سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: ڳاهن سان ڳالهيون

ڪهاڻي؛ 29 

صفحو ؛ 13

29-گامون سچار1-*

 

اٽڪل يارهين صدي هجريءَ جي ڳالهه آهي ته سنڌ جي اتر واري ڀاڱي جو نواب، غازي خان مرڙاڻي نالي هو. سندس ملڪ ۾ ’بابل‘ نالي هڪڙو وڏو زميندار رهندو هو، جنهن پنهنجي زمين تي هڪڙو ڪوٽ ٺهرايو هو، جتي سڄي عيال سان رهندو هو. بابل کي اولاد ڪونه هو، تنهن ڪري رات ڏينهن رب سائين جي درگاهه ۾ اولاد لاءِ ٻاڏائيندو رهندو هو.

Text Box: 195

 

بابل کي شڪار جو گهڻو شوق هوندو هو، تنهن ڪري هو ڏينهن جا ڏينهن ڪوٽ کان ٻاهر گذاريندو هو. سندس دستور هو ته جڏهن ٻاهر ويندو هو تڏهن ڪوٽ جو ٻاهريون دروازو بند ڪري ويندو هو، ان لاءِ ته ڪو به مرد ماڻهو ڪوٽ اندر نه اچي، ۽ نه وري ڪو ماڻهو ڪوٽ کان ٻاهر وڃي. هڪـڙي ڏينهن بابل شڪار تي ويو ته پٺيان هڪڙو درويش ولي الله گهوڙي تي سوار ٿي اچي ڪوٽ جي دروازي تي پهتو. بند دروازي کي تري هنيائين ته کلي پيو ۽ اهو درويش گهوڙي سميت اندر ڪوٽ ۾ هليو ويو. بابل جي زال هن کي ڏسندي ئي دانهن ڪئي ته: اي خدا جا بندا! تون ڪير آهين ۽ ڇو امالڪ ڪوٽ ۾ گهڙي آيو آهين؟ منهنجي مڙس کي جي خبر پئي ته تو کي توڙي مون کي ماري ڇڏيندو. هن درويش جواب ڏنو ته: مائي! آءُ خدا جي حڪم سان اوهان کي پٽ ڄمڻ جي بشارت ڏيڻ آيو آهيان. هاڻي تون پنهنجي مڙس کي منهنجا سلام چئج ۽ اها خوشخبري به ٻڌائج. مائيءَ جواب ڏنو ته: سائين! هو منهنجي ڳالهه تي اعتبار ڪونه ڪندو. اوهين مهرباني ڪري ڪا اهڙي نشاني ڇڏي وڃو جنهن تي هن کي اعتبار اچي.

 

بابل جي گهر ۾ کجيءَ جو هڪڙو وڻ بيٺل هو، جو ڪيترن ڏينهن کان سڪي ويو هو. درويش انهيءَ کجيءَ ڏانهن نظر ڪئي ته انهيءَ دم سائي ٿي پيئي ۽ ڦر جهلي بيٺي. ان بعد درويش وڃڻ جي ڪئي، تنهن تي مائيءَ مڙس جي اچڻ تائين ترسائڻ لاءِ تمام گهڻو زور ڪيس پر هو نه ترسيو. درويش جي وڃڻ کان پوءِ، مائي وهنجي سهنجي هار سينگار ڪري، ڳاڙهي کٽ تي هنڌ وڇائي بالم ٿي ويهي رهي. شام جو بابل آيو، ڏسي ته ڪوٽ جو دروازو کليو پيو آهي. وري اندر اچي ڏسي ته زال پاڻ سينگاريو ويٺي آهي، ۽ تمام بهار ڏسڻ ۾ پيئي اچي، ويتر زمين تي گهوڙي جا پير لڳل نشان ڏسي دل ۾ شڪ آيس سو يڪدم ترار ڪڍي زال تي الر ڪري آيو ۽ چيائينس ته: سچ ٻڌاءِ ته ڪهڙو ماڻهو اڄ ڪوٽ ۾ اندر آيو هو؟ زال ادب سان چيس ته: سائين! پهريائين کجيءَ ڏي نظر ڪريو، پوءِ ڀلي مون کي ماريو، منهنجي خطا هجي ته آءٌ حاضر آهيان، بابل کجيءَ جي وڻ ڏانهن نهاريو ۽ ڳالهه کي يڪدم سهي ڪري ويو، تڏهن تلوار مياڻ ۾ وجهي زال کي چيائين ته: اي بدنصيب! اهڙو مرد موليٰ! جو اسان وٽ آيو، ته تو ڇو نه چيس ته آءٌ به کجيءَ وانگر سڪل آهيان، ۽ مون کي به سائو ڪري وڃ. مائيءَ چيس ته: توکي سلام چيا اٿس ۽ چئي ويو آهي ته اوهان کي پٽ ڄمندو، پر ان جو نالو ’گامون‘ رکجو. اتي بابل ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پٽ ڄمڻ جي بشارت تي خوب خير خيراتون ڪري ڌڻي تعاليٰ جا شڪرانا بجا آندائين.

Text Box: 197

 

ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ بابل کي پٽ ڄائو. هن جو نالو گامون رکيائون. گامون اڃا ننڍوئي هو ته پڻس بابل ڪورائي فوت ٿي ويو. هاڻي هيءُ ماءُ جي سنڀال هيٺ رهيو. اڄ ننڍو سڀان وڏو، اچي ڏهن ٻارنهن سالن جو ٿيو. هن کي ننڍي هوندي کان ئي سچ ڳالهائڻ جي عادت هئي. ڇا به ٿي پوي پر ڪوڙ اصل نه ڳالهائيندو هو. انهيءَ ڪري هو ’گامون سچار‘ جي نالي سان مشهور ٿي ويو. جيئن ته سندن ٻيو ڪو مٽ مائٽ ڪونه هو، جو زمين جي سنڀال ڪري، تنهن ڪري مائيءَ هارين جي اعتبار تي سڄي ٻني انهن جي حوالي ڪري ڇڏي هئي. پيدائش مان جيڪو به حصو پتي سندن ٿيندو هو، سو هاري کين گهر ويٺي پڄائي ڇڏيندا هئا. وٽن ڏاندن جو ڀلو جوڙو هو. مائيءَ خيال ڪيو ته اهو جوڙو مرشد کي ڏينديس. هڪڙيءَ رات جڏهن گامونءَ سان اها خبر ڪيائين ته اهو ڍڳن جو جوڙو مرشد داتا گنج بخش لاهوريءَ کي ڏيڻو آهي. تڏهن گامونءَ چيو ته: اما! اهو ڪم آءٌ ڪندس. اول خير ته سڀاڻي صبح جو ڏاند ڪاهي لاهور ويندس. ان رات ڪو چور هنن جي گهر ۾ چوريءَ ڪرڻ جي ارادي سان آيو هو، تنهن سموري حقيقت ويٺي ٻڌي. چور دل ۾ خيال ڪيو ته ڇو نه صبح جو اهو جوڙو ڏاندن جو ڇوڪري کان کسي وٺان، منهنجي لاءِ اهائي چوري بس آهي. سو آهستي آهستي لڪي گهر مان نڪري ويو.

 

Text Box: 196

 

ٻئي ڏينهن صبح جو سوير گامون، ڍڳن جو جوڙو ڪاهيو پئي ويو. واٽ تي چـور اڳئي سندس گس جهليو بيٺو هو، تنهن اچي ڍڳن جي رسن ۾ هٿ وڌو. گامونءَ پڇيس ته: تون ڪير آهين؟ ۽ ڇو ٿو ڏاندن ۾ هٿ وجهين؟ تڏهن چور جواب ڏنس ته: ابا هي ڏاند منهنجا آهن. تو ۽ تنهنجيءَ ماءُ رات ڳالهه پئي ڪئي ته هي ڏاند مرشد داتا گنج بخش جا آهن، سو اهو گنج بخش داتا آءٌ آهيان. مون کي لاهور ۾ ئي خبر پئجي ويئي، چيم ته تو کي تڪليف ٿيندي تنهن ڪري آءٌ پاڻ وٺڻ آيو آهيان. گامون اها ڳالهه ٻڌي، ڏاند ان چور جي حوالي ڪيا، ۽ چيائينس ته: سائين! مون کي پنهنجو مريد ڪر. چور چيو: ابا! تنهنجي مريد ٿيڻ ۾ امتحان آهي. ڇوڪري چيو ته: بيشڪ مون کان امتحان وٺو. پوءِ چور گامونءَ جون اکيون ٻڌي ويندو رهيو. ڪو به ماڻهو ڇوڪري جون اکيون کڻيو کولي ته ان کي منع ڪري، چي: جنهن ٻڌيون آهن سو پاڻهي اچي کوليندو.

 

گامونءَ کي انهي حالت ۾ ٻه ڏينهن گذري ويا، نيٺ اهو ساڳيو درويش، جنهن جي دعا سان ڄائو هو، تنهن چور جي شڪل ۾ اچي گامونءَ جون اکيون ڇوڙيون ۽ مريد به ڪيائينس. گامونءَ عرض ڪيو ته: سائين! ٻيو ڪو حڪم هجي ته بندو حاضر آهي. درويش سندس صداقت ڏسي چيو ته: ابا! ڪنهن جي نوڪري نه ڪج، پر جيڪڏهن ڪرين ته مالڪ جو وفادار نوڪر ٿي رهج. ٻيو ته ڪوڙ اصل نه ڳالهائج، ۽ جنهن جي منهن ۾ مهر ڏسين اُن جي خدمت ڪجانءِ. گامون مرشد جي نصيحت ياد ڪري ٽئين ڏينهن پنهنجي گهر موٽي آيو.

گامونءَ جي جلد موٽڻ تي ماڻس کي شڪ جاڳيو، دل ۾ سمجهيائين ته شايد ڏاند هن کان واٽ ۾ ئي ڪو کسي ويو آهي، ۽ لاهور وڃڻ بدران واٽ تان موٽي آيو آهي. سو پڇا ڳاڇا ڪيائين. گامونءَ سڄي ڳالهه ڪري ماءُ کي ٻڌائي. هن ويچاريءَ کي ڳالهه تي اعتبار اچي ويو. سمجهيائين ته مرشد داتا گنج بخش به وڏو ولي آهي سو اچي پنهنجا ڏاند وٺي ويو هوندو.

Text Box: 199

 

گامون کي به پيءُ وانگر شڪار جو شوق هوندو هو. هڪڙي ڏينهن شڪار ڪندي ڪندي، هڪڙي هرڻ کي ڊوڙائي نواب غازي خان جي بادشاهيءَ ۾ وڃي ماريائين ۽ هرڻ کڻي شهر م آيو. گهوڙو هڪڙي وڻ سان ٻڌي، پاڻ ان وڻ هيٺ ويهي هرڻ پچائڻ لڳو. اڃا سيخ مس تيار ڪيائين ته اوچتو هڪڙي ڏرڙِ مان، هڪڙو ڪئو نڪري ٻاهر آيو، جنهن جي وات ۾ سوني مهر هئي. گامونءَ کي مرشد جي ڳالهه ياد آئي. هن سمجهيو هو ته مرشد جو حڪم آهي، ته جنهن جي منهن ۾ مهر ڏسين ان جو ادب ڪج. سو مـِـهرِ کي مـُـهر ڄاڻي ڪئي جي اڳيان ادب سان بيهي رهيو، ۽ عرض ڪيائين ته: سائين! بندو حاضر آهي. ڪئو ڇرڪ ڀري وات مان مهر ڦٽي ڪري ڏرڙ ۾ هليو ويو. گامونءَ مهر کڻي دل ۾ چيو ته مهيني جو پگهار ته اڳواٽ ڏيئي ويو آهي، هاڻي هن جي نوڪري ڪبي، سو سيخ تيار ڪري رکيائين ته پهرين اچي مالڪ کائي، ته پوءِ آءٌ کائيندس ۽ پاڻ پري ٿي ويٺو. ٿوري ويرم گذري ته وري اهو ساڳيو ڪئو، ٻي مهر وات ۾ کڻي ڏرڙ مان نڪري آيو ۽ مهر اتي ڦٽي ڪري گوشت کائڻ لڳو. جڏهن کائي ڍؤ ڪري ڪئو واپس ڏرڙ ۾ هليو ويو. هن جي وڃڻ کان پوءِ گامون باقي بچيل گوشت کائي، ٻي مهر به کڻي قابو ڪئي. دل ۾ چيائين ته، مالڪ ٻئي مهيني جو پگهار به اڳواٽ ڏنو آهي، تنهن ڪري ٻه مهينا ته سندس نوڪري ضرور ڏيڻي اٿم. اهو خيال ڪري هو مهر کڻي بازار ۾ ويو. ٿانءَ سيڌو سامان ۽ ٻيون به جيڪي ضروري شيون کپنديون هئس، سي وٺي اچي انهيءَ ساڳيءَ جاءِ تي گهر ڪري ويٺو.

 

Text Box: 198

 

قصو ڪوتاهه، ڪئو روزانو ايندو هو. کاڌو به کايو ويندو هو ۽ هڪڙي مهر به ڇڏي ويندو هو. هڪڙي ڏينهن گامون مهر کڻي شهر ۾ ويو. هڪڙي دڪان تان پئي مٽايائين ته نواب غازي خان جي خزانچيءَ ڏسي ورتس. هن کان پڇيائين ته: تو هيءَ مهر ڪٿان آندي آهي؟ گامون جواب ڏنس ته: جنهن جو آءٌ نوڪر آهيان، ان ڏني آهي. خزانچيءَ سمجهيو ته ڪو چور آهي، تنهن ڪري چيائينس ته: هلي پنهنجو مالڪ مون کي ڏيکار. گامون به خزانچي کي وٺي انهيءَ جاءِ تي آيو. کيس ويهاري کاڌو تيار ڪرڻ لڳو. خزانچي هيڏانهن هوڏانهن پيو نهاري، ته هن جو مالڪ هتي سڃ ۾ ڪيئن ايندو. گامونءَ چيس ته: تون ڪڇ پڇ اصل نه، ويٺو رهه، متان منهنجو مالڪ تنهنجو ڳالهائڻ ٻڌي ڪاوڙجي نه وڃي. اهو ٻڌي خزانچي چپ ڪري ويهي رهيو. گامونءَ انهيءَ وچ ۾ کاڌو تيار ڪيو. اڃا ٿوري ويرم ٿي ته ڪئو به مهر وات ۾ وجهي، ڏرڙ مان نڪري ٻاهر آيو ۽ مهر زمين تي ڦٽي ڪري کاڌي کي لڳي ويو. خزانچيءَ اهو حال ڏسي دل ۾ خيال ڪيو ته جي منهنجي عزت خراب ڪندو ته هيءُ ڪئو ڪندو. سو ڪڍنديئي پير مان پادر، ٺڪاءُ ڪيائين ته ڪئو مري پيو. گامونءَ کي جا آئي چڙ سو، وري کڻندي ئي ڏنڊو هڻي کڻي خزانچيءَ کي ته اهو به دنيا کان موڪلائي ويندو رهيو. پوءِ گامونءَ پنهنجي مالڪ ڪئي جي ڏک ۾ ويهي روئڻ پٽڻ لڳو. هن جي ورئڻ تي ماڻهو اچي گڏ ٿيا، ڏسن ته خزانچيءَ کي به ماري وڌو اٿس، سو سڌو ويا نواب غازي خان وٽ ۽ وڃي حقيقت ٻڌايائونس. نواب حڪم ڪيو ته: هڪدم گامونءَ کي وٺي اچو. ماڻهن اچي چيس ته: گامون! هل، تو کي نواب صاحب گهرايو آهي. جواب ڏنائين ته: حاضر ادا! پهرين پنهنجي مالڪ کي دفن ڪريان، ۽ ٽي ڏينهن سندس تڏو اُجاريان ته پوءِ هلندس. نواب جا نوڪر چاڪر ويندا رهيا ۽ وڃي اها حقيقت ٻڌايائون، جنهن چيو ته: چڱو ٽن ڏينهن کان پوءِ وٺي اچجوس.

 

گامونءَ مزورن کي هڪڙي هڪڙي سوني مهر ڏني، جن ملان آندو ۽ ڪفن دفن جو سامان گڏ ڪري، ڪـُـئي کي دفن ڪيو. هي ٽي ڏينهن تڏو وجهي ويٺو. ڪانڌين کي به پاڻ وٽ رهايائين، انهن جي کاڌي پيتي جو انتظام به رکيائين، هڪڙي هڪڙي مهر به کين ڏنائين. نيٺ ٽي ڏينهن پورا ٿيا ۽ هي سڌو نواب غازي خان جي درٻار ۾ اچي حاضر ٿيو. نواب صاحب پڇيس ته: گامون! خزانچيءَ کي تو ماريو آهي. گامونءَ جواب ڏنو ته: هائو سائين، مون ماريو آهي. جيڪڏهن آءٌ توهان جو نوڪر هجان، ۽ توهان جو ڪو دشمن هجي ته آءٌ ان کي ڇڏي ڏيان؟ اوهان جي خيال ۾ هو ڪـُـئو هو، پر آءٌ ته هن جو پگهاردار نوڪر هوس، سو ان جي دشمن کي ڪٿي ٿو ڇڏيان؟ نواب صاحب کي هن جو جواب ڏاڍو وڻيو ۽ کيس چيائين ته: اڄ کان وٺي تون منهنجو نوڪر ٿي رهه ته توتان خون معاف ڪريان. گامونءَ چيس ته: سائين! جي منهنجو مالڪ جيئرو هجي ها ته آءٌ ڪنهن وٽ به نوڪري ڪانه ڪريان ها، پر هاڻي جڏهن هو مري ويو هو، تڏهن توهان وٽ نوڪري ڪرڻ لاءِ حاضر آهيان.

قصو ڪوتاهه، گامون نواب غازي خان وٽ نوڪري ڪرڻ لڳو. سندس سچ ڳالهائڻ تي نواب کيس تمام گهڻو ڀائنڻ لڳو ۽ ڏينهون ڏينهن سندس پگهار ۽ عهدو وڌائيندو ويو، تان جو نواب کيس پنهنجو وزير مقرر ڪيو. نواب غازي خان وٽ ٻيو به هڪڙو وزير بشارت خان جتوئي هوندو هو. گامون تي نواب صاحب جو ايترو راض ڏسي اهو پيو سڙندو هو. هر وقت نواب صاحب جي اڳيان اها شڪايت پيو ڪندو هو ته: نواب صاحب! ڇا جو گامون سچ ٿو ڳالهائي، هو وڏو ٺڳ آهي، اوهان جي دل تي خالي وهم ويهي رهيو آهي ته گامون سچار آهي. نواب صاحب چيو ته: بشارت خان! گامون ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندو. تون ثابت ڪري ڏيکار ته ڪيئن گامون ڪوڙو آهي! بشارت خان عرض ڪيو ته: سائين گامون کان پڇي ڏسو ته سندس پيءُ جو نالو ڇا آهي. پوءِ جي نالو ٻڌايائين ته چئبو ته ڪوڙو آهي. نواب صاحب هڪدم ماڻهو موڪلي گامون کي ڪچهريءَ ۾ گهرايو ۽ کانئس پڇيائينس ته: گامڻ خان! تنهنجي پيءُ جو نالو ڇا آهي؟ تنهن تي گامون جواب ڏنو ته: سائين! مون کي پوري پڪ ڪانهي ته آءٌ ڪنهن جو پٽ آهيان. تنهن ڪري پيءُ جو نالو ٻڌائي نٿو سگهان، باقي اها پڪ اٿم ته امان جو ڄڻيل آهيان، وڌيڪ خاطري وٺڻي اٿو ته امان کان پڇي پوءِ ٻڌائي سگهندس. نواب صاحب، بشارت خان کي چيو ته: ٻڌئي گامونءَ جو جواب! هو ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندو. خاطري نه هئس ته پيءُ جو نالو به نه ٻڌايائين. وزير کڻي ماٺ ڪئي پر دل جو سور دل ۾ رهجي ويس، ۽ خيال ڪيائين ته وري ڪا ٻي تجويز هٿ ڪري، گامونءَ جو ڪوڙ ضرور ثابت ڪندس.

Text Box: 201

 

Text Box: 200

 

هڪڙي ڏينهن ڪچهريءَ ۾ نواب صاحب سڀني نوڪرن کي چيو ته: اوهين سڀئي نوڪر رڳو چاپلوس آهيو، جيڪڏهن سچو نوڪر آهي ته گامون آهي. مون کي پڪ آهي ته سر وڃڻ جو به خيال نه ڪندو، مگر ڪوڙ به اصل نه ڳالهائيندو. موقعو ڏسي وزير جواب ڏنس ته: سائين! آءٌ گامون کي ڪوڙو ثابت ڪري ڏيکاريندس. هيءُ ڪوڙ ڪيئن نه ڳالهائيندو! ڪوڙ کان سواءِ اصل هلي ڪين سگهندو، پر هڪڙي مهرباني ڪريو جو کيس مهري اُٺ چارڻ لاءِ ڏيو ته وڃي باغ ۾ چاري. پوءِ پاڻيهي ڪوڙ نه ڪوڙ جي خبر پئجي ويندي. نواب صاحب اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ گامونءَ کي سڏائي چيائين ته: گامڻ خان! اسان جو جت بيمار ٿي پيو آهي، تو کان سواءِ ٻئي ڪنهن ۾ ڀروسو به نٿو ٿئيم، تنهن ڪري منهنجي سواريءَ جا ٻه مهري اُٺ، تون پاڻ وٺي وڃي باغ ۾ چار، جيستائين جت چڱو ڀلو ٿئي. گامون حاضر چئي، اٺ ڪاهي باغ ۾ اچي چارڻ ويٺو. وزير حسد جو ماريل سڌو پنهنجي گهر آيو ۽ پنهنجي ڌيءَ کي اچي چيائين ته: تون باغ ۾ وڃ، اتي گامون ويٺو نواب غازي خان جا اُٺ چاري، ڪنهن به ترڪيب سان انهن مان هڪڙو اُٺ ڪهارائي وجهينس، نه ته پنهنجو خير ڪونهي. وزير جي ڌيءَ، پيءُ جو حڪم ٻڌي انهيءَ مهل ئي باغ ۾ آئي، ۽ اتي گهمڻ ڦرڻ لڳي. گامونءَ سمجهيو ته شايد نواب صاحب جي پاسي جي پهر آهي، سو وزيرزادي سامهون اچيس ته منهن ڦيرايو ٻئي پاسي ٿي ڪيائين. وزيرزادي به وري وري اچيو سندس اڳيان بيٺي ته من گامون ڳالهائي، پر ٻيو ٿيو خير. آخر گامون جڏهن ڏٺو ته هيءَ منهنجي پچر نٿي ڇڏي، سو پڇيائينس ته: ڪير آهين جو بيگانن وانگر پئي ڦرين؟ ڇوڪريءَ نرمائيءَ سان جواب ڏنس ته: آءٌ وزيرزادي آهيان، تو وٽ ڪنهن تمام لاچاري ڪم لاءِ آئي آهيان. اهو هيءُ ته مون کي اُٺ جو هيانءُ کپي ٿو، سو ڀلائي ڪري اُٺ ڪهي، سندس هيانءُ ڪڍي ڏي. گامون اهو ٻڌي چيس ته: جي آءٌ نواب صاحب جو اُٺ ڪهي توکي سندس هيانءُ ڪڍي ڏيان، ته هو مارائي ڇڏيم، پر اهو به سر تي کڻي سهان ۽ تنهنجو ڪم ڪريان، پر تون ان جي عيوض مون کي ڇا ڏيندينءَ؟ ڇوڪريءَ جواب ڏنس ته: جي تون منهنجو چوڻ مڃي اهو ڪم پورو ڪندين، ته پوءِ منهنجو سر به تنهنجي اڳيان حاضر آهي. گامون يڪدم رسو کڻي، اُٺ کي مضبوط ٻڌي کڻي دسيو، پوءِ ڪهي هيانءُ ڪڍي ڇوڪريءَ جي حوالي ڪيائين. ڇوڪريءَ چيس ته: هاڻي لوڻ ۽ مرچ کڻي اچ ته هيءُ هيانءُ پـچائي ٻئي گڏجي کائون. وزيرزادي تمام سهڻي هئي، ٻيو ته سندس قرب وارين ڳالهين کيس موهي وڌو هو، تنهن ڪري جيئن هن چيس ٿي تيئن ٿي ڪيائين. سو ڇوڪريءَ جي چوڻ موجب ويو لوڻ مرچ کڻڻ ۽ پٺيان ڇوڪري وجهه وٺي هيانءُ کڻي ويندي رهي. گامون موٽي اچي ڏسي ته مار، هيءَ ته ٺڳي ڪري مون کان نواب صاحب جو اُٺ ڪهائي ويندي رهي. هاڻي نواب کي ڪهڙو جواب ڏيندس. پوءِ دل ۾ چوڻ لڳو ته: ٻيلي گامن، هاڻي مارجي وئين، پهرين ئي ڏينهن هڪڙو اُٺ ڪٺو اٿيئي. اتيئي ڳڻتين ۾ ويهي رهيو. آخر خيال ڪيائين ته ڪنهن کان مڙئي صلاح وٺان. آسپاس ڏٺائين ته ماڻهو ڇيڻو هئو ئي ڪونه، رڳو ٻوڙا بيٺا هئا، سو ڇا ڪيائين جو ٽن ٻوڙن کي ڳنڍيون ڏيئي، انهن مان هڪڙي تي گندي، ٻئي تي چولو ۽ ٽئي تي پٽڪو رکيائين. پوءِ گنديءَ واري ٻوڙي کان پڇيائين ته: جيڪڏهن نواب صاحب پڇي ته گامڻ، اٺن چري ڍؤ ڪيو، ۽ آءٌ جواب ڏيانس ته، سائين، هڪڙي اٺ کي شينهن ماري ويو، ته نواب صاحب اعتبار ڪندو؟ وري پاڻ کي پاڻيهي چوڻ لڳو ته: نواب صاحب چوندو ته شينهن جو پيرو هلي ڏيکار. ٻيلي گامڻ! اها ڳالهه به ٺهي ته ڪانه، ڪوڙو ٿي پوندين. ڪٿي آهي شينهن جو پيرو؟ اهڙيءَ طرح وري چولي واري ٻوڙي کان به ائين پڇيائين ته: جيڪڏهن نواب صاحب کي ٻڌايان ته ڌاڙيل آيا، جي اٺ ماري ويا. ته وري به نواب صاحب چوندو ته هلي اهي ڌاڙيلن جا پير ڏيکار. پير ڪٿي آهن؟ ٻيلي گامڻّ! اها ڳالهه به ٺهي ته ڪانه، ڪوڙو ٿي پوندين. وري پٽڪي واري ٻوڙي کان به اهڙيءَ طرح پڇيائين. اتان به نااميد ٿي پاڻهي پاڻ کي جواب ڏنائين ته: گامڻ خان! ڇا به ٿي پوي، ڳالهه نواب صاحب سان سچي ڪبي. نواب صاحب چوندو ته، پرواهه ناهي. اٺ ڪٺو ته ارمان ڪونهي، ڪوڙ ته ڪونه ڳالهايو اٿئي!

 

Text Box: 203

 

Text Box: 202

 

گامون دل ۾ اها رٿ رٿي، باقي هڪڙو اٺ وٺي موٽي آيو. ان کان اڳ بشارت خان وزير، اٺ جو هيانءُ کڻي وڃي نواب صاحب جي اڳيان رکيو ۽ ٻڌايائينس ته: سائين جن جي سواريءَ وارو اٺ، اڄ گامڻ خان ڪهي ڇڏيو آهي، هي اُن اُٺ جو هيانءُ آهي. شام جو گامون، باقي هڪڙو اٺ ٻڌي نواب صاحب جي ڪچهريءَ ۾ آيو. نواب صاحب پڇيس ته: گامڻ خان! ڪيئن اٺن کائي ڍؤ ڪيو؟ گامون هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته: سائين! هڪڙو اٺ مون ڪهي ڇڏيو. نواب صاحب حيران ٿي پڇيس ته: ڇو؟ تنهن تي هن سموري ڳالهه ڪري ٻڌائي، ۽ چيائينس ته: ڇوڪري هئي تمام سهڻي، تنهن ڪري مون به کڻي سندس چوڻ مڃيو، وري جو انجام به ڏنائين تنهن ته هيڪاري مجبور ڪري وڌو. هاڻي مون کان خطا ٿيڻي هئي سا ٿي، وڌيڪ سائين جن مالڪ آهن، آءٌ برابر ڏوهاري آهيان. وزيرزاديءَ جو ڪوبه ڏوهه ڪونهي، سزا جيڪا ڏيو تنهن لاءِ آءٌ حاضر آهيان. نواب صاحب ڳالهه ٻڌي يڪدم اُٿي گامون کي ڀاڪر پاتو ۽ چيائينس ته: گامڻ خان! تنهنجي سچ ڳالهائڻ تي مون کي ايتري خوشي ٿي آهي، جو جيڪڏهن اُٺن جو سڄو گلو ڪهي ڇڏين، ته به پرواهه نه آهي. پوءِ نواب صاحب بشارت خان کي چيو ته: ڏٺئي! مون اڳئي چيو هو ته گامڻ خان مرڻ قبوليندو پر ڪوڙ اصل نه ڳالهائيندو. هاڻي تنهنجي ڌيءَ گامونءَ سان انجام ڪري آئي آهي، تنهن ڪري جلدي اهو سڱ هن کي ڏي. وزير ڀري ڪچهريءَ ۾ اها ڳالهه ٻڌي اندر ۾ سڙي پچي ويو. لاچار نواب صاحب جي حڪم موجب ڌيءَ جو سڱ ڏيڻو پيس.

 

جيئن جيئن وزير، گامون جي خلاف گهاٽ گهڙيندو رهيو، تيئن تيئن نواب صاحب جو هن جي مٿان وڌيڪ راض ٿيندو ويو. آخرڪار وزير پڪو ارادو ڪيو ته ڪنهن به طرح گامون کي ڪوڙو ثابت ڪرڻو آهي. آخر هڪڙي رٿ رٿي نواب صاحب کي چيائين ته: سائين! ڪچهريءَ ۾ سڀني کي حڪم ٿئي ته واري سان سڀڪو ڪو نه ڪو نقل ضرور ٻڌائي. گامونءَ کي به چئجي، ته اهو به ڪو نقل ٻڌائي. نواب صاحب چيو ته: بيشڪ ائين ٿيڻ کپي، ڪچهريءَ ۾ آکاڻي ٻڌائڻ به ڪچهريءَ جي نزاڪت آهي. سڀني ڪچهريءَ وارن کي حڪم ٿيو، جي واري واري تي ننڍيون وڏيون آکاڻيون ٻڌائيندا ويا. پڇاڙيءَ جو وارو گامون تي آيو ۽ کيس حڪم ٿيو ته ڪو نقل ٻڌاءِ. دراصل وزير جو خيال هو ته گامون به ضرور ڪا آکاڻي ٻڌائيندو، ڪوڙ کان سواءِ آکاڻي ٺهندي ڪانه، پاڻهي ڪوڙو ثابت ٿيندو. پر گامون اڳئي اها ڳالهه سمجهي ويو هو، تنهن نواب صاحب جي حڪم تي هن طرح قصو شروع ڪيو:

Text Box: 204

 

هڪڙي هنڌ عقل بادشاهه پنهنجي ڌيان وزير، لياقت راڻي، مروت ٻانهي، قرب ڪوٽوال ۽ داناءُ لشڪر سان رهندو هو. عقل بادشاهه کي پٽ ڄائو، نالو رکيائينس عشق، عشق شهزادو جڏهن وڏو ٿيو، تڏهن ڌيان وزير چيو هن کي پڙهائجي، وجود جي ڪوٽ ۾ رهائجي، ۽ قرب جو قاضي، محبت جو ملان سندس استاد مقرر ڪجن. هن جي خدمت ۾ صحت ۽ راحت ٻه ٻانهيون، ۽ نياز نوڪر پڻ ڏنا وڃن. عشق شهزادو جڏهن پڙهي قابل ٿيو، تڏهن قرب جي قاضي ۽ محبت جي ملان بادشاهه کي چيو ته: شهزادي جو امتحان وٺو. بادشاهه امتحان ورتو جنهن ۾ شهزادو پاس ٿيو. پوءِ ڌيان وزير سان صلاح ڪيائين ته هاڻي هن کي ڪنهن ملڪ جي حڪومت ڏجي ته بادشاهيءَ جو ڪم سکي. وزير هن کي توبهه جي ڪوٽ جي نوابي ڏيڻ جي رٿ ٻڌائي. بادشاهه قبول ڪيو. توبهه جي ڪوٽ ۾ ٽهڻو راڄ، ڀڄڻو مهاڄڻ، کرکسو زميندار ۽ شيطان مکي رهندا هئا. تن جو عشق شهزادي جي اچڻ جي خبر ٻڌي، تڏهن صلاح ڪيائون ته اڳ عقل بادشاهه هو، پر هينئر عشق بادشاهه ٿيو آهي، تنهن ڪري ڇو نه سڀئي شهر ڇڏي هليا وڃون ته عشق بادشاهه شهر خالي ڏسي پاڻيهي واپس هليو ويندو.

 

Text Box: 205

 

عشق بادشاهه کي طمع جو تازي، لالـچ جو لغام، رهاڻ جا رڪيب، ٿانهر جا ٿـڙا، اُلٽُ پلٽ جي انڌاري، حيرت جو هنو ۽ چالاڪيءَ جو چهبڪ ڏنائون. هي ان تي سوار ٿي، نظر وزير ۽ ظلم ڪوٽوال ساڻ ڪري اچي توبهه جي ڪوٽ ۾ پهتو. ڇا ڏسي ته ڪا به رسائي ٿيل ڪانهي. نظر وزير کان پڇيائين ته: هن جو سبب ڇا آهي؟ وزير چيو ته: هتي جا رهندڙ تنهنجي اچڻ ۾ ناراض آهن، جنهن ڪري ائين ٿيو آهي. عشق بادشاهه وزير کي چيو ته: پوئتي موٽي هلون ۽ بابي کان ڪنهن ٻئي ملڪ جي حڪومت وٺون. ظلم ڪوٽوال چيو ته: سائين! آءٌ ماڻهن کي وٺي ٿو اچان، پهريائين انهن کان احوال پڇو پوءِ ڀلي واپس هلو. بادشاهه اها ڳالهه قبول ڪئي. ظالم ڪوٽوال ماري ڪٽي، سڀني ماڻهن کي آڻي عشق بادشاهه جي اڳيان حاضر ڪيو، جنهن کر کسي زميندار ۽ شيطان مکيءَ کان پڇيو: اوهين ڪهڙي سبب کان شهر ڇڏي ويا آهيو؟ هنن جواب ڏنو ته: بادشاهه! تون جي اسان کان پريم رس جو پيالو ۽ آبحيات گهرين ته اهو اسين ڪٿان آڻي ڏينداسون! عشق بادشاهه اهو ٻڌي، حڪم ڪيو ته اهو پريم رس جو پيالو ۽ آبحيات هڪدم آڻي ڏيو. سڀني ماڻهن جواب ڏنو ته: اهو اسين آڻي ڪونه سگهنداسون. بادشاهه پڇيو ته: ڀلا، اهو ڪٿان ايندو ۽ ان جو ڏس پتو ٻڌايو. هنن چيو ته: اولهه طرف وحدت جو درياءُ آهي. ان جي پرينءَ ڀر دل بادشاهه جي حڪومت آهي.ان جي ڌيءَ حسن افروز وٽ پريم رس جو پيالو ۽ آبحيات آهي. عشق بادشاهه، نظر وزير کي سموري خبر چار وٺي اچڻ جو حڪم ڪيو.

 

Text Box: 207

 

هڪڙي ڏينهن عشق بادشاهه محلات ۾ ويٺو هو ته دروازو کڙڪيو. بادشاهه پڇيو ته: ڪير آهي. جواب مليو ته: نفس بادشاهه توهان جي ملاقات لاءِ آيو آهي، ساڻس شيطان وزير، حرامي ڪوٽوال، لچائي راڻي، حرڪت ٻانهي ۽ بدمعاش لشڪر به آهي. عشق بادشاهه هن کي اندر گهرايو. هنن پاڻ ۾ گڏجي حال احوال ڪيا. عشق بادشاهه کانئس پريم رس جي پيالي ۽ آبحيات جو ڏس پڇيو ۽ چيائينس ته: مون پنهنجو وزير به اوڏانهن خبر لهڻ لاءِ موڪليو آهي. نفس بادشاهه چيس ته: پريم رس جو پيالو ۽ آبحيات هٿ اچڻ سولو ڪم نه آهي. مون سان گڏجي هل ته آءٌ توکي اوڏانهن وٺي هلان. چريائيءَ جو چارو ڏئي، سڃائيءَ جي سڙڪ وٺي اڳتي هلنداسين ته ٻيائيءَ جي ٻيڙي ايندي، جنهن تي چڙهي درياءَ جي ٻيءَ ڀر دل بادشاهه جي ملڪ ۾ هلنداسون. جنهن جي شهر ۾ پاور جي پوليس کي، بانور جون بندوقون هونديون. آءٌ توکي ڏکن جي ڏاڪڻ رکي، ڪماليت جي ڪوٽ تي چاڙهي ڇڏيندس. پوءِ تون قرب جي ڪنگرن ۾ پٽڪو ٻڌي هيٺ لهي وڃج، اتي حسن افروز وٽ به ٻه ٻانهيون آهن: هڪڙي ننڊ ۽ ٻي غفلت، آرام ۽ قرار به نوڪر هوندا. تون پريم رس جو پيالو ۽ آبحيات پي هليو اچج، ته پوءِ موٽي اينداسون. اها صلاح بيهاريائون ته اوچتو وري در کڙڪيو. عشق بادشاهه پڇيو ته: ڪير آهي؟ چيائون ته: فساد بادشاهه، نقصان وزير، جهڳڙو ڪوٽوال، جدائي راڻي، ڪلفت ٻانهي ۽ هـُـل لشڪر سميت ملاقات لاءِ آيو آهي.

 

Text Box: 206

 

عشق بادشاهه نوڪرن کي حڪم ڪيو ته: اندر آڻيوس. فساد بادشاهه سان حال احوال ڪيائين ۽ چيائينس ته: آءٌ نفس بادشاهه سان گڏجي، پريم رس جو پيالو ۽ آبحيات پيڻ وڃان ٿو. فساد بادشاهه چيس ته: تون ناحق نفس سان گڏجي وڃين ٿو، تون مون سان گڏجي هل ته آءٌ لڙائي ڪري به اتان جي بادشاهي به توکي وٺي ڏيان ۽ پريم رس جو پيالو ۽ آبحيات به پياريئين. اهو ٻڌي جشق بادشاهه ساڻس پڪي رٿ بيهاري. اڃا ٿوري ويرم ئي ڪين گذري ته وري در تي ٺڪ ٺڪ ٿي. عشق بادشاهه پڇيو ته: ڪير آهي؟ جواب مليس ته: شانُ بادشاهه آيو آهي. ساڻس مانُ وزير، قرب ڪوٽوال، ڳڻ راڻي، مروت ٻانهي ۽ حياءُ لشڪر به آهي. بادشاهه چيو ته: اندر آڻيوس. شان بادشاهه اندر آيو، پاڻ ۾ حال احوال ڪيائون. شان بادشاهه چيس ته: خبردار، متان انهن فسادين جي چوڻ تي اوڏانهن وڃين، جيڪو توکي ٻيائيءَ جي ٻيڙيءَ تي چاڙهيندو، سو ڪيئن پار پـڄائيندو؟ اتي توکي چور ڪري کڻي ٻڌن ته اها تنهنجي بيعزتي آهي. تنهن ڪري صلاح اها آهي ته جيسين نظر وزير موٽي اچي، تيسين صبر ڪر ته وڌيڪ صلاح پوءِ بيهارينداسين. اڃان ٿوري دير مس گذري ته وري دروازي تي آواز ٿيو. بادشاهه پڇيو ته: ڪير آهي؟ جواب مليس ته: درد بادشاهه آهي. ساڻس غم وزير، فراق ڪوٽوال، ڳڻتي راڻي،جهوري ٻانهي ۽ سوداءُ لشڪر به آهي، ملاقات لاءِ آيو آهي. عشق بادشاهه کيس اندر گهرايو. بادشاهه جي نظر درد تي پيئي ته يڪدم روئي ڏنائين. آئي جا ننڊ ٻانهي سا يڪدم بادشاهه کي وٺي ويئي.

 

هوڏانهن نظر وزير، وحدت جي درياءَ تي پهتو. جتي ٻاجهه جي ٻيڙي، محبت جا ملاح، ويچار جا ونجهه، رمز جون رسيون، سڪ جا سڙهه ۽ برهه جون بيرقون ڏٺائين. محبت جي ملاحن کي چيائين ته: پتڻ ڏيندو سانو، پر مون کي هن ڀر ٽپايو. محبت جي ملاحن چيو ته: ٻاجهه جي ٻيڙيءَ تي بادشاهه چڙهندا آهن، تو کي نه چاڙهينداسين. اڳيان ٻيو پتڻ اٿئي، اتي وڃ. نظر وزير ٻئي پتڻ تي ويو. اتي ٻيائيءَ جي ٻيڙيءَ تي مصيبت جا ملاح، وسواس جا ونجهه، ساڙ جا سڙهه ۽ بحث جون بيرقون ڏٺائين. انهن کي چيائين ته مون کي هـُـن ڀر ٽپايو. مصيبت جي ملاحن چيو ته: اسان ٻيائيءَ جي ٻيڙيءَ تي ڪڏهن به ماڻهو نه ٽپايو آهي. جيڪو به ٻيائيءَ جي ٻيڙيءَ تي چڙهيو سو ٻڏو، تنهن ڪري تون وري به باجهه جي ٻيڙيءَ تي پهچ ته اها توکي پار اُڪاري ڇڏيندي. نظر وزير موٽي انهيءَ پتڻ تي آيو ۽ اچي منٿو ڪيائين. محبت جي ملاحن چيس ته: تون توڪل جو ترهو ٻڌي، وحدت جي درياءَ ۾ گهڙي پئو، ته اهو توکي اُڪاري پار وٺي ويندو. نظر وزير توڪل جو ترهو ٻڌي، وحدت جي درياءَ ۾ گهڙي پيو ته ڪجهه وقت کان پوءِ هن ڀر وڃي پهتو. اڳيان هڪڙو ماڻهو بيٺو هو، ان کان پڇيائين ته: هي شهر ڪهڙو آهي؟ هن جواب ڏنس ته: هي شوق جو شهر آهي، هتي دل بادشاهه جي حڪومت آهي. ان کان پڇيائين ته: ڀلا شهر ۾ اندر ڪٿان وڃبو؟ هن جواب ڏنس ته: وسواس گهٽي وٺي، برهه جي بازار ۾ وڃي پئو. اتان دليريءَ جو دروازو ٺهيل آهي، سو لنگهي اندر وڃج. اڳيان وري ڪماليت جو ڪوٽ اٿئي، جنهن کي قرب جا ڪنگرا به آهن. دروازي تي پاور جي پوليس بيٺي آهي، انهن کي بانور جون بندوقون آهن، ۽ تڪرار جون توبون به وٽن آهن.

Text Box: 209

 

نظر وزير ڏس پتو پڇي ان رستي کان ويو. وسواس جي گهٽي لنگهي، برهه جي بازار ۾ آيو. ڇا ڏسي ته سبحان الله! دڪان سڀ کليا پيا آهن. دڪاندار به دڪانن تي ويٺا آهن. هڪڙي وڏي دڪان تي شريعت، طريقت، معرفت ۽ حقيقت جو وکر رکيو آهي. دڪاندار سودي ڏيڻ لاءِ سڏ پيا ڪن. وري ٻئي دڪان تي مام جون ململون، سڪ جون سلڪون ۽ وير جو وائلو رکيل ڏسڻ ۾ آيس. ٽئي دڪان تي وري اورچائيءَ جا انب، فڪر جون ڦريون، ڏکن جا ڏاڙهون ۽ خوشيءَ جون کارڪون رکيل هيون. چوٿين دڪان تي وري فقط ڦڪڙيءَ جو هڪڙو وکر رکيل هو. اهو دڪاندار پيو چوي ته: اچو ته سودو سستو ۽ گهڻو ڏيانو.

 

Text Box: 208

 

نظر وزير فقط هڪ پائيءَ جي ڦڪڙي ورتي پر اها کڻي ته کڻي نه سگهي، جي گهلي ته گهلي نه سگهي ۽ ڇڏي ته ڇڏي نه سگهي. دڪاندار کي چيائين ته: هن مان جند ڇٽندي يا عمر ئي ويئي؟ دڪاندار چيس ته: قياس ۽ لحاظ مزرو آهن، انهن کي چؤ ته مزوري ڪن. هن انهن کي چيو، پر انهن به مزوري ڪرڻ قبول نه ڪئي. چيائونس ته: دل بادشاهه جون ٻه ٻانهيون، هيڻائيءَ ۽ ڪمزوري آيون ته تنهنجو ڇٽڻ ڪونهي، باقي جي ٻيون ٻه ٻانهيون جرئت ۽ طاقت آيون ته اهي توکي ڇڏائينديون. تقدير سان هيڻائي ۽ ڪمزوري ٻانهيون به اچي سهڙيون. هن انهن کي منٿون ڪيون، پر انهن مان هڪڙيءَ جواب ڏنو ته: چيلهه ۾ سور اٿم. ٻيءَ جواب ڏنو ته: منهنجو مٿو ٿو ڦري، اسين مزوري ڪانه ڪنديونسين. ايتري ۾ جرئت ۽ طاقت ٻه ٻانهيون اچي ويون. انهن کي چيائين ته: مهرباني ڪري منهنجي جند ڇڏايو. هنن ڦڪڙيءَ جي وکر کي مروڙي سروڙي کڻي هڪڙيءَ کڏ ۾ اڇلايو، ۽ هن جي جند آزاد ڪيائون. پوءِ نظر وزير وسواس جي گهٽي لنگهي، دليريءَ جي دروازي کان ٽپي، دل بادشاهه جي ڪچهريءَ ۾ پهتو. وڌي وڃي سلام ڪيائين. بادشاهه هن کان احوال پڇيو. نظر وزير، عشق بادشاهه جو سمورو احوال پيش ڪيو، ته پريم رس جو پيالو ۽ آبحيات گهرجي، ان لاءِ آيو آهيان، بادشاهه ٻڌي جواب ۾ چيو ته: اڄ رات هتي ترس سڀاڻي توکي جواب ڏينداسون.

 

قصو ڪوتاهه، رات ٿي ته بادشاهه جون ٻه راڻيون هڪ لـڄ ۽ ٻي مرم، ۽ ٻه پٽ حياءُ ۽ شرم، ٻه ٻانهيون صلاح ۽ مصلحت ۽ ويچار وزير اچي گڏ ٿيا. دل بادشاهه سڀني کي ٻڌايو ته: عشق بادشاهه جو وزير آيو آهي. پريم رس جي پيالي ۽ آبحيات جي گهر ٿو ڪري. صلاح ۽ مصلحت جواب ڏنو ته: حسن افروز کي گهرائي جواب ان کان وٺو، ڇو ته ڪم به انهيءَ جو آهي، ۽ اهي شيون به ان وٽ آهن. حسن افروز ڏي ماڻهو ويو. هوءَ پنهنجون ڇهه سهيليون هستي، مستي، خودي، خوءِ، تڪڙ ۽ ڪاوڙ ۽ ٻه نوڪر فخر ۽ غرور پاڻ سان وٺي اچي حاضر ٿي. اچڻ تي کيس سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايائون ۽ چيائونس ته: هاڻي ٻڌاءِ ته ڪهڙو جواب ڏجي؟ حسن افروز کان اڳ، تڪڙ ۽ ڪاوڙ جواب ڏنو ته: سڏائي ٿو عشق ۽ ويهي ٿو توبهه جي ڪوٽ ۾! پاڻ هتي روبرو ايندو ته پريم رس جو پيالو ۽ آبحيات ڏينداسون. صبح جو دل بادشاهه، نظر وزير کي جواب ٻڌايو ته: جي تنهنجو بادشاهه هتي ايندو ته سندس ڪم ٿيندو. نظر وزير عرض ڪيو ته: سائين مون گهڻي تڪليف ورتي آهي، ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان، اوهين مهرباني ڪري پنهنجو ماڻهو موڪلي عشق بادشاهه کي احوال ڏيو ته ڏاڍو چڱو! دل بادشاهه اها ڳالهه قبول ڪري پنهنجا ٻه نوڪر، نياپو ۽ سنيهڙو موڪليا. جڏهن نوڪر عشق بادشاهه وٽ پهتا، ۽ سمورو احوال پيش ڪيائون، تڏهن بادشاهه يڪدم هلڻ لاءِ تيار ٿيو. ايتري ۾ عقل بادشاهه کي خبر پئجي ويئي. جنهن چيو ته عشق ويندو ته وري نه ايندو. هن انڌار لشڪر چاڙهي موڪليو، جنهن ۾ گهٻراهٽ جا گهوڙا ۽ حيرت جا هاٿي هئا. جن اچي توبهه جي ڪوٽ جا دروازا بند ڪري، پهري جو انتظام رکيو.

Text Box: 211

 

نياپو ۽ سنيهڙو ڀڄندا آيا ۽ اچي دل بادشاهه کي احوال ٻڌايائون ته: عشق، توبهه جي ڪوٽ ۾ قيد ٿي ويو. دل بادشاهه چيو ته: پرواهه نه آهي. اسين ٻه ٻانهيون رمز ۽ تميز موڪليون ٿا، اُهي عشق بادشاهه کي گهلي اينديون. جڏهن اهي ٻئي پهتيون تڏهن ڪيڏانهن ويا گهوڙا ته ڪيڏانهن ويا هاٿي. ٻانهين توبهه جي ڪوٽ جا دروازا کولي، عشق بادشاهه کي ڪن کان وٺي آڻي ٻاجهه جي ٻيڙيءَ تي چاڙهيو. ٻاجهه جي ٻيڙيءَ تان ٽپائي، وسواس جي گهٽي وٺي، برهه جي بازار مان ٿي، اچي دل بادشاهه جي ڪچهريءَ ۾ پهتا. عشق بادشاهه زار زار روئي پيو ته رمز ۽ غمز منهنجا ٻئي ڪن پٽي ڇڏيا آهن. دل بادشاهه چيس ته: فڪر نه ڪر، ڏک جا ڏينهن ٿورا آهن.

 

Text Box: 210

 

خير سان اچي رات ٿي، دل بادشاهه، حسن افروز کي چيو ته: عشق بادشاهه وڏو ڪشالو ڪري هتي پهتو آهي. هاڻي هن کي پريم رس جو پيالو ۽ آبحيات پيار. حسن افروز چيو ته: آءٌ اڪيلي ڪانه اينديس، پر پنهنجن نوڪرن ۽ سهيلين ساڻ اينديس. پوءِ هوءَ هار سينگار ۽ ناز نخرو نوڪر، محبت ۽ صحبت، حيرت ۽ عبرت، خوشي ۽ خوبان سهيليون تيار ڪري پاڻ ساڻ وٺي، اچي عشق بادشاهه جي اڳيان بيٺي. پوءِ پريم رس جو پيالو ۽ آبحيات به پياريائينس. صبح ٿيو ته دل بادشاهه جي ڪچهريءَ ۾ عشق بادشاهه حاضر ٿيو. دل بادشاهه چيس ته: پٽ! هاڻي موٽي پنهنجي ملڪ وڃ. هن ٺهه پهه جواب ڏنس ته: هاڻي آءٌ تنهنجو آهيان، ۽ تو وٽ ئي رهندس. منهنجو عقل بادشاهه سان ڪو به واسطو ڪونهي، ۽ نڪي ان کي سڃاڻا. پوءِ عشق بادشاهه اتي ئي رهڻ لڳو.

 

نواب غازي خان جي اڳيان، گامون سچار اها ڳالهه ڪري پوري ڪئي. نواب ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس ڀاڪر پائي چيائينس ته: گامڻ خان تو کي ڪوڙو ڪير چوي. تون دعا جو ٻچو آهين، سو ڪنهن کي وٺ ئي ڪونه ڏيندين؟ هاڻي گهڻائي ڏينهن گذري ويا آهن، پنهنجي ماءُ جي به وڃي خبرچار وٺي، وري اچ. هي انعام اڪرام به کڻي وڃ. گامون هن کان موڪلائي پنهنجي گهر آيو. ماڻس، جا پٽ جي جدائيءَ ۾ روئي روئي انڌي ٿي پيئي هئي. سان پٽ سان ملي ڏاڍي خوش ٿي.

****

 


 

* هن ڳالهه جي روايت اتر (تعلقي روهڙي) مان عبدالرزاق ميمڻ کان ملي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org