سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: ڳاهن سان ڳالهيون

ڪهاڻي؛ 27 28

صفحو ؛ 12

27-وڪيو ڏاتار*

 

ڄام لاکو ڦلاڻي سنڌ جي مشهور ڏاتارن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. سندس سخاوت ۽ سورهيائيءَ جي سڄي ملڪ ۾ ڌاڪو ڄميل هو. سندس دستور هو ته مهيني جي ڪن مقرر تاريخن تي پنهنجي محل ۾ سموريون راڻيون سڏائي محفل ڪندو هو، جنهن ۾ سڄي ملڪ ۽ ٻاهر جون ڳالهيون ٻولهيون ٿينديون هيون. لاکي ڄام کي پنهنجي سخاوت تي ڪو ڏاڍو بانور هوندو هو، سمجهندو هو ته جهڙس ڪو سخي ملڪ ۾ نه ٿيو نه ٿيندو. تنهن ڪري هڪڙي ڀيري انهيءَ محفل ۾ پنهنجي راڻين سان رهاڻ ڪندي کانئن پڇيائين ته: توهان کي هن ملڪ ۾ مون جهڙو ڪو ٻيو سخي سجهي.

لاکــي راڻـيـو پـڇـيـون، وهـاري هــار وهـار،

سئون پڌرو سجهيوَ ٿو، ڏيهه ۾ ڪو ڏاتار؟

راڻيون ڄام لاکي جو اهڙو سوال ٻڌي ماٺ ۾ پئجي ويون. دل ۾ خيال ڪيائون ته جيڪڏهن نالو ٿيون ٻڌايون، ته پونديونسين آزار ۾، تنهن ڪري اهڙي ڪا اٽڪل ڪجي جو لعل به لڀي ۽ پريت رهجي اچي. سو چاوڙي نالي راڻيءَ چيس ته:

لاکـا! راڻـيـون نه پڇجن، پڇجن مڱڻهار،

جن کي سجهن گهٽ ۾، ڏيهن جا ڏاتار،

(لاکا! اها ڳالهه راڻين کان نه پڇ، وڃي مڱڻهارن کان پڇ، جن کي ملڪ جي ڏاتارن جي سڌ آهي.)

لاکي کي راڻيءَ چاوڙي جي اها ڳالهه دل سان لڳي، سو انهيءَ مهل حڪم ڪيائين ته: سڄي ملڪ ۾ پڙهو ڏياريو ته جيڪي به مڱڻهار جتي به هجن، تن جي ڄام لاکي دعوت ڪئي آهي. حڪم ملڻ شرط ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اهو پڙهو گهمي ويو، نيٺ مقرر ڏينهن تي ڪٿان ڪٿان جا مڱڻهار اچي لاکي جي دعوت تي گڏ ٿيا. لاکي انهن سمورن مڱڻهارن کي درٻار ۾ گهرائي پڇيو ته: هن ملڪ ۾ مون جهڙو سخي ڪو ٻيو ڏٺـَــوَ.

لاکـي ڄـام پـڇـايا، ميڙي مڱڻهار،

ٻيلڙا! ٻيو ڏٺـَـو، ڏيهه ۾ ڪو ڏاتار؟

ڄام لاکي جو اهو سوال ٻڌي ڪيترا فقير ته سندس ساراهه ڪرڻ لڳا ته: تو جهڙو سخي مرد اسان نه ڏٺو نه ٻڌو. باقي هڪڙو ’سومنگ‘ نالي چارڻ ماٺ ڪيو ويٺو هو. لاکي کيس چپ ڏسي پڇيو ته: اي ٻارٽ! تون ماٺ ڪيو ويٺو آهين، توکي به جيڪي چوڻو هجي سو بنا ڊپ جي چئي ڏي. اتي سومنگ به دل جهلي چوڻ لڳو ته: اي لاکا! ملڪ ۾ ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ئي ڪونهي، ۽ نه ڪي هن ڏيهه ۾ ڏاتارن جو ڏڪار آهي. اسان جي ملڪ ۾ ڏهه ڏاتار ڳڻبا آهن. جن مان هڪڙو تون به آهين. اهو ٻڌي لاکي جو منهن ٽامڻي هڻي ويو. پر وري به ٻاهريون ٻنو رکي چيائينس ته: چارڻ! باقي نون جا نالا ته ٻڌاءِ! تنهن تي سومنگ هٿ ٻڌي چيو ته: هائو سائين! پهريون سخي سپڙ چوٽاڻي آهي، جيڪو گهر وڃي خيرات ڏيندو آهي:

گــهــر آئـــي مـنـگــڻــي، دان سـڀـڪــو ڏئـــي،

سپڙ سو ساري، جيڪو جهوپڙين ۾ جهپڪا.

(گهر آئي فقير کي ته هرڪو خيرات ڏي، پر ’سپڙ چوٽاڻي‘ جي ڳالهه ئي ٻي آهي، جو هڪ هڪ جهوپڙيءَ ۾ وڃي خيرات ڏئي ٿو.)

Text Box: 179

 

Text Box: 178

 

ٻيو ڏاتارن ۾ ’ڄام اوٺو‘ جکراڻي آهي، جنهن خيرات ۾ ايترا ته گهوڙا، اُٺ ڏاند ۽ ڍڳيون مينهون ڏنيون، جو انهن جي هلڻ سان جيڪا دز اُڏامي سا سڄي زمين آسمان تي ڇانئجي ويئي، جنهن ۾ جهان جا سڀئي ڏاتار ڍڪجي ويا:

 

اوٺـي جـي دانـن، کـيهون ابر لڳـيـون،

رج پيئي راڻين، ڏاتار تت ڏٽجي ويا.

وينجهو، وڪيو ۽ جکرو اهي ٽي ڏاتار به پنهنجو مٽ پاڻ آهن، جي قلعي جيڏا ڍڳ ڪپڙي جا خيرات ۾ ڏين ٿا:

چڱا ڀلا اُوٽري، وينجهو، وڪيو ۽ جکرو،

ڪپڙي جا ڪوٽ ڪري، ڏين ٿا ڏڏن کي.

ڇهون ڏاتار سمون ’هڻند ٿڌياڻي‘ آهي، جو سخاوت جي ڪري ڏيهن ۾ مشهور آهي:

ٿڌي ٿڃ ڏناس، سمون ساهڙ جي پٺ ۾،

پـڌرو پـَـر کـنـڊاس، هـڻـند ٿـڌيـاڻي ٿـيو.

ستون ڏاتار ڄام اوڍاڻي جکرو آهي، جنهن ماڙيءَ تان ويهي سخاوت جو مينهن وسايو. ان جو مقابلو به ٻيو ڪونه ٿو ڪري سگهي:

چـڙهي ميـڙي ماڳ،  اوچو اڌ رڪي وٺو.

تارا ڪڍين نه تاڳ، ڄام اوڍاڻي جکرو.

اٺون سخي ڄام ڪرن آهي، تون لک ٿو بخشين ته هو ڪروڙ ٿو بخشي ڇڏي. هرڪو پيو چوي ته: لاکي لک بخشيا، ڪرن بخشي ڪروڙ.

نائون ڏاتار راءِ ڏياچ ٿيو، جنهن جهڙو سورهيه به نه ڪو ٿيو نه ڪو ٿيندو، جنهن چارڻ جي سوال تي پنهنجو سر وڍي ڏنو:

ٻيٽو ويرم راءِ، پوٽو رانگڙ جکري،

ڏنـو ’راءِ ڏيـاچ‘ مٿو مڱـڻـهار کي.

 ۽ ڏهون ڏاتار تون آهين.

سومنگ چارڻ جا اهي ٻول ٻڌي، ڄام لاکي کيس ڪاوڙ مان چيو ته: اڙي ٻارٽ! جڏهن سخي سردار خيرات ۾ پنهنجو سر ڏيندا هئا، تنهن وقت ۾ چارڻ به اهڙا هوندا هئا، جو پنهنجي ڏاتارن سان گڏ مرندا هئا. ڄام لاکي جو اهو مهڻو ٻڌي سومنگ چيو ته: مون کي به جي پنهنجو مٿو ڏئين ته آءٌ به مرڻ لاءِ تيار آهيان. ڪاوڙيو، پر وري به ڪاوڙ جهلي سومنگ کي چيائين ته: تو ڏاتارن جا نالا ڳڻايا آهن، هاڻي انهن جو امتحان به ته وٺي ڏي ته پوءِ خبر پوي. سومنگ چيس ته: حاضر، حڪم ڪر. لاکي چيس ته: وڪئي جي ملڪ ۾ چينائي ٻيلي ۾ تمام گهڻا پيرون ٿيندا آهن. مون کي ان کان رڳو هڪڙي لپ پيرن جي آڻي ڏي ته پوءِ خبر پوي. اهو ٻڌي سومنگ وراڻيو ته: ڄام! لپ ته ڇا پر آءٌ توکي مڻين پيرون آڻي ڏيان، پر هينئر ته پيرن جي موسم ئي ڪانهي تنهن ڪري وڪيو ڪٿان ڏيئي سگهندو؟ تنهن تي لاکي چيس ته: بس، ڳالهه به ايتري، وڪئي جهڙو ڏاتار جيڪو پاڻ کي ٻيلي ڌڻي ٿو چوائي، سو تنهنجي اها گهر به پوري ڪري ڪانه سگهندو! اهو ٻڌي سومنگ ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. سمجهه ۾ نه پيو اچيس ته پنهنجي ڳالهه ڪيئن مٿي ڪريان! تڏهن وري به لاکي چيو ته: هاڻي ڇا به ٿي پئي، اسان کي وڪئي کان پيرون ضرور آڻي ڏي، جي پيرون نه ملنئي ته سندس سر کڻي پوءِ اچج، منهنجي ملڪ مان هينئر جو هينئر نڪري وڃ، جيڪڏهن رات هتي پئجي ويئي ته سر جو خير نه هوندءِ.

مـٿـو مـڱـج مڱـڻا! ڪاپيرون مڱـج وات،

اڄ اسان جي راڄ ۾، چارڻ! مَ رهج رات.

(اي مڱڻهار پيرون جي نه ملنئي ته پوءِ کانئس سر جي گهر ڪج، پر اڄوڪي رات اسان جي راڄ ۾ نه رهج)

Text Box: 181

 

ڄام لاکي جا اهي لفظ ٻڌي، سومنگ ماٺڙي ڪري وڪئي ڏاتار جي ملڪ ڏانهن روانو ٿيو. سومنگ چارڻ، وڪئي کي ڏٺو ڪڏهن ڪونه هو، فقط سندس سخاوت جي ساراهه ٻڌي هئائين. وڪيو ڏاتار چينائي ٻيلي جو ڌڻي هو، سندس ملڪ  اتان ڪجهه ڏينهن جي پنڌ تي هو. سو منگ ٿورن ڏينهن کان پوءِ اچي اتي پهتو. کيس وڪئي جي درٻار جي سڌ ڪانه هئي، سو هڪڙي مسافر ڦاٽل پراڻن ڪپڙن واري شخص، جنهن هڪڙي گهيٽي کي پئي پٽيون ٻڌيون، کان درٻار جو ڏس پڇيائين، جنهن هن کي اوڏانهن وڃڻ جو رستو ڏيکاريو.

 

Text Box: 180

 

مـڄاڻ ته سومنگ چارڻ کي رستو ڏيکاريندڙ وڪيو پاڻ هو، جيڪو ان وقت چمڙا پوش ڪيو پئي گهميو. جڏهن سومنگ سندس ڪچهريءَ ۾ آيو، کيس يڪدم سڃاڻي ورتائين ته هيءُ ساڳيو اهو ماڻهو آهي جنهن گهيٽي کي پٽيون پئي ٻڌيون. خيال ڪيائين ته جنهن ماڻهو گهيٽن کي پئي پٽيون ٻڌيون. سو ڪهڙي خيرات ڏيندو. نااميد ٿي ماٺڙي ڪري هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ ويهي رهيو. وڪيو سندس حالت ڏسي سمجهي ويو، سو چيائينس ته: چارڻ! ڇو تنهنجي منهن جو پنو ئي لٿو پيو آهي. تنهن تي چارڻ ٺهه پهه جواب ڏنس ته:

 

ڦلا ڻي لاکي وٽ، مون وڏو ڪيو ٿي وات،

گهيٽن پٽيون ٻڌي، سو ڏيندو ڪهڙو ڏات!

(مون لاکي ڦلاڻي وٽ تنهنجي ڏاڍي نيڪي ڪئي هئي، پر ڏسان ٿو ته جيڪو اڃا گهيٽن کي پٽين ٻڌڻ ۾ پورو آهي، سو ڪهڙي سخاوت ڪندو.)

اهو ٻڌي وڪئي چيس ته: چارڻ آءٌ گهيٽن کي پٽيون به ٻڌي سگهان ٿو ۽ سر به ڏيئي سگهان ٿو، پر پهرين تون پنهنجيون خبرون ٻڌاءِ ته تنهنجو نالو ڇا آهي ۽ ڪٿان پيو اچين؟ اهو ٻڌي سومنگ کي خاطري ٿي ته هي مڙس مڙڻ وارو ڪونهي، سو چيائين ته: سائين! منهنجو نالو سومنگ آهي، لاکي ڦلاڻيءَ جو ڀـَـٽ آهيان، تنهنجي سخا جي ساراهه ٻڌي ڪيرا ڪوٽ مان ڪهي هتي آيو آهيان. تنهن تي ڄام وڪئي چيس ته: ڀلي ڪري آئين چارڻ! تون ڏات وٺڻ لاءِ تمام پري نڪري آيو آهين، لاکي ڦلاڻيءَ جي سخا ته سج مثل آهي، تون ان جو چارڻ ٿي ڪري مون وٽ ڏات لاءِ آيو آهين، تڏهن سمجهان ٿو ته منهنجي پرک وٺڻ آيو آهين. تنهن ڪري هاڻي گهر جيڪي گهرڻو اٿيئي. سومنگ وراڻيو ته: اي ڏاتار! انجام ڪر ته منهنجي گهر پوري ٿيندي. وڪئي چيس ته: آءٌ توسان انجام ٿو ڪريان ته جيڪي به گهرندين سو ملندءِ. انجام وٺي سومنگ چيس ته: ڏاتار! مون کي ٿورا پيرون گهرجن، سي ڏي ته هينئر ئي پٺتي موٽان.

چارڻ جي اِها گهر ٻڌي ڄام وڪيو ڏاڍو حيران ٿيو، چي: چارڻ! پيرن جي ته موسم ئي ڪانهي، ٻيو ڪجهه گهر ته ڏيئين. پر چارڻ چئي ته: مون کي پيرون گهرجن، تو مون سان واعدو ڪيو آهي، سو تون ضرور پورو ڪندين. منهنجي گهر واريءَ کي اميدواري آهي، ان کي پيرون گهرجن، تنهن ڪري پنڌ پيو آهيان. اتي وڪيو اچي حيران ٿيو ته هاڻي ڇا ڪجي. سومنگ کي ڪيتروئي سمجهايائين، پر هو پنهنجي ڳالهه تان نه لٿو. تڏهن چيائينس ته:

انبن لڳي نه ڪيري، ڄارين لڳي نه ڇـَـٽر،

وري چارَڻ! ماٺ ڪر، جيسين اچي وَٽــر.

(اي چارڻ! انبن ۾ انبڙيون ۽ ڄارين ۾ پيرون اڃا ڪونه لڳا آهن، تنهن ڪري ايستائين ماٺ ڪري ويهه، جيستائين انهن جي موسم اچي.)

پر چارڻ چيس ته:

وٽـر اچـي تيسين ويـهان، تنهن کي لڳي وير،

جيءُ چارڻيءَ جو وڃي، سو وارو ڏيندو ڪير؟

(جيستائين وٽ لهي تنهن کان اڳ منهنجي گهر واريءَ جو الاجي ڪهڙو حال ٿيندو، جي ساهه نڪري ويس ته اهو ڪير ورائي ڏيندو؟)

وڪيي جڏهن ڏٺو ته چارڻ راضي ٿيڻ وارو ڪونهي، تڏهن ڌن جي لالـچ ڏيڻ لڳس ته:

Text Box: 183

 

Text Box: 182

 

پورُون ڏيان پنج سؤ، ٻــيــا ان جـا اُٺ ڀــراءِ،

 

چارڻي چترائي سان، مر تري پچائي کائي.

(اي چارڻ! پنج سؤ گهيٽا ۽ ٻيا ان جا اُٺ ڀرائي وڃ، ڀلي ته تنهنجي زال آرام سان اهي پچائي کائي.)

پر چارڻ چئي ته جيڪي مون گهريو آهي اهوئي ملي:

اَنَ کي اوڏي نه ٿـئي، پڪو ماس نه کـاءِ،

چارڻي چترائي سان، پيرون ويٺي پـُـڇاءِ.

(اي ڏاتار! هوءَ ته اَنَ کي ويجهوئي ڪانه وڃي، ۽ نه ڪي گوشت ئي کائي، اها فقط پيرون پيرون پئي ڪري.)

چارن جو ضد ڏسي وڪيو ٻـُـڏ تر ۾ پئجي ويو. آخر ڪجهه دير کان پوءِ چيائينس ته: چڱو هاڻ ڪجهه وقت ترس، آءٌ ماڻهو موڪليان ٿو. ائين چئي هن جدا جدا پاسن ڏي ڪيترائي ماڻهو موڪليا، پر سڀ ائين ٺلها موٽي آيا ۽ ڪٿان به پيرون نه ملي سگهيا. اتي وڪيو منجهي پيو ته هاڻي ڇا ڪجي؟ نيٺ هڪڙي ماڻهوءَ کيس صلاح ڏني ته، ڇو نه سون جا پيرون ٺهرائي انهن تي حلوائيءَ کان چاش چاڙهائي ڏجن.چارڻ کي هنهين خبر ڪانه پوندي ۽ هو سونا پيرون کڻي هليو ويندو. اهڙيءَ طرح چارڻ مان جند ڇٽي پوندي. ڄام وڪيي انهيءَ مهل ئي ڪاريگر سونارا گهرائي کين بي انداز خزانو ڏيئي سونا پيرون ٺهرايا:

وڪيي ڄام ويهي، سونارا سڀ ڪوٺايا،

ماڻڪ مـَـٽ ڏيئي، پيرون گهڙايا سون جا.

پوءِ انهن تي هڪڙي هوشيار حلوائي کان اهڙي نموني چاش چاڙهايائين جو اهي هو بهو پيرن جهڙا ٿي پيا. وڪيي سوني ٿالهه ۾ اهي پيرون وجهي آڻي چارڻ جي اڳيان رکيا. پيرون ڏسي چارڻ کي ڏاڍو عجب لڳو ته هن مند ۾ پيرون ڪٿان آيا؟ آخر ٻه چار پيرون کڻي وات ۾ وڌائين ته ڏند ڀرڻ لڳس. تڏهن وڪيي کي چوڻ لڳو ته: اي ڏاتار! تو جيڪي پيرون ڏنا آهن، انهن سان ته ڏندئي ڀڄي ٿا پون. مون کي اهي پيرون کپن جي ڄارين جا پڪل هوندا آهن:

وڪيي جا ڏات ڪئي، تنهن سان ڏند جهـُـرن،

چارڻ پيرون او مڱي، جي ڄارين منجهه پچن.

چارڻ جو ساڳيو سوال ٻڌي وڪيي چيس ته: چارڻ! هن موسم ۾ ته اهڙائي پيرون ملندا. چارڻ چيو ته: اي وڪيا! جيڪڏهن اڻ مندائتا پيرون نٿا ملن ته پنهنجو سر وڍي ڏي. اهو ٻڌي وڪيي کي خاطري ٿي ته چارڻ ڪنهن جو پڙهايل آهي، سو هاڻي سر ڏيڻو پوندو، پر وري به سومنگ کي سمجهائڻ لڳو ته: اي چارڻ! تو کي پيرن جي عيوض سوين سنجيل گهوڙا، ڪيتريون متاريون مينهون ۽ ٿري اٺن جي قطار ڏيان، جي خوشيءَ سان ڪاهي هليو وڃ، پر چارڻ چئي ته: اي ڏاتار! پيرون ڏيار، يا سر ڏي. تڏهن چيائينس ته: هاڻي مون کي هڪڙي ڏينهن جي مهلت ڏي، جي پيرون هٿ نه آيا ته سر ڏيندوسئين. چارڻ کيس خوشيءَ سان هڪڙي ڏينهن جي مهلت ڏني.

ڄام وڪيي کي ٻه راڻيون هيون، هڪڙي راجا دلوراءِ جي ڌيءَ ۽ ٻي سپڙ چوٽاڻيءَ جي ڌيءَ هئي. وڪيو پهريائين دلوراءِ جي ڌيءَ وٽ ويو، ۽ کيس ساري حقيقت ٻڌايائين. سڄي ڳالهه ٻڌي راڻيءَ چيو ته:

چـارڻ ناهه، هـيءُ چورٽو، ڪـوڙو آهه ڪنڀار،

ڪاهـڻ هـاٿيءَ جـي پڳي، ڪا تان کڻ تلوار.

(هيءُ سچو چارڻ ڪونهي پر ڪوڙو ڪنڀار ٿو ڏسجي، تنهن ڪري هن کي هاٿيءَ جي پيرن هيٺان لتاڙائي مارائي ڇڏ، يا ته تلوار سان ختم ڪرائي ڇڏ.)

راڻيءَ جا اهي لفظ وڪيي کي ڏاڍا ڏکيا لڳا، تنهن ڪري يڪدم اتان اٿي ٻي راڻيءَ وٽ آيو، ۽ ان کي ساري ڳالهه ڪري ٻڌايائين. اها سخي سپڙ چوٽاڻي جي ڌيءَ هئي، جا سخيءَ جي گهر ۾ ڄائي نپني ۽ جنهن کي سواليءَ جو قدر هو، تنهن يڪدم جواب ڏنس ته:

Text Box: 184

 

سـپــڙ چوٽـاڻـي ڌيءَ، مـحل وڪيو آيو،

 

پهـرين مٿـو منهنجو، پـوءِ تنهنجو ڏيج.

(اي وڪيا! جي سواليءَ جو سوال پورو نه ڪري سگهين ته پهرين منهنجو سر ڏج ۽ پوءِ پنهنجو، پر سواليءَ کي خالي نه موٽائج.)

هن راڻيءَ جا اهي لفظ ٻڌي وڪيو ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ ٻئي ڏينهن سومنگ چارڻ کي سر ڏيڻ جو پڪو انجام ڪيائين. اتان اٿي وڪيي هڪڙي نجوميءَ کي گهرايو، جنهن حساب ڪري ٻڌايس ته: اڄ کان اٺين ڏينهن ست پـُـرياتي مينهن جي کير سان وهنجي وڃي سر ڏجئين. اهو ٻڌي وڪيي پنهنجي ميهار ’وسائي‘ کي حڪم ڏنو ته اها مينهن جا ستن پيڙهين کان پاڻ وٽ موجود هجي، ان جو کير فلاڻي ڏينهن صبح جو سوير حاضر ڪجئين.

اها ڳالهه شهر جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويئي ته اٺين ڏينهن وڪيو ڏاتار، سومنگ چارڻ کي پنهنجو سر وڍي ڏيندو. ماڻهو اچي ڪاوڙيا، ڪو پيو چئي ته چارڻ کي ڀت ۾ بند ڪرائي لنبائي ڇڏجي، ته ڪو پيو چوي ته ڀالي جي منهن ۾ ٽنبائي ڇڏجيس. پر وڪيي پنهنجيءَ دل ۾ سر ڏيڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو. آخر مقرر ڏينهن به اچي پهتو. صبح جو سوير وڪيي کي سر ڏيڻو هو، جو ان وقت تائين ڪٿان به پيرون هٿ نه اچي سگهيا هئا. وسائي کي اسر مهل کير پهچائڻ لاءِ حڪم هو.

Text Box: 185

 

وڪيي جون ست هزار مينهون هيون، جن کي وسايو چاريندو هو. جيڪا مينهن ستن پيڙهين کان وٽن هئي، تنهن جو نالو ’ماڻڪي‘ هو. ان جي عادت هئي ته ڪٿي به هوندي هئي ته پهرئين سڏ تي اچي نڪرندي هئي. اسر مهل مقرر ڏينهن تي وسايو مينهن کي سڏڻ لڳو. ڏاڍو عجب لڳيس ته ٽن چئن سڏن کان پوءِ به ماڻڪي ڪانه آئي. سو اچي سر سان لڳس ته جي ماڻڪي اڄ نٿي اچي ته ڏاتار جو قول ڪوڙو ٿيندو ۽ آءٌ مارجي ويندس. هيڏانهن هوڏانهن مينهن کي ڳولڻ لڳو. اوچتو سندس ڪن تي ماڻڪيءَ جي رنڀ جو آواز پيو. اهو آواز هن سڃاتو، اتي ڪجهه مڙئي پيٽ ۾ ساهه پيس، ۽ يڪدم آواز واري طرف وڃي ڏسي ته ماڻڪي اڳ ئي واڙي وٽ بيٺي آهي پر سندس سڱن ۾ هڪڙي ٽاري اٽڪي پئي آهي. مـڄاڻ اها ٽاري ڪا پيرن جي هئي، پيرون ڏسي سندس وات ئي ڦاٽي ويو.

 

وسايو آيو واڙ تي، مينهن جو ميهار،

رتڙن ڌئونرن پيروئن، پچي پيس ڏار.

يڪدم ڇا ڪيائين جو ٽاري مينهن جي سڱن مان ڪڍي سڌو ڄام وڪيي جي محلات ڏانهن ڀڳو. وڪيو پيرون ڏسي حيران ٿي ويو ۽ کانئس ان بابت پڇيائين. جنهن تي وسائي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس. پوءِ ته سڄي محلات ۾ خوشيون ملهائجي ويون. وسائي کي خوب انعام اڪرام مليو.

ٿوريءَ دير کان پوءِ سومنگ چارڻ، وڪيي کان سر جي خيرات وٺڻ لاءِ ڪچهريءَ ۾ روبرو حاضر ٿيو، پر ٿالهه ۾ سر جي بدران پيرن سان ڀرپور سائي ٽاري ڏسي حيران ٿي ويو. ڄام وڪيي کيس ٿالهه ڏيندي چيو ته:

ڪـُـمنـد ۾ اهــڙا گـهرين، ڏاتارن وٽ ڏان،

وٺ تون چارڻ ڪوڍئا! وڪيي ڏنئي ڏان.

(اڙي ڪوڙهيا چارڻ! ڏاتارن کان اهڙا اڻ مندائتا ڏان ٿو گهرين، چڱو هاڻي هي ڏان وٺ، جو توکي وڪيي ڏنو آهي.)

سومنگ کي ان پاراتي سببان ان وقت کان وٺي ڪوڙهه جو ساڙو شروع ٿيو. پر حالي هو ڪوري مٽ ۾ پيرون وجهي کڻي روانو ٿيو ۽ آخر اچي ڄام لاکي جي ڪچهريءَ ۾ پيرن وارو مٽ آڏو رکيائين:

لاکا! اُپـٽي نـهار، ڪڄاڙو آهي مٽ ۾،

Text Box: 187

 

Text Box: 186

 

تو گهريا مون مڱيا، ڏنا وڪيي ڏاتار.

 

(لاکا! هي ڏس ته مٽ ۾ ڇا آندو اٿم. تو جيڪي گهريو سو مون آندو آهي. اها سخاوت وڪيي ڏاتار جي آهي.)

پر لاکي ڪابه ورندي ڪانه ڏنيس. تڏهن سومنگ کيس گهڻئي منٿون آزيون ڪيون ته، اسين تنهنجا چارڻ انهيءَ زماني کان آهيون، جڏهن تنهنجا وڏا اوسر پهاڙ تان لٿا هئا، تنهن ڪري مون کي ڌڪار نه. پر ڄام لاکو، جو اڳئي کانئس ڪٽريل هو، تنهن وڪيي جي تعريف ٻڌي هيڪاري مٿس ڪاوڙ ڪئي. پوءِ سومنگ چارڻ به ڪيرا ڪوٽ ڇڏي ڄام وڪيي وٽ آيو. جنهن سندس خراب حالت ڏسي مٿس قياس آڻي پاڻ وٽ رهايو. ۽ درويشن جو پڙهيل پاڻي گهرائي اول پنهنجي هٿ سان ڇنڊا هنيائين ۽ ان بعد سومنگ کي وهنجارايائين. جنهن کان پوءِ سومنگ کي ڪوڙهه ڇڏي ويو، رڳو سندس نراڙ تي هڪ ٿورو داغ باقي وڃي رهيو. چون ٿا ته سومنگ چارڻ جي پوين ۾ اڄ ڏينهن تائين اهو نراڙ وارو نشان هلندو اچي.

 

_________
 

 

28- جسوڌن بادشاهه *

 

سموراءِ ’جسوڌن بادشاهه‘ آڳاٽي وقت ۾ لاڙجي هڪ وڏي اراضي جو حاڪم هو. جسوڌن کي جسيڌن به ڪري سڏيندا هئا. سندس حڪومت ٺٽي جي بادشاهيءَ کان اوڀر خرف هئي جنهن مان پٽيهل درياءُ وهندو هو. انهيءَ پٽيهل ڍوري سببان سندس سڄي ملڪ ۾ آبادي ٿيندي هئي، ۽ انهيءَ ڪري جسوڌن کي ملڪ جا ماڻهو پيار وچان ’ڍوري ڌڻي‘ يا ’ڍور ڌڻي‘ به ڪري سڏيندا هئا. سڀ ماڻهو سکيا ستابا هئا، مال متاع جام هو ۽ اَن گيهه جام هوندو هو. ملڪ ۾ ڪنهن به شيءِ جي اڻاٺ ڪانه هئي.

اوچتو هڪ سال پٽيهل درياءَ ۾ لاهو آيو ۽ سال بسال اهو ڍورو سڪڻ لڳو. ڍوري جو اهو حال ڏسي ماڻهن ۾ اچي هراس پکڙيو. پاڻي جي اچي اڻاٺ ٿي، ٻنيون ٻارا سڪي ويا. جسوڌن جي ڀاڳ به اچي پويان پير ڪيا. سندس هٿ ۾ اُها برڪت نه رهي. اها حالت ڏسي کيس ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ماڻهو ڊوڙايائين ته خبرچار لهي اچو ته ڇا ڳالهه آهي ۽ ڪهڙي سبب کان ڍورو پيو سڪي! ڪي داناءُ ماڻهو ويا ۽ وڃي سڄي ڍوري کي جانچيائون. ڏٺائون ته مار! ماڳهين ڍورو ابتو پيو وهي! تڏهن موٽي آيا ۽ اچي ٻڌايائونس ته: اسين ڏسيو پيا اچون ته اڄ ڍورو ماڳهين ابتو پيو وهي، جنهن ڪري پاڻي نٿو پهچي. فصل ختم ٿي ويا آهن ۽ زمينون سڪي ٺڪر ٿي ويون آهن، ۽ ماڻهو به هتان لڏڻ جي پيا ڪن.

Text Box: 189

 

Text Box: 188

 

اهو ٻڌي جسوڌن کي ڏاڍو ڏک ٿيو. هن دل ۾ خيال ڪيو ته ماڻهو لڏي ويا ته ملڪ ڦٽي ويندو... جيستائين مون وٽ ڪي ڪجهه آهي، سو ڏيئي ماڻهن کي رهايان، پوءِ ٿي سگهي ٿو ته ڌڻي من پنهنجي ٻاجهه ڪري. اهو پهه پڪو ڪري، گڏ ٿيل اَن ماڻهن ۾ ورهائڻ شروع ڪيائين. نيٺ اهو ان به کٽي ويو، تڏهن وري خزانو ورهائڻ لڳو. نيٺ مند موٽي آئي پر ڍورو نه وهيو سو نه وهيو... جيئن پوءِ تيئن سڪندو ويو. هاڻي ماڻهن ۾ به سهڻ ڪونه هو سو ڀڄڻ جي ڪرڻ لڳا.

 

جڏهن جسوڌڻ کي انهيءَ ڳالهه جي خبر پئي تڏهن ماڻهن کي چيائين ته: ڪجهه ڏينهن ترسو. آءٌ سوڻ خاطر ٻه تتر ٿو ڇڏيان، جيڪڏهن اهي موٽي آيا پوءِ توهان ڀلي وڃجو، جي نه ته پوءِ پڪ ڄاڻو ته اسان جا ويل ڏينهن جلد موٽندا، ماڻهن سندس اها ڳالهه مڃي، هن تترن جي جوڙي جهلائي، ٻه - ٽي ڏينهن بـُـک ڏيئي، اڏائي ڇڏي، سڀ ماڻهو انهي تماشي ڏسڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا. ڪيترو وقت گذري ويو پر تتر نه وريا، اتي مڙني ماڻهن جي منهن تي سرهائي آئي، پر سج لٿي مهل ڏسن ته ٻئي تتر آهستي آهستي اڏامندا پيا اچن. سڀني جا منهن لهي ويا. گهڙي کن ۾ ٻئي تتر اچي جسوڌن جي پيرن وٽ ڪريا ۽ اُتي جو اتي مري ويا. اهو رنگ ڏسي جسوڌن، ماڻهن کي چيو ته: هاڻي اوهان کي موڪل آهي جيڏانهن وڻيو تيڏانهن وڃو. ڀر پاسي ۾ ڪٿي به نه پاڻي آهي نه اَن.

اها ڳالهه ٻڌي سڀني جسوڌن کان موڪلايو ۽ جدا جدا پاسن ڏانهن روانا ٿي ويا. فقط جسوڌن، سندس زال ٻانهي ۽ ڏهه ڄڻا ٻـيا، جملي تيرهن ڄڻا وڃي سڄي شهر ۾ رهيا. هنن کي به جڏهن کائڻ لاءِ ڪي ڪين رهيو. تڏهن شهر ڇڏي روانا ٿيا. واٽ تي ڪنهن جاءِ تي کين بک ڏاڍو پريشان ڪيو. اتي هڪڙي هنڌ جسوڌن کي گدرو نظر آيو، سو وڃي پٽيائين، پر رڳو پاڻ نه کاڌائين پر ان کي تيرهن ڦارون ڪري سڀني ساٿين کي ڏنائين. پر هڪڙي گدري جي ڦار مان ڪٿان ڍئو ٿئي. ڪجهه پنڌ ڪرڻ کان پوءِ وري به اچي بک ستاين. تنهن تي جسوڌن پنهنجن ساٿين کي چيو ته: آءٌ، راڻي ۽ ٻانهي هڪ طرف ٿا وڃون، ۽ توهان ٻي پاسي وڃو. پوءِ جنهن جي جيتري قسمت هوندي اوترو نصيب ٿيندو. اهو فيصلو ڪري، ٻه ٽوليون ڪري روانا ٿيا.

اهي ڏهه ماڻهو اڃا ٿورو اڳتي وڌيائي ڪين ته هڪڙو ڍڳو ڏٺائون، هنن کي هئي بک سو اتيئي ڍڳي کي ڪهي، پچائي کائڻ ويٺا. جڏهن کائي ڍؤ ڪيائون ۽ باقي ڪجهه وڃي بچايائون، تڏهن ڏٺائون ته جسوڌن بادشاهه، راڻي ۽ ٻانهي ٽيئي پيا اچن. هنن کي ايندو ڏسي يڪدم باقي گوشت کڻي ڍڪيائون، پر جسوڌن جي نظر پئجي ويئي جنهن تي چيائين ته:

اسان جنين ساڻ، تـِـر وٽي تيرهن ڪيو،

تـِـنـيـن اســان کان، ڍڳـو ڍڪـي کـاڌو.

(اسان جن سان تر به تيرهن حصا ڪري کاڌو، تن اڄ اسان کان ڍڳو لڪائي کاڌو.) اهو ڏوراپو ٻڌي هنن ڏهن ڄڻن شرم کان کڻي ڪنڌ هيٺ ڪيا، ۽ کين ويهڻ جي صلاح ڪيائون، پر جسوڌن چين ته: اسان جي قسمت اسان سان آهي، توهان ڀلي ويٺا ڍؤ ڪريو. ائين چئي هي ٽيئي کانئن جدا ٿي اڳتي روانا ٿيا.

هلندي هلندي اچي هڪ شهر کي ويجها پيا. راڻي چيو ته: انهيءَ شهر ۾ منهنجا مائٽ آهن، انهن وٽ هلي ڪجهه ڏينهن ترسي آرام ڪريون، پوءِ جيئن قسمت هوندي تيئن ڪنداسون، جسوڌن راڻيءَ جي اها ڳالهه قبول ڪئي، يڪدم اوڏانهن رخ رکيائون، جڏهن ان شهر ۾ پهتا ته سندن ڏاڍي آجيان ڪئي وئي ۽ کين ڏاڍي مان شان سان رهايو ويو. راڻي جي ڀاڄائي خاص طرح هنن جي ڏاڍي خدمت چاڪري ڪئي.

Text Box: 191

 

هڪڙي ڏينهن راڻي پنهنجي ڀاڄائي سان گڏ اندر آتڻ ۾ ويئي، جتي سندس ڀاڄائي پنهنجو هار لاهي کڻي آتڻ واري ڪيري ۾ ٽنگيو ۽ پاڻ ويٺيون ڪتڻ ۽ ڳالهيون ڪرڻ. قدرت اهڙي جو ڪيري هڪڙو هڪڙو مڻيو ڪري سڄو هار کائي ويئي. راڻي اهو سمورو لقاءُ ويٺي ڏٺو، پر ڀاڄائيءَ سان ڳالهه ڪانه ڪيائين. پوءِ ڀاڄائيءَ هار جي سنڀار ڪئي. راڻيءَ کيس ٻڌايو ته: مڻيو مڻيو ڪري اها ڪيري هار کائي وئي. پر هوءَ مڃي ئي نه، چي: هار پڪ تو لڪايو آهي. گهڻائي قسم سنهن کنيائين، پر هوءَ مڃي نه، چئي: بس هينئر جو هينئر هتان نڪرو. لاچار راڻي ماٺڙي ڪري جهڙي هئي تهڙي مڙس ۽ ٻانهيءَ سان ٻاهر نڪتي. وري به هي ٽيئي ڄڻا پنهنجي قسمت کي ڏوهه ڏيندا ٻئي پاسي روانا ٿيا.

 

Text Box: 190

 

اتان هلندي هلندي اچي ڪنهن جي وٿاڻ تي پهتا. هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائون پر ڪو ماڻهو نظر نه آين، وري سڏ ڪيائون ته ٿوري دير کان پوءِ هڪڙو شخص آيو، جنهن هنن کان خبرچار پڇي، جنهن تي جسوڌن کيس ٻڌايو ته: آءٌ هڪڙو غريب پورهيت آهيان، ۽ پورهئي جي ڳولا ۾ هت اچي نڪتو آهيان، جيڪڏهن تو وٽ ڪو ڪم ڪار هجي ته ڏس. اهو هن انهي ڪري چيو جو خيال ڪيائين ته جيڪڏهن آءٌ پاڻ کي بادشاهه سڏائيندس ته پهريائين ته هيءُ مڃيندو ڪونه، پر جي مڃيائين ته رهائڻ ۾ هٻڪ ڪندو. جنهن تي ڀاڳيي کيس چيو ته: ادا! آءٌ پاڻ پورهيت آهيان، پر آءٌ ڏسان ٿو ته تون ڪو پريان ڪهي آيو آهين، تنهن ڪري ڀلي ٻه ٽي ڏينهن رهي پئو. جيترا ڏينهن اوهان جو هتي ڀاڳ هوندو پيا کائيندؤ. جيڪي مون وٽ آهي، سو حاضر آهي. پوءِ ماني کڻي آڻي ڏنائين جا هنن ڍؤ ڪري کاڌي.

 

رات جو ڀاڳيو وڃي سمهي رهيو. آڌيءَ رات جو سڀ مينهون اٿيون، پر ڀاڳيو نه اُٿيو، اتي جسوڌن جي اک کلي پئي ۽ زال کي اٿاري چيائين ته: اسان هن جو نمڪ کاڌو آهي، تنهن ڪري ڪجهه ڪم ڪار ڪرڻ کپي. هاڻي آءٌ مينهون پهرائڻ ٿو وڃان ۽ تون پويا رهه. تنهنجي لـڄ ڌڻيءَ تي آهي. ائين چئي سڀئي مينهون ڪاهي ٻيلي ڏانهن ويو. پوءِ ته هن جو اهو دستور ٿي ويو. رات جو ڀاڳيو سمهي رهندو هو ۽ هي مال پهرائڻ ويندو هو. ائين ڪندي ڪي ڏينهن گذري ويا.

هڪڙي رات ڀاڳيي خيال ڪيو ته ڏسان ته سهي هي مينهون ڪيئن ٿو سنڀالي. سو جنهن مهل هي روانو ٿيو، تنهن مهل پاڻ به لڪي هن جي پويان لڳو، سڀ مينهون اچي ٻيلي ۾ بيٺيون، ۽ جسوڌن وچ ۾ بيٺو رهيو. جڏهن ٻيو اوڄو (ويهڪ) ڪري اُٿيون تڏهن هڪڙو پاڏو کير ڌائڻ لاءِ ڊوڙندو آيو، جنهن جي آواز تي مينهن ساڱائي. اهو ڏسي جسوڌن هڪل ئي ۽ ڊوڙي وڃي پاڏي کي پري ڀڄائي ڇڏيائين ۽ پاڻ ويهي مينهن جو کير پٽ تي ڏهي ڇڏيائين! ڀاڳيي جنهن اهو سڄو لقاءُ بيٺي ڏٺو سو ڏاڍو حيران ٿيو ۽ يڪدم نڪري اچي کانئس پڇيائين ته: يار! ڏي خبر! تو کير هارڻ سهسايو، پر پاڏي کي نه پياريو. هارڻ کان تون ئي کير پي ڇڏين ها. جسوڌن چيس ته: ادا! وڏڙن چيو آهي ته ’ماڻهو هرئي کان شينهن هريو چڱو،‘ سو جي آءٌ اڄ کير پيان ها ته هري پوان ها، تنهن ڪري هاري ڇڏڻ مناسب ڄاتم، جي پاڏي کي پياريان ها ته پوءِ وٿاڻ تي ڪونه ويهي ها، ۽ جي کير نه ڏهان ها ته مينهن ٿڻ ڦٽائي ڇڏي ها، انهيءَ ڪري ائين ڪيم. ڀاڳيو هن جي ايمانداري ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، پر چيائينس ته: يار! تو جهڙي سمجهو ۽ لائق ماڻهو جي مون وٽ مزوري ڪانهي. ائين چئي گهر اچي انهن پنجن ڇهن راتين جي خاصي مزدوري ڏيئي، کين روانو ڪيائين.

هي ٽيئي هلندا هلندا اچي هڪڙي ٻئي شهر ۾ پهتا. اتي پهچي جسوڌن خيال ڪيو ته حياتي الاجي ڪيترا ڏينهن آهي. هي جيڪي پيسا آهن، تن مان ڪو چڱو چوکو طعام تيار ڪرائي کائجي، سو ٻانهيءَ کي چيائين ته: آءٌ سامان وٺيو ٿو اچان، تون ڪيئن به ڪري اڄ مون کي بادشاهي طعام تيار ڪري کاراءِ. ٻانهي حڪم جي بندي، تنهن چيو ته: سائين! ڀلي. پوءِ وٽس جيڪي به پيسا هئا تن مان گوشت، چانور ۽ مصالحا وٺي آڻي ٻانهي کي ڏنائين، ۽ ڪجهه شراب پنهنجي غم ٽارن لاءِ وٺي آيو. ٻانهي ڪٿان اُڌارا سڌارا ٿانو وٺي ماني تيار ڪرڻ لڳي. جسوڌن خيال ڪيو ته اڪيلو شراب پيئڻ روا نه آهي، ڪو مڙئي ساڻي ضرور هجي سو ٻيو ته ڪو به ڪو نه هو، باقي ڀر ۾ ڪئي جو هڪڙو ٻر ڏٺائين، تنهن کي پنهنجو نديم بنائي، اڌ گلاس ڏر ۾ هاريائين ۽ اڌ پاڻ پيتائين. ٿوري دير کان پوءِ ٻانهي به کاڌو تيار ڪري آڻي سندس اڳيان رکيو. جسوڌن جان کڻي ڏسي ته چانور ڪينئان ٿيا پيا آهن. اتي کل نڪري ويس ۽ چيائين ته: نڀاڳ وڃي چوٽي ڪئي آهي. ڏکيا ڏينهن گذري ويا ۽ هاڻي ڌڻي ورندو.

Text Box: 192

 

قدرت خدا جي جنهن ٻر ۾ شراب اوتيو هئائين، ان هيٺان ڪو ستن بادشاهين جو خزانو پوريل هو. ٻر واري ڪوئي کي اچي نشن ورايو سو يڪدم زمين کوٽڻ لڳو ۽ وڃي خزاني تائين پهتو ۽ اتان هڪڙو لعل کڻي ٻاهر آڻي ڏر جي مٿان ڇڏيائين. جسوڌن جي نظر وڃي لعل تي پيئي، سو پهرين ته حيران ٿي ويو پر پوءِ ان کي ڌڻيءَ جي مهرباني سمجهي کنيائين ۽ سڌو کڻي شهر ڏي ويو جتي وڪڻي ان مان ٻه اڇن ڪپڙن جا وڳا ٺهرايائين ۽ باقي پيسن مان اها زمين خريد ڪري، چوڌاري ڪوٽ ڏياري، وٺي کوٽيائين. ٻن ڏينهن کان پوءِ اهو سڄو خزانو ظاهر ٿي پيو. پوءِ اهو خزانو کڻائي راڻي ۽ ٻانهي سميت واپس پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽيا. موٽندي رستي تي پنهنجي راڻي جي مائٽن وٽ تـِـٿ (ميار) لاهڻ آيا. قدرت سان آتڻ ۾ راڻي جي ڀاڄائي ڏسي ته ڪيري هڪڙو هار جو مڻيو پيئي ٻاهر ڪڍي، اتي کيس ڏاڍو ڏک ٿيو ته ناحق هنن کي تڪليف ڏنم، اهو خيال ڪري راڻيءَ وٽ اچي کانئن معافي ورتائين ۽ ٻن ٽن ڏينهن تائين کين پاڻ وٽ مهمان ڪري ترسايو.

 

Text Box: 193

 

اڃا جسوڌن اتي ئي هو ته سندس ملڪ جا ڪي ماڻهو کيس ڳوليندي ڳوليندي اچي پهتا، جن کيس ٻڌايو ته: سائين! مبارڪون هجنوَ، ڍورو تار پيو وهي ۽ هاڻي موٽي پنهنجي ملڪ هلو. اها ڳالهه ٻڌي جسوڌن ڏاڍو خوش ٿيو ۽ انهيءَ مهل واپس پنهنجي ملڪ موٽيو. ڍوري ۾ جو پاڻي آيو سو وري آباديون ٿي ويون، ۽ ماڻهو سکيا ٿي ويا، پر کين اهو ڪين وسريو ته سندن هر دلعزيز حاڪم جسوڌن ساڻن ڪهڙا ڀال ڀلايا هئا.

 

جسوڌن هڪ هردلعزيز بادشاهه ۽ سڀني جي خير گهرڻ وارو هو. هو يارن جو يار هو ۽ ڏکئي وقت ۾ به جيڪي ڪي هئس سو يارن سان ونڊي کاڌائين. انهي ڪري ئي کانئس پوءِ به سندس نالو رهجي ويو، تان جو 18 صدي ۾، جڏهن ڀٽائي صاحب پٽيهل جو ڦٽل ڍورو وڃي ڏٺو تڏهن چيائين ته:

ڍورو نه اڳـينءَ ڍار، مـهند مـلاحـن لکيو،

موڙي ڇڏيائون مـَـڪڙا، پسي پاڻيءَ پار،

جـسـوڌن جـيـهـا يـار، پيا وير وياس ۾.

 


 


 

* هن ڳالهه جي روايت ٿرپارڪر (تعلقي ننگر پارڪر) مان منگهارام اوجها کان ملي.

* هن ڳالهه جي روايت مرحوم حاجي علي محمد خان بگهياڙ ۽ حاجي سوڍي خان بگهياڙ (تعلقو ميرپورساڪرو) کان ملي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org