ڳالهيون

ڪهاڻي؛ 25 26

صفحو ؛ 11

25-ڀريو گاروڙي*

 

ڳالهه ٿا ڪن ته جيسلمير جي ڀاٽين جي پنجين پيڙهي تي ’ڀاڻ‘ نالي هڪڙو راجا راڄ ڪندو هو. ڀاڻ جو ڀڀڪو هنڌين ماڳين مشهور هو. کيس ’سٻرو‘ ۽ ’مورو‘ نالي ٻه پٽ هئا. قدرت سان سٻرو ننڍي هوندي ئي گذاري ويو، تنهن ڪري ڀاڻ جي مرڻ کان پوءِ ملڪ جو والي مورو ٿيو. سندس راڄ مان امير وزير غريب غربو، سڀ خوش هئا، جو هو تمام نيڪ ۽ عادل راجا هو. وٽائنس عدل ۽ انصاف هر ڪنهن کي پلئي پوندو هو. رعايا ته گهڻوئي خوش هئي، پر ويچارو مورو سدائين ملول ۽ اداس رهندو هو، جو کيس ڪو اولاد ڪونه هو. ڪيترائي ساڌو سنت پوڄيائين، خير خيراتون ڪيائين، پر ڌڻي کي کيس اولاد ڏيڻ منظور نه هو، سو سدائين انهيءَ ڳـڻتيءَ ۾ پيو ڳرندو هو، ته مون کان پوءِ تخت ۽ تاج جو الائي ڪير مالڪ ٿيندو!

هڪڙي ڏينهن خبر پيس ته هڪڙو سامي فقير شهر جي ٻاهران دونهين دکايو ويٺو آهي، ۽ هر ڪنهن جون مرادون پوريون پيو ڪري. مورو به اولاد جو اڃايو، دل ۾ مراد رکي راجائن وارو ٺٺ ٺانگر ڇڏي سڌو فقير وٽ آيو، ۽ ساميءَ جي پيرن تي هٿ رکي کيس پنهنجي دل جي مراد ٻڌائي. سامي پهرين ته سندس ڳالهه ٻڌي ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو، پر پوءِ دونهين مان ڇار جي چپٽي ڀري هن کي ڏيئي ڇڏيائين ته: تنهنجي مراد پوري ٿيندي، توکي پٽ ڄمندو پر وڏي هوندي گاروڙي (فقير) ٿيندو.

Text Box: 164

 

سـامـي ڏني چـپٽـي، ڀـڀوت مـان ڀري،

 

پـُـٽ ايندو مورو! پڻ گاروڙي گهـَـري.

(سامي، راجا کي ڇار مان چپٽي ڀري ڏيئي چيو ته: اي موروا! توکي پٽ ڄمندو جو گاروڙي ٿيندو.)

راجا جو اولاد جو سڪايل هو، تنهن چيس ته: سائين! جي موري کي موالي پٽ ٿيو ته به چڱو، وانجهئي جو ٽڪو ته لهي ويندو. تڏهن فقير دونهينءَ مان ڇار جي ٻي چپٽي به ڀري ڏنس ۽ چيائينس ته: راجا! توکي ٻيو پٽ به ٿيندو، اهوئي تنهنجي مرڻ پڄاڻا حڪومت جو وارث ٿيندو. راجا ڇار وٺي ساميءَ کي نمسڪار ڪري موٽي آيو ۽ اها رک پاڻيءَ ۾ ملائي، راڻيءَ کي پياري ڇڏيائين.

ساميءَ جو چيو پورو ٿيو، ۽ نون مهينن پڄاڻا موري کي ٻه پٽ ڄاوا. پٽن جي ڄمڻ جو ٻڌي مورو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ دل کولي خيرات ڪيائين.

پـاٽـوي ڪـَـنور ’ڀـريـو‘، ’ڪـيـهر‘  ٿيو ٻيو،

هي جيسلمير جو راڄيو، هـُـو گاروڙي ٿيو.

(ساميءَ جي دعا سان، موري کي ٻه راجڪمار ڄاوا، هڪڙي جو نالو ڀريو ۽ ٻئي جو ڪيهر رکيائين. هڪڙو وڃي فقير ٿيو ۽ ٻيو جيسلمير جو راجا بنيو.)

سامي جي چوڻ موجب ڀريو ننڍي هوندي کان ئي دنيا جي ڳالهين کان پري رهيو. سڄو ڏينهن پاڻ ۾ به ويٺو مرليون وڄائيندو هو ۽ پنهنجن سنگتين کي به مرليون وڄائڻ سيکاريندو هو. اهڙيءَ طرح پنڌرهن سال گذري ويا. انهيءَ عرصي ۾ ڀريي پنهنجي سنگتين کي، جي اڍائي سؤ کن هئا ۽ هر وقت ڀريي سان گڏ گذاريندا هئا، تن کي مرلين وڄائڻ ۾ هوشيار ڪري ڇڏيائين.

Text Box: 165

 

موري پٽ جي اها حالت ڏسي کيس گهڻوئي سمجهايو ته: پٽ! تون هاڻ وڏو ٿيو آهين، سڀاڻي راڄ هلائيندين، تنهن ڪري فقيراڻيون ڳالهيون ڇڏي ڏي. پر ڀريي تي انهن سمجهاڻين جو ڪو به اثر ڪونه ٿيو. نيٺ هڪڙي ڏينهن پڻس ڪاوڙجي چيس ته: توکي ستن ڏينهن جي مهلت ٿو ڏيان، انهيءَ وچ ۾ تون انهن سڀني ڳالهين کي ڇڏي ڏي، نه ته توکي جوڳي سزا ڏني ويندي. پر ڀريو ساڳئي حال کي ڪٿي ٿو ڇڏي سگهي. نيٺ موري کي به جا آئي ڪاوڙ سو حڪم ڪيائين ته سج اڀرئي کان اڳ ڀريو ۽ سندس سنگتي ملڪ ڇڏي هليا وڃن. ڀريو به ڪو آتو ويٺو هو، سو پيءُ جو حڪم ٻڌي پنهنجو ساٿ سنڀرائي، سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. ڪن ڏينهن جي پنڌ کان پوءِ سنڌ جي اڀرندين سرحد وٽ ’پڇمائي ڏونگر‘ تي اچي ديرو دمايائون. سفر به گهڻو ڪيو هئائون، سو فيصلو ڪيائون ته ڪجهه ڏينهن اتي آرام ڪري، پوءِ ڪنهن ٻئي پاسي هلبو.

 

هڪڙي ڏينهن ڀريو پنهنجن پورن ۾ هڪڙي پٿر کي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو ته اوچتو سندس ڪن تي ڪو آواز پيو. ٿوري خيال ڏيڻ تي خبر پيس ته ڪو گرو پنهنجن چيلن کي ويٺو پڙهائي. ڀريو به خيال ڏيئي گروءَ جي ڳالهه سمجهڻ لڳو. تان جو پورو هفتو کيس ائين گذري ويو. اٺين ڏينهن گرو پنهنجن چيلن کي سبق پڙهائي دنگ ڪيو ۽ کانئن سوال پڇڻ لڳو، پر چيلا منجهي بيهي رهيا ۽ ڪو به جواب نه ڏيئي سگهيا. اتي ڀريو رڙهي ويجهو ٿيو ۽ گروءَ جي سوالن جا صحيح جواب ڏيڻ لڳو. گرو اوڦٽو ماڻهوءَ جي واتان سندس سوالن جا جواب ٻڌي ڏاڍو عجب لڳس. سو پڇيائينس ته: اي گاروڙي! توکي هي علم ڪنهن سيکاريو؟ ڀريي هٿ ٻڌي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس، جنهن تي گرو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن کي پنهنجو چليو بنائي وڌيڪ سکيا ڏيڻ لڳو.

اچـي آسـڻ اُت رکيو، جت گرو لعلئون لعل،

رچيو جيئن گلال، گاروڙي ڪر گهوٽ ٿيو.

(ڀريي اتي اچي ڊاٻو ڪيو جتي پهتل گرو ويٺو هو، هو گروءَ جي صحبت ۾ سمورو علم سکي رچي لعل ٿيو.)

نيٺ هڪڙي ڏينهن ڀريي سمورو علم حاصل ڪري پنهنجي گرو کان موڪلايو. گرو چيس ته: گاروڙي! هاڻي ڪهڙو به خوفناڪ نانگ هجي، پر ان جي طاقت تنهنجي اڳيان تڇ برابر آهي. نانگ جي چڪ تي رڳو تنهنجي نظر پوندي ته نانگ اڦٽ مري ويندو ۽ ان جي زهر جو اثر ختم ٿي ويندو، پر جيڪڏهن نانگ توکي اهڙي هنڌ چڪ هنيو، جتي تنهنجي نظر نه پئجي سگهي، ته پوءِ تون مري ويندين. ٻي هيءَ ڳالهه به نه وسارج ته جيڪڏهن تو درياءَ اورانگهيو ته تنهنجو سڄو علم ختم ٿي ويندو. ائين چئي گرو کيس موڪل ڏني. پوءِ ڀريو ۽ سندس دوست منزلون ڪندا واپس ڪڇ روانا ٿيا.

Text Box: 166

 

ڪن ڏينهن جي مسافريءَ کان پوءِ پارڪر جا پهاڙ لتاڙي، ڪڇ جي اتر واري هڪڙي ٻيٽ تي اچي ڊاٻو ڪيائون. پوءِ ڀريي پنهنجن سنگتين کي پنجن پنجن جي ٽولين ۾ ورهائي نانگن جهلڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ موڪلي ڏنو.

 

ڀــريـــي ٻــيــلــي ڌار ڪــيــا، ٽـولـي ٽــولــي پنــج،

ڪلنگيون جن ڪپار ۾، ڪر ’ماڻا سر‘ جا هنج.

(ڀريي پنهنجن سنگتين کي پنجن پنجن جي ٽولين ۾ ورهائي ملڪ ۾ روانو ڪيو، جن کي ڪلنگيون مٿي ۾ هيون، اهي ائين ٿي ڏسجڻ ۾ آيا جيئن ’ماڻا سر‘ جا هنج هجن.) گاروڙين جا ٽولا، نانگ ڪلهن ۾ وجهي سڄي ڪڇ ۾ پکڙجي ويا.

Text Box: 167

 

هڪڙي ڏينهن انهن گاروڙين جي هڪڙي ٽولي ’شيشا پٽڻ‘ جي ميدان ۾ اچي لٿي. انهيءَ شهر تي ’سنگهار‘ قوم جي هڪڙي راڻي ’سـَـڳئي سنگهار‘ نالي راڄ ڪندي هئي. راڻي سڳئي جهڙي هئي صورت ۾ سرس، تهڙي هئي علم ۾ برک. هن پنهنجي علم جي زور تي سڀني نانگن کي پنهنجي وس ۾ ڪري ڇڏيو هو. انهن کي سڳئي جيئن حڪم ڪندي هئي تيئن ڪندا هئا. مارواڙ ۾ ’ڀجنگراج‘ نالي نانگن جو راجا رهندو هو، جنهن کي نمائڻ لاءِ هن جو علم بيڪار ثابت ٿيو هو. هوءَ سدائين انهيءَ خيال ۾ رهندي هئي ته ڪنهن به حيلي سان انهيءَ نانگ کي هٿ ڪريان. کيس جڏهن اها سڌ پيئي ته اڄ ڪي گاروڙي هن شهر ۾ آيا آهن، تڏهن پنهنجي سرتين کي ساڻ ڪري، آديسين وٽ آئي ۽ کانئن خبر چار پڇيائين ته:

 

ڪٿان اچو گاروڙيا، ڪيهو اوهان جو ڏيهه؟

سـڳـئي پـڇي سي، نانگ ڏيکاريو نانگــڙا.

(اي گاروڙي! خبر ڏيو ته ڪٿان ٿا اچو ۽ توهان جو ملڪ ڪهڙو آهي؟ ۽ اوهان وٽ ڪهڙا نانگ آهن، سي ڏيکاريو.)

سڳئي جي سوال تي هڪ آديسيءَ جواب ڏنس:

اسين گاروڙيا اُتي جا، جتي جيسلمير،

گـرو اسان جو ڀريو، پورو ڇـيل ڇڳيـر.

(اسين جيسلمير جا گاروڙي آهيون، ۽ اسان جو گرو ڀريو آهي.)

اهو جواب ڏيئي سامين جيئن ئي پنهنجي کارين جا ڍڪ مٿي کنيا، تيئن سمورا نانگ گم ٿي ويا. ڇاڪاڻ ته سڳئي پنهنجي علم سان نانگن کي گم ڪري ڇڏيو هو. کارين ۾ وڏن نانگن بدران فقط ٻه - منهين جا ننڍڙا ٻچا وڃي بچيا هئا. گاروڙين پنهنجا منتر جنتر هلايا، پر سڳئي جي اڳيان هنن جا منتر صفا ڪونه هلي سگهيا.

نانگ ويا نڪري، جن جي مٿي مـَـڻي،

ٻـه منـهين سندا ٻچڙا، رهيا ڪـَـرَ کڻي.

(جن نانگن جي مٿي ۾ مڻ هئي سي گم ٿي ويا، انهن جي جاءِ تي ٻه  منهين جا ٻچڙا پئي چـُـريا.)

گاروڙي نيٺ سڳئي کان هار کائي، اهي ٽـُـٻڻا ۽ کاريون اتي ڇڏي ڀريي وٽ موٽي آيا. هن جو کين ائين هٿين ٺلهو ايندو ڏٺو سو پڇيائين:

ڪا، ڪو گڏيو ٻيٽ، ڪا، ڪو گڏيو شينهن؟

Text Box: 168

 

ڪـٿ وڃـايــا کــاريـا، ويـس وڃــايــا ڪـيئن؟

 

(توهان کي ڪو ڦورو گڏيو يا ڪو شينهن گڏيو، جنهن جي ڊپ کان سامان ڇڏيو، هٿين ٺلها پيا اچو، ٻڌايو ته اوهان کارا ۽ ويس ڪٿي ڇڏيا؟)

جوڳين جواب ڏنس ته:

نه ڪو گـڏيو ڪـو ٻـيٽ نه ڪو گڏيو شينهن،

سگهڙ نار سڳـئي، جنهن لـُـٽيا ڌوري ڏينهن.

(اسان کي نه ڪو شينهن گڏيو، نه ڪا ٻي آفت، پر اسان کي سڳئي نالي هڪڙي سگهڙ زال ڏينهن ڏٺي جو ڦري ويئي آهي.)

Text Box: 169

 

جوڳين جو جواب ٻڌي ڀريو ڪاوڙجي باهه ٿي ويو ۽ سڳئي جي سگهڙپائي پرکڻ لاءِ سامين کي ساڻ ڪري اوڏانهن روانو ٿيو. سڳئي ته ڀريي جي تعريف اڳئي ٻڌي هئي، تنهن جو ٻڌو ته ڀريو خود اچي ويو آهي، سا ڏاڍي سرهي ٿي ۽ پنهنجيون نوَ ورڻيون، ست سؤ سهيليون ساڻ ڪري ڀريي سان ملڻ لاءِ، ڇم ڇم ڪندي اچي اتي نڪتي، جتي ڀريو اچي رهيو هو. ڀريي ۽ سندس ساٿين سڳئي جي آجيان ڪئي ۽ کين مانيءَ جي دعوت ڏني، پر سڳئي کلندي وراڻيو ته: فقير! تنهنجي اوتاري ۾ ست سؤ ماڻهن جو کاڌو ڪٿان آيو؟ ڀريي چيس ته: راڻي! تون ويهه ته سهي پوءِ جيڪا رکي سکي هوندي سا حاضر ڪنداسين. ڀريي به ٿوري ئي وقت ۾ پنهنجي علم جي زور سان سڀني لاءِ ماني تيار ڪري ورتي. ڀريو هو ته فقيراڻي ويس ۾ پر اصل راجائي ٻار هو، سو سونهن ۽ اٿڻي ويهڻي ڏسي سڳئي مٿس عاشق ٿي پيئي. هوڏانهن ڀريو به سندس سونهن ۽ علم تي موهت ٿي پيو هو. مطلب ته ٻئي هڪٻئي تي هرک هاري ويٺا. ڀريي کي اها ڳالهه ئي وسري ويئي ته هو ڪو سڳئي کان پنهنجي سنگتين جو وير وٺڻ آيو آهي. نيٺ ڀريي کيس شاديءَ لاءِ چيو. سڳئي چيس ته: ڀريا! مون انجام ڪيو آهي ته جيڪو به ماڻهو ڀجنگ نانگ کي وس ڪري ايندو، آءٌ ان سان شادي ڪنديس. ڀريي چيس ته: انهي نانگ کي آءٌ وس ڪري ايندس. ائين چئي هيءُ سنگتين ساٿين کان موڪلائي، مرلي کڻي مارواڙ ڏانهن روانو ٿيو.

 

مارواڙ ۾ اچي هن ڏونگر جو هڪ هڪ پٿر ڪري نهاريو، پر ڪٿان به نانگ جو گس نه مليس. نيٺ هڪڙي ڏينهن نااميد ٿي جيئن هڪ وڏي پٿر تي ويٺو، تيئن هن کي هڪڙو ٻر نظر آيو. هي خوشيءَ وچان ٽپ ڏيئي ان ٻر وٽ آيو. پڪ ٿيس ته اهوئي ڀجنگ جو ٻـِـر آهي، سو مرلي ڪڍي وڄائڻ لڳو. ٿوريءَ دير گذرڻ کان پوءِ ڀجنگ نانگ ٻر مان ٻاهر نڪتو، پر ڀريي کي ڏسڻ شرط وٺي ڀڳو. ڀريو به سندس پٺيان ڪاهي پيو. نانگ ڀڄندو ڀڄندو اچي ننگر پارڪر جي ڪارونجهر جبل ۾ لڪو. گاورڙي به سندس پٺ وٺي اتي وڃي نڪتو. نانگ وري به اتان وٺي ڀڳو ۽ ڪڇ جو درياءُ ٽپي ڀڄ ڏانهن رخ رکيائين. ڀريو جوش ۾ نانگ جي پويان درياءَ ۾ ٽپي پيو ۽ پار پهچڻ تي هن کي پنهنجي گرو جو قول ياد پيو. اتي هن ڏٺو ته سندس اڌ علم ختم ٿي ويو، پر سڳئي جي عشق ۾ ان جي ڪا پرواهه نه ڪري نانگ جي پويان هلندو ويو.

رات جو نانگ اٽڪل ڪري سهڻي لٺ بڻجي واٽ تي پئجي رهيو، جيئن ئي ڀريو اتان لانگهائو ٿيو، تيئن نگاهه وڃي لٺ تي پيس. ههڙي سهڻي لٺ ڏسي هن کڻي ڪلهي تي رکي ۽ اڳتي هلڻ لڳو. نانگ اهو موقعو ڏسي هڪدم کيس پٺن ۾ چڪ هنيو. جيئن ته ڀريي جي نظر ان جاءِ تي نه پئجي سگهي، تنهن ڪري زهر جي اثر کان اتيئي بيهوش ٿي ڪري پيو.

هوڏانهن ڀريي جي شاگردن کي پسڻ پيا ته اڄ ڀريي جو خير ڪونهي. سو پـيرو کڻندا ڳوليندا ڳوليندا اچي ڀريي وٽ پهتا، پر هو فقط چند گهڙين جو مهمان هو. چيلن کي آيل ڏسي ايترو چيائين ته: منهنجي مرڻ کان پوءِ منهنجو ماس ائين نه وڃائجو، توهين سڀ گڏ ٿي اهو کائي ڇڏجو، ته توهان جو علم وڌندو.

ڀريي جي مرڻ کان پوءِ سندس چيلن هن جي جسم کي وڍي، ڳترا ڳترا ڪري کڻي ڪنيءَ ۾ چاڙهيو. ان وقت اوچتوئي اوچتو هڪڙو برهمڻ گهمندو ڦرندو اچي اتان نڪتو، تنهن کين ڏسي چيو ته: فقير! هتي ڪمهلو ڇا پيا ڪريو؟ گاروڙين وراڻيو ته: مهراج! اسان جو گرو ڀريو گذاري ويو آهي، ان جي حڪم پٽاندڙ سندس جسم کي کائڻ لاءِ پيا رڌيون. اها ڳالهه ٻڌي برهمڻ چين ته: اڙي! گرو جو ماس چيلا ٿا کائو! انهيءَ کان ته ٻڏي وڃي مرو. برهمڻ جي ڳالهه تي سڀني گاروڙين کي ويساهه اچي ويو ۽ هڪدم رڌل ڪنو کڻي درياءَ ۾ ڦٽو ڪيئون. انهي جو واس ڪن چيلن کي آيو جي علم ۾ تمام قابل ٿي ويا، ۽ اڳڪٿيون ڪندا ڦرندا هئا. چون ٿا ته اهو ڪنو اُتان ترندو ترندو ڪامروپ ديس ۾ آيو، جتي جي عورتن کي هٿ لڳو، تن اهو گوشت کائي ڇڏيو، جنهن ڪري اتي جون زالون علم ۾ اهڙيون قابل ٿي ويون جو مردن کان به گوءِ کڻي ويون.

Text Box: 170

 

هو ڏانهن جڏهن سڳئي کي ڀريي جي مرڻ جي خبر پيئي، تڏهن ڏاڍو ڏک ٿيس ۽ يڪدم سهي سنڀري لال ڪنوار ٿي، اتي ويئي جتي ڀريو مئو هو ۽ ان جاءِ تي باهه جو مچ ٻارائي پاڻ کي ساڙي ڇڏيائين.

 

 

 

 

 

Text Box: 171

 

 

 

 


 

26-سونل پري*

 

ڪنهن زماني ۾ پاوَر پر ڳڻي ۾، وڪيو سنگهار ۽ ڪـُـرڌر نالي ريٻاري ٻه گهرا دوست رهندا هئا. هڪڙي ڏينهن ٻنهي يارن ٻيلي ۾ پنهنجا ڍور پئي چاريا ته اوچتو ڪنهن عورت جي روئڻ جو آواز ڪنين ٻڌائون. ٻئي ڄڻا اچرج ۾ پئجي ويا ته ههڙي ٻيلي ۾ جتي مرد ماڻهو به اچڻ جو ست ساري نه سگهندا آهن، اتي عورت ڪٿان آئي! آخر ٻئي ڄڻا عورت کي هيڏانهن هوڏانهن ڳولڻ لڳا. ڳولا ڪندي ڪندي اچي هڪڙيءَ مڙهيءَ وٽ پهتا، جتان اهو آواز پئي آيو. اندر وڃي ڏسن ته هڪڙي تمام سهڻي عورت ويٺي آهي. وڪيو ۽ ڪرڌر سندس اهڙو حسن ڏسي بيهوش ٿي ويا. ڪجهه دير کان پوءِ جڏهن سامت م آيا، تڏهن ويجهو اچي پڇيائون، ته معلوم ٿين ته اها ’سونل پري‘ هئي. جنهن چين ته: مون کي گهر وٺي هلو. هاڻي ٻنهي ڄڻن جي وچ ۾ اچي جهيڙو هليو، ته سونل کي ڪير پنهنجي گهر وٺي وڃي! وڪئي نيٺ ڪرڌر کي پنهنجو سمورو مال ڏيئي کانئس سونل جي جند ڇڏائي.

جڏهن وڪيو سونل وٽ آيو، تڏهن هوءَ پنهنجو روپ مٽائي شينهن بنجي ويهي رهي، اهو ڏسي وڪيي کي اچي ڊپ ورايو، سو وٺي ڀڳو ۽ ڪرڌر کان پنهنجو مال وٺي سونل جي پچر ڇڏيائين. پوءِ ڪرڌر سونل وٽ آيو ۽ اچي چيائينس ته: تون منهنجي ڌيءَ جي برابر آهين. هاڻي هي جنهگ ڇڏ ۽ هلي مون وٽ رهه، پوءِ جيڪا رُکي سـُـڪي قسمت ۾ لکيل هوندي سا کائي گذر ڪنداسين. اهو ٻڌي سونل ساڻس گڏجي اٿي هلي. انهيءَ ڏينهن کان سونل ڪرڌر جي مال جي سنڀال ڪرڻ لڳي. قدرت خدا جي اهڙي ٿي جو جيئن پوءِ تيئن ڪرڌر جي مال ۾ برڪت پوندي ويئي. نيٺ مال وڌندو وڌندو وڃي ڄام ڦول جي سرحد سان لڳو.

هڪڙي ڏينهن سونل مٿي تي مٽ کڻي، هٿ ۾ ڏهن مينهن جا رسا جهلي، انهن کي ڪاهيندي ڄام ڦول جي محل وٽان اچي لانگهائو ٿي. انهيءَ مهل رستي تي ٻه پاڏا پاڻ ۾ پئي وڙهيا، جنهن ڪري اچ وڃ جو رستو بنهه بند ٿي ويو هو. پاڏن جي وچ مان لنگهڻ جي ڪنهن کي به همت نٿي ٿي. رستي جي ٻنهي پاسن کان ماڻهن جو ميڙو لڳي ويو هو، سونل کي به دير ٿي ويئي هئي، سا ماڻهن کي هٽائيندي پئي ويئي. اهو تماشو ڄام ڦول پنهنجي ماڙيءَ جي دريءَ مان پئي ڏٺو. ماڻهن جي ٺٺ مان سونل کي وڌندو ڏسي ڏاڍو عجب لڳس، ته هيءَ ڇوڪري پاڏن جي وچان ڪيئن لنگهندي!

Text Box: 173

 

پر سونل مينهن کي بي ڊپائي سان ڪاهيندي جڏهن پاڏن کي ويجهو آئي، تڏهن مينهن جا رسا پير هيٺا ڏيئي، پاڏن کي ڪنن کان جهلي، هڪڙي هڪڙي چماٽ ٻنهي کي وهائي ڪڍيائين. چماٽ لڳڻ سان پاڏا وٺي ڀڳا. اهو ڏسي سڀ ماڻهو حيران ٿي ويا. پر سونل ڪنهن ڏانهن به خيال نه ڏنو ۽ تڪڙي تڪڙي پنهنجو رستو وٺي هلي ويئي. ڄام ڦول اهو سمورو لقاءُ ڏسي حيران ٿي ويو. اهڙي پهلوان ۽ سهڻي زال هن ڪڏهن به ڪانه ڏٺي هئي، تنهن ڪري هن سان شادي ڪرڻ جو ارادو ڪيائين ۽ يڪدم حڪم ڪيائين ته: وڃي ڏسي اچو ته اها عورت ڪٿي ٿي رهي ۽ سندس نالو ڇا آهي. حڪم جي دير هئي، يڪدم ماڻهو انهيءَ پاسي ڊوڙيا ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ سڄي خبرچار آڻي ڄام ڦول کي ٻڌايائون ته: سائين! اها سهڻي ۽ پهلوان زال ڪرڌر ريٻاريءَ جي ڌيءَ آهي ۽ سندس نالو سونل آهي. اهو ٻڌي ڄام ڦول ڪرڌر کي پاڻ وٽ گهرائي کانئس سونل جو سڱ گهريو. ڪرڌر هن کان انڪار ڪري نه سگهيو ۽ نه ڪي وري سونل پريءَ، ڄام ڦول سان پرڻجڻ کان انڪار ڪيو، تنهن ڪري ڪرڌر وڏيءَ خوشيءَ سان راجا جي اها آڇ قبول ڪئي. پوءِ ٿورن ئي ڏينهن ۾ سونل جي شادي ڄام ڦول سان ٿي:

 

Text Box: 172

 

وڪـيــي ڪـرڌر بـن ۾، لـڌي انـدر پــري،

 

سا سوغات ساري، اچي پرڻائي ڦول کي.

(وڪيي ۽ ڪرڌر جهنگ مان ڄڻ هڪ اندر ڄائي حسين عورت لڌي، ۽ اها سوکڙي سمجهي ڦول سان پرڻائي)

شاديءَ کان پوءِ سونل ۽ ڄام ڦول ٻئي ڏاڍا خوش گذارڻ لڳا.

هاڻي سونل روز صبح جو سج اڀرڻ کان اڳ سرتين ساهيڙين سان گڏ تلاءَ تي وهنجڻ ويندي هئي. هڪڙي ڏينهن دستور موجب هوءَ تلاءَ ۾ پئي وهنتي ته الائجي ڪٿان هڪڙو گل تري اچي سندس سامهون بيٺو. هوءَ اهو گل کڻي سونگهڻ لڳي.

مٿو ڌوئي مـيٽ، اڀي سورج سامهين،

سمو اڇريو پيٽ، سونل ڦل سونگهيو.

(ميٽ سان مٿو ڌوئي سونل سج سامهون بيهي گل سونگهڻ لڳي ان ڏينهن سمون سندس پيٽ ۾ سرجيو)

گل سونگهڻ کان پوءِ، سونل اهو گل پنهنجي دل گهري ساهيڙي لاليءَ کي ڏنو، جنهن پڻ اهو گل سونگهيو.

سونل ڦل سونگهيو، پوءِ لاليءَ سونگهيو،

ڏمڻـي کـڻي هـٿ ڪيو، پوءِ کواسڻ کنيو.

(سونل اهو گل سونگهيو، پوءِ سندس خاص ٻانهي جنهن جو نالو لالي هو، تنهن سونگهيو. ان کان پوءِ رامسري نالي ڏومڻ سونگهيو ۽ پوءِ وري ٽي سهيلي لکيءَ سونگهيو.)

ڌڻيءَ جي مهر ٿي، سونل ۽ سندس ٽنهي سهيلين کي اميدواري ٿي، ۽ نائين مهيني سونل کي پٽ ڄائو.

سنبت نو سو ڇاهتر، ٻـِـيج تـِـٿـِـي ڪارتڪ ماس،

تـنهن ڏينهن لاکو جنميو، سـورج جـوت پرڪاس،

(سنبت نو سؤ ڇاهتر، ڪتي مهيني جي ٻي تاريخ لاکو ڄام ڄائو)

ســونــل لاکــو جنمـيو، لـکـيءَ ڌاڻ ڄـائـي،

لاليءَ کوري کـِـلُ ٿيو، رامسري گهر ڏائي.

(سونل کي ’لاکو‘ ڄائو، لکيءَ کي ’ڌاڻ‘ نالي پٽ ڄائو، لاليءَ کي ’کل‘ پٽ ٿيو ۽ رامسريءَ کي ’ڏائي‘ نالي ڌيءَ ڄائي.)

اهڙي طرح سونل جي ٽن سرتين کي جن پڻ گل سونگهيو هو، ٻار ڄاوا. جنهن ڏينهن ڄام لاکو ڄائو، تنهن ڏينهن ڄام ڦول ڪنهن راجا سان لڙائي تي سنبريو هو، پر انهيءَ هوندي به ننڍڙي ڄام لاکي جي ڄمڻ تي سڄي ملڪ ۾ خوشي ٿيڻ لڳي. خزاني جا دروازا کلي ويا ۽ غريب غربو ڍاپجي ويو. هاڻي لاکو ڏاڍي لاڏڪوڏ سان نپجڻ لڳو:

هٿين هٿيريون، لاکي ڪن لوريئا،

انـدر اَپـسـريـون، لاکو لوڏڻ آئيون.

(دايون ٻانهيون لاکي کي هٿن تي کڻي ڪوڏائڻ ۽ لوليون ڏيئي نپائڻ لڳيون، ڄڻ ته پريون اندر لاکي جو پينگهو لوڏڻ آيون.)

Text Box: 175

 

ڄام ڦول جون ٻيون راڻيون اڳيئي سونل کان سڙنديون هيون، وري جوکيس پٽ ڄائو سو هيڪاري حسد ڪرڻ لڳيون. آخر سڀني راڻين گڏجي صلاح ڪئي ته: اسين اڳيئي ڄام ڦول جي دل تان لٿيون پيون آهيون، هاڻي وري جو پٽ ڄائو اٿس سو ته ماڳهين ڏسندو به ڪونه. تنهن ڪري ڇو نه اهڙي ڪا حرفت ڪجي جيئن ڄام ڦول، سونل ۽ لاکي کي ماري ڇڏي. نيٺ گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ هڪڙي رٿ رٿي ڄام جي انتظام ۾ ويهي رهيون.

 

Text Box: 174

 

ٻن ٽن هفتن کان پوءِ ڄام ڦول سوڀارو ٿي موٽي آيو. ٻين راڻين حرفت ڪري وڃي سندس اڳ ورتو ۽ کيس ٻڌايائون ته: لاکو تنهنجو پٽ ڪونهي. انسان ويچارو، ڪا نه مهل ڪنهن جهڙي، سو ڄام کي مٿن ويساهه اچي ويو، تنهن يڪدم سونل کي چوائي موڪليو ته: مون کي خبر پيئي آهي ته لاکو منهنجو پٽ ڪونهي، تنهن ڪري جيڪڏهن تون سچي آهين ته لاکي سميت باهه مان لنگهي، سلامت نڪتينءَ ته تون سچي آهين، نه ته توکي تنهنجي ڪئي جي سزا ملندي. ڄام جو اهو حڪم ٻڌي سونل کي ڏاڍو ڏک ٿيو، پر هاڻي ڪري ڇا ٿي سگهي. سو چوائي موڪليائينس ته: آءٌ انهيءَ لاءِ تيار آهيان. شهر جي وچ ۾ آڙاهه تيار ٿي ويو ۽ سڄي شهر ۾ پڙهو گهمي ويو ته سونل اڄ پنهنجي ست جو امتحان ڏيندي. اها ڳالهه ٻڌي ماڻهن جا حشام اچي گڏ ٿيا، ايتري ۾ سونل به پنهنجي پٽ لاکي سميت اچي پهتي ۽ آڙاهه جي مٿان بيهي چوڻ لڳي:

 

ڪوري ساڙهي م ٻري، انگ م لڳي داڳ،

لاکو هوئي ڦل جو، ته سورج ڀرجان ساک.

(منهنجي ڪوري ساڙهي اصل نه سڙي، ۽ جسم کي باهه جو ذرو به اثر نه ڪري، جيڪڏهن لاکو ڄام ڦول جو هجي، ته اي سج! تون ساک ڏجئين.)

ائين چئي هوءَ پٽ سميت آڙاهه ۾ ٽپي پئي. ڪجهه دير کان پوءِ وري جهڙي هئي تهڙي سلامت ٻاهر نڪري آئي. اهو ڏسي ڄام ڦول کي ڏاڍو ارمان ٿيو ته ڇو بنا ڪنهن سوچ ويچار جي پنهنجي دل واري زال تي شڪ ڪيم. اهو ڏسي ساڙ سڙيون پهاڄون سڙي ويون ۽ اچي ساهه سان لڳن ته هاڻي الاجي ڇا ٿيندو. ٿوريءَ دير کان پوءِ ڄام ڦول انهن سڀني راڻين کي گهرائي چيو ته: سونل پنهنجي ست جو ثبوت ڏنو، هاڻي اوهين سچيون آهيو ته هن باهه مان اُڪرو. پوءِ ته سڀني کي اچي سر سان لڳي. نيٺ مرندي جهرندي باهه ۾ گهڙيون ۽ اتيئي سڙي مري ويون. انهيءَ کان پوءِ راڻي سونل ڄام ڦول سان سڄي عمر قرب ۽ آرام سان گذاريو.

 

Text Box: 177

 

_______


 

* هيءَ ڳالهه ٿرپارڪر (تعلقي ننگر پارڪر) مان منگهارام اوجها کان ملي.

* هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ننگرپارڪر) مان منگهارام اوجها کان ملي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org